ناول

اداس راھون مان تنھا

محترمہ ايس نرگس حق ادب جي اهڙي خدمتگار آهي، جيڪا سنجيدگيء سان پنھنجي قلم کان ڪم وٺي رهي آهي ۽ سنڌي ادب ۾ پنھنجو حصو مَنَ جي سچائيء سان شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ناول بابت محترمہ ايس نرگس لکي ٿي تہ ھن ناول جي ڪھاڻيءَ جو اسڪرپٽ 52 قسطن ۾ لکي ٽي وي ناٽڪ لاءِ پروڊيوسر وٽ کڻي ويس، ڊرامي جي ايپروئل پڻ ملي پر پوءِ چار سال لڳي ويا ۽ ڊرامو نہ ٺھيو. آخرڪار ان کي ناول جو روپ ڏئي ڇپايو ويو.

Title Cover of book اداس راھون مان تنھا

8

شام جي وقت رابعه پنهنجي ننڍڙي ٻارڙي سميت مائٽن وٽ آيل آهي اتفاق سان سنڌيا سنيتا سان گڏ نجمه سان ملڻ ويل آهن جيڪا لاڙڪاڻي مان ڪافي ڏينهن کان پوءِ واپس موٽي آهي، رابعه موقعو ڏسي پيءُ کي چوي ٿي، ”بابا سائين سنڌيا لاءِ ڏاڍو سٺو رشتو آيو آهي، ڇوڪرو لنڊن مان ايم بي اي ڪري آيو اهي ۽ هتي اچڻ سان کيس هڪ سٺي ڪمپني ۾ جاب ملي آهي، طارق جي دوست جو ننڍو ڀاءُ آ، بلڪه هو هڪ ٻئي جا فيملي فرينڊس آهن.“
”ٺيڪ آ پٽ، جي سنڌيا ان رشتي لاءِ راضي هجي ته مونکي ڀلا ڪهڙو اعتراض آ، فيملي به ڏسي وٺنداسين.“
”بابا سائين، انهن جي فيملي جو اسان سان ڪافي عرصي کان اچڻ وڃڻ آ، ڇوڪرو تمام سٺو آهي.“
”ٺيڪ آ پوءِ ڪومل کي چئون ٿا ته سندس مرضي پڇي وٺي، انهي وقت ڪومل اچي ٿي،
”ڇا ٿيو منهنجو نالو ڇو پئي ورتوَ.“
”ڇو تنهنجو نالو وٺڻ لاءِ توکان اجازت وٺڻي پوندي ڇا، احمد کيس ڇيڙيندي چوي ٿو:
”آپا ڏسو ٿا.... هر وقت شرارت جي موڊ ۾ هوندو آ.“
پڻس کلندي احمد کي چوي ٿو،
”تو نه سڌرندين، پُٽ ڪومل سڀني کي چانهه ڏيو ٿڌي ٿي ٿئي. ڪومل سڀني کي چانهه ڏئي ٿي ان دوران رابعه کيس سڄي ڳالهه سمجھائي ٿي، هوءَ حامي ڀري ٿي ته ضرور سنڌيا کي ان رشتي لاءِ راضي ڪري وٺندي.“



ٻئي طرف سنڌيا ۽ سنيتا نجمه جي ڪمري ۾ ويٺيون آهن ۽ کيس ڇيڙي رهيون آهن سنيتا ڇيڙيندي،
”ها ته بنو راڻي جي دل لاڙ ڪاڻي وارن سان ايڏي لڳي وئي جو سڀ دوست، مٽ مائٽ ئي وساري ويٺينء.“
نجمه به شادي کان پوءِ کُلي پئي هئي،
”ڪري ڏس نه شادي، ڏس ته ڪهڙا ٿا لاڏ ٿين جو وقت گذرڻ جو احساس ئي نه ٿو رهي،“
”۽ بنو راڻي جو راجا صاحب ڪٿي آ ڪونه ٿو ڏسجي.“
”لاڳيتو موڪل تي هئو، آياسين ته آفيس جوائن ڪرڻ ويو آهي.“
انهي وقت جاويد ڪمري ۾ اچي ٿو سلام ڪري صوفي تي اچي وهي ٿو.
”جيجا جي توهان اسان جي نجمه راڻي کي اسان کان ايڏو پري کڻي هليا ويوَ، جي هڪ ٻه ڏينهن ٻيا نه اچو ها ته اغوا جي رپورٽ ڪٽرائڻ پئي وياسين.“
سنيتا کيس ڇيڙي ٿي.
”اڇا....! پوءِ ته شڪر آ جو گرفتاريءَ کان بچاءُ ٿي ويو.“
سنڌيا به حصو وٺندي،
”گرفتار ته توهان ٿي ئي ويا آهيو.“
” اهو وري ڪيئن.....“
”نجمه جي محبت ۾......“
جاويد کلندي، ”توهان ته ڊيڄاري ڇڏيو هو..... مون سمجھو ته سچ پچ پوليس اچي وئي ڇا.“
ان وقت آواز ٻڌي رحمان اندر اچي ٿو،
”پوليس ته اچي وئي آهي پر، ڪنهن ٻئي جي گرفتاريءَ لاءِ.........“
سنڌيا ۽ سنيتا رحمان کي ڏسي گھٻرائجي وڃن ٿيون، نجمه کي به مامي جو ائين اچڻ مناسب نه ٿو لڳي، هوءَ سوچي ٿي ته جيڪڏهن جاويد کي ڪنهن ڳالهه جي کڻڪ پئجي وئي ته اهو سٺو نه ٿيندو پر رحمان ڪنهن به ڳالهه جي پرواهه ڪئي بغير،
”ڇو، ڇا ٿيو، خواتين جي بولتي ڇو بند ٿي وئي، هونءَ ته ڏاڍو چهڪيون پئي جاويد کي اڪيلو ڏسي، هاڻي ٿي وڃي مقابلو.....“
هوڏانهن مريم رحمان کي نجمه جي ڪمري ۾ ويندو ڏسي ٿي ته ٻاهر نڪري اچي ٿي ۽ سڌو نجمه جي ڪمري ۾ اچي ٿي، اتي سنڌيا، سنيتا کي ڏسي سندس چهري جو رنگ ئي بدلجي وڃي ٿو، رحمان مريم جي تاثرات کان بي خبر کيس ڏسي،
”اچ، اچ، مريم تون خواتين جي طرف آهين يا، ..... “
مريم ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري رحمان جي ٻانهه ۾ هٿ وجھي تقريباً گھليندي.
”توهان ٻاهر اچو مون کي توهان سان ضروري ڳالهائڻو آهي،“
ٻاهر وٺي وڃي ٿي. رحمان جي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته مريم ڪهڙي ڳالهه تي موڊ خراب ڪيو آهي، هن سان گڏ هليو وڃي ٿو. نجمه، سنڌيا سنيتا اطمينان جو ساهه کڻن ٿيون.
مريم، رحمان کي ذري گھٽ گھليندي ڪمري ۾ وٺي اچي ٿي، رحمان سندس اهڙي رويي تي حيران ٿي وڃي ٿو ته هن کي ڇا ٿي ويو آ جو ائين پئي ري ايڪٽ ڪري. آخر کانئس پڇي وٺي ٿو،
”ڇا ٿيو آ، مهمانن جي سامهون ائين ڪبو آ ڇا، هو سڀ ڇا سوچيندا هوندا ته هنن ۾ ٿورو به ايٽيڪيٽ ڪونهي، جاويد هن گھر جو نياڻو آ، هو ڇا سوچيندو هوندو.“
مريم کي به احساس ٿي وڃي ٿو ته هن اهو سڀ غلط ڪيو، کيس ماءُ جي سمجھاڻي دل تي تري اچي ٿي، ته رحمان کي ايسيتائين خبر نه پوي ته اسان سندس راز کان واقف آهيون جيسيتائين هو توکي جدا گھر وٺي ڏئي، جي کيس اها خبر پئجي وئي ته پوءِ روائتي مردن واري هوڏ تي لهي ايندو، جيستائين مرد اهو سمجھندو آ ته سندس زال کي سندس راز جي خبر ناهي ايسيتائين لڪائيندو رهندو، ۽ زال جي هر ڳالهه مڃيندو رهندو، پر جي هڪ دفعو شرم لٿس ته پوءِ هو پنهنجي مردانه فطرت تي لهي ايندو. اهو سوچي مريم پاڻ تي ڪنٽرول ڪري ٿي ۽ ڳالهه نبيرڻ جي ڪوشش ڪريٿي، ۽ روئندي نخريلي انداز ۾،
”صبح کان اڪيلي ويٺي بور پئي ٿيندي آهيان، اڄ صبح کان امان وارن جي ياد پئي اچي، ويتر تو ن آهين جو آفيس مان ايندي ئي سڌو نجمه جي ڪمري ۾ هليو وئين. (لاڏ مان) مونکي امان وارن کي گھرائي ڏي، بس هينئر فون ڪرين.“
رحمان اطنينان جو ساهه کڻي ٿو، هو ته صفا ڊڄي ويو هو ته اجھو ٿو روائتي جھيڙو مچي، پر شڪر ٿيو جو ڳالهه ڪا ٻي هئي.
مريم موقعو ڏسي،
”تو گھر لاءِ ڪنهن کي چيو، مان ٻيو ٻار پيدا ٿيڻ کان پهرين پنهنجي نئين گھر وڃڻ ٿي چاهيان.“
رحمان جو سڄو ذهن سنڌيا ۾ آهي پوءِ به زال کي بهلائيندي،
”ها بابا چيو اٿم، ۽ هاڻ خوش ٿي وڃ هڪ تمام سٺو گھر ڏسي آيو آهيان، آهي ننڍو پر بنگلو نما آهي.... پر.....“
”پر ڇا.“
”قيمت ڏاڍي وڏي پيا ٻڌائن........“
”قيمت جي تون ڳڻتي نه ڪر، امان کوڙ سارا پئسا منهنجي نالي رکرائي وئي آهي.“
رحمان جي لالچي ذهن ۾ وري لالچ اڀري ٿي، ان لالچ ۾ سنڌيا به وسري وڃيس ٿي جيڪا چند قدمن جي مفاصلي تي ويٺي آهي ۽ ٿوري دير اڳ ۾ ان لاءِ بيتاب پئي ٿيو. اٿي خوشيءَ وچان مريم کي ڀاڪر ۾ ڀري، خوشامد واري انداز ۾ چويس ٿو،
”منهنجي مريم آخر آهي نه لينڊ ليڊي، ته پوءِ مون کي هروڀرو فڪر ڪرڻ جي ڪهڙي ضررت پئي آهي. پوءِ هلون ٿا سنڊي تي گھر ڏسڻ، پر گھر ۾ ڪنهن کي به خبر نه پوي.“
اهو ٻڌي مريم خوش ٿي وڃي ٿي،
”ٺيڪ آ پوءِ سنڊي تي پڪ سان هلندي نه.“
”ها بابا پڪ“، ڀاڪر ۾ ڀري پيار ڪريس ٿو.



انٽرويو جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ سنڌيا کي ان ڪمپنيءَ طرفان اسسٽنٽ ڊئريڪٽر جي جاب آفر ٿئي ٿي، گھر ۾ سڀ خوش آهن، خاص طور تي سنڌيا ته تمام گھڻي خوش آهي ته نه صرف هن جي زندگي کي هڪ نئين نهج ملي ويندي، بلڪ بابا جي رٽائر مينٽ کان پوءِ هوءَ به گھر ۾ فنانشل هيلپ جو ڪارڻ بنجي ويندي.
آفيس ۾ سنڌيا کي مظفر صاحب جي انڊر ٽريننگ رکيو وڃي ٿو، مظفر هڪ انتهائي پڙهيو لکيو، مهذب ۽ ڪوآپريٽِو انسان آهي، هو سنڌيا کي دوستانه ماحول ۾ جاب جي متعلق ننڍين ننڍين باريڪين جي واقفيت ڏئي ٿو سندس سمجھائڻ جو انداز ايڏو ته دلچسپ ۽ نرم هوندو هو جو سنڌيا بغير ڪنهن هٻڪ جي کانئس هر طرح سان سوال ڪري ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ڪافي ڪم سکي وڃي ٿي، کيس مظفر جي ڪمپني ۾ ڪم ڪرڻ ۾ لطف ايندو آهي، کيس اها ڳالهه جلد سمجهه ۾ اچي وڃي ٿي ته اسٽڊي ۽ پريڪٽِيڪل لائيف ۾ تمام گھڻو فرق آهي، هتي هر ڳالهه نهايت ذميداريءَ سان ڪرڻي پوي ٿي ڇو ته هر ڪم جي نظرداري ۽ نگراني ٿيندي رهي ٿي، ان ڪري هميشه احساس ذميداري رهي ٿو. سنڌيا جي ته هميشه عادت رهي آهي ته جيڪو ڪم کيس سونپيو ويندو آهي اهو پرفيڪٽلي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي ۽ ان کي پوري توجھه ۽ شوق سان نباهڻ جي ڪوشس ڪندي آهي انڪري مظفر کي به هن سان ڪم ڪندي خوشي محسوس ٿئي ٿي.
وقت گذرندي دير ئي نه ٿي ٿئي، سنڌيا پنهنجي ٽريننگ مڪمل ڪري هاڻي پنهنجي سيٽ باقاعده سنڀالي وٺي ٿي. ان ڪري ڪافي هشاش بشاش رهڻ لڳي آهي.
ڪيترن ڏينهن کان ڪراچي جي موسم ٺيڪ نه هئي، گھُٽ ٻوسٽ ۽ لوساڙيندڙ گرمي کانپوءِ ڪجهه ڏينهن تائين بادل کُلي وسندا رهيا، هر طرف پاڻي ئي پاڻي ٿي ويو، اڄ صبح ساڻ آسمان صاف ٿي ويو، سج جا ڪرڻا ڪڪرن جي اوڍر مان جھاتي پائي فضا کي روشن ڪري رهيا آهن، هر شيءِ ڄڻ ته ڌوپجي صاف ٿي وئي آهي، فضا عجب جهڙي هٻڪار سان معطر ٿي وئي آهي، وڻ ٽڻ ڌوپي ساوا چهچ ٿي پيا آهن ڄڻ کين ڪنهن نئون سبز ويس اوڍايو هجي. ٽپهري ڌاري ٿڌڙي هوا گھلڻ لڳي ۽ الائي ڪٿان ڪپهه جهڙا اڇا ڪڪر هوا سان رانديون ڪندا سڄي آسمان ۾ ڊوڙڻ لڳا، منظر ڏاڍو خوبصورت بنجي ويو، موسم خوشگوار ٿي وئي، سنڌيا جيڪا برسات جي ڪري هڪ ٻن ڏينهن کان آفيس نه وئي هئي، فليٽ جي بالڪوني ۾ موسم جو مزو وٺي رهي هئي ۽ بادلن کي هڪ ٻئي پويان ڊوڙندو ڏسي سندس دل ۾ انهن کي پڪڙڻ جي شديد خواهش جاڳي پئي هئي، ته ان وقت ڪومل اچي سندس ڀرسان بيٺي، انجي هٿ ۾ چانهه جو ڪوپ هئو.
”ڇا پئي ڏسين.....“
”ڏس ڀاڀي هي بادل ڪيئن هڪ ٻئي کي پڪڙڻ جي ڪوشش ۾ ڪيڏو تيزيءَ سان ڊوڙن پيا. واقعي ڪيڏو نه من موهيندڙ نظارو آ، قدرت جا به عجب رنگ آهن، ڪالهه تائين ڪيڏا ڪارا گھاٽا بادل هئا جو خوف پئي ٿيو، ۽ اڄ.“
”ها چانهه ٺاهيم سوچيم تو لاءِ به کڻي اچان، (ڪوپ ڏيندي) موسم تي تبصرو ڪندي، آخر مطلب جي ڳالهه تي اچي ٿي،
”ڏي خبر هاڻي اڳتي ڇا ڪرڻ جو پروگرام ٺاهيو اٿئي.“
سنڌيا کلندي چوي ٿي،
”ڀاڀي اڃان ته جاب ملي آهي، جوائن ڪئي ڪجهه ٽائيم ٿيو آ، وري ڪهڙو پروگرام ٺاهينديس.“
”پر آپا رابعه ۽ اسان سڀني جو خيال آ ته تون نئين گھر وڃڻ جي تياري ڪر.“
حيران ٿيندي،
”ڇو احمد کي نئون گھر مليو آ ڇا، ڏاڍا ٺٺ اٿو، پهرين گاڏي ۽ هاڻي نئون گھر.“
ڪومل کلندي،
”ڏس ڳالهه کي نٽاءِ نه، تون چڱي طرح سمجھين ٿي ته مان ڪهڙِي نئين گھر جي ڳالهه پئي ڪيان.... منهنجو مطلب آ.... پيا گھر وڃڻ جي تياري ڪر.“
اهو ٻڌي سنڌيا ڊڄي وڃي ٿي،
”نه، نه ڀاڀي مون کي في الحال ڪا شادي وادي ناهي ڪرڻي.“
”پر آپا ته تنهنجي لاءِ هڪ تمام سٺو رشتو کڻي آئي آهي، ادا طارق جي فيملي فرينڊس جو چوڪرو آ، ڪجهه مهينا پهرين لنڊن مان ايم بي اي ڪري هتي ڪنهن ڪمپني ۾ جاب ٿو ڪري.“
ڪاوڙ مان چوي ٿي،
”نه، نه مونکي ڪابه شادي وادي ناهي ڪرڻي، اڃان ماسٽرز ڪرڻي آ، تعليم پوري ٿي ناهي ته سڀني کي شادي جي ڳڻتي اچي ورايو آ.“
ڪومل حيران ٿي سندس منهن ڏي ڏسي ٿي، هن کي سنڌيا جي ائين ري ايڪٽ ڪرڻ جي قطعي اميد نه هئي، هوءَ سوچي ٿي، سنڌيا شادي جي نالي تي ائين هڪدم ڇو ڀڙڪي اٿي آ، ايڏي ڪاوڙ ڇو........
سنڌيا کي خود پنهنجي اهڙي رويي تي پشيماني ٿئي ٿي، پر اها سندس مجبوري آ، هوءَ سوچي ٿي ته هوءَ ڇا ڪري، گھر وارا هاڻي روز روز فورس ڪندا ۽ رحمان مونکي شادي ڪرڻ نه ڏيندو، هوءَ ڇا ڪري هنن کي ڪيئن منع ڪري، چانهه اتي ئي ڇڏي پاڻ پنهنجي ڪمري ۾ هلي وڃي ٿي، ڪومل حيران ٿي ڪڏهن چانهه ڏي ڪڏهن ويندڙ سنڌيا ڏي نهاري ٿي، هن کي الائي ڇا ٿي ويو؟ پاڻ به پنهنجي ڪمري ڏانهن وڌي وڃي ٿي.
سنڌيا ڪمري ۾ اچي ڌڙام ڪري پاڻ کي بيڊ تي سٽي ٿي ۽ انتهائي بي وسيءَ مان سوچي ٿي، مان ڇا ڪيان، ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿو اچي، رحمان به ڪافي ڏينهن کان اڪيلي ۾ مليو ناهي، جو هن کي دل جي ڳالهه چوان ته جي هو واقعي مونسان محبت ڪري ٿو ته پوءِ مون سان شادي ڪري وٺي، آپيءَ کي به اچانڪ منهنجي شاديءَ جو ڪهڙو اچي شوق جاڳيو آهي. اڃان ته مان پڙهندس، مونکي موقعو ڪڍي رحمان سان ڳالهائڻو پوندو، جي رحمان مڃي ورتو ته ان کان وڌيڪ منهنجي لاءِ خوشي جي ٻي ڪهڙي ڳالهه ٿي سگھي ٿي، مون هميشه رحمان سان محبت ڪئي آ، دل سان چاهيو آ، هوئي منهنجي پهرين ۽ شايد آخري محبت آ.... ڇوڪري زندگيءَ ۾ صرف هڪ دفعو محبت ڪندي آ ۽ اها مون به ڪئي آ... پر.... رحمان ته مون سان دوکو ڪيو، هن لالچ ۾ اچي منهنجي محبت جي پرواهه ڪئي بغير هڪ اهڙي ڇوڪري سان شادي ڪئي جيڪا ڪنهن به طرح ساڻس ميچ نه ٿي ڪري،.... پوءِ مان سندس باري ۾ ڇو پئي سوچيان..... پر مان ٻيو ڇا ڪيان، ان کان سواءِ ڪو ٻيو چارو به ته ڪونهي. هن ڌمڪي ڏئي ڇڏي آ ته هو مونکي ڪنهن ٻئي جو ٿيڻ ڪڏهن به نه ڏيندو، جي مان ڪنهن ٻئي سان شادي لاءِ ها به ڪيان ته به رحمان ......
انهي وقت شوڪت علي ڪومل کان سندس باري ۾ پڇي ٿو ته آواز تي سندس خيالن جو سلسلو ٽُٽي وڃي ٿو، جلدي جلدي اٿي ٿي رئي جي پلاند سان منهن اگھي ٻاهر نڪري اچي ٿي.

شام جي وقت مريم تيار ٿي ننڍڙي فواد کي کڻي ٻاهر اچي ٿي ۽ ماسي صغرا کي ڏيندي چويس ٿي،
”صغرا تون فواد کي سنڀال، مان ڊاڪٽرياڻيءَ کان چيڪ اپ ڪرائڻ صاحب سان گڏ وڃان پئي.“
ماسي هن کان ننڍڙو وٺي ٿي، ته رحمان گاڏي جي چاٻي ڦيرائيندو ٻاهر اچي ٿو، ٻئي ٻاهر نڪري وڃن ٿا. ٿوري دير کان پوءِ رحمان هڪ ننڍي بنگلو نما ڪاٽيج جي اڳيان اچي گاڏي روڪي ٿو، لائين ۾ هڪ جهڙا گھر ٺهيل آهن. ٻئي گاڏيءَ مان لهي گھر جي گيٽ ۾ داخل ٿين ٿا جيڪو اڳ ۾ ئي کليل آهي. اندر هڪ شخص موجود آهي، جيڪو اسٽيٽ ايجنٽ آهي، سلام ڪري کين گھر ڏيکاري ٿو، مريم حيران ٿئي ٿي ته ايترو ننڍڙو گھر ۽ ايڏي وڏي قيمت،
”هي ته تمام ننڍو گھر آهي....“
”ڪراچي ۾ عام طرح ايترائي گھر هوندا آهن.“
”پر ڪلفٽن هلندا آهيون ته ان پاسي ته وڏا وڏا گھر هوندا آهن،“
کلندي،”اهي ڪروڙن جا هوندا آهن اسان ڪٿي ٿا وٺي سگھون.“
سوچي ٿي ته آهي ته ننڍو پر جي انڪار ڪيم ته پوءِ رحمان کي بهانو ملي ويندو ۽ منهنجو جدا رهڻ جو سپنو ڪڏهن به ساڀيان نه ٿيندو.
”ڇا پئي سوچين پسند نه اٿئي ته ٻيو ڏسنداسين.“
”نه نه ٺيڪ آهي، ٽي ڪمرا اٿس، لائونج اٿس، وڏي ڳالهه ته ٿورو آڳند به اٿس، امان فليٽ ۾ ته منجھي پوندي آهي. ٺيڪ آ الله ڏنو ته پوءِ وري وڏو وٺنداسين.“
ايجنٽ چاٻيون ڏيندي چوي ٿو، ميڊم توهان هڪ دفعو چڱي طرح ڏسي وٺو هوءَ خوش ٿي ٻيهر هڪ هڪ ڪمرو گھمي ٿي، ته رحمان ايجنٽ سان آهسته ڪجهه ڳالهائي ٿو. مريم ٻاهر اچي ٿي ته کيس چوي ٿو،
”في الحال پنجويهن هزارن جو چيڪ ڏي ته بيانو ڏيون، باقي جڏهن لک پڙهه ٿي ته پوءِ ڏينداسين.“
مريم چيڪ ڏيندي چوي ٿي:
”جلدي لک پڙهه ڪرائجانءِ نه.....“
”ها، ها هاڻي هل ته هلون،“
ٻئي ٻاهر اچي گاڏي ۾ ويهن ٿا.
ٿوري دير کان پوءِ گھر واپس اچن ٿا ته گل بانو لائونج ۾ ننڍڙي کي کنيو ويٺي آهي، مريم ڏاڍي خوش پئي لڳي ايندي ئي سڌي پنهنجي ڪمري ڏانهن هلي وڃي ٿي، رحمان وڌي ماءُ ڏي وڃي ٿو،
”اڄ توهان جلدي ٻاهر اچي ويٺا آهيو.“
”ها، بس آرام ئي نه پئي آيو، طبيعت ۾ ڏاڍي آنڌ مانڌ ۽ بيقراري هئي، ائين پئي لڳو ڄڻ منهنجي اندر جو ڪو حصو مونکان الڳ پيو ٿئي.“
رحمان حيران ٿي سوچي ٿو ته انجو مطلب ته امان کي اهو ادراڪ ٿي ويو ته اسان کانئس جدا ٿيڻ جا سانباها پيا ڪيون. کيس ائين سوچ ۾ ٻڏل ڏسي گل بانو آٿت ڏئيس ٿي،
”ڪهڙي سوچ ۾ پئجي وئين، مان بلڪل ٺيڪ آهيان، بس ڪنهن وقت ننڊ نه ايندي آهي ته هروڀرو پئي بيقراري محسوس ٿيندي آهي.“
ان وقت شمسه اچي ٿي:
”هلي چانهه پيو، نجمه ۽ جاويد ته ڪنهن دوست جي دعوت ۾ ويا آهن.“
”ڏاڍيون دعوتون پيا اڏائن اڪيلا اڪيلا،“ رحمان کلندي چوي ٿو.



اڄ سنڌيا جي گھر نجمه ۽ جاويد جي دعوت آهي، گھوٽ ڪنوار سان گڏ رابعه، طارق سنيتا ۽ خاله زهره به موجود آهن، ٿوري دير ۾ احمد به اچي وڃي ٿو ڪافي دير تائين ڪچهري ۽ خوش گپيون ٿينديون رهن ٿيون آخر ڪومل سنڌيا ۽ سنيتا ماني لڳائن ٿيون، سڀ کل خوشي ۾ ماني ختم ڪن ٿا ته جاويد ۽ نجمه موڪلائن ٿا، نجمه سنيتا کي به پاڻ سان وٺي وڃي ٿي ته رستي ۾ ڊراپ ڪندا ويندا، انهن جي وڃڻ کانپوءِ طارق رابعه به وڃڻ جي ڪن ٿا ته سنڌيا کين رات رهڻ لاءِ چوي ٿي پر رابعه معذرت ڪندي چوي ٿي ته ننڍڙو اميءَ وٽ ڇڏي آئي آهيان، پريشان ٿيندو هوندو، وري ڪنهن ٻئي موقعي تي اچي رهنديس، احمد کان پڇي ٿي،
”ڪومل جو هن مهيني چيڪ اپ ڪرايو اٿئي.“
”ها آپا، ڪومل جا گھر وارا چون ٿا ته ڪجهه ڏينهن لاءِ کيس اوڏانهن ڇڏي وڃو.“
”پوءِ ڇڏي اچينس نه.“
”ها چيو ٿمانس تياري ڪري ڇڏي ڏينهن ٻن ۾ ڇڏي ايندومانس.“
”چڱو بابا هلون ٿا، سنڌيا سان رشتي جي ڳالهه ٻولهه ٿي؟“
”ڪومل چيو هوس، پر چئي ٿي في الحال نئين جاب آ ان ڪري مان ان تي ڪنسنٽريٽ ڪرڻ چاهيان پئي.“
”ٺيڪ آ مان پاڻهي ساڻس ڳالهائنديس، چڱو اسان هلون ٿا، بابا دعا ڪجو.“
”الله سڻائي ڪندو.“
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڪومل تيار ٿي مائٽن جي گھر وڃڻ لاءِ ٻاهر اچي ٿي،
ٻاهر شوڪت علي به تيار ويٺو آهي،
”بابا توهان تيار ٿي ويا،“
”ها پُٽ، هروڀرو احمد جو اچي خيال ٿيو آ ته توهان کي ڇڏيندو، مونکي به ڊاڪٽر کي ڏيکاريندو اچي.“
”ها بابا اڄ وقت به اٿس، روز آفيس مان ايندي دير ٿي وڃيس ٿي ته اهو ڪم رهندو ٿو وڃي، ان ۾سستي ڪرڻ نه گھرجي.“
احمد اڳ ۾ ئي ٻاهر هليو وڃي ٿو. هوٻئي سنڌيا کان موڪلائي ٻاهر نڪري وڃن ٿا. ٻاهر اچي جيئن گاڏي ۾ ويهن ٿا، ان وقت رحمان به اتان گذري ٿو. گاڏي بيهاري لهي عليڪ سليڪ ڪري ٿو، احمد ٻڌائيس ٿو ته هو ڪومل جي گھر پيا وڃن، هڪ ٻئي سان موڪلائن ٿا، احمد گاڏي اسٽارٽ ڪري اڳتي وڌي وڃي ٿو ته رحمان گاڏي ٿورو پرڀرو پارڪ ڪري لهي اچي ٿو ۽ هيڏانهن هوڏانهن نهاري شوڪت علي جي فليٽ طرف وڌي وڃي ٿو. ٻئي طرف سنڌيا پنهنجي ڪمري ۾ وڃي هڪ رسالو کڻي ورق گرداني ڪري ٿي ۽ سوچي ٿي ته دعوت کان پوءِ سنيتا الائي ڇو ڪونه آئي آ اچي ها ته، ماسي ڪم واري به اڄ ڇٽي ڪئي آهي، اٿي سنيتا کي فون ڪري سڏي وٺانس پوءِ ٿي ڪچن ۾ وڃان. جيئن فون ڏي وڌي ٿي ته ڊور بيل وڄي ٿي، اهو چوندي در ڏي وڌي ٿي ته پڪ سنيتا هوندي، در کولي ڪجهه چوڻ واري آ ته سامهون رحمان کي ڏسي حيران ٿي وڃي ٿي هن کي قطعي اها توقع نه هئي ته رحمان سندس گھر تائين پهچي ويندو، هوءَ حيراني سان گڏ پريشان به ٿي وڃي ٿي، صرف هڪ لفظ چئي سگھي ٿي،
”توهان......!“
”ها سنڌيا مان تنهنجو رحمان...... اندر اچڻ لاءِ نه چوندينءَ“
سنڌيا بهانو ڪندي،
”گھر ۾ ڀاڀي آ، بابا اندر آ، توهان ڪيئن ٿا اچي سگھو، احمد به ڪونهي.“
مڪارانه کل کلندي،
”سنڌيا بيگم...! مونکي خبر آ ته هن وقت گھر ۾ ڪير به ڪونهي. ڏس مان صرف توسان ملڻ آيو آهيان، هاڻي پري هٽ، مونکي اچڻ ڏي، متان ڪو مٿان لهي. سنڌيا مجبوراً در کولي اندر اچڻ ڏئيس ٿي ۽ فوراً در بند ڪري ٿي، رحمان اتي ئي سندس هٿ جھلي ويجھو ڪريس ٿو، سنڌيا هٿ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي،
”ڇڏيو پليز...! ڪو ڏسي نه وٺي.“
”في الحال ته هتي تون ۽ مان آهيون، ڪير ڪونه ٿو ڏسي، اڄ مونکي نه روڪ، مان ورهين کا توسان ائين ملڻ جو انتظار ڪيو آ،“
”پليز... نه.....“
رحمان کيس ائين ڊنل سهميل ڏسي سندس هٿ ڇڏي ٿو ڏئي،
”ٺيڪ آ..... هن ڀيري معاف ٿو ڪيانءِ، پر ٻئي دفعي منع نه ڪجانءِ“
سنڌيا اطمينان جو ساهه کڻي ٿي، ۽ موقعو ڏسي کيس چوي ٿي:
”رحمان توهان واقعي مونسان محبت ڪيو ٿا.....؟“
”اڃان به ڪو شڪ اٿئي.... زال ۽ ٻار هوندي به توکان سواءِ رهي نه ٿو سگھان....“
”ته پوءِ، مونسان شادي ڪيو... ائين ڪيستائين لڪ چوري ملندا رهنداسين؟“
رحمان هن غير متوقع سوال لاءِ تيار نه هئو، سندس چهرو فق ٿي وڃي ٿو.
”شادي...! ها، ها،... شادي به ٿي ويندي، شادي ڪاڏي ٿي ڀڳي وڃي.... ڪري وٺنداسين شادي به ڪڏهن نه ڪڏهن ٿي ويندي. في الحال محبت ته ڪرڻ ڏي....“
”نه رحمان، ڪيتري عرصي کان اسان ائين ملندا پيا اچون، هاڻي توهان کي شاديءَ لاءِ سنجيده ٿيڻو پوندو.“
”ڏس سنڌيا، ائين سمجهه اسان جي شادي ٿي پئي آهي، توکي ڪنهن ٻئي جو ٿيڻ مان ڏيندس ڪونه، اهو منهنجو فيصلو آ. ته پوءِ جلدي ڇا جي آهي.“
انهي وقت ٻاهر دروازو کڙڪي ٿو، سنڌيا ڏڪي وڃي ٿي منهن لهي وڃيس ٿو، سامهون گھڙيال ۾ ڏسندي،
”شايد بابا وارا موٽي آيا آهن هاڻي ڇا ڪيان رحمان هاڻي تون ڪيئن ويندين رحمان به پريشان ٿي وڃي ٿو. سنڌيا ڪجهه سوچي،
”توهان جلدي ڪري ڊرائينگ روم ۾ هليا وڃو، مان کين در کولي اندر وٺي ٿي وڃان، توهان ٻاهر نڪري وڃجو.
در ٻيهر کڙڪي ٿو ته رحمان تڪڙو تڪڙو ڊرائينگ روم ڏي هليو ٿو وڃي، ته سنڌيا در کولي ٿي. سامهون سنيتا بيٺي آهي، سنڌيا اطمينان جو ساهه کڻي ٿي.
”اڙي ڇا ٿيو در کولڻ ۾ ايڏي دير.....“
”باٿ روم ۾ هئس...... چڱو ڪمري ۾ هل، گھر ۾ ڪير ڪونهي.“
”بس هتي ئي لائونج ۾ ٿا ويهون نه.....“
”نه سنيتا، مونکي مٿي ۾ سور آ مان ليٽنديس هلي،“
ٻئي اندر ڪمري ۾ وڃن ٿيون ته رحمان وجهه وٺي ٻاهر نڪري وڃي ٿو.

رحمان جي صبح جو جيئن اک کلي ٿي ته اهو ڏسي اچرج ۾ پئجي وڃي ٿو ته اڄ خلاف عادت مريم چانهه جي ٽري کيون ڪمري ۾ بيٺي آهي، چانهه ميز تي رکي ڏاڍي اڪير ۽ لاڏ مان پيشانيءَ تي هٿ رکي کيس اٿاري پئي ٿي.
”سائين...! اڄ ايتري دير تائين سمهيا پيا آهيو، آفيس نه ويندئو ڇا...؟
رحمان پيار مان کيس ڏسي ٿو ۽ سرشاريءَ مان سندس هٿ جھلي لبن تي آڻي چمندي،
”ڇا ڳالهه آهي اڄ مريم بيگم ايترو جلدي اٿي وئي آ، پڪ ڪا خاص ڳالهه آهي.“
”توهان آفيس نه ويندئو ڇا.“
”آرس ڀنڃندي، نه اڄ موڪل ڪئي اٿم، پر تون اڄ ڏاڍي خوش پئي لڳين، ڪجهه ته خاص آهي.“
”توهان کي ياد ناهي، صبحاڻي منهنجي سالگرهه آهي ۽ توهان چيو هو نه ته هن دفعي مان ڳوٺ امان وارن وٽ هلي ملهائيندس.“
”اوهو...! ته اها ڳالهه آ، مون ته موڪل ورتي هئي ته صبح جو ريسٽ ڪبي ۽ شام جو ڪيڏانهن آئوٽنگ تي هلبو، پر.... خير.... ٺيڪ آ تون تيار ٿي وٺ ته توکي ڳوٺ ڇڏي ٿو اچان، گھڻن ڏينهن جو پروگرام آ.
”ڪجهه ڏينهن ته رهنديس.“
رحمان ڪجهه دير سوچي ٿو،
”ٺيڪ آ، پوءِ هيئن ڪر، مونکي ڪجهه پئسن جو چيڪ ڏئي وڃجانءِ، شايد جاءِ وارن کي فائينل پيمينٽ ڪرڻي پوي.“
”مان ڪجهه پئسه رکي باقي سمورا توهان کي لکي ٿي ڏيان، جاءِ وارن کي ڏئي باقي جيڪي بچن ته گھر لاءِ سامان وٺي ڏجو.
رحمان جي ته اڄ دلي مراد پوري ٿي وئي آهي اندر ئي اندر ۾ خوش ٿي جھونگاريندو باٿ روم ڏي وڃي ٿو، ويندي ويندي،
”مائي صغرا کي چئيس ته جلدي ناشتو لڳائي ته جيئن سويل ئي نڪري هلجي.“
مريم ٻاهر اچي صغرا کي ناشتو لڳائڻ لاءِ چوي ٿي ته شمسه ٻڌائيس ٿي ته ناشتو تيار آ هن. پاڻ ئي اٿڻ ۾ دير ڪئي آ مريم ٻڌائيس ٿي ته هن موڪل ڪئي آ. ان وقت رحمان به اچي ٿو ۽ دعا سلام بعد ڪرسي سرڪائي ويهي ٿو صغرا سندن ناشتو اڳيان رکي ٿي. ماءُ کي ڏسي،
”امان مريم ڪيترن ڏينهن کان چيو پئي ته ڳوٺ وڃان، مون به موڪل ڪئي آ سوچيم ته کيس ڇڏي اچان.
گل بانو جو منهن ڪجهه خراب ٿي وڃي ٿو پر شمسه ڳالهه نبيريندي،
”ها، ها، ڇڏي اچيس، گھڻا ڏينهن گذري ويا اٿس ڳوٺ وئي، وري مٿان ڊليوري به اٿس، وڃي چڪر هڻي اچي.“
اهو ٻڌي نيٺ گل بانو به چويس ٿي،
”پر گھڻا ڏينهن نه رهي پئجانءِ ننڍڙي کان سواءِ اٻاڻڪائي ٿي پوندي.“
مريم دل ۾ چوي ٿي، ”اٻاڻڪائي ته هاڻي يڪي ٿيندو.
پر مٿاڇري دل سان،“
”ها چاچي جلدي اينديس، مامو به ٺيڪ ناهي ان کي به ڏسي اچان
”ٿوري دير کانپوءِ تيار ٿي نڪري وڃن ٿا.“



سنڌيا آفيس جي ڪيبن ۾ ڪجهه ڪم ڪري رهي آهي ته پٽيوالو اچي چويس ٿو ته توهان کي ڊپٽي صاحب ياد پيا ڪن، هوءَ اٿي ڀر واري ڪيبن ۾ وڃي ٿي، مظفر کيس ڏسي،
”اچو، اچو مس سنڌيا....!“
”سر توهان ياد ڪيو.“
”هي فائيل ڊئريڪٽر صاحب موڪليو آهي، سوچيم توهان سان ڊسڪس ڪجي.“
بيل وڄائي پٽيوالي کي،
”ٻه ڪافي....“
”جي صاحب.....“
ٻئي فائيل ڊسڪس ڪن ٿا، سنڌيا فائيل کڻي غور سان ان جي انٽريز کي ڏسي ٿي پڙهندي مظفر سان ان جي جزيات تي پنهنجي راءِ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ۽ هو غور ۽ دلچسپي سان سندس ڏنل راءِ تي ڪنڌ لوڏي ٿو.

اڄ گھڻن ڏينهن کانپوءِ رابعه گھر آئي هئي لائونج ۾ شوڪت علي ويڳاڻو لڳو ويٺو آهي، کيس ائين ڏسي چويس ٿي ته رٽائرمينٽ کان پوءِ سڄو ڏينهن گھر ۾ واندا ويهي بور ٿي ويا آهيو. پڻس ٻڌائيس ٿو ته ڪومل به ڊليوري لاءِ مائٽن ڏي هلي وئي آهي سنڌيا ۽ احمد صبح کان آفيسن لاءِ نڪرن ٿا ته شام جو ٿا موٽن. سڄو ڏينهن اخبار ۽ ڪتاب پڙهندي گذارڻو ٿو پوي .رابعه کلندي چويس ٿي،
”بس بابا ڪجهه ڏينهن جي ڳالهه آ، ڪومل اچي ويندي ۽ ان سان گڏ توهان لاءِ رانديڪو به، پوءِ وقت جي خبر به نه پوندو.“
شوڪت علي خوش ٿيندي،
”بس بابا دعا ڪيوس، الله ڪري خير خيريت سان سڀ ڪجهه ٿي وڃي.“
”بابا سنڌيا جي باري ۾ ڇا سوچيو.
”پُٽ هوءَ اچي ته تون پاڻ پڇي وٺجانئس... ڏس...! نالو ورتئيس ته هوءَ اچي وئي.“
سنڌيا ڀيڻ کي ڏسي خوش ٿي وڃي ٿي ساڻس ڀاڪر پائي ملي ٿي.
”ڇا ڳالهه آ، منهنجي پرپٺ ڪهڙا منصوبه پيا جڙن.“
رابعه کلي ٿي.
”منصوبه ته ٺاهبا نه، آخر ته توکي به هاڻي پيا گھر رخصت ڪرڻ جو وقت اچي ويو آ نه.“
سندن کي ڳالهائيندو ڏسي شوڪت علي اٿي اندر هليو وڇي ٿو.
سنڌيا اهو ٻڌي پريشان ٿي وئي ته رابعه سندس منهن ڏانهن ڏسندي سندس هٿ پنهنجي هٿ ۾ جھلي انتهائي پيار ڀرئي انداز ۾ سمجھائيندي چوي ٿي،
”ايترو ڇو ٿي ڊڄين، رشتن ۽ انسانن تي اعتبار ڪر، ڪرڻ به گھرجي. ان اعتبار جي بغير زندگي گذاري نه ٿي سگھجي، پهرين کان خوفزده ٿيڻ بيوقوفي آهي، ائين ڊڄبو رهبو ته مقابلو ڪيئن ڪبو، اهو به ياد رکجانءِ ته ڪوبه ڏک انسان جي برداشت کان وڌيڪ ناهي هوندو، ڏک ۽ سک انسانن کي انهن جي حوصلي ۽ ظرف جي مطابق ملندا آهن.“
ڀيڻ جون ڳالهيون ٻڌي سندس دل ۾ به حسرتون جاڳن ٿيون، پر وري رحمان جا چيل لفظ سندس ڪنن ۾ گونجڻ لڳن ٿا.
”ڏس سنڌيا ائين سمجهه، اسان جي شادي ٿي پئي آهي توکي مان ڪنهن ٻئي جو ٿيڻ ڏيندس ڪون، اهو منهنجو فيصلو آ.... توکي ڪنهن ٻئي جو ٿيڻ....“
”ڇا ٿيو ڪهڙي سوچ ۾ پئجي وئينءَ، هاڻي ڪو بهانو به ڪونهي، تنهنجي ايجوڪيشن ڪمپليٽ ٿي، جاب تون ڪرين پئي، سڀ کان وڏي ڳالهه ته تمام سٺو رشتو آ ڇوڪرو، لنڊن مان ايم بي اي ڪري آيو آ، ڪنهن ڪمپنيءَ ۾ سٺي پوسٽ تي آهي، فيملي سٺي آ، ڏٺل وائٺل آهن خوش و خورم زندگي لاءِ ان کان علاوه ٻيو ڇا کپي.“
”نه آپا نه، في الحال منهنجو شادي ڪرڻ جو ڪو پروگرام ڪونهي مان سي ايس ايس ڪرڻ ٿي چاهيان، هي جاب مون عارضي طور ڪئي آهي، مان فارين سروس جوائن ڪرڻ ٿي چاهيان.“
رابعه اهڙي کتي جواب تي چپ ٿي وڃي ٿي پر هار نه مڃندي وري کيس چوي ٿي ته جيئن سندس مرضي، پر وري به ٿڌي دماغ سان سندس پروپوزل تي ضرور غور ڪري. عمر گذرڻ کان پوءِ سٺا رشتا ملڻ ڪجهه ڏکيا هوندا آهن.
سنڌيا کي ڀيڻ جي ڳالهه ۾ وزن ته محسوس ٿئي ٿو پر.... ٿڌو ساهه ڀري چپ ٿي وڃي ٿي. انهي وقت احمد به آفيس مان اچي ٿو ته سڀ پيءُ جي ڪمري ڏانهن وڃن ٿا.


رحمان کي ڳوٺ وئي ٻه ڏينهن گذري وڃن ٿا، ته شام جي وقت فون جي گھنٽي وڄڻ تي نجمه اٿي فون کڻي ٿي ٻئي ظرف رحمان کيس ٻڌائي ٿو ته مامو مراد خان اسان سان ناهي رهيو. اهو ٻڌي نجمه جي اکين مان ڳوڙها وهي اچن ٿا، گل بانو ۽ شمسه کيس روئندو ڏسي پريشان ٿي وڃن ٿيون. ماڻس جي پڇڻ ٿي کين ٻڌائي ٿي ته گل بانو روئندي چوي ٿي ته مراد خان سڄي حياتي ٻين جي لاءِ گھاري ڇڏي، هن ڪڏهن به پنهنجي باري ۾ نه سوچيو ۽ ڪريم داد جي وفات کان پوءِ شهربانوءَ جو ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو. شمسه ڏکاري آواز ۾ چوي ٿي،
”بس امان....! انسان پنهنجي قسمت جي هٿان مجبور هوندو آهي، مامي جي قسمت ائين هئي.“
نجمه ٻڌائي ٿي ته هن مامي کي اوڏانهن اچڻ لاءِ چيو پر هن منع ڪري ڇڏيو ته هو اتي آهي سڀ پاڻ سنڀالي وٺندو. هن انهيءَ مهل جاويد کي فون ڪري ٻڌايو ۽ کيس ڳوٺ وڃڻ لاءِ تاڪيد ڪيو.



ڪجهه ڏينهن کان پوءِ احمد کي ڪومل جي ڀاءُ جي فون اچي ٿي ته ڪومل کي هاسپيٽل ايڊمٽ ڪرايو اٿئون، احمد آفيس مان سڌو اوڏنهن وڃي ٿو ۽ ڪجهه دير کان پوءِ هو گھر فون ڪري ٿو ۽ سنڌيا کي چوي ٿو ته:
”بابا کي ٻڌاءِ ته هڪ ننڍڙو شيطان توهان کي پريشان ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ اچي ويو آ. اهو ٻڌي سنڌيا تمام گھڻي خوش ٿي وڃي ٿي، فون رکي ڊوڙي اچي پيءَ کي ڀاڪر پائي ٿي،
”بابا اٿو جلدي تيار ٿي وٺو احمد اسان کي وٺڻ پيو اچي، ۽ هاڻي توهان جي سستي ختم، ڪير به توهان کي هاڻي انڊر ايسٽيميٽ نه ڪندو، ۽ توهان جو لاڏلو سڄو ڏينهن توهان کي ڊوڙائيندو وتندو، دادا، هي وٺي ڏيو دادا هو............“
شوڪت علي کلندي،
”بس بس اسٽاپ منهنجي ڌيءَ، اسٽاپ، يڪ ساهي سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيئي. مان روز ان خبر ٻڌڻ لاءِ آتو هئس، تيار ٿي ته اسپتال هلون،“
سنڌيا چينج ڪرڻ لاءِ ڪمري ۾ وڃي ٿي ته شوڪت علي، ٻه رڪعتون نفل ادا ڪرڻ بيهي رهي ٿو.



ٽي ڏينهن گذرڻ کان پوءِ رحمان شهربانو کان موڪلائي ٿو، ته مريم پڇيس ٿي ته وري ڪڏهن ايندو، انتي شهر بانو ڏکاري آواز ۾ چويس ٿي ته ڪجهه ڏينهن مريم کي هتي ڇڏي وڃ ماڻهو ڇيڻهو پيا ٿا اچن. رحمان مريم کي فواد جو خيال رکڻ جو چوي ٿو. مريم کيس چوي ٿي ته:
”گھر جو جلدي بندوبست ڪري وٺجانءِ.... مان امان کي هتي اڪيلو ڇڏي ڪون وينديس.“
”ها، ها گھر جا مالڪ ٻاهر ويل آهن لکا پڙهي ۾ ڪجهه دير لڳي ويندي.“
ان وقت شهربانو اندران وڃي هڪ فائيل کڻي اچي ٿي،
”ابا هي زمينن جا ڪاگذ (ڪاغذ) آهن، مامهن جي نالي مختار نامو هو، هاڻي تون پنهنجي نالي ڪرائي ڇڏجانءِ، مون اسٽام تي صحيح ڪري ڇڏي آهي ۽ مريم به ڪئي آهي.“
رحمان فائيل وٺي ڏسي ٿو ته ٻنهي هڪ ڪوري دستاويز پيپر تي صحيحون ڪري ڏنيون آهن دل ۾ ڏاڍو خوش ٿئي ٿو پر مٿاڇري دل سان،
”پر چاچي اهو دستاويز آيو ڪٿان.“
”مامهن وٺي آيو هئو ۽ حياتي ۾ ئي تنهنجي نالي ڪاڳر ٺهرايائين پئيي ته مريم ۽ رحمان ايندا ته مان هن ذميداري کان پاڻ آجو ڪندس، پر هو اڳ ۾ ئي حياتي مان آجو ٿي ويو.“
شهربانو روئي ٿي.


جاويد ڪنهن رسالي جي ورق گرداني ڪري رهيو آهي سندس ڀرسان سندس بريف ڪيس رکيو آهي، نجمه اچي بريف ڪيس کڻي ڪمري ۾ ڏي وڃي ٿي، ته گل بانو کانئس پڇي ٿي ته رحمان هن سان گڏ نه آيو ڇا. ان تي جاويد چئي ٿو ته هو ته ڳوٺان تعذيت ڪرڻ کان پوءِ ان ڏينهن ئي واپس لاڙڪاڻي هليو ويو هو ماما چيو پئي ته ٽيو ڪري پوءِ ڪراچي ايندو. ان وقت دروازو کڙڪي ٿو ته جاويد اٿي وڃي کولي ٿو ته رحمان اندر اچي ٿو. جاويد کيس ٻڌائي ٿو ته ناني امان هينئر هينئر توهان کي ياد ڪيو پئي. رحمان اچي ماءُ سان ملي ٿو ۽ ڪرسي سرڪائي ويهي ٿو ته گل بانو پڇيس ٿي،
”اوچتو ڇا ٿيو مراد خان کي.“
”مامي جي طبيعت ته ڪافي ڏينهن کان خراب هئي اسان پهتاسين ته رات جو وڌيڪ خراب ٿي وئي، ڳوٺ جو ڊاڪٽر گھرايوسين پر.....“
گل بانو اداس ٿي وڃي ٿي رحمان اٿندي چوي ٿو ته هو ٿڪجي پيو آهي ان ڪري ٿوري دير آرام ڪرڻ ٿو چاهي ائين چئي پنهنجي ڪمري ۾ هليو وڄي ٿو ته جاويد به اٿي پنهنجي ڪمري ۾ وڃي ٿو. ته گل بانو شمسه کان پڇي ٿي ته سويل جاويد ڇا پئي چيو. شمسه ٻڌائي ٿي ته چيائين پئي ته امان وارن جو خيال آهي ته هو الڳ گھر وٺي رهن ايترو وقت ساهرن سان گڏ رهڻ مناسب نه ٿو لڳي.
”اهو ته ٺيڪ آهي پر نجمه اڪيلي گھر ۾ ڪيئن رهندي جاويد سڄو ڏينهن آفيس جي بِلي، هوءَ اڃان ٻار آهي، نه مائي ڇوڪريءَ کي اڪيلو ڪونه رهڻ ڏينداسين، تو جاويد کي سمجھائجانءِ.“
”امان توهان ڳڻتي نه ڪيو، هاڻي پنهنجي ڪمري ۾ هلي آرام ڪيو.“
رحمان پنهنجي ڪمري ۾ بيڊ تي ليٽيو چاچيءَ پاران ڏنل فائيل کي غورسان هڪ هڪ ڪاغذ پڙهي رهيو آهي ۽ منهن ۾ ڀڻڪندي چوي ٿو ته،
”هي زمين اسان جي هئي جنهن تي زوري چاچي ڪريم داد قبضو ڪيو ۽ اڄ قدرت سڀ ڪجهه پاڻهي منهنجي جھوليءَ ۾ آڻي وڌو.“
هڪ دستاويز کڻي ٿو جيڪو بلڪل سادو آهي صرف مريم ۽ شهربانو جون صحيحون ٿيل آهن. انهن کي ڏسي خوش پيو ٿو ٿئي ۽ ڀڻڪندي چوي ٿو،
”هي آهي قدرت جي مهرباني آخر ڪار اسان جي خاندان سان ٿيل نا انصافي جو حساب ڪتاب قدرت طرفان ٿي رهيو آهي. هاڻي مان سڀ زمينون پنهنجي نالي ڪرائي ڇڏيندس ۽ پوءِ مونکي اهو سڀ ڪجهه ملي ويندو جنهن لاءِ زندگي ڀر سڪندا رهياسين، اها ته امان هئي جنهن نوڪري ڪري اسان کي پڙهايو ۽ مامو مراد خان لڪ چوريء اسان جي مدد ڪندو رهندو هئو، تڏهن وڃي پنهنجي پيرن تي بيٺاسين.“
ڪاغذ فائيل ۾ رکي اٿي ٿو،
”هل رحمان اڄوڪي هن خوشيءَ کي ڪٿي هلي سيليبريٽ ڪر.“
تيار ٿي ٻاهر نڪري وڃي ٿو.
ٻن ڏينهن جي سوچ ويچارکان پوءِ رحمان هڪ ڄاڻ سڃاڻ واري وڪيل سان ملڻ ۽ صلاح مشورو ڪرڻ لاءِ ان جي آفيس وڃي ٿو ۽ کيس ڳوٺان آندل فائيل ۽ دستاويز ڏيکاري ٿو، وڪيل سڀئي ڪاغذ غور سان پڙهي ٿو ۽ ڪافي غور ويچار کان پوءِ کيس ٻڌائي ٿو،
”مسٽر رحمان...! جائداد ٽرانسفر ٿي ويندي، گھڻي زمين محترمه مريم ۽ ڪجهه حصو محترمه شهربانو جي نالي تي آهي، انهن توهان کي دستاويز صحيح ڪري ڏنو آهي، ان ڪري ڪوبه قانوني مسئلو ناهي، مان ڪاغذ تيار ڪرايان ٿو، توهان ڪنهن ڏينهن ٻنهي خواتين کي وٺي اچجو ته ايگريمينٽ سائن ڪري ڏين.“
رحمان ٿورو پريشان ٿي وڃي ٿو ڪجهه سوچي،
”ڪاظم صاحب....! هي دستاويز ٻنهي جي طرفان سائن ٿيل آهي ۽ ان تي شاهدن طرفان به صحيح ٿيل آ، توهان ايگريمينٽ لاءِ اهوئي استعمال ڪري سگھو ٿا، پوءِ خواتين جي ٻيهر اچي سائن ڪرڻ جي ڪهڙي ضررت آهي.
”توهان درست ٿا چئو پر جڏهن ملڪيت ٽرانسفر ٿي ويندي ته فائينل پيپرز تي انهن جي سائن ضرور ٿيندي.“
”ٺيڪ آ توهان ڪاغذ تيار ڪيو. پوءِ توهان کي ڳوٺ وٺي هلندس توهان روبرو سائن ڪرائي وٺجو.“
”اهو ٺيڪ ٿيندو مان ڪاغذ تيار ڪيان ٿو پوءِ هلنداسين.“
رحمان اوريجنل فائيل کڻي ان مان سچا نقل ڪڍي وڪيل کي ڏئي ٿو ۽ فائيل پاڻ سان کڻي موڪلائي ٿو.
اهو مرحلو اهڙي آساني سان طيءِ ٿي وڃڻ تي رحمان خوش خوش گھر اچي ٿو، گل بانو سندس موڊ ڏسي ڪجهه ڏينهن کان اندر ۾ سانڍيل ڳالهه چوڻ جي ڪوشش ڪري ٿي،
”رحمان ڇا ڳالهه آ اڄ ڪلهه رات جو دير سان اچڻ لڳو آهين، اڳ ۾ ته ائين نه ڪندو هئين.“
رحمان جيڪو اچانڪ وافر پئسه ملڻ کان پوءِ ياري دوستي ۾ عياشين جو عادي ٿيندو پيو وڃي اهو ٻڌي ماءُ سان بحث ڪرڻ بغير نٽائڻ جي ڪندي،
”نه امان اهڙي ڳالهه ناهي، آفيس ۾ ڪجهه ٽيمون رڪارڊ جي چيڪنگ لاءِ آيل آهن، ان ڪري دير سوير ٿي وڃي ٿي. ٻيو ته گھر ۾ ٻار به ڪونهن ان ڪري پوئتي جو انتظار به نه هوندو آ.“
اهو ٻڌي شمسه شڪايتي انداز ۾،
”ته پوءِ انتظار ڪرڻ وارن کي وڃي وٺي آ نه، امان به فواد لاءِ اٻاڻڪي ٿي پئي آهي.“
”ٺيڪ آ پوءِ ڇنڇر جي موڪل ڪري ويندس ۽ آچر تي انشا الله فواد امان سان کيڏندو هوندو، بس يا ٻي به ڪاشڪايت آهي.“
”نه نه مونکي بس پنهنجو ٻچڙو آڻي ڏي.“