6
”سنڌيا لاسٽ سمسٽر ۾ تنهنجون سڀني کان هائيسٽ مارڪون آيون هيون هن دفعي تياري ڪيئن آهي.“
”بس ڪوشش ڪيان پئي، گھر ۾ مصروفيت جي ڪري هن دفعي منهنجي پڙهائي ڏاڍي متاثر ٿي آهي، پوءِ به ڪوشش ڪندس.“
سندس ڪلاس فيلو ڪاشف اهو ٻڌي چوي ٿو،
”ڪوشش نه هي سڄي گروپ جي عزت جو مسئلو آهي.“
سنڌيا مسڪرائيندي چوي ٿي،
”ها بابا چيم نه ته ڪوشش ڪنديس پر توقعات نه رکڻ گھرجن، ڇو ته پوريون نه ٿيون ته هروڀرو ماڻهو هرٽ ٿيندو آ“
ٻئي گروپ جون ٻيون اسٽوڊنٽس نازيه ۽ سندس ڪجهه ساٿي پري کان اچن پيا،
”يار هنن کي ڏسو، ڪهڙي نه شانِ بي نيازيءَ سان اچن پيا ڄڻ ڪو وڏو معرڪو سرانجام ڏيڻ وارا هجن.“
”ڏسو فيلوز.....! ايڏو فخر ڪرڻ چڱو ناهي، مقابلو تمام سخت آهي....... نازيه تمام ٽيلنٽيڊ اسٽوڊنٽ آهي، سندس پوري اسٽڊي ڪراچي جي نالي واري انگلش ميڊيم انسٽيٽيوٽ ۾ ٿي آهي ۽ اسان سرڪاري ادارن مان پڙهي نڪتا آهيون، مان مڃان ٿي ته نازيه مونکان وڌيڪ هوشيار آهي.“
ڪاشف شڪايتي انداز ۾ چويس ٿو،
”سنڌيا پليز اهڙيون ڳالهيون ڪري تون اسان کي مايوس ته نه ڪر...“
”مايوسي ته ڪفر آهي، مان صرف نازيه جي ٽيلينٽ جي ڳالهه ٿي ڪيان، ثابت ڪرڻو آهي ته اگر سرڪاري ادارن جا اسٽوڊنٽس به دل لڳائي محنت ڪن ته ڪنهن کان به پوئتي نه ٿا رهي سگھن......... ان ۾ همت هارڻ جي بلڪل ضرورت ناهي، بس وڏيون توقعات وابسطه ڪرڻ نه گھرجن.“
رفيه کلندي چوي ٿي،
”ٿي وئي تقرير، بهرحال اسان جون نيڪ تمنائون توسان گڏ آهن،
۽ ها ڪاشف...! سيڪنڊ يا ٿرڊ پوزيشن لاءِ توکي محنت ڪرڻي آهي.“
”او ڪي ميڊم، بس يا ڪو ٻيو به حڪم آهي.“
پارس ٻنهي کي ڇيڙيندي،
”ها سائين....! رفيه بيگم جي خواهش جو ڪاشف احترام نه ڪندو ته مان ۽ سنڌيا ڪنداسين.“
رفيه شرمائجي وڃي ٿي، سندس منهن تي لالاڻ اچي وڃي ٿي. ائين کل ڀوڳ ۾ وقت جو احساس ئي نه ٿو رهي، وقت ڏسي سنڌيا اٿي ٿي ته سندس پوائنٽ بس جو ٽائيم ٿي ويو آهي خوش خوش تڪڙا قدم کڻندي پارڪ جي گيٽ کان ٻاهر نڪري ٿي ته سامهون هڪ ڪار کي ڏسي سندس چهري جو رنگ اڏامي وڃي ٿو، قدم سست ٿي وڃن ٿا پنڊ پهڻ بنجي وڃي ٿي سامهون رحمان گاڏيءَ کي ٽيڪ ڏيو ٻاهر سندس انتظار ڪري رهيو آهي، هن کي ڏسي سندس ويجھو هلندي هلندي اچي ٿو. غور سان سندس حالت ڏسي ٿو ۽ ساڻس گڏ هلڻ شروع ڪري ٿو.
آهسته آواز ۾ چوي ٿو،
”هيلو سنڌيا ڪهڙو حال آ.“
سنڌيا ڪوبه جواب نه ٿي ڏئي بس آهسته قدمن سان هلندي رهي ٿي،
”مون توکان تنهنجو حال پڇيو آهي......... جواب نه ڏنئي.“
سنڌيا ٿورو ڪاوڙ ۾ پر دٻيل لفظن ۾ چوي ٿي،
”ڏس رحمان هي يونيورسٽي آهي.... هتي توکي نه اچڻ کپندو هو.... جيڪڏهن منهنجي ڪنهن ڪلاس فيلو توکي ڏسي ورتو ته خواه مخواه ڳالهه مان ڳالهوڙو ٿي پوندو.“
رحمان مڪارانه انداز ۾ کلي ڏئي ٿو،
”ڪائي ڳالهه ناهي، مان تنهنجو فيانسي آهيان، ائين چئي تعارف ڪرائجانءِ، ائين چوڻ سان تون به گھڻين بي باڪ نظرن جو مرڪز بنجڻ کان بچي ويندينءَ.“
گاڏي تائين پهچي وڃن ٿا، گاڏي جو در کوليندي کيس ويهڻ جو اشارو ڪري ٿو،
”ويهه گاڏي ۾ هرو ڀرو ڳالهه نه وڌاءِ.“
سنڌيا ڪنهن به حالت ۾ رحمان جي گاڏي ۾ ويهڻ لاءِ راضي ناهي، ۽ اڃان جواب ڏيڻ واري هئي ته اسٽوڊنٽس جي هڪ گروپ کي ايندو ڏسي جلدي گاڏي ۾ ويهي رهي ٿي، رحمان گاڏي اسٽارٽ ڪري ٿو، سنڌيا جو بي وسي ۽ ڪاوڙ ۾ منهن ڳاڙهو ٿي وڃي ٿو اکيون آليون ٿي وڃن ٿيون،
”رحمان اهو توهان سٺو نه پيا ڪيو، مون توهان سان شديد محبت ڪئي آهي توهان جو اهو انداز منهنجي تصور ۾ به نه هو. منهنجو ته محبتن تان اعتبار ئي کڄي ويو آهي.“
”بس سنڌيا بس....! مون به توسان بي انتها محبت ڪئي آهي، بلڪه جنون جي حد تائين محبت ڪئي آ، اهو منهنجو جنون ئي ته آهي، جيڪو توتان دستبردار ٿيڻ ئي نه ٿو ڏئي.“
”اها نه ته محبت آ نه جنون بلڪ خودغرضي آهي، جنهن ۾ انسان صرف ۽ صرف پنهنجي مطلب جي باري ۾ سوچيندو آهي، مون کي تنهنجو اهو رويو ڏسي اڃان تائين اهو سمجهه ۾ نه پيو اچي ته محبت آهي ڇا؟ ڇا واقعي ان جو ڪو وجود هوندو آهي يا زندگي جي دلڪشيءَ کي وڌائڻ لاءِ توهان مرد حضرات، رنگين شيشن جي عينڪ طور ان کي استعمال ڪندا آهيو.“
سنڌيا جو لهجو انتهائي تلخ ٿي وڃي ٿو.
”نه سنڌيا ائين نه چئو، مان ننڍي هوندي کان شين ۽ محبتن جي باري ۾ ڏاڍو پزيسِوِ رهيو آهيان، جنهن شيءِ تي هڪ دفعو منهنجو نالو چڙهي ويو ته انهي تان دستبردار ٿيڻ منهنجي فطرت ۾ ئي ناهي.“
”پر مان ڪا شيء ناهيان....... تون هاڻي شادي شده آهين هڪ ٻار جو پيءُ آهين. ان ڪري ما ن توکي التجا ٿي ڪريان، پليز.....! مونکي منهنجي حال تي ڇڏي ڏي.“
”بس سنڌيا.....! ان معاملي ۾ وڌيڪ ڪنهن بحث جي گنجائش ڪونهي ، ۽ دئٽ از فائينل. اڄ کان پوءِ تون پنهنجي سڀني ڄاڻ سڃاڻ وارن ۾ مونکي پنهنجو فيانسي متعارف ڪرائيندينءَ سمجھئي، ۽ اسان هميشه جيان ملندا رهنداسين، زندگي ڀر...... معنيٰ زندگي ڀر...! تون منهنجي لاءِ آهين صرف منهنجي لاءِ ۽ منهنجي لاءِ ئي رهندينءَ.“
بي وسيءَ وچان سنڌيا جي اکين ۾ ڳوڙها تري اچن ٿا، پر ڪجهه به نه ٿي چوي سنڌيا جي گھر وڃڻ وارو رستو اچي ٿو، رحمان گاڏي روڪي ٿو، سنڌيا چپ چاپ دروازو کولي لهي وڃي ٿي، رحمان جي چهري تي فاتحانه مرڪ اچي وڃي ٿي. ۽ گھرين نگاهن سان کيس ويندو ڏسندو رهي ٿو.
•
شمسه پريشان بار بار دروازي ڏانهن ۽ وري گھڙِي ڏانهن نهاري رهي آهي ۽ دل ئي دل ۾ چوي ٿي ته نجمه هينئر تائين گھر ناهي پهتي چيائين پئي ته اڄ مامي سان ايندي، هونئن ته بس ۾ جلدي پهچي ويندي آهي، انهي وقت نجمه ٿڪل ٿڪل اندر داخل ٿئي ٿي، ۽ ٻڌائي ٿي ته ماما جي انتظار ۾ بس به نڪري وئي، ماما به وٺڻ ڪونه آيو، هينئر رڪشه ڪري آئي آهي. اڃان ڳالهه ڪري رهي هئي ته رحمان ڪجهه جھونگاريندو چاٻين جو ڇلو آڱر ۾ ڦيرائيندو خوش خوش اندر داخل ٿئي ٿو، سندس چهري تي عجيب قسم جي فاتحانه مرڪ آهي، گل بانو جي پڇڻ تي ٻڌائي ٿو ته ڳالهه ذهن مان نڪري وئي ته ڪو نجمه کي وٺڻ لاءِ وڃڻو آهي، سڀني کي سوري چئي کلندو پنهنجي ڪمري ۾ هليو وڃي ٿو. شمسه سندس کلڻ جو انداز ڏسي وائڙي ٿي وڃي ٿي ۽ سوچي ٿي ته آخر رحمان ايڏو خوش ڇو آهي ڄڻ ڪو وڏو معرڪو سر ڪيو هجيس، آخر اهڙي ڪهڙي ڳالهه ٿي سگھي ٿي، جو رحمان جو انداز ائين پيو لڳي. ٿوري دير کان پوءِ رحمان ٻاهر اچي ٿوته هوءَ پڇي وٺي ٿي،
”ڇو آفيس ۾ ڪو ڪم هيئي ڇا جو لنچ تي دير ٿي ويئي.“
”نه آپا آفيس مان ته سويل ئي اٿيو هوس، بس رستي ۾ هڪ پيارو دوست ملي ويو، ان سان ڪچهري ۾ دير ٿي وئي،“
شمسه ٽوڪ ڪندي چويس ٿي،
”مان به چوان اڄ تنهنجي انداز ۾ عجيب نموني جي بي خودي آ، ڄڻ ڪا وڏي قيمتي شي هٿ آئي هجئي.“
رحمان ڀيڻ جو طنز محسوس ڪري وٺي ٿو، ٿورو شرمسار ٿي چوي ٿو،
”نه آپا اهڙي ته ڪا ڳالهه ڪونهي توهان به هروڀرو.............“
ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي موضوع مٽائيندي چوي ٿو ته جلدي ماني لڳائن کيس واپس به وڃڻو آهي.
•
سنڌيا جي گھر سنيتا سندس انتظار ڪري رهي آهي ۽ ڪومل سان ڪنهن ڳالهه تي سندس بحث پيو هلي، بار بار پڇي ٿي ته سنڌيا اڄ دير ڪئي آهي، ڪومل کيس چوي ٿي ته اچڻ واري هوندي ڪڏهن ڪڏهن ليٽ ٿي ويندي آهي. ڳالهين ڪندي سنڌيا اندر اچي ٿي سندس چهري تي پريشاني ۽ پشيماني جا گاڏڙ ساڏڙ تاثرات آهن، سنيتا کيس ڏسي تاڙي وٺي ٿي ته پڪ هن سان ڪو مسئلو ٿيو آهي، ڪومل هن کي ايندو ڏسي سنيتا کي چوي ٿي ته ڏس تنهنجي ياد ڪندي ئي سنڌيا اچي وئي، پر سنڌيا هنن جي ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪندي پنهنجي ڪمري ۾ ويندي ڀاڀي کي چوي ٿي ته سندس طبيعت ٺيڪ ناهي ٿوري دير آرام ڪندي، اهو چئي هوءَ ڪمري ڏانهن هلي وڃي ٿي سنيتا به سندس پويان وڃي ٿي.
”ڇا ڳالهه آ منهن جو پنوئي لهي ويو اٿئي.“
”نه اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي، بس ٿڪجي پئي آهيان.“
”ڪجهه ڏينهن پهرين رحمان مليو هو تنهنجو پڇيائين پئي اهڙي کري ٻڌائي مانس جو چپ ٿي ويو.“
سنڌيا بي دلي سان سندس ڳالهه ٻڌي ٿي، ”اڇا............“
”تون پريشان نه ٿي مڙس هوندو ته سمجھي ويندو، چڱو تون آرام ڪر مان هلان ٿي.“
سنيتا جي وڃڻ کانپوءِ سنڌيا دل ۾ چوي ٿي ته، ڪاش! اهڙو چڱو مڙس هجي ها، سنيتا به ڪيڏي سادي آهي کيس ڪهڙي خبر ته مان ڪهڙي بلا کي منهن ڏئي رهي آهيان. بيوسي وچان روئي ڏئي ٿي.
ڪجهه ڏينهن ائين ئي ڪنهن خاص واقعي کانسواءِ گذري وڃن ٿا. هڪ ڏيهن سنيتا نجمه جي گھر وڃي ٿي ۽ ڳالهين ڪندي سنيتا نجمه کان پڇي ٿي ته هوءَ ڪڏهن پئي شادي ڪري، هوءَ کيس ٻڌائي ٿي ته انٽر جي امتحان کان پوءِ شايد .....
”ڀلا مريم يڪو وڃي ڳوٺ رهي پئي آهي، توهان کي ننڍڙي جي سڪ ڪونه ٿي لڳي هاڻي ته ٽن مهينن جو ٿي ويو هوندو.“
نجمه ڪاوڙ جي انداز ۾ چوي ٿي،
”سڪ لڳندي ته ڇا ٿيندو، جڏهن مامي صاحبه جا ساٺ سئوڻ ۽ علاج مالشون پوريون ٿين ته پوءِ وڃي کٽ تان پير لاهيندي.“
سنيتا هن جي ڳالهه تي کلي ڏئي ٿي، نجمه سنڌيا جي باري ۾ پڇيس ٿي ته ٺيڪ ته آهي نه،
سنيتا ڪاوڙ جي انداز ۾ چوي ٿي،
”تنهنجو ماما صاحب کيس پريشان ڪرڻ ڇڏي ته ٺيڪ ٿئي نه.“
”ڇو ڇا ڪيو آ ماما..........“
”ڪڏهن يونيورسٽي پهچي ٿو وڃي ڪڏهن کيس فون ڪري پريشان ٿو ڪري، اها ڪا سٺي ڳالهه آهي.“
”نه، نه، اهو ڇا پئي چوين..... اهو ڀلا ڪيئن ٿو ٿي سگھي، ڀلا اهو ته ٻڌاءِ ان ڏينهن منهنجي انگيجمينٽ ۾ سنڌيا جو اسان وٽ اچڻ مناسب هو.“
”اهو ته تون پنهنجي مامي صاحب کان پڇ نه..... ان سنڌيا کي ڊيڄاري ڌمڪائي مجبور ڪيو هو ته اها ڪنهن به حالت ۾ فنڪشن ۾ اچي ۽ پوءِ هتي جيڪو ڪجهه ٿيو اهو مون پنهنجي اکين سان ڏٺو.......“
نجمه پشيمان ٿي وڃي ٿي،
”نه سنيتا، اِٽ از ناٽ فيئر ٽو هر“ ..... ماما کي ائين نه ڪرڻ کپي، مان اميءَ کي ٻڌائيندس.“
انهي وقت شمسه اندر اچي ٿي سنيتا اشاري سان نجمه کي منع ڪري ٿي. شمسه اشارو ڏسي وٺي ٿي ۽ سنيتا کان پڇي ٿي ته هوءَ ڪهڙا پئي اشارا ڪري، ڪا خاص ڳالهه آ جيڪا هن کان لڪائي پئي وڃي. سنيتا نٽائي وڃي ٿي ۽ وڃڻ لاءِ اٿي ٿي، هن جي وڃڻ کانپوءِ هوءَ ڌيءَ کان به پڇي ٿي پر هوءَ به ٽاري ڇڏي ٿي.
هاڻي رحمان بي ڊپو ٿي وري سنڌيا سان ملڻ يونيورسٽي وڃي ٿو ۽ جيئن سنڌيا ٻاهر نڪري ٿي ته گاڏي جو دروازو کولي ٿو سنڌيا چپ چاپ گاڏي ۾ ويهي رهي ٿي ته هروڀرو ضد ڪرڻ سان رحمان ڪو انتهائي قدم نه کڻي ويهي، هوءَ گاڏي ۾ ويهي ته ٿي پر رحمان جي ڪنهن به ڳالهه جو ڪو جواب ڏيڻ بدران چپ چاپ سامهون ڏسندي رهي ٿي. رحمان هن کي خاموش ڏسي گاڏي ڊرائيو ڪندي پنهنجي دل جي ڳالهه ٻيهر دهرائي ٿو،
”سنڌيا ڏس مان توسان تمام گھڻي محبت ڪيان ٿو ان ڪري ئي توتان دستبردار ٿيڻ نه ٿو چاهيان، مريم سان شادي ڪرڻ باوجود منهنجي دل ۾ هن لاءِ جاءِ پيدا نه ٿي سگھي آهي، بلڪه مان ڪيئن گذارو ڪيان پيو، اهو صرف مان ئي ڄاڻان ٿو. ڪاش! مان ڳوٺ نه وڃان ها، ليڪن شايد قدرت جي اهائي مرضي هئي ته هوءَ منهنجي ٻارن جي ماءُ بنجي.“
سنڌيا همت ڪندي چوي ٿي.
”ته پوءِ هاڻي ته هوءَ تنهنجي ٻارن جي ماءُ بنجي وئي آهي نه، ته پوءِ آخر تون منهنجي زندگي برباد ڪرڻ جي پويان ڇو پئجي ويو آهين، مونکي منهنجي حال تي ڇڏي ڇو ڪونه ٿو ڏين، مون توسان ڪا شڪايت نه ڪئي، توکي ڪو بليم نه ڪيو، خاموشيءَ سان تنهنجي زندگي مان نڪري ويس. پليز رحمان! ائين نه ڪر مونسان، مان واعدو ٿي ڪريان ته ٻيو ڪوبه ماڻهو منهنجي زندگي ۾ نه ايندو......... مان اطمينان سان پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻ ٿي چاهيان.“
”سنڌيا...! ڇا تون مونسان محبت نه ٿي ڪرين....؟ مون کي صرف ان جو جواب ڏي... ها... يا.... نه.“
”مون توسان بي انتها محبت ڪئي آ، پنهنجو پاڻ کان به وڌيڪ... پر هينئر...
رحمان کيس ڳالهه مڪمل ڪرڻ نه ٿو ڏئي،
”بس وڌيڪ ڪجهه نه.... مونکي اهوئي ٻڌڻو هئو.... مان هاڻي بيحد خوش آهيان، اڳ ۾ ۽ هاڻي جي ڪا ڳالهه ناهي، هاڻي دنيا جي ڪابه طاقت توکي مونکان الڳ ڪري نه ٿي سگھي، سمجھئي. هاڻي تون ڀلي گھر وڃ.. محبت ۾ ماضي حال ۽ مستقبل ناهي هوندو، اها ته بس ٿي ويندي آهي ۽ هميشه لاءِ رهندي آهي، مونکي ڪنهن جي به پرواهه ناهي، تون منهنجي آهين صرف منهنجي.....“
سنڌيا جو چهرو اجھامي وڃي ٿو رحمان ڳالهه جاري رکندي....
”مان صبحاڻي ڳوٺ پيو وڃان مريم کي وٺڻ، هڪ ڏينهن ۾ واپس ايندس، تون اچين ٿي نه انکي ڏسڻ، فواد جيترو منهنجو آهي ايترو ئي تنهنجو به آ.... او ڪي.“
رحمان سنڌيا جي گھر واري رستي جي موڙ تي گاڏي روڪي ٿو هوءَ بنا ڪجهه چوڻ جي لهي گھر واري گھٽيءَ طرف مڙي وڃي ٿي.
رحمان جيئن گاڏي اسٽارٽ ڪري ٿو، ته هڪ شخص کيس هٿ ڏئي ٿو، رحمان غور سان ان ڏي نهاري ٿو ۽ سڃاڻندي گاڏي بند ڪري هيٺ لهي اچي ساڻس گرم جوشي سان ملي ٿو،
”امتياز تون....! يار ڪٿي آهين ورهيه ٿيا توسان ملئي.“
”بس يار تون هليو وئين آمريڪا ته پاڻ به دبئي هليا وياسين، هفتو کن ٿيو آ جو واپس آيو آهيان، اک هڻندي...، ڏي خبر اها حسينه ڪٿان ڦاسائي ٿئي.“
” نه يار ڦاسائي ڪونه اٿم تنهنجي ٿيڻ واري ڀاڀي آهي.“
امتياز ٻئي پاسي گاڏي جو در کولي ويهي ٿو، رحمان ڊرائيونگ سيٽ تي ويهي گاڏي اسٽارٽ ڪري ٿو، امتياز خوشي جو اظهار ڪندي چويس ٿو.
”سچي.... پر مونکي ائين لڳو ڄڻ اسان واري ڀاڀي ڪجهه ناراض ناراض هئي.“
”نه، نه، اهڙي ڳالهه ناهي.....“
”يار ايترن ڏينهن کان پوءِ ملاقات ٿي آهي، هل ته ڪٿي هلي ٿڌو وڌو پيو ٿا.
رحمان گاڏي ڊرائيو ڪندي کانئس پڇي ٿو،
”ڏي خبر ڪا شادي وادي ڪيئي............“
”نه يار توکي ته خبر آ ٻاهرين ملڪن ۾ ڪمائڻ ڪيترو مشڪل ڪم آهي ٻئي ڪنهن طرف ڌيان ئي نه ٿو وڃي........ تون ٻڌاءِ ناراض ڀاڀي صاحبه کي ڪڏهن ٿو راضي ڪرين.“
رحمان ڳالهه کي نٽائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو،
”يار ڇڏ ان ڳالهه کي.......“
”ڇو...... ڇو ڇڏيان اهڙي خوبصورت ڇوڪري ۽ ان لاءِ انتظار ڪرڻ.... يار هڪڙي ڳالهه آهي..... ڀاڀي توکان گھڻي ننڍي ٿي لڳي. آهين خوش نصيب......“
رحمان امتياز جي ان ڳالهه تي دل ئي دل ۾ خوش ٿئي ٿو، مسڪرائيندي چوي ٿو،
”فڪر نه ڪر ڳولهيون ٿا تنهنجي لاءِ به اهڙي حسينه مهه جبين.....“
”واه يار...... ڏاڍو رومينٽڪ ٿي ويو آهين.....“
رحمان جھونگارڻ لڳي ٿو، ”آءِ ايم اِن لو ....“
•
وقت پنهنجي ازلي بي نيازي سان گذرندو ٿو وڃي. هڪ ڏينهن مجھند جي وقت، سنڌيا پگھر ۾ شَل يونيورسٽي جي پوائنٽ بس مان لهي پنهنجي گھر تائين پنڌ وڃي رهي آهي، خيالن ۾ گم، بار بار رحمان جو چهرو سندس تصور ۾ اچي ٿو جيڪو چئي رهيو آهي،
”فواد جيترو منهنجو آهي اوتروئي تنهنجو به آهي، ته پوءِ تون اچين ٿي نه ان کي ڏسڻ..... فواد جيترو منهنجو آهي اوتروئي...... “
سندس خيالن جو سلسلو ان وقت ٽُٽي پوي ٿو جڏهن گھر جي گھٽي ڏانهن مڙندي هڪ اجنبي آواز ڪن تي پويس ٿو.....
”ڀاڀي....!“
ڇرڪ ڀري اوڏانهن نهاري ٿي، سندس آڏو رحمان جو هم عمر هڪ سوٽيڊ بوٽيڊ شخص کيس ڏاڍي دلچسپيءَ سان نهاري رهيو آهي، هوءَ ذهن تي زور ڏئي ٿي پر هن کي سڃاڻي نه ٿي سگھي، ان ڪري ڪترائي نڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته هو شخص به ساڻس گڏ هلڻ شروع ڪري ٿو، سنڌيا تڪڙا قدم کڻندي گھر ڏانهن وڃڻ لڳي ٿي، سندس چهري ٿي خوف ڇانئجي وڃي ٿو. هو شخص ٻيهر مخاطب ٿئي ٿو،
”ڏسو مِس...! گھٻرايو نه.... توهان مونکي نه ٿا سڃاڻو، مان رحمان جو دوست امتياز آهيان، ان ڏينهن مون توهان کي رحمان جي گاڏيءَ مان لهندي ڏٺو هو. اڄ اتفاق سان توهان ملي ويئو ته سوچيم دعا سلام ڪري وٺان.“
سنڌيا ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري اڳتي وڌي ٿي، پر امتياز وري ڳالهائي ٿو،
”رحمان توهان جي ڏاڍي تعريف پيو ڪري، ڪڏهن اسان جي چانهه پيو نه...“
سنڌيا وري به ڪو جواب نه ٿي ڏئي ته امتياز سمجھي وڃي ٿو ته هو سنڌيا کي غلط سمجھي ويٺو آهي، هي پنهنجي ٽائيپ جي ڇوڪري نه ٿي لڳي، هن هروڀرو کيس غلط سمجھيو.....
دل ئي دل ۾ شرمسار ٿي کيس چوي ٿو:
سوري مِس توهان کي شايد منهنجو ائين سرِ عام مخاطب ڪندي سٺو نه لڳو. در اصل رحمان منهنجو ڪاليج ٽائيم جو ڏاڍو سٺو دوست آهي، هن ٻڌايو ته هو توهان سان.......
سنڌيا ڳالهه اڌ مان ڪٽيندي چوي ٿي،
”ٺيڪ آ.... مسٽر مونکي دير پئي ٿئي.... او ڪي.“
هوءَ اڳتي وڌي وڃي ٿي، امتياز کيس ويندي حيرت سان ڏسي ٿو.
•
صبح جي وقت جڏهن ڪراچي اڃان چڱي طرح سجاڳ به نه ٿي آهي، گل بانو نماز وغيره کان فارغ ٿي مائي صغرا جو انتظار ڪري رهي آهي جيئن ئي هوءَ گھر ۾ داخل ٿئي ٿي ته گل بانو کيس گھر جي صفائي سٿرائي لاءِ هدايتون ڏيڻ شروع ڪري ٿي، اڄ هوءَ خلافِ معمول گھڻي خوش پئي لڳي، صغرا....! رحمان صاحب جو ڪمرو چڱي طرح صاف ڪجانءِ، بيڊ تي نئين چادر وڇائجانءِ، ها نجمه جي ڪمري ۾ رکيل بيبي ڪاٽ کڻي رحمان جي بيڊ جي ڀرسان رکڻ متان وسري وڃئي. ان قسم جون ڪيتريون ئي هدايتون کيس ڏئي رهي آهي. صغرا کيس ايترو خوش ڏسي رهي نه ٿي سگھي.
”آپا وڏي اڄ توهان ڏاڍا خوش پيا لڳو، توهان جي ننهن توهان کي ننڍڙي ڪاڻ ڏاڍو سڪايو آهي. ننڍڙو خير سان اچي ٽن مهينن جو ٿيو آ“
”صغرا مان پنهنجي ننڍڙي فواد لاءِ سڀ ڪجهه وسارڻ لاءِ تيار آهيان، ڪيتري عرصي کان پوءِ خوشيون هن در جي چائنٺ ٽپڻ لاءِ بيتاب آهن، اسان کان خوش ٿيڻ ڄڻ ته وسري ويو هو، ڪيترا ارمان هئا ته رحمان آمريڪا مان ايندو ته ان جي شادي وڏي ڌوم ڌام سان ڪنديس ۽ ان جي اميد به پيدا ٿي هئي......“
ٿڌو ساهه ڀري ٿي، اکين ۾ ڳوڙها تري اچنس ٿا. صغرا اهو ڏسي ڳالهه مٽائيندي.
”آپا وڏي ڇڏيو پراڻين ڳالهين کي، انهن کي ياد ڪرڻ سان سواءِ دل کي ڏکائڻ جي ٻيو ڪجهه ناهي ورڻو، ياد رکو ته صرف ايندڙ وقت کي جيڪو توهان لاءِ کوڙ ساريون خوشيون کنيو پيو اچي.“
گل بانو حيران ٿي کيس ڏسي ٿي ته صغرا اهڙيون سمجھداريءِ واريون ڳالهيون پئي ڪري کانئس رهيو نه ٿو ٿئي پڇيس ٿي،
”صغرا تون ته ڏاڍيون سمجهه واريون ڳالهيون پئي ڪرين، ڄڻ ڪو پڙهيل ڳڙهيل ڪندو آهي.“
صغرا اداسيءَ سان مرڪي ٿي،
”بس آپا سڀ مقدر جا کيل آهن، هو جيڪو مٿي ويٺو آ نه آسمانن تي، اهو به پنهنجي بندن جون عجب ڪهاڻيون ترتيب ڏيندو آهي، مان به ڪنهن اهڙي ئي ڪهاڻي جو ڪردار آهيان.“
”ڀلا گھڻو پڙهيل آهين......“
”يارهين جماعت پاس آهيان، اڳتي پڙهڻ جي خواهش هئي پر قسمت.....“
”صغرا تنهنجي ڳالهين منهنجو تجسس وڌائي ڇڏيو آ، پر توکي به دير پئي ٿئي، وري ڪنهن ٻئي ڀيري، في الحال ڪمرو ٺيڪ ڪري آ.“
” ڀلا صاحب وارا ڪيڏي مهل ايندا...“
”گھڻو ڪري شام تائين پهچي ويندا.“
صغرا اٿي پنهنجي ڪم ڪار ۾ لڳي وڃي ٿي ته گل بانو وري سوچن ۾ گم ٿي وڃي ٿي،
”رحمان جڏهن پيدا ٿيو هو، گھر ۾ خوشيون ئي خوشيون هيون، رحيم داد ننڍڙي رحمان کي ڪڏائي رهيو آهي ته گل بانو کيس ڏسي چوي ٿي ، سائين سنڀاليو ڪري نه پوي.“
گل بانو جي اکين ۾ لڙڪ لڙي اچن ٿا.
شام جي وقت دروازو کڙڪي ٿو، صغرا ڊوڙي وڃي کولي ٿي سامهون مريم ننڍڙو کنيو بيٺي آهي. رحمان کان سامان وٺي ٿي ته ٻئي اندر اچن ٿا آواز تي گل بانو ۽ شمسه ڪمري کان ٻاهر اچن ٿيون، شمسه جلدي وڃي مريم کي ڀاڪر پائي ملي ٿي ۽ ننڍڙو سندس کان وٺي پيار ڪريس ٿي، مريم چاچي سان ملي ٿي ۽ شمسه ننڍڙو سندس هنج ۾ ڏئي ٿي، گل بانو ننڍڙي کي هنج ۾ ڀري سندس پيشاني چمي ٿي ۽ کوڙ سارو پيار ڪريس ٿي. رحمان ۽ شمسه اهو ڏسي لڙڪ لاڙي ويهن ٿا. رحمان ماءُ جي دل خوش ڪرڻ لاءِ کيس چوي ٿو،
”امان تياري ڪري وٺو، فواد جي گھر اچڻ جي خوشي ۾ هڪ سٺو فنڪشن ٿا ڪيون، عقيقو به ٿي ويندو ۽ توهان به پنهنجا سڀ ارمان پورا ڪجو، مريم کي ڪنوار ٺاهي توهان پنهنجي هر خوشي پوري ڪجو، ٺيڪ آ نه .“
شمسه ڀاءُ جي پروگرام جي تائيد ڪندي چوي ٿي،
”ٺيڪ آ، سڄي تياري ڪري ٿا وٺون، نجمه به چيو پئي ته ماما کان وڏي پارٽي وٺنداسين.“
رحمان هيڏي هوڏي نهاري، نجمه جو پڇي ٿو ته شمسه ٻڌائيس ٿي ته سندس ڪاليج ۾ ساليانو فنڪشن آ دير سان ايندي، مريم فريش ٿيڻ لاءِ پنهنجي ڪمري ۾ وڃي ٿي، هٿ منهن ڌوئي ٻاهر اچي ٿي ته سندس چهري تي خوشي بکي رهي آهي،
”رحمان....! ڪمري ۾ ته وڃي ڏس نه.... ننڍڙي لاءِ جدا پلنگ رکيو اٿن.... پر ننڍڙو ته مونسان سمهندو نه، اڪيلو ڊڄندو نه.“
”آهسته آهسته عادت پئجي ويندس، تون فڪر نه ڪر.“
رحمان کيس سمجھائي ٿو.
گھر ۾ عقيقي ۽ خوشي ملهائڻ جو تياريون زور شور سان ٿي رهيون آهن، شمسه گھڙِي گھڙي ڪمري مان نڪري نجمه کي هدايتون ڏئي رهي آهي، کيس اسڪول وڃڻ لاءِ به دير پئي ٿئي، آخر کيس چوي ٿي ته سنيتا کي فون ڪري هيلپ لاءِ سڏي وٺي، گھر جي سيٽنگ کي ٿورو بدلائي ويهن پنجويهن ماڻهن جي ويهڻ جو بندوبست ڪري ڇڏين. نجمه ماءُ کي چوي ٿي ته هوءَ بي فڪر ٿي اسڪول وڃي. سڀ ڪجهه سندس مرضي موجب ٿي ويندو. ٻئي طرف مريم رحمان کان پڇي ٿي ته هن سندس ماءُ ۽ مامي کي فون ڪري اچڻ لاءِ چيو، هو کيس ٻڌائي ٿو ته هن نياپو موڪلي ڇڏيو آهي، اهو چئي ٻاهر نڪري وڃي ٿو.
شام جي وقت سنڌيا پنهنجي ڪمري ۾ اسٽڊيءَ ۾ مصروف آهي ته فون جي گھنٽي وڄي ٿي هوءَ ڌيان نه ٿي ڏئي ته ڪونه ڪو کڻندو پر گھنٽي لاڳيتو وڄندي رهي ٿي، هوءَ ڪاوڙ مان ڪتاب پاسي تي رکي اٿي ٿي، هوڏانهن شوڪت علي ڪمري مان فون کڻڻ لاءِ چوي ٿو. الائي سڀ ڪيڏانهن هليا ويا هينئر وري ڪنهن کي فون ڪرڻ جي پئي آهي هروڀرو اسٽڊي جي وقت اچي ڊسٽرب ڪندا آهن، چوندي ٻاهر اچي فون کڻي ٿي،
”سنڌيا مان رحمان صبحاڻي شام جو فواد جي عقيقي جي خوشي ۾ هڪ ننڍڙو فنڪشن آهي ۽ تون اچين ٿي، ٺيڪ آهي نه.........“
”ليڪن رحمان ...............
”ليڪن ويڪن... ڪجهه به نه بس تون اچين ٿي، انڪار جي گنجائش ناهي، نجمه توکي فون تي دعوت ڏيندي.“
سنڌيا هيلو هيلو ڪندي رهي ٿي ليڪن رحمان فون بند ڪري ڇڏي ٿو...... سنڌيا وري پريشان ٿي وڃي ٿي، رحمان جي گھر وڃڻ ۽ اهو به مريم جي موجودگي ۾، جيڪڏهن هن کي ٿورو به اسان جي تعلق جو احساس ٿي ويو ته هوءَ ته گھر کڻي مٿي تي کڻندي، آپا ۽ آنٽي منهنجي باري ۾ ڇا سوچينديون. وري ذهن ۾ رحمان جا لفظ گونجن ٿا، انڪار جي ڪا گنجائش ڪونهي.
”يا الله مان ڪهڙي مشڪل ۾ ڦاسي وئي آهيان،“ انهي وقت نجمه جي فون اچي ٿي جيڪا کيس دعوت ڏئي ٿي.
اڄ رحمان آفيس مان جلدي اٿي ٿو ته جيئن فنڪشن جي انتظامن ۾ هٿ ونڊرائي. ٻاهر اچي گاڏي جو در کولي ٿو ته پويان ڪير سندس ڪلهي تي هٿ رکي ٿو مڙي ڏسي ٿو ته امتياز بيٺو آهي، رحمان کيس ڏسي پڇي ٿو،
”اڙي يار ڪٿي آهين، ان ڏينهن تڪڙ ۾ فون نمبر به ڪونه ڏنئي، ائين هليو وئين.“
”ڪيڏانهن پيو وڃين..... گھر.....“
”ها يار گھر پيو وڃان.“
”ٿوري دير لاءِ ڪٿي هلي ڪچهري نه ڪيون.“
رحمان گھڙِي ڏسي چوي ٿو:
”نه يار گھر ۾ سڀ انتظار ڪندا هوندا، تون گاڏيءَ ۾ ويهه.“
ٻئي ويهن ٿا رحمان گاڏي اسٽارٽ ڪري ٿو،
”يار صبحاڻي گھر ۾ هڪ ننڍڙو فنڪشن آهي، ننڍڙو فواد ڳوٺ ۾ ڄائو هو، ان ڪري امان ڏاڍي ناراض هئي، پر ڇا ڪجي.... ڳوٺاڻيون رسمون به نڀائڻيون آهن نه، شادي جو ڳوٺ مان ڪيم.“
رحمان بي ساختگي ۾ چئي وڃي ٿو. کيس ياد نه ٿو رهي ته ان ڏينهن هن سنڌيا کي سندس ڀاڀيءَ جي حيثيت سان تعارف ڪرايو هو، هو بنا سوچي سمجھي سڀ ڪجهه چئي وڃي ٿو، امتياز حيرت مان کيس ڏسي ٿو رحمان ڳالهه پوري ڪري ٿو ته امتياز پنهنجي حيرت دور ڪرڻ لاءِ پڇيس ٿو.
”ڇا چيئي، شادي... ننڍڙو... ڳوٺ.... يار مون ڪجهه سمجھيو ڪونه، ان ڏينهن ته تو ٻڌايو هو ته هوءَ ڇوڪري تنهنجي فيانسي آهي. اڄ وري ڳالهه ئي ٽين پيو ڪرين، ڪهڙي شادي جي ڳالهه پيو ڪرين. ته پوءِ هوءَ ڇوڪري ڪير هئي، مون خواه مخواه ان جو رستو روڪي کانئس تنهنجو حال احوال پئي ورتو،“
امتياز يڪ ساهي کوڙ سارا سوال ڪري ويو.
”يار تو ته سوالن جي ڀر مار ڪري ڇڏي، در اصل ڳالهه هي آهي، رحمان سربستي ڳالهه کيس ٻڌائي ٿو، امتياز جو سندس ڳالهيون ٻڌي وات پٽجي وڃي ٿو، آخر جڏهن هو پنهنجي ڳالهه پوري ڪري ٿو ته امتياز تنبيهي لهجي ۾ چويس ٿو،
”واه جي اسٽوري آهي، محبت سنڌيا سان، شادي مريم سان... يار اها ته ٻنهي سان زيادتي آهي، تون هڪ پڙهيل لکيل سلجھيل ذهن جو ماڻهو.... نه يار نه... ڏس رحمان...! هوءَ ڇوڪري سنڌيا مون کي ته ڏاڍي سمجھدار سلجھيل ۽ شريف پئي لڳي، تون هاڻي هن کي سندس حال تي ڇڏي ڇونه ٿو ڏين...“
”نه يار توکي ته شروع کان منهنجي نيچر جي خبر آهي.... مان پنهنجي ڪابه شيءِ، جيڪا مونکي پسند هجي، ان تان دستبردار ٿيڻ لاءِ تيار ناهيان هوندو.“
”ان جو مطلب ته ٻي شادي ڪندين.“
”اهو في الحال ناهي سوچيو...... خير ڇڏ ان ڳالهه کي، صبحاڻي اچين ٿونه عقيقي جي پارٽي ۾، اتي سڀني سان ملاقات به ٿي ويندئي.“
”نه سوري يار... منهنجي هڪ بزنس ميٽنگ رکيل آ، مان نه اچي سگھندس، مونکي سامهون ورڪ شاپ تي لاهي ڇڏ، مون کي پنهنجي گاڏي کڻڻي آهي.
رحمان کيس اتي لاهي اڳتي وڌي وڃي ٿو.
•
گل بانوءَ جو گھر رنگين بلبن ۽ روشنين سان سينگاريل آهي رنگ برنگي جھنڊيون قمقمه، هر طرف روشنيون ئي روشنيون آهن، گھر ۾ مهمانن جي اچ وڃ لڳي پئي آهي، نجمه ۽ رحمان لائونج ۾ مهمانن کي رسيو ڪري رهيا آهن، ڊرائينگ روم ۾ شمسه، گل بانو ۽ شهر بانو ۽ مردن ۾ مراد خان ۽ جاويد مصروف گفتگو آهن. هڪ طرف مريم صوفي تي ڪنوار وانگر سجيل سنوريل ويٺي آهي، سندس هنج ۾ ننڍڙو فواد آهي جنهن کي ڏسي خوش ٿي رهي آهي، هر طرف ٽهڪڙا ۽ خوش گپيون ٿي رهيون آهن، گل بانو به مريم کي ڏسي خوش ٿي رهي آهي، ٿوري دير کان پوءِ جاويد اٿي ٻاهر لائونج ۾ اچي ٿو، نجمه کيس ايندو ڏسي شرمائجي وڃي ٿي، جاويد رحمان جي ڀرسان اچي بيهي ٿو ۽ نجمه کي مخاطب ٿي چوي ٿو ته هوءَ هاڻي اندر مهمانن سان وڃي ويهي هو رحمان سان ڪمپني ڪري ٿو، رحمان کلندي کيس چوي ٿو ته کيس هينئر کان ئي پنهنجي فيانسي جو ايترو خيال آهي اسان کي ته ڪير پڇي ئي ڪونه ٿو. اهو ٻڌي نجمه شرمائجي وڃي ٿي، رحمان ٿورو پري هٽي سگريٽ دکائي ٿو ته جاويد موقعي جو فائدو وٺي نجمه جي تعريف ڪري ٿو، رحمان گھڙي ڏسي هنن جي ويجھو اچي ٿو نجمه مامي جي اندروني ڪيفيت کي پرکي وڃي ٿي، انڪري چوي ٿي ته سندس خيال ۾ سڀ مهمان اچي ويا آهن ان ڪري هاڻي اسان کي به اندر هلي انهن کي جوائن ڪرڻ کپي، انتي رحمان چوي ٿو،
”ها، ها، توهان هلو مان سگريٽ ختم ڪري اچان ٿو. نجمه سمجھي وڃي ٿي ته هوڪنهن جو انتظار ڪري رهيو آهي، هوءَ نه ٿي چاهي ته رحمان جو سنڌيا سان ٽڪراءُ ٿئي، ڇو ته هن کي مريم ۽ شهربانو جي سڀاءُ جي خبر آهي، جي هنن کي ٿورو به شڪ پيو ته هروڀرو ڀري محفل ۾ سنڌيا جي ڪانه ڪا گھٽتائي ڪري وجھن، ان ڪري مامي کي چوي ٿي،
”ماما توهان سگريٽ ختم ڪيو ته گڏجي ٿا هلون، مامي دل ۾ ڪندي ته سندس اڄ جي گھوٽ ۽ هسبنڊ کي اڪيلو ڇڏي آيا آهيون،“
ڇيڙڻ جي انداز ۾ کلندي چويس ٿي، هونئن به توهان کي بطور گھوٽ جي ماميءَ جي ڀرسان وڃي ويهڻ کپي.
”ته جيئن جاويد ۽ توکي روح رهاڻ ڪرڻ جو موقعو ملي وڃي.“
انهي وقت مريم ننڍڙي کي کنيو اوڏانهن اچي ٿي،
”توهان به هلي اتي ويهو نه، هتي ڇا لاءِ بيٺا آهيو، سڀ مهمان توهان جو پڇن پيا.“
ٻانهن کان جھلي کيس اتان وٺي وڃي ٿي ته نجمه ۽ جاويد به سندن پويان اندر هليا وڃن ٿا، ان ئي وقت سنڌيا سنيتا سان گڏ اندر اچي ٿي، هو آهستگي سان شمسه ۽ گل بانو ڏي وڌي وڃن ٿيون ۽ سندن ڀرسان وڃي ويهن ٿيون، رحمان جي نظر پري کان مٿن پوي ٿي ته دل ۾ چوي ٿو، ٿوري دير اڳ ۾ نه ٿي آيون ڪيتري دير کان انتظار پئي ڪيم.
ڀر ۾ ويٺل مريم کانئس پڇي ٿي ته سنيتا سان گڏ ٻي ڇوڪري ڪير آهي، اهو ٻڌي رحمان جو ڇرڪ نڪري وڃي ٿو ڄڻ ڪنهن سندس چوري پڪڙي هجي، پوءِ به کيس چوڻو پوي ٿو ته هوءَ نجمه جي سهيلي آهي.
انهيءَ وقت گل بانو، صغرا جي هٿان هڪ وڏي ڊش کڻائي اچي ٿي، جنهن ۾ ننڍڙي جي رسمون ڪرڻ جو سامان آهي، ڪارا ڌاڳا موتي پوتل کيس هٿن پيرن ۾ پارائي نرڙ تي ڪارو ٽڪو لڳائيس ٿي، ڳچي ۾ سوني چين ۽ آڱر ۾ ويڙهه پارائيس ٿي، سڀ رسمون ڪرڻ کانپوءِ آڱر سان ماکي چٽرائيس ٿي ته سڀ مبارڪون ڏين ٿا. سهرن لاڏن واريون مايون ننڍڙي ۽ رحمان جا سهرا ڳائن ٿيون هر طرف کل خوشيءَ جو سماء آهي. رسمن کان پوءِ شمسه سڀني کي مانيءَ جي ميز تي هلڻ لاءِ چوي ٿي، سڀ اٿن ٿا، مهمان جيئن ئي ميز ڏي وڌن ٿا ته ٿوري بي ترتيبي ٿي وڃي ٿي، انهي وقت لائيٽ هلي وڃي ٿي، ان موقعي جو فائدو وٺندي رحمان سنڌيا جي ڀرسان پهچي کيس هٿ کان جھلي خالي ڪنڊ ڏانهن وٺي وڃي ٿو، سنڌيا جو نظرون سنيتا کي تلاش ڪن ٿيون پر گوڙ ۽ اوندهه ۾ سنيتا کي ڳولهڻ ۾ ناڪام ٿي زوري گھلجندي رحمان سان وڃي ٿي، هوءَ آهسته آواز ۾ احتجاج ڪري ٿي،
”هي ڇا پيا ڪيو، اگر ڪنهن ڏسي ورتو ته مفت ۾ خواري ٿيندي.“
”اونداهي ۾ ڪير ٿو اسان ڏي توجه ڏئي، مونکي هٿ لائي محسوس ڪرڻ ڏي، اڄ تون ڏاڍي خوبصورت پئي لڳين مان توکي ڇُهي ان احساس جي خوشبو محسوس ڪرڻ چاهيان ٿو.“
”رحمان پليز پنهنجا هٿ پري ڪيو، مون کي ڇڏيو، مونکي ڊپ ٿو لڳي، جيڪڏنهن اوچتو لائيٽ اچي وئي ته،..........“
”ته پوءِ ڇا ٿي پيو، تون صرف منهنجي آهين، ڪنهن کي خبر پئي ته پرواهه ناهي.“
رحمان سنڌيا کي هڪ طرف وٺي وڃي ٿو ۽ سندس چهرو هٿن ۾ ڀري کيس پنهنجي قريب آڻي ٿو اکين ۾ نهاري هن کي وڌيڪ قريب ڪري ٿو ته سنڌيا زوري سندس هٿ پري ڪري ٿوري هٽي بيهي ٿي،
”اهو ڇا پيو ڪرين.“
انهي وقت نجمه هڪ ٿالهي ۾ ڪجهه ميڻ بتيون ٻاري کڻي اچي ٿي بتين جي هلڪي روشني ۾ شهربانو جي نگاهه اچانڪ ڪنڊ ۾ بيٺل جوڙي تي پوي ٿي، حيران ٿي اوڏانهن نهاري ٿي ۽ چپن ۾ ڀڻڪندي چوي ٿي،
”اهو ته رحمان ٿو لڳي پر ساڻس گڏ ٻي ڪير آ، مريم ته اجھا صوفي تي ويٺي آ، ڏسان ته سهي آخر چڪر ڪهڙو آ.“
شهربانو انهي طرف وڌي وڃي ٿي ويجھو پهچڻ تي سندس ڪنن تي ڪجهه ڳالهائڻ جو پڙ لاءِ پوي ٿو ڪنڌ لوڏي چوي ٿي،
”هون، ته اها ڳالهه آ............“
سندس چهري تي ڪئي رنگ اچن ٿا جن مان ڪاوڙ جو عنصر نمايان آهي، ڪجهه چوڻ لاءِ وات کولي ٿي، ليڪن ارد گرد جي ماحول کي ڏسندي چپ ٿي وڃي ٿي. رحمان سندس چوري پڪڙجڻ کان بي خبر عجب بيخوديءَ جي عالم ۾ سنڌيا کي پيار مان تڪي رهيو آهي، موم بتي جي روشني ٿيڻ شرط سنڌيا زوري هٿ ڇڏرائي مهمانن ڏانهن وڌي وڃي ٿي تڪڙ ۾ ميز ڏانهن وڃي خالي پليٽ کڻي ان ۾ کائڻ لاءِ ڪجهه کڻي مهمانن ۾ شامل ٿي وڃي ٿي.
صبح جي وقت جڏهن مريم پنهنجي ڪمري ۾ دنيا مافيها کان بي خبر مزي جي ننڊ ۾ خوابن جي دنيا جا سير ڪري رهي آهي ته شهربانو ناشتو پاڻي ڪري سندس ڪمري ۾ اچي ٿي ڌيءَ کي ائين بي خبر آرامي ڏسي سندس منهن تي ناگواري ۽ چڙ جا تاثرات پيدا ٿين ٿا، هوءَ پنهنجي منهن ڀڻڪي ٿي.
”جي نه ائين بي خبر پئي رهينءَ ته تنهنجو به گھر ٿيو، خدا توکي ساڃاهه ڏئي، گھر ۾ ته هونئن به ڪير پڇئي ڪونه ٿو، هڪ ڏينهن مڙس به وڃائي ويهندينءَ.“
ماءُ جي آواز تي مريم سجاڳ ٿي وڃي ٿي ماءُ کي صبح ساڻ ڪمري ۾ ڏسي حيران ٿي سُستيءَ سان اٿي ويهي ٿي،
”امان تون..... ايڏو سويل اٿي آئي آهين.....!“
اهو ٻڌي شهربانو جو پارو چڙهي وڃي ٿو،
”سويل..... مائي خدا خدا ڪر هيڏو سج چڙهي آيو آهي گھر جا سڀ ماڻهو وڃي پنهنجي ڪمن ڪارين سان لڳا، تنهنجي لاءِ ته ڄڻ سج ئي ڪونه اڀريو آ.“
”امان.....! تون به هروڀرو پئي ڪاوڙجين...... رات ايڏو دير سان سمهيا آهيون.... ۽ هتي شهرن ۾ سج اڀرڻ ۽ چڙهڻ جي ڪهڙي ٿي خبر پوي هروڀرو اچي ننڊ ڦٽائي ٿئي، اجھو ٿو فواد اٿي پوءِ ننڊ ٿوروئي ڪرڻ ڏيندو.“
”مائي مومل فواد کان سواءِ هن گھر ۾ رحمان به آهي، ان جو به خيال ڪندي ڪر، نه ته مڙس ويندئي هٿن مان“
”وري ڇا ٿيو، ڪيڏانهن ٿو وڃي رحمان، آفيس نه ويو ڇا.“
”اهو ته صبح ساڻ هليو ويو ۽ توکي خبر به ڪونه پئي، جي اهي حال رهيئي ته،“
شهر بانو رات جي واقعي جي باري ۾ سربستي ڳالهه ڪري ٻڌائي ٿي، مريم جو ڪاوڙ ۾ منهن ڳاڙهو ٿي وڃي ٿو، ماءُ جي ڳالهه پوري ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي چوي ٿي ته هن پهرين ته ڪڏهن به ان ڇوڪري کي هن گھر ۾ ايندي ويندي ناهي ڏٺو، رات به رحمان کان پڇيم پر هو نٽائي ويو ته نجمه جي سهيلي آهي.
”مائي هاڻي جيترو ٿي سگھي اوترو جلدي ساهرن کان جدا ٿيڻ جي ڪر.... نه ته مونکي ڊپ آهي ته مڙس تي به تنهنجو ڪنٽرول نه ٿي سگھندو.“
”پر امان رحمان ته اصل نه ٿو مڃي.“
”ڪيئن به ڪري مائٽن کان دل کٽي ڪرينس، ائين جو پاڻهي توکي وٺي جدا ٿي وڃي.“
کيس آهسته آواز ۾ سڄي ڳالهه سمجھائي ٿي، مريم ڪنڌ سان ها، ها ڪندي وڃي ٿي.
”چڱو هاڻي مان ٻاهر ٿي وڃان مامنهن پيو ڳولهيندو هوندو، منهنجي ڳالهه کي دل سان هنڍائجانءِ، مائٽن کان دل ڦيرڻ جا سئو طريقا آهن.... هڪ دفعو جدا ٿيئن نه ته مڙس قابو ڪرڻ سئولو ٿي پوندئي...... مان به ڳوٺ پهچان ته سائينءَ کان تعويذ ڪرائي موڪليندي سانءِ.“
شهربانو ڳالهه پوري ڪري اٿي ٻاهر وڃي ٿي..... مريم جي اکين ۾ حاسدانه چمڪ اچي وڃي ٿي،
”هون..... ن...... مريم جي هوندي هليو آ ٻي ڇوريءَ سان عشق لڙائڻ، مان به ڏسان ته هاڻي ڪيئن ٿو ان سان ملي.“
ٻئي طرف رحمان آفيس ۾ ويٺو آهي ته امتياز اندر اچي ٿو ٻئي ڏاڍي گرمجوشي سان ملن ٿا، امتياز جي ويهڻ کانپوءِ رحمان چانهه گھرائي ٿو، امتياز عقيقي ۾ نه اچڻ لاءِ معذرت ڪري ٿو، ڳالهين ڪندي امتياز کان رهيو نه ٿو ٿئي ته کانئس پڇي ٿو،
”يار....! ان ڏينهن توکي به تڪڙ هئي انڪري مان به هليو ويس، سڄي رات سوچيم ته چڪر ڪهڙو آ، رحمان شادي ڪنهن سان ۽ محبت ڪنهن سان ، معاملو ڇاهي.“
رحمان کلندي چوي ٿو،
”بس يار تون نه سمجھندين اسان جي چڪرن کي، تون ٿئين بزنس مين، اسان غريب نوڪر پيشه، ڀلا نوڪري مان پورت ڪٿي ٿي ٿئي، ان ڪري مستقبل کي محفوظ رکڻ لاءِ داءُ پيچ آزمائي هيراڦيري ڪرڻي ٿي پوي، گھر ۾ دولت مند زال... ته گھر ٻار محفوظ، ٻاهر ٿوري گھڻي ذهني عياشي اسان به ته لهڻي نه.“
”پر يار تنهنجي اها گرل فرينڊ مونکي ته ڏاڍي شريف ۽ معصوم ٿي لڳي.... تنهنجي چنگل ۾ ڦاٿي ڪيئن.“
رحمان مڪاري جي کل کلندي،
”يار ائين نه چئو..... مان واقعي سنڌيا سان محبت ڪيان ٿو ۽ اهو تعلق منهنجي مريم سان شاديءَ کان پهرين جو آهي، مان کيس هر حالت ۾ حاصل ڪرڻ چاهيان ٿو.“
”خير اهو تنهنجو ذاتي معاملو آهي، پر يار.... اخلاقي طرح اهو مناسب نه ٿو لڳي.“
چانهه پئندي رحمان موضوع مٽائڻ خاطر پڇيس ٿو،
”تون پنهنجي خبر ڪر.... دبئي ۾ رهئين، ڪا ته عياشي تو به ڪئي هوندي، عثمان پئي ٻڌايو ته رميءَ جو ڏاڍو ماهر آهين، ته پوءِ ٿي وڃي ڪنهن ڏينهن ڪا بازي.“
”عثمان به وڏو لاهه آ، الائي ڪهڙيون خبرون پيو هلائي.... چڱو هاڻي مان اجازت وٺندس.“
موڪلائي هليو وڃي ٿو.
شام جي وقت سنيتا نجمه سان ملڻ اچي ٿي ٻئي ڪمري ۾ ويٺيون آهن، نجمه کي هڪ ڳالهه ڪافي ڏينهن کان دل ۾ هُري پئي ته سنيتا کان پڇي نه پڇي، آخر اڄ موقعو ڪڍي کانئس پڇي ٿي،
”سنيتا، ان ڏينهن سنڌيا ڏاڍي چپ چپ هئي.“
سنيتا پهرين ته نٽائي وڃي ٿي پر نجمه به اڄ پڪو ارادو ڪيو آهي ته ضرور کانئس معلوم ڪندي،
”نٽائين ڇو ٿي، مون جڏهن فون ڪئي مانس ته پهرين ته صاف انڪار ڪري ڇڏيائين، پوءِ اچانڪ چيائين ٺيڪ آ مان ڪوشش ڪنديس.“
”تون سمجھين ٿي ته ڀائو رحمان جي شاديءَ جي خوشي ۽ ان جي پُٽ جي عقيقي ۾ هوءَ اچڻ چاهيندي هوندي.“
”ته پوءِ صاف جواب ڏئي ڇڏي ها نه.“
سنيتا هن کي سڄي صورتحال ٻڌائي ٿي ته رحمان ڪهڙي نموني کيس پريشان ڪري ٿواهو سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ. نجمه حيرت مان انڪار ۾ ڪنڌ لوڏي ٿي، سنيتا کي ان ڳالهه تي ٿوري ڪاوڙ لڳي ٿي ۽ چڙ مان چوي ٿي:
”هاڻي ڳالهه وڌندي ٿي وڃي تون آپا کي سڀ ڪجهه ٻڌاءِ ته هوءَ کيس سمجھائي ته سنڌيا جو پيڇو ڇڏي ڏئي ۽ پنهنجي گھرگِرهستي جو خيال ڪري.“
اتفاق سان آپا به ان وقت نجمه جي ڪمري ۾ اچي ٿي ٻنهي کي سيريس ڏسي پڇي ٿي،
”ڪهڙي اهم ميٽنگ پئي هلي ينگ ليڊيز.......“
نجمه موقعو مناسب سمجھي ماءُ کي سربستي ڳالهه ڪري ٻڌائي ٿي، هوءَ حيرت مان کين ڏسي ٿي، ڪاوڙ ۾ سندس چهرو ٽامڻي هڻي وڃي ٿو،
”توهان پهرين ڇونه ٻڌايو، لڳي ته نه ٿو ته رحمان اهڙِي نيچ حرڪت ڪندو، جڏهن هن پنهنجي مرضي سان شادي ڪئي ته پوءِ سنڌيا کي تنگ ڪرڻ جو مقصد ڇاهي، نياڻي ويچاري ٻٽي عذاب ۾ ڦاسي وئي آهي. اچي رحمان....... مان ٿي ڳالهايانس.“
سنيتا کيس سمجھائڻ جي ڪوشس ڪندي چوي ٿي،
”آپا ٿورو ڌيرج سان، هروڀرو مريم جي ڪن تي ڳالهه پئجي وئي ته معاملو خراب ٿي ويندو، ٻه ٽي ڏينهن ڏسوس متان پاڻهي سمجھي وڃي.“
”ائين نه ٿئي جو ڳالهه ايترو وڌي وڃي جو سنڀالڻ مشڪل ٿي وڃي، ۽ نياڻي جي زندگي تباهه ٿي وڃي، مائي اسان پاڻ ڄاين وارا آهيون................ نجمه ٻڌ، آئينده جي توکي سنڌيا سان ملڻو هجي ته سنيتا سان گڏجي ان جي گھر هلي ويندي ڪر، کيس هيڏانهن اچڻ لاءِ زور نه ڀريندي ڪر.“
اهو چئي شمسه فڪرمندي مان اتان هلي وڃي ٿي ته سنيتا ۽ نجمه ڳالهيون ڪرڻ لڳن ٿيون.