ناول

اداس راھون مان تنھا

محترمہ ايس نرگس حق ادب جي اهڙي خدمتگار آهي، جيڪا سنجيدگيء سان پنھنجي قلم کان ڪم وٺي رهي آهي ۽ سنڌي ادب ۾ پنھنجو حصو مَنَ جي سچائيء سان شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ناول بابت محترمہ ايس نرگس لکي ٿي تہ ھن ناول جي ڪھاڻيءَ جو اسڪرپٽ 52 قسطن ۾ لکي ٽي وي ناٽڪ لاءِ پروڊيوسر وٽ کڻي ويس، ڊرامي جي ايپروئل پڻ ملي پر پوءِ چار سال لڳي ويا ۽ ڊرامو نہ ٺھيو. آخرڪار ان کي ناول جو روپ ڏئي ڇپايو ويو.

Title Cover of book اداس راھون مان تنھا

14

شوڪت علي اسلام آباد مان واپس ته اچي ويو پر هو هر وقت سنڌيا جي سلسلي ۾ فڪرمند رهڻ لڳو. هوءَ ڪڏهن به ائين گھر وارن کان ايترو پري نه رهي هئي، ڪومل ۽ احمد هر وقت سندس دلجوئي ۾ لڳا پيا هوندا هئا، هفتي ۾ هڪ ٻه دفعا ڪڏهن احمد ته ڪڏهن خود سنڌيا هن سان فون تي حال احوال ڪندا هئا پر شوڪت علي کي هر وقت اوڏانهن جي تانگهه ۽ اونو بيچين ڪندو رهندو هو، هڪ ڏينهن احمد صبح جو کيس ٻڌايو ته سنڌيا رات فون ڪئي هئي ٻڌايائين پئي ته کيس اتي ڪميشن جي طرفان هڪ ننڍڙو گھر سيپريٽ الاٽ ٿيو آهي ڪمپائونڊ جي اندر آهي ۽ ڪافي سيف آهي اهو ٻڌي پهرين ته شوڪت علي پريشان ٿي وڃي ٿو ته هاڻي هوءَ اڪيلي ٿي وئي هوندي، اڳ ۾ ته هن سان گڏ ان فليٽ ۾ ٻه ٽي ٻيون به ڇوڪريون رهنديون هيون. ته اسان کي به الڪو ڪونه هو. ان تي احمد دلداري ڏيندي چويس ٿو ته انهن ئي ڇوڪرين مان هڪ سان هن جي ڪافي انڊراسٽينڊنگ ٿي وئي آهي اها رات جي وقت ساڻس اچي رهندي، اهو ٻڌي کيس اطمينان ٿئي ٿو. ۽ چوي ٿو ته اهو ته ڏاڍو سٺو ٿيو رابعه جون به ويڪيشنس ٿيڻ واريون آهن، چيائين پئي ته ٻارن کي وٺي وڃي گھمي ڦري ايندي.
اهو ٻڌي ڪومل چويس ٿي ته ڇو نه هو به ساڻس گڏ هليو وڃي، اهو ٻڌي هو سوچ ۾ پئجي وڃي ٿو.
”بابا ڇا پيا سوچيو.“
”سوچيان پيو ته چوين ته ٺيڪ ٿي پر تون هتي اڪيلي ٿي پوندينءَ.“
”بابا منهنجو فڪر نه ڪيو، مان مينيج ڪري وٺنديس.“



ائين وقت پنهنجي عام رفتار سان گذرندو رهيو، ڪڏهن رابعه وارا موڪلن ۾ اوڏانهن هليا وڃن ٿا ته ڪڏهن ڪومل ۽ احمد اوڏانهن گھمي ڦري اچن ٿا سنڌيا به آهسته آهسته پنهنجي ماضي جي تلخ ۽ خوفناڪ يادن جي ڀنور مان پاڻ آجو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ پاڻ کي آفيس جي ڪم ڪارين ۾ مصروف رکي ٿي هوءَ هميشه جيان دل لائي ڪم ڪري ٿي ان ڪري بالا آفيسر هن جي ڪم مان ڪافي خوش آهن.
هڪ ڏينهن رابعه مائٽن وٽ آيل آهي پيءَ کي ڇيڙيندي چوي ٿي:
”بابا اڄ فون ڪري سڏايو خير ته آهي نه، مس مس اسان جي ياد آئي اٿوَ نه ته يا ته اسلام آباد ياترا تي هوندا آهيو يا سنڌيا جي يادن ۾، اسان کي ته ڪو پڇندو به ناهي.“
احمد لاڳ وٺرائيندي،
”سنڌيا بيگم ته اسان سڀني جا نمبر کڻي وئي آهي.“
شوڪت اهو ٻڌي چوي ٿو:
”ننڍڙي هوندي توهان ٻئي وڏا هئڻ جي ناتي هر ڳالهه ۾ هن جو حصو هڙپ ڪري ويندا هيئوَ ۽ هوءَ ويچاري پئي اکيون ٽمڪائيندي هئي.“
اهو ٻڌي ڪومل اداس لهجي ۾ چوي ٿي،
”بابا هوءَ ويچاري ته اڄ به پنهنجي حصي لاءِ پنهنجي حق لاءِ فائيٽ ڪري رهي آهي، ڪاش! ان جي زندگي ۾ به ڪا بهار اچي.“
اهو ٻڌي رابعه پريشان ٿيندي،
”اهو ڇا پئي چوين ڪومل، مونکي تنهنجي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي.“
ڪومل ڳالهه نٽائيندي،
”ڪجهه به نه مون ته ائين ئي پئي چيو.“
”اهڙيون ڊيڄارڻ واريون ڳالهيون ته نه ڪر...... بابا طارق موڪل منظور ڪرائي ورتي آهي توهان به تياري ڪري وٺو هلڻ جي.“
ان وقت مائي عالما چانهه کڻي اچي ٿي ته ڳالهين جو سلسلو موقوف ٿي وڃي ٿو.
وقت جو ڦيٿو ڦري ٿو، جيڪي ٻار هئا اهي وڏا جوان ٿي وڃن ٿا جيڪي وڏا هئا انهن جي وارن ۾ چاندي جھلڪڻ لڳي ٿي زندگي بس روان دوان آهي، گل بانو ضعيف ٿي وئي آهي. هلڻ ڦرڻ کان لاچار، شمسه رٽائر ٿي هر وقت سندس خدمت ۾ مصروف رهي ٿي، هوڏانهن رحمان سنڌيا کان آسرو پلي پنهنجي عياشي لاءِ نيون راهون تلاش ڪري ورتيون آهن. جڏهن کان هن جو پروموشن ٿيو آهي ۽ کيس خود مختيار سيٽ سنڀالڻ جو موقعو مليو آهي ته هن وڏا وڏا داءُ کيڏڻ شروع ڪيا آهن ۽ رڪارڊ ۾ هيرا ڦيري ڪرڻ ۾ کيس ڪا جھل پل ڪانهي رهي. اگر ڪڏهن ڪنهن ماڻهو مٿي ڪا شڪايت ڪئي ته هو انهن آفيسرن سان ڏيتي ليتي ڪري پنهنجو پلَـوُ صاف ڪندو رهندو آهي. ان ڪري هن ننڍڙو گھر وڪرو ڪري پوش علائقي ۾ هڪ سٺو بنگلو خريڊ ڪري ٻارن کي اتي شفٽ ڪري ڇڏيو آهي، گھر ۾ پئسي جي ريل پيل جي ڪري ٻار به انهي ڊگر تي هلڻ شروع ٿي ويا آهن،
ان ڏينهن به شام جي وقت گلبانو جي طبيعت ڪجهه بهتر هئي ۽ گھڻن ڏينهن کان پوءِ ٻاهر لائونج ۾ اچي ويٺي هئي، جاويد به آفيس مان موٽي آيو هو ۽ سڀني سان گڏ چانهه پئي پيتائين ته نجمه ماءُ کي ٻڌايو،
”امي جاويد پئي ٻڌايو ته سندس آفيس جي هڪ جونيئر آفيسر کيس ٻڌايو ته نينا سندس هڪ دوست سان اڪثر گھمندي رهندي آهي.“
اهو ٻڌي شمسه کي اعتبار نه آيو،
”اهو ڀلا ڪيئن ٿو ٿي سگھي، نينا ڪيترو به لاڏ پيار ۾ پلجي وڏي ٿي هجي پر مريم ڪجهه ته سندس تربيت ڪئي هوندي“
جاويد چانهه جو ڪوپ رکندي،
”امي...! جنهن آفيسر ڳالهه ڪئي پئي، اهو ماما رحمان وارن جي نئين گھر جي بلڪل سامهون واري گھر ۾ رهندو آهي ۽ کين ڪافي وقت کان سڃاڻي.“
اهو ٻڌي گل بانوءَ کان رهيو نه ٿو ٿئي،
”هتي پاڙي ۾ رهندا هئا ته ڪڏهن ڪڏهن سندن خبر چار پئي پوندي هئي. جڏهن کان نئين گھر ۾ ويا آهن تڏهن کان اسان وٽ ته اچڻ ئي ڇڏي ڏنن... ابا جاويد جي ڇوڪرو سٺو آهي ته پوءِ رحمان وارا کڻي سڱ ڪن.“
”ناني امان....! اها ئي ته پريشاني آهي، آفيسر ٻڌايو پئي ته ڇوڪرو چال چلت جو سٺو ناهي ۽ هن جي فيملي به ڏاڍي لالچي آهي....“
اهو ٻڌي گل بانو وڌيڪ پريشان ٿي شمسه کي چوي ٿي ته هوءَ رحمان کي فون ڪري گھرائي ڏئي، هوءَ کيس ٻڌائيندي ته ڇوڪري هٿن مان ٿي وڃي. ان جو جلد ڪو بلو ڪري. شمسه طنزيه انداز ۾ ماءُ کي چوي ٿي ته نينا تمام گھڻي ضدي، خودسر ۽ آزاد خيال ٿي وئي آهي گھر ۾ ڪنهن جي به نه ٿي ٻڌي، پيءَ جي ته اصل نه. ان کي گھرائڻ مان ڪو فائدو ڪونهي.
اهو ٻڌي گل بانو جا ته مٿي تي هٿ اچي وڃن ٿا،
”هاڻي ڇا ٿيندو، رحمان مريم وارن کي لُٽيو، پنهنجي ڪرڻي ٿي سامهون اچيس، خدا خير ڪري.“
”امان توهان پريشان نه ٿيو، چاچي شهربانو زماني جي عورت آهي. الله ڪندو ته سڀ ڪجهه سنڀالي وٺندي، ڪنهن ڏينهن ان کي سڏي ڳالهه ڪن تي وجھي ڇڏيندس، هاڻي هلي آرام ڪيو.“



ٻئي طرف نينا جيڪا سورهن سترهن سالن جي الهڙ ۽ خوبصورت ٿي وئي آهي. لاڏ پيار سڀني ٻارن سان گڏ هن جون به عادتون بگاڙي ڇڏيون آهن. حد درجي جي ضدي ۽ خودسر بنجي وئي آهي، پيءَ جي عدم توجهي سبب هن جي دل مان پيءَ جو روائتي نموني وارو خوف جيڪو هميشه ٻارن کي ٿيندو آهي، ختم ٿي ويو آهي ماءُ ۽ ناني کي ته هوءَ ڪنهن به کاتي ۾ نه ٿي آڻي، اڄ به بليڪ جينز ۽ پرنٽيڊ ريڊ شرٽ ۾ هوءَ تمام خوبصورت لڳي رهي آهي. تيار ٿي ٻاهر نڪري ٿي ته ماڻس پڇيس ٿي ته هينئر ٺهي ٺڪي ڪيڏانهن پئي وڃين، اهو ٻڌي سندس موڊ خراب ٿي وڃي ٿو ۽ هڪدم ڪاوڙ مان جواب ڏئي ٿي،
”امي توکي هزار دفعه چيو اٿم ته وڃڻ مهل ٽوڪيندي نه ڪر پر توکي ته عادت آ روائتي ماءُ بنجڻ جي. اهو زمانو ويو جڏهن ڇوڪرين جي ٻاهر نڪرڻ تي پابندي هئي، هاڻي اسان ۽ ڀائرن ۾ ڪو فرق ناهي ڪڏهن فواد کان پڇيو اٿو ته ڪاڏي ٿو وڃي، ٻاهر ڪهڙيون ايڪٽوٽيز اٿس، نه، ان کان ناهي پڇڻو اهو توهان جو پُٽ آهي نه.......“
”پر مون ڇا چيو جو شروع ٿي وئي آهين، وڃي ڌوڙ پايو پيءُ ڪهڙي عزت ڪئي آ جو توهان مان اميد رکان، اڄ اچي ته سڀني جا ڪرتوت ٿي ٻڌايانس.“
اهو ٻڌي ڪاوڙ مان ٻاهر نڪري وڃي ٿي، انهي وقت موبائيل تي رنگ ٿئي ٿي ٻئي طرف سندس دوست وقاص آهي جيڪو ٻڌائيس ٿو ته هو ريسٽورنٽ ۾ ان جو انتظار پيو ڪري، هوءَ جلدي پهچڻ جو چئي ٽيڪسي ۾ ويهي هلي وڃي ٿي، ريسٽورنٽ ۾ پهچي ٿي ته وقاص هڪ ٽيبل تي سندس انتظار ڪري رهيو آهي، هوءَ سڌي اوڏانهن وڌي وڃي ٿي ۽ ڪرسي سرڪائي ويهي ٿي ته وقاص سندس هٿ پڪڙي چوي ٿو:
”ڏاڍي دير ڪيئي، هتي بک ۾ پيٽ ۾ ڪئا پيا ڊوڙن.“
”بس يار توکي ته خبر آهي بزرگن جي، نڪرڻ تي جيستائين پڇاڻو نه ٿئي سمجھندا هنن ماءُ پيءُ جو فرض ادا نه ڪيو.“
وقاص اهو ٻڌي کلندي چوي ٿو:
”وڏن سان ايڏو ناراض به نه ٿجي، خير ڇڏ ان ڳالهه کي، ڊنر آرڊر ڪيون..... پينٽ جي کيسي ۾ هٿ وجھي....، اوهو مان والِٽ کڻڻ وسري ويس، نينا ڊيئر اڄ جي ڊنر تنهنجي حساب ۾.....“
اهو ٻڌي نينا کلي ڏئي ٿي،
”ڊونٽ وري يار.... اها ڪا نئين ڳالهه ناهي تون جڏهن به مونکي ڊنر تي وٺي ايندو آهين، پرس وساري ايندوآهين پر دوستي ۾ سڀ ڪجهه جائز آ.... تو خرچ ڪيو يا مون، ساڳي ڳالهه آ.....“
ويٽر کي اشارو ڪندي، ”تنهنجو اهوئي انداز ته منهنجي لاءِ محبوبيت جو باعث آهي..... ڪنهن به ڳالهه کي مائينڊ ناهين ڪندي ....“
ويٽر آرڊر سرو ڪري ٿو... ”چڱو پٽاءِ نه.... ڊنر انجواءِ ڪر.“
ٻئي ڊنر ڪرڻ لڳن ٿا.
مريم جيڪا هينئر پخته عمر جي هڪ سنجيده عورت ٿي وئي آهي ۽ شهربانو جيتوڻيڪ عمر رسيده ٿي وئي آهي پر ڳوٺ ۾ رهي ڪري سٺي خوراڪ ۽ اتان جي رهڻي ڪهڻي جي اثر ڪري هوءَ اڄ به چاڪ وچوبند لڳي پئي آهي، نينا جي رويي جي ڪري مريم ڪجهه فڪر مند آهي شهربانو کيس ائين ڏسي ٿي ته کانئس رهيو نه ٿو ٿئي،
”مائي تون به اڇي مٿي سان اچي ٿي آهين، نه مڙس توکان سنڀاليو ٿيو نه اولاد تي ڪنٽرول ڪري سگھينءَ، ۽ هاڻي پڇتائڻ کان سواءِ تو وٽ بچيو ڇا هي، ڇوڪري آ ته ڪنهن جي غرض نه ٿي ڪڍي، رات رات تائين گھر کان ٻاهر الائي ڪٿي گھمندي ٿي رهي، ڪڏهن فلاڻي سهيلي جي پارٽي آ، فلاڻي جي شادي ۾ وئي هئس، ڇوڪرو آ ته نِس پِس پيءُ وارا پير کنيا اٿس. سڄو سڄو ڏينهن رولو ڇوڪرن جي سنگت ۾ پڙهڻ کان ته صفا جواب ڏئي ڇڏيو اٿس ننڍي ۾ ڪجهه آسرو هو، پڙهڻ جو شوق هوس پر هاڻي ڏسو ته اهو به سڄو ڏينهن انهي ڪمپوٽر تي راند جي بلي آ.
اهو ٻڌي مريم جيڪا ڌيءَ جا ٻلتار ٻڌڻ کانپوءِ ڀري ويٺي هئي روئڻ لڳي، روئندي،
”امان توکي مامي مراد خان ڪيڏو سمجھايو ته ادي اڻ ڏٺي مٽي نه ڪر، اسان ڳوٺاڻا شهر وارن سان نه پڄي سگھنداسين، پر توکي رحمان ۾ الائي ڇا نظر اچي ويو، جھٽ کڻي مون کي ڦاسايئي.“
”امڙ مونکي الائي ڪهڙي نانگ کاڌو، ڪهڙي خبر هئي ته شهر ۾ رحمان ڪنهن ٻيءَ جي چڪر ۾ آهي، مون ڳالهه ڪئي مانس ته جھٽ راضي ٿي ويو. ماءُ جي ڪاوڙ جي به پرواهه نه ڪيائين. مون به سوچيو ته هڪڙي سڪيلڌي ڌيءَ اٿم شهر ۾ پرڻجي ويندي ته عيش ڪندي.“
”هن سنڌيا جون پــِٽون اهڙيون لڳيون جو مڙس ته سُک ڪونه ڏنو پر اولاد به جيءَ جو جنجال بنجي ويو آهي.“
”ڇا ڪجي هنن شهري ماڻهن تي ته دعا تعويذ به اثر ڪونه ٿو ڪري، ڪهڙا جهد پِٽيا ٿئون. انهي پِٽيءَ سنڌيا مان رحمان جي جند ڇڏائڻ لاءِ.“
”امان سنڌيا ويچاري جو ڪهڙو ڏوهه، رحمان ته پاڻ سندس جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو هو.“
اهو ٻڌي شهربانو نڪ کي موڙو ڏئي چوي ٿي،....
”بس مائي بس توکي وري ان نڀاڳي سنڌيا سان اچي همدردي ٿي آهي.
”امان.....! ان ۾ سنڌيا جو ڪهڙو قصور، رحمان ته سڀ ڪجهه جوا ۽ شراب ۾ برباد ڪري ڇڏيو...... اهو ته سڀ وڃي ڍنڍ ۾ پوي مون کي ته نينا جي ڳڻتي اچي ورايو آهي، الائي ڪهڙا پير کنيا اٿس.“
”رات رحمان اچي ته ان کي سندس اولاد جي افالن جي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائينس، نه ته موچڙا وري تون کائيندينءَ.“
”رحمان ڇا ڪندو..... ان کي شراب ۽ بدمعاشين مان فرصت ملي ته گھر کي به ڏسي. هينئر رات جا ٻارنهن پيا ٿين، آهي ڪو هڪڙو به گھر ۾ پيدا.“
ان وقت نينا ٺڪ ٺڪ ڪندي اندر اچي ٿي ۽ سڌو پنهنجي ڪمري ۾ هلي وڃي ٿي.
گلبانو جنهن کي سڪيلڌي پُٽ جي پاڻ کان جدا ٿيڻ اڳ ۾ ئي جھوري وڌو هو ۽ وقت کان اڳي ئي ضعيفي اچي ورايو هوس، ويتر جو پوٽاڻ خاص ڪري نينا جي ائين بگڙجڻ جون خبرون ڪن تي پيس، ان ته صفا کٽ وٺرائي ڇڏيس. مريم وارا جڏهن کان گھر مٽائي پوش علائقي ۾ وڃي رهيا هئا مهينن ۾ به مشڪل سان ڪڏهن چڪر هڻندا هئا نه ته کين ياد به ڪونه هوندو هو ته سندن ڪا ماءُ ڀيڻ به آهي جيڪا هر دم سندن اوسيئڙي ۾ هوندي. ان ڏينهن به اچانڪ گل بانو جي طبيعت گھڻي خراب ٿي وئي ته چند گھڙين لاءِ ڌارين جيان اچي کيس ڏسي هليا ويا.

فواد ۽ نينا ڏينهون ڏينهن گھر کان لاتعلق ۽ پنهنجي اوباش ۽ بيڪار قسم جي سنگت ۾ وقت گذارڻ لڳن ٿا. گھر ۾ ڪنهن جي به ڪا ڳالهه مٿن ڪو اثر نه ٿي ڪري .ان ڏينهن به نينا حسبِ دستور گھران تيار ٿي نڪري ٿي ته ماڻس جي ٽوڪڻ تي هن سان جھڙپ ٿي وڃي ٿي. مريم اولاد هٿان روز روز جي بيعزتي سهي سهي همٿ هاري ويٺي آهي.

”وقاص مان امي ۽ ناني جي روز روز جي ڪِر ڪِر کان بيزار ٿي وئي آهيان، هوڏانهن ابو آ ته ان کي پنهنجي عياشين مان ئي فرصت ناهي جو اولاد جي ضرورتن کي به ڏسي.“
”سچ ٿي چوين نينا..... انڪل ته پنهنجي ئي عياشين کان واندو ناهي، فواد کي پنهنجي اوباش سنگت مان فرصت ناهي.“
”ان ڪري اڄ مان فيصلو ڪري آئي آهيان ته اسان کي ڪورٽ ميريج ڪرڻ کپي. مان هاڻي هن عذاب گھر ۾ مزيد هڪ گھڙي به گذارڻ جي روادار ناهيان وقاص ڪنهن طرح سان کيس ان آٽي تان ڌيان هٽائي ٿو.

شهربانو نينا جي وڃڻ کان پوءِ ٻاهر لائونج ۾ اچي ويهي ٿي مريم جي ڌيءَ سان جھڙپ کان پوءِ موڊ سخت خراب آهي، شهر بانو کي به الائي ڪهڙي کُٽي کڻي ٿي جو پڇيس ٿي،
”مريم هڪڙي ڳالهه ته ٻڌاءِ، رحمان سڀ زمينون وڪڻي پئسا اڏائي ڇڏيا، وري ڪيتري وقت تائين هو سنڌيا کي پٽيندو رهيو، هوءَ به جان ڇڏائي الائي ڪهڙي ٻاهرين ملڪ هلي وئي..... پوءِ اچانڪ ڪٿان ايڏي دولت هٿ اچي ويس جو ننڍو گھر وڪڻي هي وڏو گھر وٺي ڏنائين، اهو به اديءَ وارن کان پري......“
”امان تون به..... چيائين پئي ته بئنڪون ايڊوانس پگھارون منهنجو مطلب آهي ته قرض پيون ڏين اهي ورتا اٿائين.“
”الائي مائي....... مون کي ته تنهنجي مڙس تي ڪو اعتبار ڪونهي، الائي ڪڏهن ڪنهن کي لُٽي ڦُري وٺي.“
اهو ٻڌي مريم جيڪا اڳ ۾ ئي تتي ويٺي هئي سڄي باهه ماءُ مان ڪڍندي،
”بس امان بس... تون ته رحمان جي پويان هٿ ڌوئي پئجي وئي آهين. جڏهن چيائين ته بئنڪ مان قرض ورتو اٿم ته ورتو هوندائين.“
”پر رحمان ته چيو پئي ته ٻه سال وڃي رهيا آهن رٽائري ۾.... پوءِ هي ايڏو وڏو قرض لاهيندو ڪيئن، هتي ته گھر لکن ۾ ٿا ملن.....“
اهو ٻڌي مريم کي چڙ وٺي وڃي ٿي،
”امان ورتو اٿس ته لاهيندو به پاڻ اسان ڇا لاءِ ويٺا پريشان ٿيون.“
”الائي مائي ائين نه ٿئي ته اها مٿي ڇانو وري بئنڪ وارا ليلام(نيلام) ڪري اسان کي آڻي رستي تي ڇڏين.....“
”امان تون به پاڻي کان اڳي......“
اهو ٻڌي شهربانو ڪاوڙ مان اٿي اندر هلي وڃي ٿي.



وقت جو چرخو پنهنجي رفتار سان ڦري رهيو هو. هڪ ڏينهن رحمان پنهنجي شاندار آفيس ۾ ويٺو معمول جا فائيل صحيح ڪري رهيو هو ته فون جي گھنٽي وڄي ٿي. فون کڻي ٿو ته ٻئي طرف اينٽي ڪرپشن جو سرڪل آفيسر سرفراز ڳالهائي پيو.
”سرفراز صاحب توهان جو ڪم ڪري ڇڏيو آهي ۽ توهان لاءِ لفافو به موڪلي ڇڏيو آهي.“
”اهو ته ٺيڪ آهي پر.... توهان کي هڪ اطلاع ڏيڻو هو....“
”ڪهڙو اطلاع....!“
”سوري رحمان صاحب توهان لاءِ ڪا سٺي خبر ناهي.... پر مان ان سلسلي ۾ ڪجهه به نه ٿو ڪري سگھان.... منهنجو مطلب آهي ته.... مان توهان جي ڪابه مدد نه ٿو ڪري سگھان، هيڊ آفيس مان هڪ ٽيم نڪتي آهي......“
”ٽيم....! ڪهڙي ٽيم.....“
”توهان جي خلاف هيڊ آفيس ۾ ڪافي شڪايتون پهتل هيون، ٽاريندا پئي آياسين ليڪن ڪنهن ماڻهوءَ اهڙا پڪا ثبوت پيش ڪيا جن کي... نظر انداز ڪرڻ ممڪن نه هو....“
”ليڪن اسان ته هميشه توهان جو پورو پورو خيال پئي رکيو پوءِ به توهان..“
”بس مان توهان لاءِ ايترو ڪري سگھان ٿو جو توهان کي بروقت اطلاع ڏنو، ٽيم رواني ٿي چڪي آهي. وارنٽ سميت، توهان جي گرفتاري لاءِ، توهان جيترو ٿي سگھي جلد روپوش ٿي وڃو.“
سرفراز اڃان ڳالهايو پئي ته دروازو کلي ٿو ته اهو ڏسي رحمان جي چهري جو رنگ اڏامي وڃي ٿو، اکيون ڦاٽي وڃنس ٿيون، دروازي ۾ اينٽي ڪرپشن ٽيم داخل ٿئي ٿي.....
هڪ آفيسر رعبدار آواز ۾،
”مسٽر رحمان..... توهان آهيو......؟“
رحمان پاڻ سنڀالڻ جي ڪوشش ڪندي،
”جي.... جناب..... مان ئي رحمان آهيان .... حڪم.“
”توهان جي خلاف اسان وٽ گرفتاري جا وارنٽ آهن.....“
”ليڪن سائين....“
”ڏسو رحمان صاحب اسان توهان کي بغير هٿڪڙي جي وٺي وڃي رهيا آهيون. توهان کي صفائي جو پورو پورو موقعو ڏنو ويندو....“
”پر.... سائين منهنجي به ته ٻڌو....“
”ڏسو توهان اسان کي سختي ڪرڻ تي مجبور نه ڪيو پليز....! توهان جي خلاف اسان وٽ مضبوظ ڪيس ٺهيل آهي. توهان کي جيڪو ڪجهه چوڻو آهي ڪورٽ ۾ چئجو.“
رحمان خاموش ٿي وڃي ٿو ۽ هنن سان گڏجي ٻاهر هليو وڃي ٿو.
فون جي گھنٽي وڄي ٿي ته مريم وڃي فون کڻي ٿي، فون تي جيڪو ڪجهه ٻڌي ٿي ته هن جون وايون بتال ٿي وڃن ٿيون، منهن جو پنو لهي وڃينس ٿو. شهربانو سندس حالت ڏسي تڪڙي تڪڙي سندس ويجھو اچي ٿي.
”ڇا ٿيو آ رحمان کي......؟“
سڄي ڳالهه ٻڌائيس ٿي:
”هئي مٺيس مان به چوان هن وٽ ايترو قارون جو خزانو ڪٿان اچي ويو جو ائين ڇپر ڦاڙي پيو خرچ ڪري... ادي گل بانو ٻڌندي ته ان جو ته هيانو ڦاٽي پوندو.“
”امان اسان کي پنهنجي، توکي وري ادي جي ڳڻتي اچي ورايو آهي“
”مائي تون به ڪا صفا چري آهين.... هن گھڙي ۾ اسان جو ڪير آهي جو ڀڄ ڊڪ ڪندو، هو پڙهيون لکيون آهن، ڇوڪرو جاويد آهي.... ڪو نه ڪو هٿ پير هڻي وٺندا....؟“
”ها واقعي اهو ته آهي، پوءِ فون ڪيان.....؟“
”نه... هلون ٿا اوڏانهن پوءِ جيڪا صلاح بيٺي.“
نومي کي ساڻ ڪري رڪشا ڪري شمس وارن ڏي وڃن ٿيون.
اڄ صبح کان گل بانو جي طبيعت گھڻي بيقرار هئي نه نيرن ڪيائين بس زوري هڪ بسڪيٽ ۽ چانهه جا ٻه ڍڪ پي سگھي، شمسه کيس دوا پياري سمهاري ٻاهر نڪري آئي ته گھر جي بيل زور سان وڄي ٿي، شمسه اتان ئي رڙ ڪري.... آهسته.... اچان پئي...“
دروازو کولي ٿي ته مريم ۽ شهربانو نومي اندر اچن ٿا، هو سڀ سخت پريشان نظر اچي رهيون آهن... کين اهڙي حالت ۾ ڏسي شمسه به پريشان ٿي وڃي ٿي،
”ڇو....؟ ڇا ٿيو آ... رحمان ته ٺيڪ آ نه، نينا فواد ته خير سان هِن نه..... ايڏي ٽاڪ منجھند جو پنڌ پيا آهيو......“ يڪ ساهي کوڙ سارا سوال ڪري وٺي ٿي.
”ها.... امان پهرين ته فون پئي ڪيائين پر مون چيومانس ته فون تي ڳالهه ڪرڻ جي ناهي، اتي هلي ٿا صلاح ڪيون.“
”چاچي خير ته آهي نه.....“
مريم روئڻهارڪي ٿي، ”آپا، آپا.... هو رحمان کي....“
”ڇا ٿيو آ رحمان کي.... مريم پليز ٿورو آهسته ڳالهايو... امان کي هينئر هينئر ننڊ جي گوري کارائي سمهاري آئي آهيان.“
”پڦو ابو جي آفيس مان فون آئي هئي ته.....“
شمسه ڳالهه ڪٽيندي.....
”ڇا ٿيو آ رحمان کي ٻڌايو ڇو نه ٿيون.....“
”آپا رحمان کي اينٽي ڪرپشن پوليس گرفتار ڪري وٺي وئي آ.....“
شمسه حيران ٿي.....
”گرفتار.....؟ پر ڇو.... ڇا ڪيو اٿس..... مائي اسان کي ته ڪنهن ڳالهه جي خبر به ڪونه ٿي پوي.... وڌيڪ ڪجهه ٻڌاين ته هن کي ڪهڙي ڏوهه ۾ وٺي ويا آهن.“
آفيس وارن ٻڌايو ته پنجاهه لک روپين جو غبن ٿيو آهي جنهن جو سڄو الزام رحمان تي آيو آهي.“
”مون کي پهرين ئي ڊپ هو.... رحمان جيڪي پير کنيا هئا.... ان جو انجام اهوئي ٿيڻو هيو. پهرين ابي ڏاڏي جون زمينون هڙپ ڪيائين، پوءِ اچي سنڌيا کي لڳو ان جا زيور پگھارون بليڪ ميل ڪري هڙپ ڪندو ويو، هوءَ ڪنهن نموني جان ڇڏائي الائي ڪيڏانهن منهن ڏئي هلي وئي ته آخر آفيس کي به نه ڇڏيائين جتان روزي روٽي جو آسرو هو.“
آواز تي نجمه به ڪمري مان نڪري آئي ۽ اهي ڳالهيون ٻڌي وائڙي ٿي وئي، مريم چپ چاپ سڀ ڪجهه ٻڌندي رهي ٿي،
”ٺيڪ آ تون فڪر نه ڪر مان جاويد کي فون ڪيان ٿي ته ڪنهن وڪيل سان ڳالهائي.“
هنن اهي ڳالهيون پئي ڪيون ته آوازن تي گل بانوءَ جي اک کلي وڃي ٿي ۽ سڀ ڳالهيون ٻڌي وٺي ٿي. هن کي دل ۾ ٻيهر تڪليف ٿئي ٿي، نجمه جيڪا فون ڪرڻ لاءِ سندس ڪمري جي ڀرسان گذري ٿي ته زور زور سان سهڪڻ جا آواز ٻڌي اندر وڃي ٿي ۽ ماءُ کي رڙ ڪري ٿي ته هيڏانهن اچو ناني امان کي الائي ڇا ٿي ويو آهي، سڀئي ڊوڙنديون اندر اچن ٿيون، نجمه پهرين جاويد کي فون ڪري ٿي ۽ پوءِ ايمبولنس سروس کي، ايمبولنس اچڻ تي کيس اسپتال وٺي وڃن ٿا. اتي ايمرجنسي ۾ ڊاڪٽر کيس اٽينڊ ڪن ٿا.
شمسه زارو قطار روئي رهي آهي، دعا لاءِ هٿ کڻي،
”يا رب....! منهنجي امڙ منهنجي اڪيلاين جي واحد ساٿياڻي، کيس وڏي ڄمار عطا ڪر، منهنجا مولا...! هوءَ پنهنجي اڪيلي پٽ جي ڏک ۽ بيعزتي کي برداشت ڪري نه سگھي، رحم ڪر منهنجا مالڪ رحم ڪر...“
ان ئي وقت ڊاڪٽر ٻاهر اچي ٿو سندس چهري تي مايوسي ڇانيل آهي، سڀئي هن ڏي وڌن ٿا ۽ سواليه نگاهن سان کيس نهارن ٿا.
”آءِ ايم سوري مسٽر..... امان ٻيو اٽيڪ برداشت ڪري نه سگھي.“
اهو ٻڌي سڀئي روئن ٿيون.
گل بانو جي انتقال تي جاويد وڏي جدوجهد کان پوءِ وڪيل جي معرفت رحمان جي ضمانت ڪرائي ٿو، ڪفن دفن کان پوءِ رحمان ڪرائي تي ڏنل پراڻي گھر ۾ شفٽ ڪري اچي ٿو، سندس بنگلو سرڪار سيل ڪري ڇڏي ٿي ۽ سندس گاڏي ۽ گڏ ڪيل اثاثا سڀ پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏي ٿي. هو شرمسار ۽ پشيمان ڪمري ۾ ويٺو آهي، مريم ٽري ۾ چانهه کڻي اچي ڀرسان رکيل ميز تي رکي ٿي، کيس ائين اداس ويٺل ڏسي دلداري ڏيندي چويس ٿي،
”رحمان ڏس خدا جي اها مرضي هئي، تون پاڻ کي انجو ذميدار ڇو ٿو سمجھين.“
”مريم مان ڪيڏو نه بدنصيب آهيان، اهڙي شفيق ماءُ جنهن بابا کان پوءِ اسان کي پيءُ بنجي پاليو، جڏهن اسان کي پنهنجي ئي گھر مان لوڌي ڪڍيو ويو ته ڪراچي اچي ننڍي وڏي نوڪري ڪري اسان کي پڙهايو ۽ مان ئي سندس موت جو ڪارڻ بنجي ويس... لعنت هجي اهڙي اولاد تي....“
”ڏس رحمان...! چاچيءَ جي روح کي خوش ڪرڻ لاءِ تون به هاڻي سهي راهه تي اچ ته تنهنجي سڀني زيادتين جي تلافي ٿي ويندي. هاڻي وڌيڪ سوچي پاڻ کي هلاڪ نه ڪر، اچي هي چانهه پي... ته ڪجهه دماغ تان بار گھٽ ٿيئي.“
رحمان کانئس چانهه جو ڪوپ وٺي ٿو.


هر طرف اداسي ڇانيل هئي شمسه ماءُ جي يادگيرين ۾ گم پنهنجي ڪمري ۾ سندس تصويرون کنيو ويٺي آهي، سندس ڀرسان نجمه ۽ شهربانو اداس ويٺيون آهن شمسه هڪ فوٽو کڻي اکين سان لائي چمي ڏئيس ٿي ۽ روئڻ لڳي ٿي، شهربانو سندس کي ڳراٽڙي پائي پرچائيندي،
”اهو سڀ منهنجي ڪري ٿيو، مريم ته چيو ته فون ڪري توهان کي ٻڌائي، پر مون اڀاڳڻ بي عقل چيس ٿه اوڏانهن ٿا هلي صلاح سباب ڪيون، نه اچون ها نه ادي ڪجهه ٻڌي ها نه ائين اسان کان جدا ٿئي ها.....“
”ناني بس قدرت کي بهاني جي ضرورت هوندي آهي ۽ اهو ٺهي ايندو آ....“
نجمه نير وهائيندي چوي ٿي.
شمسه روئيندي،
”پڇاڙي ۾ امان رحمان ۽ ان جي اولاد جو صدمو سهي نه سگھي، نينا ۽ فواد جون ڳالهيون ٻڌي وڃي کٽ ورتائين، رهي سهي ڪسر رحمان جي گرفتاري پوري ڪيس.“
”جيڪا رب منهنجي جي رضا، انسان ويچارو ان جي حڪمن آڏو بي وس آ... قسمتون ٺاهي به پاڻ ته ڊاهي به پاڻ..... جيئن اسان جي ڪرمن ۾ لکيائين اهو اوس لوڙڻو آ.......“








سنڌيا کي اسلام آباد آئي ڪئي ورهيه گذري ويا آهن هن ڪراچي کان هتي ايندي سوچيو هو ته هو ماضي جي هر ياد کي هر واقعي کي هڪ ڀيانڪ خواب سمجھي وساري ڇڏيندي، پر اها سندس خام خيالي هئي، ماضي جون خوفناڪ ۽ المناڪ يادون هر وقت زهريلا نانگ بنجي کيس ڏنگينديون رهنديون هيون، هوءَ جيون جي راهن تي هڪ سزا بنجي هلندي رهي، ائين ياد ماضي هن لاءِ هڪ مسلسل عذاب بنجي وئي هئي، اداسيون هن جي اکين ۾ واهيرو ڪري ويهي رهيون هيون، بس هلندي پئي وئي انهن راهن جي اداسين ۾ تنها تنها. جنهن ڏينهن ڪا موڪل هوندي هئي ان ڏينهن وقت ڪاٽڻ هن لاءِ هڪ امتحان بنجي ويندو هيو، الهڙ پڻي جي هڪ غلطي جنهن کي هوءَ غلطي نه پر گناهه سمجھندي هئي. ان جي سزا جي طور هن پاڻ کي هر خوشي، هر تفريح .کان دور ڪري ڇڏيو هو.
اڄ به موڪل جو ڏينهن هو. هن سان گڏ رات جو رهڻ واري ڇوڪري تانيه صبح جو پنهنجي هاسٽل هلي وئي هئي، سنڌيا ناشتي کان پوءِ وري اچي ليٽي پئي، ناشتو دير سان ڪرڻ جي ڪري هن بورچي کي شام تائين جي ڇٽي ڏئي ڇڏي هئي، پاسا ورائيندي سخت بيزار ٿي وڃي ٿي ته ڪمري مان نڪري ٻاهر ورانڊي جي ڏاڪڻين جي ڀرسان ڪرسي تي اچي ويهي ٿي، مجھند کان ئي آسمان تي ڪڪر ڇانيل هئا ۽ هينئر شام ٿيندي ئي ڄڻ ته انڌيرو ڇانئجي ويو، رکي رکي کنوڻ چمڪاٽ ڪري رهي هئي، لڳي پيو ته تيز برسات پوندي ۽ پوءِ رات ٿيندي ئي هڪدم ڏاڍي زوردار برسات وسڻ لڳي، پهاڙي علائقن جي برسات ڏاڍي خوبصورت هوندي آهي تيز هوائن سان اچانڪ ڏاڍي ڀرپور انداز ۾ ايندي آهي ۽ گھڙي پل ۾ جل ٿل ( ) ڪري هڪدم بند ٿي ويندي آهي ۽ خاموشي ڇانئجي ويندي آهي جيئن ڪو اچانڪ بي اختيار ٿي زور زور سان کلندي شرمسار ٿي چپ ٿي وڃي. شام جو منظر ڏاڍو وڻندڙ ۽ دل لڀائيندڙ هو. ڪيتري عرصي کان پوءِ هوءَ آرام ڪرسيءَ ۾ ويهي مسحور ڪُن انداز ۾ برسات کي وسندو ڏسي رهي هئي، سامهون واري عمارت جي جھڪي جھڪي پوندڙ روشني ۾ مينهن جا ڦڙا انڊلٺي رنگن جيان چمڪي رهيا هئا. هوا جي جھوٽن سان گڏ ڦوهار دروازي جي اندر اچي رهي هئي ۽ سندس چهرو وار ۽ ڪپڙا ڀڄي رهيا هئا. ليڪن هوءَ دنيا و مافيها کان بي خبر خيالن ۾ گم ويٺي رهي، کيس اها به ڄاڻ نه پئي ته ڪيڏي مهل ڪُڪ آيو ڪيڏي مهل رات جي ماني تيار ڪيائين، هوش تڏهن آيس جڏهن تانيه واپس موٽي آئي ۽ کيس ائين بيخبر ڏسي کيس چيائين ته:
”سنڌيا ميڊم اتي ئي ويهي ويا آهيو، سچ پڇو ته اڄ توهان هن عالم ۾ ڏاڍا پيارا پيا لڳو، مون عرصي کان پوءِ توهان کي ائين ڏٺو آهي ڄڻ ڪنهن سحر وڪوڙي ورتو هجيو.“
تانيه جو آواز ٻڌي هوءَ خيالن جي دنيا مان واپس اچي وڃي ٿي ۽ هڪ بي اختيار مرڪ سندس پروقار چهري تي ڇانئجي وڃي ٿي. هوءَ سست قدمن سان اٿي تانيه سان گڏ اندراچي ٿي، ان وقت موبائيل جي گھنٽي وڄي ٿي کڻي ٿي ته احمد کيس ٻڌائي ٿو ته هنن جي بڪنگ ٿي وئي آهي ٻن ٽن ڏينهن ۾ پهچي وينداسين. اهو ٻڌي ٿوري وقت لاءِ اطمينان جي جھلڪ سندس چهري تي ڇانئجي وڃي ٿي.
رابعه ڪومل، شوڪت علي ۽ احمد وارن سان گڏ معمول موجب وئڪيشن گذارڻ اسلام آباد آيل آهي، هو سڀ شام جي چانهه تي سنڌيا جو انتظار ڪري رهيا آهن، ته سنڌيا آفيس کان موٽي ٿي، هوءَ اڄ ڪافي ٿڪل لڳي رهي آهي اچڻ سان پيءُ کان پڇي ٿي،
”بابا توهان سڀ ڪيڏانهن گھمڻ نه ويا آهيو، مونکي ته ڪمن مان فرصت ملندي ڪونه.....“
احمد کيس ايترو ٿڪل ڏسي دکي ٿي وڃي ٿو، ته اسان جي نازڪ نفيس ننڍڙي ڀيڻ پنهنجو پاڻ کي ائين وڃائي رهي آهي ڏسندي ڏسندي هوءَ پنهنجي عمر جي اها سرحد پار ڪري وئي آهي جنهن ۾ سوين ارمان هوندا آهن. ڀرپور زندگي گذارڻ جي تمنا هوندي آهي، هن ڇوڪري کي الائي ڇا ٿي ويو، هر خوشي هر امنگ ۽ آرزوئن کان ائين منهن موڙي ڇڏيائين ڄڻ اهي هن جي حصي جا هئا ئي ڪون. ڏکاري انداز ۾ چويس ٿو،
”ويا هئاسين.... صبح جو ناشتو ڪري سڀ نڪري ويا هئاسين، بس هميشه جيان توکي ڏاڍو مِس ڪيوسين. ٻار هن دفعي ان ڪري نه آيا جو اچڻ مهل گھڙي گھڙي چون پيا پڦو اسان سان ڪڏهن به ڪمپئي ناهي ڪندي. اڳ ۾ ته ننڍا هوندا هئا هاڻي ته ذري گھٽ تو جيڏا اچي ٿيا آهن ان ڪري فيل ٿا ڪن.“
”بس ڪجهه وقت لڳندو نئون نئون پروموشن ٿيو آهي ٿورو ڪم کي سمجھڻ ۾ ڏکيائي پئي ٿئي، پوءِ ڪجهه ڏينهن جي ڇٽي ڪري سڀني کي ڪمپني ڏبي ته شڪايت نه رهندي.“
”ها توهان سان هڪڙي ڳالهه ڪرڻي آهي، اسان جي آفيس ۾ هڪ ڊپٽي ڊئريڪٽر سليڪٽ ٿي آيو آ مسٽر حنان.... منهنجي پروموشن کان پوءِ هن جي منهنجي سيٽ تي سليڪشن ٿي هئي،..... ڳالهين ڪندي توهان جو ذڪر نڪتو ته بضد ٿي ويو ته اڄ رات هن جي طرفان توهان سڀني جي ڊنر آهي، گھڻو ئي منع ڪيومانس پر اهڙو ضد ڪري ويٺو جو.....“
اهو ٻڌي رابعه اڌ ۾ ڳالهه ڪٽيندي چويس ٿي ته هن ته ڪُڪ کي رات جي ماني ٺاهڻ لاءِ چئي ڇڏيو آهي ۽ هن ٺاهڻ شروع به ڪري ڇڏي آ.
اهو ٻڌي شوڪت چويس ٿو ته هيئن ڪر کيس فون ڪري منهنجي طرفان چئو ته اڄ هو اسان سان هتي اچي ڊنر ۾ شامل ٿئي. اسان اڃان هتي آهيون ڪجهه ڏينهن لاءِ، پوءِ سندس دعوت به کائي وٺنداسين.“
انهي وقت سنڌيا جو موبائيل وڄي ٿو..... ٻئي طرف حنان آهي،
”ميڊم پوءِ اڄ جو پروگرام پڪو آهي نه، مان ٽيبل بڪ ڪرائي ڇڏيان.“
”نه مسٽر حنان..... اڄ ته بلڪل به نه..... هيئن ڪيو..... بابا جن جو حڪم آ ته اڄ توهان اسان وٽ ڊنر ڪري رهيا آهيو..“
”ميڊم اهو وري ڪيئن ٿيندو.....“
احمد سنڌيا کان موبائيل وٺي،
”مسٽر حنان مان احمد، سنڌيا جو ڀاءُ پيو ڳالهايان..... توهان خود هتي پرديس ۾ آهيو.... ان ڪري اڄ رات اسان سان ڊنر پيا ڪيو.... اوڪي....“
”ٺيڪ آ..... توهان جنهن پنهنجائپ واري انداز سان سڏيو آ ته انڪار جي گنجائش ڪٿي ٿي رهي.“
”ته پوءِ ملون ٿا ڊنر تي.... ائڊريس ته توهان کي معلوم هوندي .....“
”جي.... جي ها.“
فون بند ٿيڻ کان پوءِ شوڪت علي سنڌيا کان پڇي ٿو، ”هي حنان ڪٿان آيو آهي.“
”بابا ڇهه مهينا کن ٿيندا، جيئن منهنجو پروموشن ٿيو ته ڊي ڊي جي جاءِ خالي ٿي ۽ هي سنڌ جي ڪوٽا تي ڪراچي کان ويجھو ڪنهن ڳوٺ مان هتي آيو آهي.“
اهو ٻڌي احمد ٻڌائي ٿو ته هو گفتگو مان ته ڪافي مهذب پئي لڳو.... خير ڊنر تي ملون ٿا.
شام جي وقت حنان سنڌيا وارن سان ملڻ اچي ٿو ته چوڪيدار اچي ٻڌائي ٿو، شوڪت علي کيس اندر وٺي اچڻ لاءِ چوي ٿو ڪجهه دير کانپوءِ هن سان گڏ هڪ پنجٽيهن ڇٽيهن ورهين جي لڳ ڀڳ هينڊسم مردانه وجاهت سان ڀرپور پينٽ شرٽ پهريل شخص اندر اچي ٿو. هن جي شخصيت ڪافي متاثر ڪندڙ آهي، ڪومل کي ته پهرين نظر ۾ ئي ڪافي پسند اچي ٿو. سڀئي سندس آڌرڀاءُ لاءِ اٿي ساڻس ملن ٿا، شوڪت علي ملندي ڏاڍي اڪير مان چويس ٿو،
”پرديس ۾ جي پنهنجي علائقي جو ڪو ماڻهو ملي وڃي نه ته ان سان ملي دل کي عجيب سڪون ۽ فرحت محسوس ٿيندي آهي“
احمد ساڻس ملندي پيءَ جي ڳالهه کي مڪمل ڪندي،
”ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ ڪو پنهنجو ملي ويو هجي.“
هنن جو پر خلوص انداز ڏسي حنان تمام گھڻو متاثر ٿئي ٿو،
”۽ سائين منهنجي ڪيفيت به بلڪل اهڙي ئي آهي..... مئڊم سنڌيا سان ته گذريل ڇهن مهينن کان ملڻ ٿيندو رهندو آهي، پر توهان سان فون تي ڳالهائڻ کانپوءِ دل چوي پئي ته ان وقت ئي هليو اچان، پر حجاب مانع هو.“
شوڪت علي سندس دل رکندي،
”هليو اچين ها پُٽ ڇا جو حجاب.....“
انهي وقت سنڌيا فريش ٿي پنهنجي ڪمري کان لائونج ۾ اچي ٿي 43-44 ورهين جي سنڌيا جيڪا پنهنجي خوبصورت جسماني ساخت ۽ چهري تي متانت ۽ بردباري جي گڏيل امتزاج جي ڪري پنهنجي عمر کان ڪئي سال ننڍي لڳندي آهي، آف وائيٽ سلڪي لباس ۽ بغير ڪنهن سجاوٽ سينگار جي هوءَ ايتري ته پروقار لڳي رهي هئي جو حنان مٿائنس نگاهه هٽائڻ وسري وڃي ٿو، ڪومل چور نظرن سان سندس چهري جي تاثرات جو جائزو وٺي زير لب مسڪرائي رهي آهي. آخر هن کان رهيو نه ٿو ٿئي شرارتي لهجي ۾،
”هيلو مسٽر حنان هن سان ملو.... مس سنڌيا شوڪت علي... توهان جي آفيس باس.....“
حنان اهو ٻڌي شرمسار ٿي وڃي ٿو ته سنڌيا حيرت سان ڀاڀي کي ڏسي خوشدلي سان،
”لڳي ٿو ته ڀاڀي به ڀائو احمد جي رنگ ۾ رنگجندي پئي وڃي، هو چوندا آهن نه....“
ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي ڏئي ٿي حنان اٿي کيس سلام ڪري ٿو.
سنڌيا کيس ويهڻ جو چئي پاڻ به سامهون واري صوفي ٿي ويهندي،
”مسٽر حنان گھر ڳولهڻ ۾ تڪليف ته ڪون ٿي....“
”نه مئڊم آساني سان پهچي ويس.“
ان وقت ملازم اچي ٻڌائي ٿو ته ماني لڳي وئي آهي.
احمد بي تڪلفانه انداز ۾،
”حنان صاحب.... مهمان فرسٽ.....“
اهو ٻڌي حنان سمجھي وڃي ٿو ته وائيف هسبينڊ ڪافي دلچسپ شخصيتون آهن، ان ڪري پاڻ به حجاب کي ڇڏيندي ...
”منهنجي خيال ۾ محاورو ائين ڪونهي.....“
رابعه کلندي ماحول کي وڌيڪ بي تڪلف بنائيندي،
”محاوري کي ڇڏيو حنان صاحب.... اهو ته ليڊيز کي ڪامپليڪس ۾ وجھڻ لاءِ مردن جو اخطراع ٿيل آهي.“
بس آپي بس.... شروع نه ٿي وڃجو حقوق نسوان تي ليڪچر ڏيڻ.... شل نه ڪو استاد ٿئي.... هر هنڌ پڙهڻ پڙهائڻ لاءِ تيار.....“
”۽ تون سدائين جو نڪمو شاگرد، پڙهڻ پڙهائڻ کان لنوائڻ وارو......“
هنن جون اهڙيون ڳالهيون ٻڌي حنان کان رهيو نه ٿو ٿئي،
”انٽريسٽنگ.... ويري انٽريسٽنگ..... احمد سر.....! توهان سان ملي واقعي ڏاڍي خوشي ٿي....“
”بس ڀائو.... پري پري کان ئي خوش ٿيجو..... مون وارو صاحب ڪنهن کي به.....“
شوڪت علي ڪافي دير تائين هنن جون خوش گپيون ٻڌي پاڻ به حظ وٺي رهيو آهي اٿندي چوين ٿو،
”چڱو هلو... ڪهڙي بحث ۾ پئجي ويا آهيو ماني ٿڌي ٿي ويندي...“
”سر اها ته زيادتي آهي..... اڄ مهمان توهان منهنجا ٿيڻا هئا ۽ مهمان زوري مونکي بنائي ڇڏيو.....“
سنڌيا جيڪا هن سڄي عرصي ۾ خاموش سڀني کي ڏسي رهي هئي ان کي حنان مخاطب ٿي چوي ٿو......”ميڊم سنڌيا....! اها زيادتي آ..... خير ڏنڊ ڀربو......“
سڀئي ڊائننگ ٽيبل تي اچن ٿا ۽ خوش گپين ۾ مصروف ٿي وڃن ٿا.