7
”يار اهو ته ڏاڍو خراب ٿيو اسان ته جيئن تيئن ڪري ڌڪا کائي وڃي پهچنداسين، ڇوڪرين لاءِ مسئلو ٿيندو.“
ڪاشف پريشان ٿي چوي ٿو. ايتري ۾ هڪ اسٽوڊنٽ جي گاڏي اچي ٿي ڪاشف ان کي هٿ ڏئي روڪي ٿو،
”يار عدنان رفيه ۽ پارس جا گھر تنهنجي رستي ۾ اچن ٿا تون هنن کي ڊراپ ڪندو وڃ.“
”ٺيڪ آ پر تون ۽ سنڌيا ڪيئن ٿا وڃو.“
”مان ته محمد علي سان گڏ موٽر سائيڪل تي هليو ويندس، سنڌيا لاءِ به ڪو بندوبست ڪيون ٿا، چڱو گرلس توهان ته روانيون ٿيو سنڌيا لاءِ به ڪو بندوبست ڪيان ٿو، سنڌيا توهان اتي بيهو مان وڃي ڏسان ٿو متان توهان جي روٽ جو ڪو ڇوڪرو ڪنهن ڊپارٽمنٽ مان ويندو هجي.“
ڪاشف وڃي ٿو ته رحمان گاڏي کڻي اچي سنڌيا جي ڀرسان بريڪ هڻي ٿو،
”سنڌيا جلدي گاڏي ۾ ويهه، شهر ۾ ڏاڍا هنگاما ٿي ويا آهن، مونکي خبر هئي ته يونيورسٽي جون پوائنٽس نه هلنديون، ان ڪري توکي وٺڻ هليو آيس.“
”پر ڪاشف ويو آ منهنجي وڃڻ جو انتظام ڪرڻ انکي ٻڌائي ته هلان.“
”بس، بس، مان تنهنجي انهن فضول دوستن جو انتظار ڪري نه ٿو سگھان، جي هو موٽي آيو ته هروڀرو اخلاقًا کيس به لفٽ ڏيڻي پوندي.“
”پر.....“
”پر، ور کي ڇڏ، جلدي ڪر ويهه گاڏيءَ ۾ .......“
اڳين سيٽ جو در کولي ٿو سنڌيا ويهي ٿي، گاڏي اسٽارٽ ڪري ٿو، ٿورو اڳتي وڌي ٿو ته ڪاشف پويان هڪ دوست جي گاڏي ۾ اچي ٿو، سنڌيا کي ويندو ڏسي،
”شايد سندس فيانسي کيس وٺڻ آيو هو، پر منهنجو ٻه منٽ انتظار ته ڪن ها.“
”ٺيڪ آ، ٺيڪ آ، ائين ٿيندو آ، تون هروڀرو پريشان نه ٿي، هل مان توکي ڊراپ ڪندو ٿو وڃان.“ ٻئي طرف رحمان سنڌيا کي ٻڌائي ٿو ته هو ڪوشش ڪري سندس ڀاءُ احمد سان دوستي ڪندو جيئن سندس گھر اچڻ وڃڻ جو رستو ملي وڃي. سنڌيا کيس منع ڪري ٿي.
”نه رحمان پليز ائين نه ڪجانءِ، ائين اچڻ وڃڻ گهڻو وقت راز رهي نه سگھندو، جي احمد ۽ گھر وارن کي خبر پئجي وئي ته اهو منهنجي لاءِ تمام برو ٿيندو.“
”جانِ رحمان.....! ائين منع نه ڪر مان روزانو توسان ملڻ ٿو چاهيان، تنهنجي قريب رهڻ ٿو چاهيان، ان لاءِ مان پنهنجا رستا پاڻ تلاش ڪندس، تون فڪر نه ڪر، تون مونسان ملندي رهندينءَ ته تنهنجي لاءِ ڪابه پريشاني پيدا نه ٿيندي، پريشاني ته تڏهن پيدا ٿيندي جڏهن تون انڪار ڪندينءَ، ائين ڪندي هو سندس هٿ تي پنهنجو هٿ رکي ٿو، ڪيڏا نه نرم ۽ نازڪ آهن تنهنجا هٿ، مان هميشه اهي هٿ پنهنجي هٿن ۾ ڏسڻ چاهيان ٿو، سنڌيا تون صرف ۽ صرف منهنجي آهين، منهنجي لاءِ ٺهي آهين. مان اهو ڪڏهن به برداشت نه ٿو ڪري سگھان ته ڪو ٻيو تنهنجي باري ۾ سوچي.“
سنڌيا خاموشي سان سندس ڳالهيون ٻڌندي رهي ٿي،
”ڪجهه ته ڳالهاءِ..... آخر تنهنجي اها ناراضگي ڪڏهن ختم ٿيندي..... هاڻي ته مونکي معاف ڪر، ڏس مان هٿ ٿو جوڙيان.“
هٿ جوڙي ٿو ته سامهون ايندي گاڏي سان ٽڪرائجندي بچي ٿو.
سنڌيا خوف ۾ هيڊي ٿي وڃي ٿي،
”رحمان پليز..... توهان گاڏي ڊرائيو ۾ ڌيان ڏيو، ذري گھٽ ايڪسيڊنٽ پئي ٿيو.....“
کلندي،
”تون گڏ هوندينءَ ته مونکي ٻيو ڪوبه ڊپ ناهي.“
ان وقت سنڌيا جي گھر واري گھٽي اچي ٿي. رحمان گاڏي روڪي ٿو، هٿ پڪڙي ڪِس ڪريس ٿو، سنڌيا هٿ ڇڏائي جلدي جلدي گاڏيءَ مان لهي وڃي ٿي.
گھر جي رستي تي ويندي هوءَ سوچي ٿي، ڇا هوءَ اڄ تائين رحمان کي غلط سمجھندي رهي هئي، ڇا رحمان واقعي هن سان بي تهاشا محبت ڪري ٿو، جو پنهنجي زال ۽ ٻار جي پرواهه ڪئي بغير هن سان ملندو رهڻ ٿو چاهي، مون به ته رحمان سان بي انتها پيار ڪيو آ، هو منهنجي زندگي جي پهرين محبت آهي ۽ هر ڇوڪري پنهنجي پهرين محبت کي ڪڏهن به وساري ناهي سگھندي........ هاڻي هو جڏهن به ساڻس مليو ته هوءَ هن کان تقاضا ڪندي ته جي هو واقعي هن سان محبت ڪري ٿو ۽ سندس بغير رهي نه ٿو سگھي ته پوءِ هن سان شادي ڪري. هوءَ هر حال ۾ ساڻس رهڻ لاءِ تيار آهي، بس هن سان جائز طريقي سان شادي ڪري. فيصلي تي پهچي پُر سڪون ٿي وڃي ٿي.
وقت پنهنجي رفتار سان گذري رهيو آهي ان ڏينهن کان پوءِ رحمان به پنهنجي نين دوستين يارين ۾ مصروف ٿي وڃي ٿو گھر ۾ ننڍڙي فواد جي ڪلڪارين ۽ مٺن ٻولن ۾ مگن ٿي وڃي ٿو ان ڪري سنڌيا جي طرف سندس ڌيان ڪجهه وقت لاءِ هٽي وڃي ٿو. سنڌيا به پنهنجي پڙهائي طرف ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي، ان ڪري پنهنجي هر سيمسٽر ۾ سٺن نمبرن سان ڪواليفاءِ ڪري رهي آهي. اڄ به شوڪت ۽ ڪومل لائونج ۾ ويٺا آهن ته سنڌيا يونيورسٽي مان واپس اچي ٿي منهن تي ٿڪاوٽ سان گڏ خوشي نمايان لڳي پئي، فائيل ۽ بيگ ميز تي رکي ٿي، شوڪت علي غور سان کيس ڏسي ٿو اڄ گهڻي عرصي کانپوءِ سندس چهري ٿي خوشي ڏسي اطمينان جو ساهه کڻي ٿو،
”اڄ منهنجي ڌيءَ ڏاڍي خوش پئي لڳي، پڪ ڪا خاص ڳالهه آ.“
ڪومل اندازو لڳائيندي چوي ٿي،
”پڪ لاسٽ سيمسٽر جي رزلٽ آئي هوندي ۽ منهنجي سنڌيا راڻيءَ ٽاپ ڪيو هوندو.“
”ڀا..... ڀي.... توهان به اهڙا آهيو سڄو سرپرائيز ئي وڃائي ڇڏيو.“
”ان جو مطلب ته مون سهي اندازو لڳايو.“
شوڪت علي اٿي سندس مٿي تي هٿ رکي ٿو،
”چئبو اڄ منهنجي سنڌيا ميدان ماري آئي آهي.“
”۽ بابا اهو ثابت ڪري ڏيکاريائين ته محنت ڪٿي به ڪجي، چاهي سرڪاري ادارن ۾ يا هاءِ ليول جي انگلش ميڊيم ۾، محنت ڪٿي به رائگان نه ٿي وڃي.“ ڪومل فخر سان چوي ٿي.
”بابا اڄ مان ڏاڍي خوش آهيان، نه صرف مون پر ڪاشف به ٻي پوزيشن کنئي آهي ۽ انگلش ميڊيم گروپ کي صرف ٽين پوزيشن ملي ائين اسان جو سرڪاري گروپ ٻه پوزيشن ماري ويو.
”ٺيڪ آ صبحاڻي توهان ٻئي گروپ کي پاڻ ٽريٽ ڏجو.“
”اوڪي بابا، چڱو مان چينج ڪري آپي کي فون ڪري ٻڌايان ٿي.“
”ها، ها ضرور، ان خبر جي وڌ ۾ وڌ خوشي ان کي ئي ٿيندي، ها منهنجي پاران کيس شام گھر اچڻ لاءِ چئجانءِ، سنڌيا جي وڃڻ کان پوءِ، خدايا تنهنجو وڏو احسان آ.“
شام جي وقت سنڌيا جي پوزيشن جي خوشي ۾ فيملي گيدرنگ جو اهتمام آهي سڀئي ان موقعي کي انجواءِ ڪري رهيا آهن ته فون جي گھنٽي وڄي ٿي احمد اٿڻ جي ڪري ٿو ته سنڌيا جيڪا فون جي ڀرسان ميز تي چانهه مڪس ڪري رهي آهي فون کڻي وٺي ٿي آواز ٻڌي پريشان ٿي وڃي ٿي، ٿوري دير کان پوءِ چانهه کڻي اندر اچي ٿي ته سندس منهن لٿل آهي سنيتا جي نظر تاڙي وٺي ٿي ۽ اٿي چانهه وٺي سڀني کي ڏئي کيس بهاني سان ٻاهر وٺي وڃي ٿي.
ٻئي طرف رحمان امتياز سان گڏ لانگ ڊرائيو تي وڃي پيو، هو اڄ ڪافي ڏينهن کان پوءِ مليا آهن، امتياز هڪ ڀيرو وري رحمان کي سنڌيا جي سلسلي ۾ سمجھائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، در اصل هن جي دل ۾ سنڌيا سان ملڻ ۽ رحمان جو ان جي باري ۾ موقف ٻڌڻ کان پوءِ هڪ سافٽ ڪارنر جڙي ويو آهي هو ڪيئن به ڪري هن معصوم ڇوڪريءَ کي پنهنجي هن حرفتي دوست کان بچائڻ چاهي ٿو ان ڪري هڪ آخري ڪوشش ڪندي چوي ٿو،
”رحمان مان توکي هڪ دفعو وري صلاح ڏيندس ته تون اهو سهي نه پيو ڪرين.“
اهو ٻڌي رحمان کيس گھوري نهاري ٿو ۽ ٽوڪ هڻندي کلي چوي ٿو،
”ڪافي ڏينهن کان ڏسان پيو سنڌيا سان تنهنجي همدردي وڌندي پئي وڃي، ڪاٿي ائين ته ناهي ته......“
امتياز هڪدم سندس ڳالهه ڪٽيندي چوي ٿو،
”يار اهڙي ڪا ڳالهه ناهي، مان ته ڀاڀي ۽ ننڍڙي جي خيال سان چوان پيو. جي ان کي تنهنجي هن سائيڊ افيئر جي خبر پئجي وئي ته هوءَ ڳوٺاڻي عورت آ، ان کان اهو برداشت نه ٿيندو.“
”ڇڏ يار ان ڳالهه کي، مان پاڻهي مينيج ڪري وٺندس. پوءِ ڇا پروگرام آ هلجي تنهنجي فليٽ تي، هڪ ٻه بازي رمي جي ٿي وڃي.“
”واءِ ناٽ....! اڄ مان به بلڪل فارغ آهيان اڄ ڪجهه دوست به اچڻا آهن واه جي محفل ڄمندي.“
”ته پوءِ شام جي چانهه هلي ٿا تنهنجي فليٽ تي پيون ۽ رات جي محفل جو اهتمام به ڪيون ٿا.“
رات جي گھري خاموشي، جڏهن سڄي ڪائنات جن و بشر، پکي پکڻ، جيت جڻيا، سڀ اگھور ننڊ ۾ آهن. سنڌيا پنهنجي بيڊ تي اداس ليٽي پئي آهي ننڊ ڄڻ ته کانئس رسي وئي آهي، بيڊ تي پاسا ورائي پاڻ کي پر سڪون ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهي آهي ليڪن هڪ خيال سندس من اندر بار بار اچي کيس بي چين ڪري رهيو آهي،
”اڄ مان ڪيڏي نه خوش هئس، منهنجي آنرز ۾ پوزيشن اچڻ جي خوشيءَ ۾ سڀ گھر ڀاتي انجواءِ ڪري رهيا هئا، رحمان فون ڪري مونکي زبردستي ملڻ لاءِ چئي منهنجي سڄي خوشي ڪافور ڪري ڇڏي، هو ته منهنجي ڪا ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ئي نه هئو، مس، مس وڃي مڃيو، مان ڪيڏي اپ سيٽ ٿي وئي هئس، اهو ته سنيتا بروقت مونکي سنڀالي ورتو، نه ته طارق ڀائو ۽ زهره خاله ڇا سمجھن ها.“
کيس پنهنجي بزدلي تي سخت ڪاوڙ اچي رهي هئي،
”مان به ڪيڏي نه بزدل ۽ بيوقوف آهيان، آخر رحمان کان ايترو ڇا لاءِ ٿي ڊڄان، آخر رحمان ڪندو ڇا، هروڀرو پيو ڊيڄاري ڌمڪائي. جي هاڻي مونکي پريشان ڪيائين ته مان کيس صاف صاف چونديس ته توکي جيڪو وڻي وڃي ڪر مونکي تنهنجي ڌمڪين جي پرواهه ناهي، الائي سمجھي ڇا ٿو پاڻ کي.“
سوچيندي سوچيندي الائي ڪيڏي مهل ننڊ جي ديوي کيس خوابن جي دنيا ۾ وٺي وڃي ٿي.
صبح جي وقت شوڪت علي نماز وغيره کان فارغ ٿي، ٻاهرين دروازي وٽان وڃي تازي اخبار کڻي ٿو ۽ اچي ڪرسي تي ويهي پڙهڻ لڳي ٿو، ورق ورائيندو وڃي ٿو، اچانڪ سندس نظر هڪ تصوير تي پوي ٿي، چهري جو رنگ اڏامي وڃيس ٿو اکيون ڦاٽي وڃنس ٿيون، اخبار هٿن مان ڪري پويس ٿي، دل تي هٿ رکي هيٺ جھڪي وڃي ٿو، احمد پنهنجي ڪمري مان نڪري دستور موجب پيءَ کي سلام ڪرڻ لاءِ اچي ٿو ۽ کيس اهڙي حالت ۾ ڏسي سندس هٿن مان اخبار وٺي ڏسي ٿو ۽ ڪومل کي سڏي ٿو ڪومل ڊوڙندي اچي ٿي، پيءَ کي سنڀالڻ جو چئي ڊاڪٽر کي فون ڪرڻ لاءِ وڃي ٿو آوازن تي سنڌيا به ڊوڙي ٻاهر اچي ٿي، اخبار تي نظر پويس ٿي، اها کڻي هڪ پاسي رکي ٿي ۽ ٻئي شوڪت کي سنڀالڻ جي ڪن ٿيون، انهي وقت ايمبولنس اچي ٿي جنهن ۾ کيس سڀ کڻي اسپتال وڃن ٿا. اتي پهچي هن کي آءِ سي يو ۾ رکيو وڃي ٿو، سڀ سندس زندگي ۽ سلامتي لاءِ دعائون گھرن ٿا سنڌيا جي چهري تي ندامت، ڏک ۽ پيڙا جو احساس آهي، هوءَ سوچي ٿي ته اهو سڀ هن جي ڪارڻ ئي ٿيو آهي پيءُ جي ان حالت جي ذميدار هوءَ ئي آهي، ڪاش.......! مان ان وقت ئي مري وڃان ها، جڏهن مون ننڊ جون گوريون کاڌيون هيون، ڪاش.....! مان رحمان سان ملڻ کان انڪار نه ڪيان ها ته اڄ منهنجي بابا جو اهو حال نه ٿئي ها، دعا لاءِ هٿ مٿي کڻي ٿي،
”رب منهنجا....! منهنجي خطائن جي سزا منهنجي بابا ۽ گھر وارن کي نه ڏي، مالڪ....! نه ته مان ڪڏهن به پاڻ کي معاف ڪري نه سگھنديس.“
سندس نظر گھر ڀاتين تي پوي ٿي جيڪي هن کان پري بيٺا آهن ۽ نفرت ڀرين نگاهن سان کيس گھوري رهيا آهن، انهي وقت ڊاڪٽر ٻاهر اچي ٿو، سندس چهري تي مايوسي ڇانيل آهي، سڀ جلدي جلدي ڊاڪٽر ڏانهن اميد ڀرين نگاهن سان نهاري هن ڏي وڌن ٿا، پر سنڌيا سندن تيز نظرن جو تاب نه سهندي اتي ئي بيٺي رهي ٿي سندس ۾ اها همٿ ئي ناهي جو سندن ويجھو وڃي .
احمد ڊاڪٽر جي ڀرسان وڃي اميد ڀرين نگاهن سان ڏسي ٿو،
”آءِ ايم سوري احمد، اسان ڪوشش جي باوجود توهان جي والد صاحب کي بچائي نه سگھياسين، اهو ٻڌي سڀ اوڇنگارون ڏئي روئن ٿا. ڊاڪٽر احمد علي جو دوست آهي، سندس ڪلهي تي هٿ رکي دلداري ڏئيس ٿو. سڀ ماڻهو هن کان لا تعلق ٿيو بيٺا آهن، هوءَ روئندي چوي ٿي،
”هي مون کان ڇا ٿي ويو، مان بابا جي قاتل آهيان.... مون پنهنجي پيءُ جو خون ڪيو آهي، مون ڪيو آ پنهنجي پيءَ جو خون، مان پاڻ کي ڪڏهن به معاف نه ڪنديس.... ڪڏهن به..... (هيجاني ڪيفيت ۾..... سڏڪا ڀريندي ...) ڪڏهن به نه ....معاف ڪنديس.“
سنڌيا پنهنجي بستري تي گھري ننڊ ۾ سڏڪندي..... ڀڻڪي ٿي.... ڪڏهن به..... معاف... انهي وقت پنهنجن ئي آوازن تي سندس اک کلي وڃي ٿي سندس اکين مان وهندڙ لڙڪ سندس وهاڻي کي آلو ڪري رهيا آهن. ڇرڪ ڀري اٿي ٿي ۽ وائڙن جيان ڪمري ۾ ٻرندڙ زيرو جي بلب کي هڪ ٽڪ نهاري ٿي، ڪجهه دير لاءِ کيس سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته هوءَ ڪٿي آهي آخر اٿي ويهي رهي ٿي، تڏهن کيس سمجهه ۾ اچي ٿو ته هوءَ خواب ڏسي رهي هئي.... ڀيانڪ خواب..... هٿ مٿي کڻي خدا جوشڪر ادا ڪري ٿي، ”خدايا...! لک احسان تنهنجا، جو اهو سڀ هڪ دل دهلائيندڙ خواب هئو ۽ منهنجي لاءِ سبق به..... اگر مون رحمان سان ناتو جوڙي رکڻ کان انڪار ڪيو ته رحمان ڪجهه به ڪري سگھي ٿو. منهنجون تصويرون ۽ خط دنيا وارن کي ڏيکاري مونکي بدنام ڪري سگھي ٿو. مان پنهنجي بيوقوفي ۽ غلطين جي قيمت پنهنجي والدين جي خواري ۽ رسوائي سان ڪڏهن به نه چڪائينديس، قصور مون ڪيو آهي، جو رحمان جهڙي شخص سان محبت ڪئي، ان ۾ منهنجي گھر وارن ڪهڙو ڏوهه ڪيو، هاڻي مونکي پنهنجو پاڻ کي قسمت جي حوالي ڪرڻو ئي پوندو. جيڪو منهنجي نصيب ۾ لکيل هوندو . اهو مون اڪيلي کي ڀوڳڻو پوندو.“
اهو سوچيندي ننڊ کڄي وڃيس ٿي.
امتياز جي فليٽ تي سندس ڪجهه دوست ۽ رحمان تاس جي بازي لڳائي ويٺا آهن سڀني جي اڳيان ڪجهه رقم رکيل آهي ۽ ڊرنڪ جو دور هلي رهيو آهي، رات ڪافي گذري وئي آهي، رحمان گھڙي ۾ وقت ڏسي موڪلائڻ جي ڪري ٿو ته ڪجهه دوست چونس ٿا ته اڃان ته هاڻي محفل متي آهي ۽ هو وڃڻ جي پيو ڪري، ان تي رحمان چوين ٿو ته سندس ماءُ انتظار ڪندي هوندي، سڀ کلي چونس ٿا ته امان نه پر ڪو ٻيو اوسيئڙي ۾ هوندو، ڇڏ يار سنگت کي ڇو تو وچ ۾ رولين، ويهه هڪ بازي ٻي ٿي وڃي پوءِ هليو وڃجانءِ. هو امتياز کي چوي ٿو ته سندس گلاس ختم ٿي ويو آهي، امتياز بوتل کڻي سندس گلاس ٺاهي ٿو ۽ چوي ٿو يار بک به لڳي آهي هو هيٺان ڪجهه وٺي ٿو اچي پر هڪ دوست ٻڌائيس ٿو ته هن اڳ ۾ ئي کائڻ پيڻ جو سڄو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي جو خبر پئي ته رحمان تنهنجو پيارو دوست آهي، ان جي خاطرداري ته ڪرڻي آهي نه. هو اٿي پليٽن ۾ ڪجهه کائڻ جو سامان لاهي کڻي اچي سندن آڏو رکي ٿو سڀ کائڻ سان گڏ مشروب جون چسڪيون به وٺن ٿا ۽ تاس جي بازي به لڳائيندا وڃن ٿا. رات جا ٽي ٿين ٿا ته سڀ نشي ۾ چور اوٻاسيون ڏيندا اٿن ٿا ۽ موڪلائيندا پنهنجن گھرن ڏي روانه ٿي وڃن ٿا. رحمان جا قدم لڙکڙائن ٿا اٿي وڃڻ جي ڪري ٿو،
”يار مان هاڻي گھر ٿو هلان ڏاڍي دير ٿي وئي آ،“
”نه رحمان تنهنجي حالت ٺيڪ ناهي ۽ هن حال ۾ تنهنجو گھر وڃڻ درست نه ٿو لڳي، رات جا ٻه ٽي ڪلاڪ وڃي بچيا آهن، هتي ئي سمهي رهه صبح جو هليو وڃجانءِ.“
رحمان جون اکيون بند ٿينديون وڃن ٿيون اتي ئي صوفي تي ليٽي پوي ٿو ته گھري ننڊ ۾ کڄي وڃيس ٿي.
ٻئي طرف گل بانو ۽ شمسه گھر ۾ سخت پريشاني جي عالم ۾ ويٺيون آهن، گل بانو گھڙِي گھڙي دروازي ڏانهن نهاري ٿي سندس نظرون سامهون ٽنگيل گھڙيال ڏي کڄي وڃن ٿيون وقت جون سيون پنهنجي رفتار سان اڳتي وڌي رهيون آهن پر رحمان جو ڪو اتو پتو ڪونهي، شمسه ماءُ جي بيچيني کي سمجھي رهي آهي،
”امان الائي ڪٿان فون ڪئي هئائين ته دوست ڏي ٿو وڃان ٿوري دير ٿي ويندي پر ايتري دير.... فون به الائي ڪٿان ڪئي هئائين نمبر به ڪونهي جو پڇي وٺجي،“
”ڇوڪري کي الائي ڇا ٿي ويو آهي.“
شمسه جي ڪنن ۾ نجمه ۽ سنيتا جون ڳالهيون ٻُرڻ لڳن ٿيون ته رحمان سنڌيا کي پريشان ٿو ڪري، چپن ۾ ڀڻڪندي،
”جھليوسينس ته پنهنجي طبيعت جي خلاف نه ڪر شادي، پر مڙيو ڪونه، هاڻي نه رهيو آ گھر جو نه گھاٽ جو. پرائي نياڻي به ڦاسايائين ۽ هاڻي وتي ٿو ٻاهريان پاسا وٺندو.“
گل بانو حيرت سان شمسه ڏي نهاري ٿي،
”ڇو شادي جي ان ۾ ڪهڙي ڳالهه آ. زال ۽ پُٽ سان ته خوش آ.....“
”ها امان بظاهر ته خوش آهي، پر سنڌيا مان به آسرو نه ٿو پلجيس، ويچاري نياڻي کي اچي پريشان ڪيو اٿائين.“
”اهو وري تون ڪيئن پئي چوين؟“
شمسه کيس سنيتا ۽ نجمه جي ڪيل سڄي گفتگو اکر به اکر ٻڌائي ٿي، گل بانو کي ڏندين آڱريون اچي وڃڻ ٿيون،
”اهو ته رحمان سٺو نه پيو ڪري.... انهي وقت مريم به اکيون مهٽيندي ٻاهر اچي،“
”آپا رحمان اڃان گھر ناهي موٽيو، الائي ڇو دير ڪئي اٿس.“
”اچي ويندو، شام چيو هئائين ته ڪنهن دوست جي دعوت آهي، تون پريشان نه ٿي، وڃي فواد وٽ ليٽ، کيس اڪيلو نه ڇڏيندي ڪر.“
”امان توهان به هلي آرام ڪيو، رحمان اچي ويندو.“
مريم منهن کي موڙو ڏئي پنهنجي ڪمري ۾ هلي وڃي ٿي ته هو ٻئي به اندر هليون وڃن ٿيون.
صبح جي وقت رحمان جي جڏهن اک کلي ٿي ته حيراني سان هيڏانهن هوڏانهن نهاري گھڙي ۾ ٽائيم ڏسي ٿو،
”او......و.... صبح جا اٺ پيا ٿين ۽ مان هتي، (ياد ڪندي )“
رات شايد گھڻو پيڻ جي ڪري مون کي هوش ئي نه رهيو ۽ هتي ئي سمهي رهيس، گھر ۾ سڀ پريشان ٿيندا هوندا، امان جو ته الائي ڪهڙو حال ٿيو هوندو...... مريم جو ته فڪر ناهي، سمهي ته صبح جو پئي اٿندي، ڪير آيو ڪير ويو، کيس ڪا سڌ ئي نه هوندي.“
آرس ڀڃي اٿي ٿو، انهي وقت امتياز ڪمري کان ٻاهر اچي ٿو،
”يار رحمان...! واه جي تنهنجي ننڊ، هيڏو سج چڙهي آيو آ، يڪو تنهنجي ننڊ ...“
شرمسار ٿي چوي ٿو ته باقي سنگت ڪاٿي آ.... امتياز کيس ٻڌائي ٿو ته اهي سڀ اوڏي مهل ئي هليا ويا تنهنجي حالت اهڙي نه هئي جو توکي وڃڻ ڏجي ها.
اٿندي شرمساري مان چوي ٿو،
”يار مان هلان ٿو گھر وارا، خاص ڪري امان سخت پريشان هوندي.“
”ترس چانهه جو ڪوپ پي وٺ فريش تي پوءِ وڃجانءِ.“
رحمان چانهه پي گھر لاءِ نڪري وڃي ٿو.
ٻئي طرف گل بانو بستري تي پاسا ورائي رهي آهي سڄي رات اوسئڙي ۽ دعائون گھرندي گذري وڃي ٿي پري کان مسجدن ۾ بانگن جا آواز اچن ٿا ته ٽپ ڏئي ڪلمو پڙهي اٿي ٿي، ڀرسان سمهيل شمسه به ڪچي پڪي ننڊ مان سڄاڳ ٿي اٿي ويهي ٿي، ماءُ ڏانهن نهاري ٿي، جنهن جون اکيون اوجاڳي سبب ڳاڙهيون ۽ ننڊارکيون آهن، پريشاني سندس چهري تي صاف نظر اچي ٿي، نجمه به اوٻاسيون ڏيندي ڪمري ۾ اچي ٿي،
”لڳي ٿو ته ناني اصل ناهي سمهي.“
شمسه ڪو جواب ڏئي، ان کان اڳ گل بانو پڇي ٿي،
”مريم اڃان ڪونه اٿي آ.“
”سمهڻ ڏيوس امان، هونئن به دير سان اٿندي آ، ڏينهن جو فواد سمهڻ نه ٿو ڏئيس.“
”رحمان جواڃان ڪو اتو پتو ناهي.“
شمسه دل تي پٿر رکي چوي ٿي،
”امان ڳڻتي نه ڪر اچي ويندو، دوستن جي دعوت هئي دير ٿي وئي هوندس ته اتي ئي ترسي پيو هوندو.“
سڀئي اٿي نماز پڙهن ٿيون ۽ نجمه، شمسه ناشتو ٺاهڻ ۾ لڳي وڃن ٿيون گل بانو به دور ڪري دعا گھري ٻاهر اچي ٿي، نجمه ناشتو ميز تي لڳائي ٿي ته ان وقت ڊور بيل وڄي ٿي، نجمه اهو چوندي در ڏي وڃي ٿي ته پڪ ماما هوندو، در کولي ٿي، رحمان ٿڪل ٿڪل اندر داخل ٿئي ٿو، راتوڪي نشي جو خمار اڃان اکين ۾ اٿس، جيئن اندر اچي ٿو ته گل بانو، جنهن سڄي رات اکين ۾ ڪاٽي آهي، ڪاوڙ ۾ چويس ٿي،
”شابس ٻچا شابس، هن عمر ۾....... هن ماءُ کي اڃان الائي ڪهڙا صدما سهڻا آهن، توکي ذرو خيال نه آيو ته تنهنجي هيءَ ماءُ سڄي رات ۾ گھڻا دفعا مُئي هوندي، نه ٿي آئين ته هڪڙي فون ئي کڙڪائي ڇڏين ها.“
رحمان شرمساري وچان بهانو ڪندي چوي ٿو،
”سوري امان......! دوستن جي ڪچهري ۾ وقت جو خيال ئي نه رهيو، تان جو صبح ٿي ويو، جيئن ئي احساس ٿيو، سڌو گھر پيو اچان.“
شمسه ڪاوڙ ۽ شڪايت ڀرئي لهجي ۾،
”رحمان ايڏي غير ذميداري جي تومان توقع نه هئي.......... امان جي طبيعت جي خبر به اٿئي......... سڄي رات اک نه هئين اٿس.“
”امان توهان هاڻي هلي آرام ڪيو........ ڏسو توهان جو شهزادو سهي سلامت گھر موٽي آيو آ.“
گل بانو ڪاوڙ مان رئي جي پلو سان ڳوڙها اگھندي،
”هاڻي ڪهڙو آرام ڪبو، تون نيرن پاڻي ڪري وڃي آرام ڪر.“
رحمان اوٻاسي ڏيندي چوي ٿو،
”نه امان مان هينئر ٿوري دير آرام ڪندس اڳو پوءِ لنچ ڪندس، مريم به اڃان ڪونه اٿي آ نه.“
ٿورو شرم پرچائڻ لاءِ ويندي ويندي چوي ٿو،
”ها شام سڀ تيار ٿيجو ڪٿي ٻاهر هلي ڊنر ڪنداسين.“
•
هڪ ڏينهن سنڌيا يونيورسٽي جي سڀني دوستن جي گڏيل دعوت تان واپس اچي رهي هئي ته رستي ۾ رحمان اچي گاڏي روڪي کيس ويهڻ لاءِ چوي ٿو، سنڌيا جنهن ان ڏينهن جي خواب کان پوءِ سوچي ڇڏيو آ ته پنهنجو پاڻ کي تقدير جي حوالي ڪري ڇڏيندي، ان ڪري خاموشي سان گاڏي ۾ ويهي رهي ٿي، رحمان به ڪجهه ڳالهائڻ کان سواءِ گاڏي ڊرائيو ڪندو سمنڊ ڪناري ڪنهن تنها گوشي طرف اچي روڪي آسمان تي ڪارا گھاٽا ڪڪر ڇانيل هئا، سمنڊ جون لهرون هوا جي زور تي تمام بلندي تي وڃي رهيون هيون، هوا تمام تيز هئي جيڪا ٽڪرين سان ٽڪرائجي عجيب آواز پيدا ڪري رهي هئي، سنڌيا جيڪا هميشه تيز هوائن جي گھوگھٽ کان ڊڄندي آهي، ان جي من اندر خوف پيدا ٿي رهيو هو، جنهن جا آثار سندس چهري تي صاف نظر اچي رهيا هئا، رحمان هن جي ڊڄڻي طبيعت کان واقف آهي سندس منهن ڏي نهاري کيس چوڻ لڳو،
”ڊڄ نه منهنجي هوندي، توکي ڀلا ڊڄڻ جي ڪهڙي ضرورت آ.“
”رحمان توسان گڏ هوندي ئي ته مون کي خوف ۽ وسوسا گهيري وٺن ٿا. پليز منهنجي حال تي رحم ڪيو.
”چڱو پريشان نه ٿي، واپس ٿا هلون. بس نه.“
•
نه چاهڻ باوجود به سنڌيا هن سان ڪناري ڪناري ٿڌي واري تي پسار ڪندي رهي ٿي. ته وقت جو احساس ئي نه ٿو رهي آخر اٿندي چوي ٿي ته هاڻي گھڻي دير ٿي وئي آهي هلڻ گھرجي گھر انتظار ڪندا هوندا. ٻئي اٿي گاڏي ڏانهن وڌن ٿا.
ڪجهه ڏينهن ائين گذري وڃن ٿا ته هڪ ڏينهن سنڌيا اخبار جي ورق گرداني ڪري رهي آهي ته سندس نظر هڪ نيم خودمختيار اداري ۾ اسسٽنٽ ڊئريڪٽر جي آسامي جي ايڊ تي پوي ٿي جنهن سان سندس ڪواليفڪيشنز ٺهڪي اچن ٿيون، خوش ٿي پيءُ ۽ احمد سان مشورو ڪري اپلاءِ ڪري ٿي ۽ ڪجهه ئي ڏينهن کان پوءِ انٽرويو لاءِ ڪال اچي ٿي ته سنڌيا خوش ٿي وڃي ٿي ۽ جنهن ڏينهن انٽرويو آهي ان ڏينهن صبح ساڻ تيار ٿي احمد کي چوي ٿي ته هو کيس آفيس ويندي رستي ۾ ڊراپ ڪندو وڃي. پيءُ کان دعائون وٺي ٿي شوڪت علي کيس چوي ٿو ته انشا الله هوءَ ضرور ڪامياب ٿيندي. ٻئي موڪلائي ٻاهر نڪري وڃن ٿا ته ڪومل سُهري کي چوي ٿي ته،
”بابا سنڌيا جي آنرز ۾ پوزيشن آئي هئي ته مون کيس ماسٽرز ڪرڻ لاءِ چيو، سندس ارادو به هيو، پر پوءِ الائي ڇا ٿيس، چيائين ته هوءَ هاڻي جاب ڪندي، ماسٽرز لاءِ شام جا ڪلاس وٺندي.“
شوڪت علي ٿڌو ساهه ڀريندي،
”مرضي جي مالڪ آ، کيس پريشان ڏسي اسان به مٿس زور وجھي نه سگھياسين، ٿي سگھي ٿو ته ان ۾ ئي سندس بهتري هجي، رب سڻائي ڪندو.“
ٻئي طرف سنڌيا هڪ شاندار آفيس ۾ داخل ٿئي ٿي، جتي ماڻهن جي اچ وڃ لڳي پئي آهي، هڪ وڏي هال ۾ شاندار صوفه رکيل آهن، جن تي ڪيترائي مرد ۽ عورتون فائيل کنيو ويٺل آهن، ڀرسان رکيل ڪائونٽر تي هڪ اسسٽنٽ نما شخص سامهون رکيل لسٽ ۾ ڏسندي واري واري سان نالا پڪاري ۽ سامهون ايم ڊي جي آفيس ۾ وڃڻ لاءِ چوي ٿو، سنڌيا بيچيني سان پنهنجي واري جو انتظار ڪري رهي آهي، ڪڏهن فائيل کولي ورق ورائي ٿي ته ڪڏهن دروازي مان نڪرندڙ اميدوارن جي چهرن کي ڏسي ٿي، ان وقت سندس ڪنن تي آواز اچي ٿو،
”مِس سنڌيا شوڪت علي.........“
سنڌيا جلدي اٿي ٿي فائيل کڻي اندر وڃي ٿي، سامهون هڪ شاندار ميز جي چو گرد ٽي با رعب شخص ويٺل آهن جيڪي هن کان اڳ ۾ آيل اميدوارن جي متعلق پاڻ ۾ ڊسڪس ڪري رهيا آهن، وچ واري ڪرسي تي ويٺل شخص سنڌيا کي اندر داخل ٿيندي سرسري نگاهه سان ڏسي ٿو، ٽيبل جي سائيڊ واري ڪرسي تي ويٺل شخص کي اشاري سان ڪجهه چوي ٿو، هو سنڌيا کي سامهون واري ڪرسي تي ويهڻ جو اشارو ڪري ٿو، ويهڻ کانپوءِ وچ وارو شخص جيڪو ايم ڊي آهي فائيل کولي کانئس پڇي ٿو،
”ها ته مِس سنڌيا شوڪت علي توهان انگلش ۾ آنرز فرسٽ ڪلاس فرسٽ آهيو.“
”يس سر....“
”هن کان پهرين به توهان جو شاندار اڪيڊمڪ ڪيريئر رهيو آهي، ته پوءِ توهان بجاءِ ماسٽرز ڪرڻ جي جاب ڇو پيا ڪيو، ڪا گھريلو مجبوري، يا مالي پريشاني.“
”نو سر، ڪا خاص ريزن ڪونهي، مون سوچيو ته اگر سُٺي آفر آهي ته ڇو نه ٽراءِ ڪجي.“
”ڀلا هن کان اڳ ۾ ڪو ڪم ڪرڻ جو تجربو.“
”نو سر، وقت وڏو تجربي گاهه آهي موقعو مليو ته ڪم به ڪبو ۽ تجربو ته ڪم ڪرڻ کان پوءِ حاصل ٿي ئي ويندو.“
ايم ڊي پاسي تي ويٺل شخص کي مخاطب ٿي،
”مظفر صاحب توهان کي ڪو سوال ڪرڻو هجي ته،.......“
مظفر جيڪو دلچسپي سان سنڌيا جي سوالن جا جواب ٻڌي رهيو هو، زيرِ لب مسڪرائي چوي ٿو،
”نو..... نو سر..... ڪافي آ...... مِس سنڌيا جي خود اعتمادي ئي ٻڌائي پئي ته هوءَ مطمئن آهي ته جيڪڏهن دل نه چوي ته پوءِ ان ڳالهه کي ڇڏي ڏجي.“
”ٺيڪ آ مِس...... توهان هلو، اگر توهان هن جاب لاءِ سليڪٽ ٿي ويا ته ٻن ٽن ڏينهن ۾ توهان کي آفر ليٽر ملي ويندو.“
”ٿينڪيو سر......“
سنڌيا اٿي ٻاهر وڃي ٿي ته هو ٽئي ڊسڪس ڪن ٿا،
”منهنجي خيال ۾ اها ڪينڊيديٽ هن پوسٽ لاءِ سوٽ ڪري ٿي.“
ان تي مظفر چوي ٿو ته:
”سر مون پهرين نظر ۾ ئي سمجھي ورتو هو ته توهان هن ڪينڊيڊيٽ کي ئي سليڪٽ ڪندا.“
”ته پوءِ نظام صاحب هن ڇوڪريءَ جو آفر ليٽر ٺهرائي وٺو.“
”جيڪو حڪم سر.....“
•
هوڏانهن نجمه جي شادي جون تياريون زور شور سان ٿي رهيون آهن، مريم به ماءُ جي ڏسيل راهه تي هلڻ جي پوري ڪوشش ۾ رڌل آهي ۽ مڙس کي ڀڙڪائڻ جو ڪو موقعو هٿان نه ٿي وڃائي، جنهن ڏينهن کان کيس خبر پئي آهي ته سندس مڙس جو سنڌيا سان واسطو آهي جنهن ۾ سندس گھر وارا به ان رشتي ۾ راضي هئا ان ڏينهن کان هن جو گھر وارن سان ڄڻ ته وير ٿي ويو آهي اندر ۾ اُلا ڀڙڪندا رهنس ٿا، وس نه ٿو پڄيس ته رحمان کي جلد کان جلد مائٽن کان دور وٺي وڃي جو وري هنن جو پاڇو به مٿس نه پوي. ان لاءِ دل ئي دل ۾ پهه پچائيندي ۽ منصوبه سٽيندي رهي ٿي. هر وقت موقعي جي تلاش ۾ رهندي آهي اڄ به قدرت طرفان هڪ موقعو سندس هٿ چڙهي وڃي ٿو. منجھند جي مانيءَ کان پوءِ شمسه ۽ نجمه گل بانوءَ کان اجازت وٺي تيار ٿي شاپنگ لاءِ وڃڻ لاءِ پنهنجي ڪمري کان ٻاهر نڪرن ٿيون ته منهن ۾ مريم ملين ٿي جيڪا جڳ کنيو پاڻيءَ ڀرڻ لاءِ ٻاهر نڪتي آهي، هنن کي تيار ٿي ويندو ڏسي باهه وٺي وڃيس ٿي، مٿان وري شمسه کيس چوي ٿي ته امان جي طبيعت ٿوري سست آهي، هوءَ آرام پئي ڪري، سندس ٿورو خيال رکجانءِ، اهو ٻڌي ويتر چڙ وٺيس ٿي،
”آپا مان پاڻ ٿڪجي پئي آهيان فواد کي کير پياري آرام ڪنديس.“
”ٺيڪ آ تون ڀلي آرام ڪر، اسان امان جي اٿڻ کان پهرين واپس اچي وينداسين.“
هنن جي وڃڻ کان پوءِ مريم منهن ئي منهن ۾ ڀڻڪندي،
”هونهن........! پاڻ وڃن شاپنگ تي ۽ مان ڪيان سندن ماءُ جو خيال، هونئن مونکي پڇن ڪونه.“
ان وقت ماءُ جو سبق ياد اچيس ٿو ته مڙس کي اهڙو ڀڙڪاءِ جو مجبور ٿي توکي جدا گھر وٺي ڏئي. اهو سوچيندي ذهن ۾ هڪ ترڪيب اچيس ٿي،
”هاڻ ڏس ته مان رحمان کي ڪيئن ٿي هنن جي خلاف مجبور ڪيان.“
ڪمري ۾ وڃي ٽي وي کولي ٿي ننڍڙو فواد بيبي ڪاٽ ۾ سمهيو پيو آهي ڀرسان پلنگ تي ويهي ڊراءِ فروٽ چڳندي رحمان کي فون ڪري ٿي ته هو کانئس پڇي ٿو ته هينئر ڇو فون ڪئي اٿئي، نخريلي انداز ۾ ڪنجھندي چوي ٿي،
”منهنجي..... طبيعت خراب ٿي وئي آهي، بخار به ٿي ويو آ،...... ڏاڍي ڪمزوري پئي محسوس ٿئي.“
”ته پوءِ ڪا دوا وٺ نه...... آپا کي چئو ته ڪا بخار جي گوري ڏيئي ۽ نجمه کي چئو ته چانهه ٺاهي ڏيئي .“
”تنهنجي آپا ۽ نجمه گھر ۾ هونديون تڏهن نه،“
”ڪيڏانهن ويون آهن...... تون چوين ها نه ته تنهنجي طبيعت ٺيڪ ناهي.“
مريم روئندي چوي ٿي،
”منهنجي ڪنهن کي پرواهه پئي آ تنهنجي گھر ۾........ مان مران يا جيان....... الٽو هدايت جاري ڪري ويون آهن ته امان جو خيال رکجانءِ.“
”پر هينئر ويون ڪيڏانهن آهن.“
”ڪيڏانهن وري ڪيڏانهن...... نجمه بيگم جي شاديءَ جي شاپنگ پئي ٿئي لاڳيتي...... کٽڻ جي ئي ناهي....... هونئن پئسو ناهي...... هيڏانهن لاڏلي بيگم لاءِ گھر پيو ڦرجي. خير منهنجو ڇا، (ڪنجھندي ڪڻڪندي) الا مان مري ويس، منهنجو ساهه الائي ڪيئن ٿو ٿئي ٿڙڪڻيءَ اچي ورتو اٿم.“
•
”چڱو تو آرام ڪر مان ٿو اچان.“
اهو ٻڌي مريم پريشان ٿي وڃي ٿي، لڱن کي هٿ لائي ٿي ته ٿڌا لڳا پيا آهن هاڻي ڇا ٿيندو رحمان آڏو سندس ڪوڙ ظاهر ٿي پوندو، هڪدم منع ڪريس ٿي،
”نه نه توکي آفيس ۾ ڪم هوندو.“
”ڪم ايڏو ضروري ناهي، اڄ آپا سان هڪ هڪاڻي ڪبي، منهنجي زال جو ڪنهن کي خيال ڪونهي.“
اهو ٻڌي مريم جو منهن خوشيءَ وچان ٻهڪي اٿي ٿو ته آخر سندس تير نشاني تي لڳو، مان رحمان کي ايڏو مجبور ڪنديس جو هو پاڻ جدا ٿي گھر وٺندو. اچانڪ خيال اچيس ٿو ته رحمان گھر اچي پيو ۽ کيس بخار ته آهي ڪونهي، هاڻي ڇا ڪري نه ته رحمان اڳيان ڪوڙي ٿي پوندي،
”مريم ڪجهه ڪر، (سوچيندي ماءُ جا اکر دل تي تري اچنس ٿا ته ٿوري گھڙيءَ لاءِ لڱ ڪوسا ڪرڻا هجن ته بصر ڪڇ ۾ رکي ڇڏجي، تيز بخار واري حالت ٿي ويندي، هوءَ جلدي ڪچن ۾ وڃي بصر کڻي ڪڇ ۾ رکي ٿي رحمان جي اچڻ کان اول ئي سندس لڱ ڪوسا ٿي وڃن ٿا.
”واه جي ترڪيب آ، امان مڃيم تون وڏي حرفتي آهين،“
گاڏي جو آواز ٻڌي جھٽ پلنگ تي ليٽي مٿان چادر وجھي ڪنجھڻ لڳي ٿي رحمان ڪمري ۾ اچي سندس ٻانهن ۽ پوءِ مٿي تي هٿ رکي ڏسي ٿو.
”ايڏو تيز بخار.......... ۽ توکي اهڙي حالت ۾ ڇڏي پاڻ شاپنگ تي هليون ويون..... اڄ اچن ته مان سڌو ٿو ڳالهايانِ.“
دوا کڻي مريم کي ڏئي ٿو جيڪا نظر بچائي پلنگ جي پويان ڦٽي ڪري ڇڏي ٿي، ٿوري دير کان پوءِ شمسه ۽ نجمه واپس اچن ٿيون، شمسه شاپنگ بيگس کڻي ماءُ جي ڪمري ۾ هلي وڃي ٿي، نجمه لائونج ۾ فرج مان پاڻي ڪڍي پيڻ لڳي ٿي ته رحمان آواز ٻڌي ٻاهر اچي ٿو، پويان مريم ٽپ ڏئي اٿي ويهي ٿي،
”واه جو لڳو نشاني تي هاڻي مچندو ممڻ ۽ ايندومزو.......... جي مون رحمان کي مائٽن کان جدا نه ڪيو ته منهنجو نالو به مريم ناهي، هليو آ مريم جي هوندي هُن ڇوري سان عشق لڙائڻ، مان هن کي سڀني کان ايڏو پري وٺي وينديس جو منهن ڏسڻ کان سڪنديون.“
نجمه پاڻي پي گلاس ميز تي رکي ٿي ته رحمان ڪاوڙ ۾ ٻاهر اچي ٿو.
”ڪيڏانهن وتو ٿيون سڄو ڏينهن گھمنديون، گھر ۾ ڪو ٽڪاءُ به اٿو يا نه.“
نجمه جنهن مامي کي اهڙي انداز ۾ ڳالهائيندي ڪڏهن به نه ڏٺوهو، حيران ٿي مامي کي ڏسي ٿي،
”ماما ڇا ڳالهه آ، ڪاوڙ ۾ پيا لڳو.“
”ڪاوڙ.......! توهان کي ايترو به خيال ناهي ته گھر ۾ ڪو بيمار آ، ڪنهن جي طبيعت خراب آ، شاپنگ ڀڳي پئي وئي جو اڄ ئي ڪرڻي هئي.“
”پر ماما ناني امان ته پاڻ اسان کي اجازت ڏني هئي، امي کيس دوا کارائي هئي.“
”نانهه امان جي ڪير ٿو ڳالهه ڪري، مريم جي طبيعت سخت خراب آ، ان کي تيز بخار آهي، فواد روئي روئي ساڻو ٿي پيو آهي، توهان کي چيائين پوءِ به هليون ويئو.“
رحمان جو تيز آواز ۾ ڳالهائڻ ٻڌي شمسه ٻاهرنڪري اچي ٿي،
”ڇا ڳالهه آ، جو ايڏو گرم پيو ٿين جڏهن اسان وياسين پئي ته مريم بلڪل ٺيڪ هئي ۽ آرام ڪرڻ پئي وئي، جڏهن مون کيس چيو ته امان جو خيال ڪجانءِ ته پاڻ چيائين ته مان پاڻ آرام ڪرڻ پئي وڃان.“
اهو ٻڌي هو ويتر تپي باهه ٿي وڃي ٿو،
”ان جو مطلب ته مريم ڪوڙ پئي ڳالهائي، توهان سڀني جو ته پهرين ڏينهن کان ساڻس وير آهي...... چاچي کي به توهان جي رويي جي ڪري نه ٿو گھرايان جو هتي ڪو ساڻس سئين منهن ڳالهائي نه ٿو، سڌي طرح چئو ڇونه ٿيون ته توهان مريم سان گڏجي رهڻ نه ٿيون چاهيو.“
شمسه تي ڄڻ سڪتو طاري ٿي وڃي ٿو حيرت سان ڀاءُ جي منهن ڏانهن ڏسي ٿي رحمان هن کان اول ڪڏهن به حدون نه اوراگھيون هيون سندس سامهون اهڙي طرح نه ڳالهايو هيو ، ڏکاري ٿي چويس ٿي،
”تون اڄ وڏي ڀيڻ جي ڳالهه جو يقين نه ٿو ڪرين..... چوان پئي ته مريم اسان جي وڃڻ وقت بلڪل ٺيڪ هئي ......“
”بس آپا گھڻو ٿيو ...........“
گوڙ تي گل بانو به سجاڳ ٿي ڪاوڙ مان ٻاهر اچي ٿي،
”توکي هاڻي ڪنهنجو به لحاذ ڪونهي رهيو، تنهنجي الائي ڪهڙي مرضي آ، جي توکي اسانجي ڳالهه نه ٿي وڻي ته پوءِ بسم الله، جيئن توکي وڻي تيئن ڪر، رکي ڏي زال کي ٻه ٽي نوڪرياڻيون خدمت چاڪريءَ لاءِ.“
ماءُ جي ڳالهه ٻڌي رحمان آپي کان نڪري وڃي ٿو. لحاذ مروت عزت سڀ ڪجهه وسري وڃيس ٿو،
”ته پوءِ صاف صاف چئو نه ته توهان سڀني کي اسان مان وڏو ڏک آهي.“
شمسه کي ماءُ جي طبيعت بگڙڻ جو انديشو ٿئي ٿو، هوءَ سمجھي وڃي ٿي ته ڳالهه وڌندي پئي وڃي ان ڪري معاملي کي ٿڌو ڪرڻ جي خيال کان،
”امان توهان جي طبيعت صبح کان ٺيڪ ناهي توهان هلي آرام ڪيو...... مان ڏسان ٿي ته مريم کي ڇا ٿيو آ.....“
”رهڻ ڏيو.... مريم کي توهان جي همدردي جي ڪا ضرورت ناهي، مون کيس چانهه ۽ دوا ڏئي ڇڏي آ ۽ چاچيءَ کي به فون ڪري ڇڏي آ ته اچي ساڻس رهي.“
اهو ٻڌي شمسه کي ڏاڍو ڏک ٿئي ٿو، ته اڄ رحمان اسان کان ايڏو بدظن ٿي ويو آ جو ڪابه ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. سندس اکين ۾ لڙڪ اچي وڃن ٿا، ڏکاري آواز ۾ کيس چوي ٿي ته:
”جيئن سندس مرضي.“
نجمه کي اشارو ڪري ٿي، ٻئي گل بانو کي وٺي سندس ڪمري ڏانهن هليون وڃن ٿيون.
هڪڙي ڏينهن جڏهن سنڌيا ۽ سنيتا خوشگوار موڊ ۾ ڊرائينگ روم ۾ ميوزڪ ٻڌي رهيون هيون ته ڪومل اچي کين ٻڌايو ته احمد سان گڏ سندس ڪجهه دوست آيا آهن توهان ٻاهر اچي وڃو. هو ٻئي جيئن ڊرائينگ روم مان نڪرن ٿيون ته سندن نگاهه احمد ۽ سندس دوستن تي پوي ٿي، ٻئي حيران ٿي وڃن ٿيون. احمد سان گڏ ٻيو ڪير نه پر رحمان ۽ سندس دوست امتياز پيا اچن، سنڌيا، سنيتا جي وهم و گمان ۾ به نه هو ته رحمان اهڙي حرڪت ڪري سگھي ٿو، ٻئي طرف امتياز به هن کي ڏسي ششدر ٿي وڃي ٿو. کيس رحمان کان اهڙي گھٽيا پڻي جي توقع به نه هئي ته هو ان حد تائين وڃي سگھي ٿو، سنڌيا رحمان کي شڪايتي انداز ۾ نهاري ٿي ڄڻ چوندي هجي رحمان تون ايترو ڪميڻو به ٿي سگھين ٿو؟
۽ رحمان هن جي نظرن جي پرواهه ڪئي بغير شرارتي نظرن سان کيس ڏسي اکين ئي اکين ۾ ڄڻ چوندو هجي ته ڏس، مان آخر تنهنجي گھر جي اندر پهچي ويس نه، هاڻي ته ڀڄي ڏيکار.
احمد ڀيڻ کي حيران ڏسي ٻڌائيس ٿو ته هي سندس سهيلي جو مامو آهي ۽ هي سندس دوست امتياز، ان ڏينهن اتفاق سان هنن سان ملاقات ٿي وئي هئي ڪالهه فون ڪري حال احوال ڪيائين ته مون چانهه تي مدعو ڪيو مانس، نه چاهيندي به ٻنهي کين سلام ڪيو ۽ اندر هليون ويون. رحمان زيرِ لب مسڪرائيندو رهيو.
ٻئي ڪمري ۾ ڊوڙنديون آيون ۽ بيڊ تي اچي ڦهڪو ڪيائون، سنيتا فڪرمندي مان،
”هي ته ڏاڍو خراب ٿيو هاڻي بهاني سان هتي ايندو رهندو ۽ هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور سڀني کي خبر پئجي ويندي.“
”ته پوءِ مان ڇا ڪيان هو تمام چالاڪ شخص آهي.“
”ڪجهه نه ڪجهه ته ڪرڻو پوندو، هاڻي جڏهن به هو توسان ڪانٽيڪٽ ڪري، تون کيس سمجھائڻ جي ڪوشش ڪر ته هو اهڙو ڪوبه قدم نه کڻي، هو هونئن به توسان ٻاهر ملي ٿو ته پوءِ گھر ۾ اچڻ جي ڪهڙي ضررت آهي،“
”ٺيڪ آ مان ڪوشش ڪنديس............“
”چڱو هل ته ڀاڀي ڪومل جي ڪجهه مدد ڪيون.“
•
انٽر ڪرڻ کان پوءِ نجمه جي شادي ٿئي ٿي اڄ سندس رخصتي آهي، هال ۾ نجمه ڪنوار جي روپ ۾ سينگاريل ويٺي آهي، ٻئي طرف جاويد ۽ سندس گھر وارا ۽ ٻيا مهمان، سنيتا، ڪومل، سنڌيا ۽ رابعه سڀ شاديءَ ۾ شريڪ آهن، نجمه آتشي گلابي شراري سوٽ ۽ جيولري پاتل تمام خوبصورت ۽ معصوم لڳي رهي آهي، ماءُ کان جدائي جو تصور کيس جھوري رهيو آهي، ان ڪري هوءَ اداس پئي لڳي ۽ شمسه ۽ گل بانو کي سندس نظرون تلاش ڪري رهيون آهن، سنيتا ۽ سنڌيا کيس بيوٽي پارلر تان تيار ڪرائي وٺي آيون آهن، جاويد گھوٽ جي روپ ۾ موڙ ٻڌيو ويٺو آهي ۽ اک بچائي ڪنوار کي پيار ڀرين نگاهن سان بار بار ڏسي خوش ٿي رهيو آهي، گھوٽ جي ماءُ هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي،
”ادي شمس ۽ امان الائي ڪيڏانهن ويون دير پئي ٿئي، اسان کي وڏو سفر ڪرڻو آهي.“
شمسه قرآن شريف هٿ ۾ کڻي اچي ٿي ۽ ان جي سائي ۾ ڌيءُ کي رخصت ڪري ٿي، نجمه واري واري سڀني سان موڪلائي ٿي، ماءُ ۽ ناني سان موڪلائڻ مهل سڏڪا ڀري روئي ٿي، شمسه ۽ ناني به روئندي ساڻس موڪلائن ٿيون، هڪ سينگاريل گاڏي ۾ گھوٽ ڪنوار کي ويهاريو وڃي ٿو، رحمان ۽ مريم به اداس هڪ طرف بيٺا آهن.
رخصتي کان پوءِ رابعه ڪومل کي چوي ٿي ته احمد الائي ڪٿي آهي ڪافي دير ٿي وئي آ، هاڻي هلڻ گھرجي، ان وقت احمد به اچي وڃي ٿو ۽ سڀ موڪلائي ٻاهر اچي گاڏيءَ ۾ ويهن ٿا.
شام جو وقت آ رحمان آفيس مان واپس آيو ته سندس موڊ سخت خراب هو، ڪمري ۾ مريم ننڍڙي کي کنيو کير پياري رهي آهي ته رحمان اندر اچي ٿو، مريم سندس موڊ جي پرواهه ڪئي بغير ساڳيو راڳ آلاپڻ شروع ڪري ٿي،
”رحمان تو گھر جي باري ۾ ڪجهه ڪيو، ڪيترا ڏينهن ٿيا آهن مان امان سان به ناهيان ملي.“
”گھر سان، امان جي ملڻ جو ڪهڙو واسطو آهي.“
”ڪاوڙجين ڇا لاءِ ٿو، تو ته چيو هو ته نجمه جي شادي کان پوءِ تون نئون گھر وٺي ڏيندين، نجمه جي شادي وقت امان پئسه به منهنجي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي وئي هئي، هوءَ به ڳوٺ ۾ اڪيلي رهي نه ٿي سگھي.“
”پوءِ گھرائي وٺينس هتي، هتي رهڻ ۾ ڪهڙِي مصيبت آهي.“
”پر ٻيو گھر وٺڻ ۾ ڪهڙي مصيبت آهي.“ هوءَ به ساڳئي انداز ۾ ٺهه پهه جواب ڏئي ٿي.
”فرصت ملندي ته اهو به وٺنداسين.......“
”آفيس مان تتو ٿو اچين ته باهيون وري اچي هتي ٿو ڪڍين.“
زور زور سان ڳالهائڻ تي ننڍڙو فواد ڊڄي روئڻ لڳي ٿو، ته رحمان ڪاوڙ مان چويس ٿو،
”توکان رڳو ٻار سنڀاليو نه ٿو ٿئي.......“
”مان نه ٿي سنڀاليان، ٻيو تنهنجون ماءُ ڀيڻ ٿيون سنڀالن.....“
”چڱو هاڻي بحث نه ڪر، وڃ وڃي ماسي صغرا کي چئو ته چانهه جوڪوپ ٺاهي کڻي اچي.“
مريم سٽ سٽ ڪندي ٻار سوڌي ٻاهر هلي وڃي ٿي ته رحمان پنهنجي منهن ڀڻڪندي،
”آفيس ۾ صاحبن جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي، گھر اچ ته هتي هن جاهل عورت جو ٽيڪو لڳو پيو آهي، جيئڻ ئي جنجال ٿي ويو آهي، ڪهڙي کُٽي کنيو جو وڃي ڳوٺ مان شادي ڪري جيءَ جو جنجال ڳچيءَ ۾ وڌم.“
رحمان آفيس ۾ ڪجهه فائيلن ۾ هيرا ڦيري ڪئي آهي جنهن جي سلسلي ۾ باس روز روز کانئس باز پرس ڪندو رهي ٿو، جنهن کيس ڪافي پريشان ڪري وڌو آهي، ٻئي طرف گھر اچي ٿو ته مريم روز ڪونه ڪو ڦڏو ڦهلايو ويٺي آهي، انهن ڳالهين کيس فراريت حاصل ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ۽ هو سڪون جي تلاش ۾ غلط راهن جو راهي ٿيندو ٿو وڃي،
رات جي وقت امتياز جي فليٽ تي تاس جي محفل ڄمي پئي آهي ته هڪ دوست امتياز کان پڇي ٿو ته گھڻن ڏينهن کان سندس جگري يار ڪون ٿو ڏسجي، ان تي امتياز چوي ٿو ته اسان ته آهيون ڇڙا ڇانڊ، هو ٻچڙيوال آهي سوين ڪم ڪاريون هوندس انهن کي منهن ڏئي يا يارن دوستن کي.
”ها يار چوين سچ ٿو شادي به هڪ جنجال آهي، وقت ائين گذري پيو ته اهو ڏچو پالڻ جي ڪهڙي لوڙ پئي آهي.“
”تڏهن ته هيڏي عمر گذري وئي آ، اسان ان خفي ۾ ناهيو پيا.“
انهي وقت رحمان اندر اچي ٿو، امتياز کيس ڏسي خوش ٿي هن ڏانهن وڌي ٿو،
”هو ڏسو شيطان کي ياد ڪيو ته شيطان حاضر.“
”اڇا ته مابدولت جو ذڪر خير پئي ٿيو.“
”يار اسان آهيون يارن جا يار، جي ڪو دوست گھڻو وقت غير حاضر رهي ته ان جي ياد ته ايندي نه.“
”زهي نصيب.... ڇا پيو ٿئي.....“
”بس، تنهنجي بغير محفل اڌوري هئي، امتياز يار ٿي وڃي هڪ جام تنهنجي دوست رحمان جي نانُ.......“
”ڇو ڪونه.....“
اٿي ٿو ۽ مشروب جا گلاس ڀري سڀني کي ڏئي ٿو، پيئندي تاس جا پتا ورهائن ٿا، ۽ رمي کيڏڻ شروع ڪن ٿا.
گل بانو ۽ شمسه اڄ وري پريشان ويٺيون آهن، سندن نظرون بار بار گھڙيال ڏانهن کڄن ٿيون، جنهن جي سُين سان گڏ سندن پريشاني ۾ به اضافو ٿيندو پيو وڃي ٻئي ڪجهه چئي بنا هڪ ٻئي کي معنيٰ خيز نظرن سان نهارن ٿيون، شمسه ڪڏهن اٿي پسارڻ لڳي ٿي ڪڏهن ڪٿي ويهي ٿي ته ڪڏهن ڪٿي، بيچيني کيس هڪ جاءِ تي ٽڪڻ نه ٿي ڏئي، گل بانوءَ جو به ساڳيو حال آ، ڪنهن مهل صندل تي اٿي ويهي ٿي ڪڏهن ليٽي پوي ٿي، آخر کانئس رهيو نه ٿو ٿئي،
”ڇوڪري کي الائي ڇا ٿي ويو آ، جيڪو آفيس کان موٽندو هو ته هيٺ لهڻ جو نالو نه وٺندو هو، هاڻي آ جو آڌي آڌي رات تائين گھر کان غائب آ، نه ننڍي نيٽي زال جو فڪر اٿس نه ننڍڙي ٻار جي ڳڻتي.“
”تڏهن ته جھليو هيوسينس ته نه ڪر اهڙي بي جوڙ شادي، جتي ذهني هم آهنگي نه هجي، پر لالچ اکين تي انڌ جون پٽيون ٻڌي ڇڏيس، هاڻي سڄو ڏينهن گھر ۾ ڪِر ڪِر ٻُڌي ٻاهر پيو سڪون تلاش ڪري......... ويٺو هوندو ڪٿي يارن دوستن سان.“
”مائي مون کي ته ڊپ ٿو ٿئي ته ڪٿي غلط صحبت ۾ نه ڦاسي وڃي.“
”نه امان رحمان اهڙو به ناهي، پڙهيل لکيل آ، ٽي سال آمريڪا رهي آيو آ، اتي نه ڦاٿو، اچي هتي ڦاسندو، توهان فڪر نه ڪيو.“
ڳالهين دوران وقت جون سُيون تيزيءَ سان گذرندڙ وقت جو احساس ڏيارن ٿيون، ٽِڪ ٽِڪ، رات جا ٻه پيا ٿين ته ٻاهر دروازي جي لاڪ ۾ چاٻي گھمڻ جو آواز اچي ٿو ڄڻ ڪير چاٻي گھمائي رهيو هجي پر در نه کلندو هجيس، شمسه جون اکيون در ۾ کُتل آهن ۽ در کلڻ جو انتظار پيون ڪن آخر ڪجهه دير کان پوءِ دروازو کلي ٿو ته اندر داخل ٿيندڙ رحمان کي ڏسي ٽِپ ڏئي اٿن ٿيون، رحمان لڙکڙايل قدمن سان اندر داخل ٿئي ٿو سندس قميص جا بٽڻ کليل، قميص، پينٽ کان ٻاهر نڪتل، اکيون ڳاڙهيون، شمسه جلدي وڃي ڀاءُ کي ٻانهه ۾ هٿ وجھي ٿي ۽ لائونج تائين وٺي اچڻ ۾ مدد ڪري ٿي. گل بانو جيڪا پهرين حيران ۽ پريشان هئي سندس اهڙي حالت ڏسي سمجھي وڃي ٿي ته سندس پيارو پُٽ شراب جي نشي ۾ ڌُت آ، سندس چهرو ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي وڃي ٿو، پنهنجي پرورش ۽ تربيت تي شرمسار ٿي وڃي ٿي. اٿي پُٽ جي ڀرسان اچي ٿي ۽ ٺڪاءُ ڪري چماٽ وهائي ڪڍيس ٿي،
”تون شراب پي گھر آيو آهين، توکي ذرو به لحاذ نه ٿيو، تو ته اڄ مونکي پنهنجن ئي نظرن ۾ ذليل ڪري ڇڏيو آ....... مون جھُد ڪري توهان کي پالي وڏو ڪيو، ڪڏهن احساس ٿيڻ نه ڏنو ته توهان يتيم آهيو، توهان جي تربيت ڪرڻ ۾ وسان نه گھٽايو، ڪهڙي ڪمي رهجي وئي هئي توهان جي پرورش ۾ جو اڄ مونکي هي ڏينهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. ذرو شرم نه آيو توکي ته تون هي ڇا پيو ڪرين، ابا، اهڙو اخلاقي طور ڪمزور ثابت ٿيندين مون ڪڏهن سوچيو به نه هو.“
رحمان چپ چاپ ماءُ جان نصيحتون ٻڌندو رهي ٿو ۽ اوٻاسيون ڏيندو رهي ٿو. ”ننڍي نيٽي ٻن جيئن سان زال جو به خيال نه ٿيئي، ڪهڙي گھٽتائي هئي گھر ۾، جو وڃي غلط صحبت ۾ ڦاٿو آهين.“
آوازن تي مريم ڪمري مان نڪري اچي ٿي، مڙس کي اهڙِي حالت ۾ ڏسي پريشان ٿي وڃي ٿي ۽ چاچيءَ کي ساڻس ڪاوڙ ڪندي ڏسي پاڻ به ڪاوڙ ۾ اچي وڃي ٿي، سندس ڳالهه ڪٽيندي،
”بس چاچي بس گھڻو ٿيو، ڏسين نه ٿي ته رحمان جي ڪهڙي حالت آ، توکي هينئر اچي ليڪچر ڏيڻ جي پئي آ، رحمان جي ٻانهن ۾ هٿ وجھي، هل ڪمري ۾ ، ڇا حالت ڪئي اٿئي پنهنجي.“
پنهنجي ڪمري ۾ وٺي وڃيس ٿي.
”ڏٺوَ نه...... زال جو غلام بنجي ويو آ، ذرو به توهان جي پريشانيءَ جو خيال نه ٿيس، توهان هروڀرو پيا ڪاوڙ ڪري پنهنجو بلڊ پريشر هاءِ ڪيو، ڇڏي ڏيونِ سندن حال تي.“
گل بانو اهو ٻڌي روئي ڏئي ٿي،
”ننڍڙو هوندو هو ته جي مان ڪنهن غلطي تي ماريندي هئي مانس ته وري اچي منهنجي هنج ۾ لڪندو هئو ۽ اڄ......... رئي جي پلو سان اکيون اگھي ٿي.
”چڱو اٿو هاڻي هلي آرام ڪيو....... رحمان في الحال پنهنجي هوش ۾ ناهي صبح جو سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.“
کيس ڪمري ۾ وٺي وڃي ٿي.
اڄ موڪل جو ڏينهن آ صبح جو حسبِ معمول اڌ ڪراچي سڄي هفتي جو ٿڪ لاهڻ لاءِ آرامي هوندي آهي، باقي ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ سويل ساجھر اٿي الله جو نالو وٺي ڪمين ڪارئين نڪري ويندو آهي، رحمان جي به رات جي واقعي کانپوءِ دير سان اک کلي ٿي سستي وچان پاسو ورائي ڏسي ٿو مريم بي سڌ سمهي پئي آهي، ڀرسان بيبي ڪاٽ ۾ فواد به سمهيو پيو آهي، پاڻ ڪاهليءَ مان پاسو ورائي ٿو، کيس آهسته آهسته رات جو منظر ياد اچي ٿو،
نشي جي حالت ۾ گھر ۾ داخل ٿيڻ، ماءُ جي زوردار چماٽ وهائي ڪڍڻ، روئڻ دڙڪا ڏيڻ اسڪرين تي هلندڙ فلم جيان کيس هڪ هڪ واقعو ياد اچي ٿو. ماءُ جي حالت شمسه جي پريشاني هڪ هڪ منظر سندس آڏو اچي ٿو شرمسار ۽ پشيمان ٿي وڃي ٿو. ڀڻڪي ٿو،
”امان ڇا سوچيندي هوندي، مون اڳئين ڀيري پاڻ سان واعدو ڪيو هو ته اڳتي امتياز وارن جي اهڙي محفل ۾ نه ويندس ۽ ڪيترن ڏينهن تائين ويس به ڪونه، خبر ناهي وري ڪيئن منهنجا قدم اوڏانهن کڄي ويا، مان امان کي هن عمر ۾ ڪوبه ڏک ڏيڻ نه ٿو چاهيان، جڏهن مان ننڍڙو هوندو هئس ۽ امان غلطي تي ماريندي هئي ته......“
سڀ ڪجهه ياد اچي وڃيس ٿو ٽِپ ڏئي اٿي ٿو ۽ سڌو ماءُ جي ڪمري ۾ وڃي ٿو، جنهن سڄي رات ننڊ نه ڪئي آهي ۽ روئندي رهي آهي، پاڻ وڃي ماءُ جي پيرن ۾ ويهي ٿو گل بانو پير سوڙها ڪرڻ جي ڪري ٿي ته هو سندس پير پڪڙي وٺي ٿو،
”امان مان ڏاڍو خراب آهيان، اٿي مون کي مار، ايترو مار.... ايترو....“
ماڻس جيڪا کيس چماٽ هڻڻ کان پوءِ سڄي رات روئندي ۽ پڇتائيندي رهي هئي...... اٿي کيس پنهنجي سيني سان لائي ٿي، جيئن ننڍي هوندي ڪندي هئي، ڇو ڪندو آهين پنهنجي ماءُ کي ائين پريشان، توکي خبر به آهي ته مان رات جو نوين بجي کان پوءِ تنهنجو ٻاهر رهڻ پسند ناهيان ڪندي، پوءِ به تون....“
رحمان ڪن پڪڙي،
”بس امان هي دفعو معاف ڪريو آئينده شڪايت نه ٿيندي.“
ان دوران مريم الائي ڪيڏي مهل پنهنجي ڪمري کان نڪري ايڏانهن آئي هئي، ماءُ پُٽ کي ائين کير کنڊ ڏسي، ڪاوڙ ۾ ڳاڙهي ٿي پنهنجي منهن ڳالهائيندي واپس پنهنجي ڪمري ڏانهن وڃي ٿي،
”رات هيڏي ٿي اٿس پوءِ به ماءُ جي پيرن ۾ پيو آهي... هي ڪاٿي ٿو جدا ٿئي.“
“مونکي ڪا ٻي چال هلڻي پوندي نه ته پنهنجو جدا رهڻ جو خواب ڪڏهن به پورو ڪونه ٿيندو .“
•