5
”رحمان ڇا ڳالهه آ، ڪهڙي ٻڏ تر ۾ آهين، منڌو منڌو پيو لڳين. امان کي ڪجهه چوڻو اٿئي ٿا.“
”آپا مان ان ڏينهن جي رويي تي شرمسار آهيان،“
”گھرن ۾ ائين ٿيندو رهندو آهي، جتي ٻه ٿانو هوندا آهن ٺهڪندا ضرور آهن....“
”آپا در اصل....“
”ڪنهن شيءِ جي ضرورت آهي ڇا.....“
”نه آپا اها ڳالهه ناهي، در اصل مريم ضد ڪيو ويٺي آهي ته هوءَ ڳوٺ وڃي ڊليوري ڪرائيندي.“
”ڏٺئي نه شمسه، آخر ڏيکاريائين نه ڳوٺاڻي رڳ، پهريون ٻار آ، الله خير ڪري، وڏو شهر ڇڏي هلي آ ڳوٺ ڊليوري ڪرائڻ......“
”امان ٺيڪ ٿي چوي رحمان، خدانخواسته......“
مريم ڳالهه اڌ مان ڪٽيندي ڪاوڙ مان چوي ٿي،
”مان به ته ڳوٺ ۾ ڄائي هئس...... رحمان ۽ توهان به ڳوٺ ۾ ئي ڄاوا هئا، چاچي ان مهل ته ڪو اعتراض ڪونه ڪيو هو......... خدا جهڙو وڏن شهرن ۾ تهڙو ڳوٺن ۾....“
”شهربانوءَ جا ڊليوري ۾ لاڳيتا چار پٽ هڪ ٻئي پٺيان مئل پيدا ٿيا، هڪ دفعي ته الله کڻي بچايس، منهنجو به پهريٽو ٻار داين جي غلطيءَ سبب ڄمڻ کان پهرين ئي پيٽ ۾ مري ويو، ان ڪري ڊپ ٿو ٿئي.“
گل بانو پنهنجي ڳالهه کي وزن ڏيڻ لاءِ کيس سمجھائڻ جي ڪئي.
”ڪجهه به چئو مان ڳوٺ ضرور ويندس، مامي جي طبيعت خراب هجڻ ڪري امان به هتي اچي ڪونه سگھندي. توهان کي ته هروڀرو هر ڳالهه ۾ اعتراض ڪرڻ جي عادت ٿي وئي آهي.“
مريم سس جي ڳالهه کي اهميت نه ڏيندي رُکائي مان چيو.
گلبانو خاموش ٿي وڃي ٿي. هوءَ روز روز ننڍن جي هٿان پنهنجي بي عزتي ڪرائڻ نه ٿي چاهي.
”رحمان امان چوي ته سهي ٿي، وڌيڪ توهان ٻنهي جي جيڪا مرضي، جي توهان ٻنهي اڳ ۾ ئي فيصلو ڪري ڇڏيو آ پوءِ وات ٽڪاڻي ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي، هروڀرو گھر ۾ انهن ڳالهين تان بد مزگي ٿي ٿئي. پر وڃڻ کان پهرين هڪ دفعو ڊاڪٽرياڻي کان چيڪ اپ ضرور ڪرائجو جيئن خبر پوي ته ڪا ڪامپليڪيشن ته ڪانهي.“
شمسه وڌندڙ ڳالهه کي ٽاري ڇڏي ٿي.
”ٺيڪ آ آپا، اهو مناسب آهي... مريم تون تيار ٿي وٺ ته ڊاڪٽر کي ڏيکاري مشورو وٺي اچون، پوءِ صبحاڻي ڳوٺ هلنداسين، مون موڪل وٺي ڇڏي آهي.“
مريم خوش ٿي اندر وڃي ٿي ته رحمان به پويان وڃينس ٿو.
”ڏٺئي نه مڃرائي وئي نه پنهنجو ضد....،“
”امان توهان ڪنهن جي لاءِ ايترو پريشان نه ٿيندا ڪيو، پنهنجي زندگي اٿن جيئن وڻين گذارين، اسان کي سندن شادي شده زندگي ۾ ايترو دخل ڏيڻ نه گھرجي.“
”مائي جيئن سڀني جي مرضي.... اسان اڳتي ڪونه ڪڇنداسين.“
صبح جو رحمان تيار ٿي ٻاهر نڪري ٿو سندس هٿ ۾ گاڏيءَ جون چاٻيون ۽ سوٽ ڪيس آهي، گل بانو کيس ڏسي ڌيءَ کي چوي ٿي،
”هو ڏس صبح سان وڃڻ جي تياري ڪئي اٿن، تو ته چيو پئي ته صبح جو نجمه جي مٽي مائٽي واري ڳالهه ڪندينءَ، سڏينس ته نڪتو نه هليو وڃي.“
”ادا ٿورو هيڏانهن ته اچجو مونکي توهان سان ڪجهه ڳالهائڻو آهي.“
”آپا ڇا ڳالهه آهي.... خير ته آهي نه...“
”ها، ها، خير آ..... توهان به ٻن ٽن ڏينهن لاءِ ڳوٺ پيا وڃو ان ڪري سوچيم ته ڳالهه ڪري وٺان....“
”اهڙي ڪهڙي ڳالهه آ جو منهنجي واپسي تائين جو انتظار نه ٿو ٿي سگھي.“
”نجمه لاءِ هڪ سٺو رشتو آيو آهي.....“
رحمان تجسس مان پڇي ٿو،
”ڪٿان....؟ ڪير آهن.... نجمه ته اڃان ننڍي آهي.“
”منهنجي هڪ ڪليگ جي پٽ جي شادي ۾ نجمه سان گڏ وئي هئس اتي گھوٽ جي دوست جي فيملي لاڙڪاڻي کان آئي هئي نجمه کين ڏاڍي پسند آئي ڇوڪري جي هتي پورٽ تي اسسٽنٽ انجينئر جي جاب آهي انهن چورايو آهي، تون ڳوٺان ٿي اچ پوءِ جاچ جوچ ڪري وٺجانءِ.“
”ٺيڪ آ، جي توهان کي ماڻهو سهي لڳن ٿا ته پوءِ ڏسي وٺنداسين ان ڳالهه کي.... مون کي ڏينهن ٻه لڳي ويندا اچڻ ۾......“
مريم به تيار ٿي ٻاهر اچي ٿي ۽ سڀني کان موڪلائي ٿي، گل بانو جي ويجھو اچي کيس چوي ٿي:
”چاچي توهان مونسان ناراض آهيو نه، مان هاڻي وڃان پئي حياتي تي ڀروسو ناهي. منهنجي غلطين کي دل مان ڪڍي مونکي معاف ڪري ڇڏيو.“
گل بانو سندس ايترو چوڻ تي ڏکاري ٿي وڃي ٿي، سندس مٿي تي هٿ رکي دعا ڏئيس ٿي.
”الله چڱي ڪندوَ، خير سان پنهنجي گھر واپس ايندينءَ. سڀني کي سلام چئجانءِ.“
موڪلائي ٻاهر نڪري وڃن ٿا.
”وقت ماڻهوءَ کي سڀ ڪجهه سمجھائي ڇڏي ٿو، الله کيس اولاد جي خوشي نصيب ڪري ، خير خيريت سان پنهنجي گھر موٽي اچي،“
شمسه کيس پرپٺ دعا ڏئي ٿي... ان تي گل بانو حسرت سان چوي ٿي،
”ڪيڏو نه چڱو ٿئي هاته هتي ڊليوري ڪرائي ها، اسان کي به الڪو نه ٿئي ها، هاڻي جيسيتائين خير سان هٿ پير لهي فارغ نه ٿيندي ساهه ٽنگيو پيو هوندو.
”بس امان دعا ڪيوس، رب سڻائي ڪندو.“
•
سنڌيا اسپتال کان ڊسچارج ٿي گھر واپس آئي آهي، هوءَ چپ چاپ بيڊ تي ليٽي پئي آهي سندس اکيون هڪ ٽڪ ڇت کي گھوري رهيون آهن جن ۾ آيل لڙڪ بند ٽوڙي ٻاهر نڪرڻ لاءِ تيار آهن، رابعه سوپ جو پيالو کنيو کيس پيارڻ جي ڪوشش ڪري ٿي سنڌيا بار بار هٿ سان منع ڪري ٿي، ڪالهه کان ڪجهه نه کاڌو اٿئي سياڻي ٿي هڪ ٻه چمچا پي وٺ.
سنڌيا روئندي جھيڻي آواز ۾ چوي ٿي،
”سوري آپي منهنجي ڪري توهان سڀني کي پريشاني ٿي آ نه.“
”نه اهڙي ڪابه ڳالهه ڪانهي پر افسوس ضرور ٿو ٿئي، ته توکي ڪو ڏک، ڪا تڪليف هئي ته اسان سان شيئر ڪرين ها، اهڙو انتهائي قدم کڻڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي.“
”نه آپي نه، مونکي ڪو ڏک ناهي.“
”ته پوءِ اهي ننڊ جون گوريون ڇو کاڌئي ۽ تو وٽ ڪٿان آيون.“
”آپي پڙهائي جي ٽينشن جي ڪري ڪيترن ڏينهن کان ننڊ نه پئي آئي هڪ دوست لکي ڏنيون هيون. يونيورسٽي ڀرسان ميڊيڪل اسٽور تان وٺي آئي هيس، روز رات جو کائي سمهندي آهيان.“
رابعه سمجھي وڃي ٿي ته سنڌيا کيس ڪجهه ٻڌائڻ نه ٿي چاهي، ان ڪري مزيد کيس پريشان نه ٿي ڪري ۽ ٻاهر هلي وڃي ٿي. سنڌيا جيڪا دير کان پاڻ تي ضبط ڪيو پئي هئي ڀيڻ جي ويندي ئي اکين ۾ آيل لڙڪ وهي اچنس ٿا ۽ اوڇنگارون ڏئي وهاڻي ۾ منهن وجھي روئڻ لڳي ٿي، جڏهن دل جو غبار ڪجهه جھڪو ٿئيس ٿو ته سوچي ٿي ته سندس خط رحمان کي ملي ويو هوندو. مون سمجھيو هو ته اهو منهنجي مرڻ کانپوءِ رحمان تائين پهچندو، مون وٽ رحمان کان جان ڇڏائڻ لاءِ موت کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نه هيو. مون بابا وارن کي اهڙو ڪوبه صدمو ڏيڻ نه ٿي چاهيو، منهنجي بدنامي ۽ خواري جو طوق ڳچيءَ ۾ وجھي منهنجي گھر وارا ته زنده درگور ٿي ويندا. آپي جي شادي شده زندگي تي ڇنڊا پوندا. ليڪن مان هاڻي ڇا ڪريان، هنن مونکي ڇو بچايو، مان رحمان کان ڪيئن پيڇو ڇڏايان، منهنجي غلطين جو خيمازو منهنجي گھر وارا ڇو ادا ڪن، يا الله ! مونکي سمڪ ڏي. سوچيندي سوچيندي وري نيم بيهوشي واري ڪيفيت طاري ٿي وڃيس ٿي، رابعه اندر اچي کيس آرام ۾ ڏسي واپس هلي وڃي ٿي.
ڪجهه ڏينهن کانپوءِ سنڌيا جي طبيعت بلڪل ٺيڪ ٿي وڃي ٿي ته گھر مان به ٽينشن واري حالت ختم ٿي وڃي ٿي رابعه به گھر وڃڻ جي تياري ڪري ٿي ته شوڪت علي کانئس پڇي ٿو، ”رابعه پٽ! ڏي خبر ڀيڻين ڪجهه ٻڌايو....“
”نه بابا گھڻوئي پڇيومانس پر ڪجهه نه ٻڌايائين، بس بار بار اهو ٿي چوي ته ننڊ نه اچڻ جي ڪري گوريون پئي کاڌائين شايد وڏي پاور جون هيون ...“
”اها ته نٽائڻ واري ڳالهه ٿي نه، ڀلا ايتريون گوريون ننڊ لاءِ کائبيون آهن ڇا؟“
”بابا هاڻي احمد جي به شادي ڪري ڇڏيو گھر ۾ ڪا عورت ايندي ته سنڌيا جي به دل لڳي پئي هوندي، مان خاله زهره ۽ سنيتا سان وڃي ڪومل جي رشتي لاءِ ڳالهه ڪري ٿا اچون.“
انهي وقت سنيتا به اچي وڃي ٿي ۽ گڏجي پروگرام ٺاهن ٿيون. رابعه به موڪلائي گھر وڃڻ لاءِ احمد سان ٻاهر نڪري وڃي ٿي ته سنيتا سنڌيا جي ڪمري ۾ هلي وڃي ٿي. جتي سنڌيا سوچن ۾ گم ليٽي پئي آهي سنيتا کي ڏسي چهري تي مصنوعي مرڪ آڻي اٿي کيس ڀرسان ويهڻ لاءِ جاءِ ڏئي ٿي. سنيتا کيس ٻڌائي ٿي ته رحمان ۽ مريم ڳوٺ ويا آهن، اهو ٻڌي سک جو ساهه کڻي ٿي ته ڪجهه ڏينهن لاءِ ته مصيبت ٽري، سنڌيا سنيتا کي ٻڌائي ٿي ته ڪجهه ڏينهن ۾ آپي جي ڊليوري ٿيڻ واري آ، سنيتا اهو ٻڌي خوش ٿي وڃي ٿي ۽ کيس هڪ ٻي خوش خبري ٻڌائي ٿي ته جلد ڪومل جي گھر سندس رشتي لاءِ هلڻ واريون آهيون، سنڌيا اهو ٻڌي خوش ٿي چوي ٿي،
”سچ...! ڏاڍو مزو ايندو احمد جي شادي جي تيارين ۾.... ڪڏهن ٿا هلون اوڏانهن......“
”تمام جلد... چڱو مان هلان ٿي..... تون آرام ڪر....“
سنيتا وڃي ٿي ته سنڌيا وري ڳوڙهين سوچن ۾ گم ٿي وڃي ٿي.
ڪجهه ڏينهن کانپوءِ رابعه خاله زهره سنڌيا ۽ سنيتا ڪومل جي گھر وڃن ٿيون ۽ ڪومل جو احمد سان رشتو پڪو ڪري اچن ٿيون کين ڪومل جي گھر وارا به تمام گھڻو پسند اچن ٿا، ٻنهي گھرن جو هڪ ٻئي ڏانهن اچڻ وڃڻ ٿئي ٿو، ڪومل جي گھر وارن کي به شوڪت علي جي گھر جو ماحول تمام گھڻو پسند اچي ٿو.
سنڌيا احمد جي شادي جي تيارين ۾ مگن ٿي ڪجهه وقت لاءِ رحمان جو خوفناڪ تصور ذهن مان وساري ڇڏي ٿي. هوءَ خدا کان هر وقت اهائي دعا گھري ٿي ته رب سائين ڪري ته رحمان اتي ئي رهي پوي مريم جون زمينون سنڀالي. ڪاش! مريم ۽ سندس ماءُ کيس اتي رهڻ لاءِ مجبور ڪن، ڪاش! ان کي ننڍڙو ٻار ٿئي ۽ ان جي محبت ۾ ٻيو سڀ ڪجهه وساري ڇڏي، اهو سڀ سوچيندي هوءَ روزمره جي معمولات ۾ مصروف رهڻ جي ڪوشش ڪندي رهي ٿي، دل ۾ هڪ اميد پيدا ٿئي ٿي. ته اچانڪ هڪ ڏينهن جڏهن گھر ۾ ڪير به ڪون هو، فون جي گھنٽي وڄي ٿي، ڊڄندي ڊڄندي فون کڻي ٿي ٻئي طرف آواز ٻڌي سندس چهري جو رنگ هرک جي ڪپڙي جهڙو اڇو ٿي وڃي ٿو، اکيون ڦاٽي وڃنس ٿيون، ٻئي طرف رحمان مڪاراڻه انداز ۾،
”اڙي...! سنڌيا بيگم... چئبو ته تون اڃان زنده آهين.... ڇو مرڻ جو پروگرام ڪينسل ٿي ويو ڇا.“
سنڌيا خاموشي سان رسيور هٿ ۾ کنيو بيٺي آهي سندس اکين مان لڙڪ لارون ڪري ٽمڻ لڳن ٿا، بيوسي جي عالم ۾ سوچي ٿي، اهو سڀ رحمان پيو چوي، جيڪو هن کي ڪا رهڙ ايندي هئي ته جھڄي پوندو هو....... کلڻ، وري ٽوڪ ڀريو آواز سندس ڪنن کي چچري رکي ٿو،
”ڏس نه منهنجي جان..! منهنجي محبت توکي مرڻ به نه ڏنو،... ري ٽراءِ.“
شايد منهنجي محبت هارائي وڃي، تون زنده آهين.... منهنجي ڳالهه ٻڌين پئي، اهوئي منهنجي سچي محبت جو ثبوت آهي، تون به منهنجي بغير رهي نه ٿي سگھين، ان جو به مونکي يقين آهي.... ٺيڪ آ نه ....“
سڏڪا ڀريندي سنڌيا گھٻرايل لهجي ۾ چوي ٿي،
”ها رحمان مون واقعي توسان بي انتها محبت ڪئي، توکي پنهنجو سڀ ڪجهه سمجھو، توتي اعتبار ڪيو، ۽ تون... دولت ۽ ملڪيت جي لالچ توکي مونسان دوکو ڪرڻ تي مجبور ڪيو..... هاڻي ڪهڙي دعويٰ ٿو ڪرين محبت جي. خدا جي واسطي ۽ پنهنجي ان نام نهاد محبت جي ناتي مونکي منهنجي حال ۾ جيئڻ ڏي..... نه ڪر منهنجي هن ويران زندگي کي مزيد برباد.....“
رحمان کلندي چوي ٿو:
”نه سنڌيا نه، مان ڪڏهن پيو ڪريان تنهنجي زندگي برباد، مان ته تنهنجي زندگي ۾ محبت جا گل نڇاور ڪرڻ چاهيان ٿو، ڊپ نه ڪر، ڪجهه به ياد نه ڪر، آهسته آهسته پنهنجي پراڻي دنيا ۾ واپس اچڻ جي ڪوشش ڪر، سمنڊ جون تيز لهرون واري تي آڏا ابتا نشان وجھي گذري وينديون آهن، جيڪي پائدار ناهن هوندا ۽ تيز هوائون انهن کي ميساري ڇڏينديون آهن، سمنڊ جي سطح تي ان جو ڪوبه نشان ناهي بچيو، تون به ان ٻڏل ٻيڙيءَ ۾ هاڻي پنهنجون اکيون ۽ لب بند ڪري مسڪرائڻ شروع ڪر.“
”نه رحمان اها تون صرف مونسان نه بلڪه مريم سان به زيادتي پيو ڪرين، ۽ پنهنجي ايندڙ ٻار سان به..... جن کي تنهنجي توجه جي ڀرپور ضرورت آهي، واپس هليو وڃ انهن جي زندگيءَ ۾، مونکي منهنجي حال تي ڇڏي ڏي .....“
”منهنجي محبت تي غور ڪر، توکي سوچڻ جو وقت ڏيان ٿو. موٽي اچ منهنجي زندگي ۾ ،مان نه ٿو چاهيان ته مان پنهنجي محبت ۾ ناڪام ٿي تنهنجي لاءِ ڪجهه غلط ڪري ويهان، واعدو ٿو ڪريان ته تنهنجي محبتن جي ڇانو ۾ پوري زندگي تنهنجي نالي ڪري ڇڏيندس، مريم ته صرف زال ۽ ٻارن جي ماءُ بنجي منهنجي زندگي ۾ رهندي......... ها هڪ ٻي ڳالهه به پنهنجي دماغ ۾ ويهاري ڇڏ، مان هونئن به توکي ڪنهن ٻئي جو ٿيڻ ڪڏهن به نه ڏيندس، اهو منهنجو پاڻ سان واعدو آ......“
سنڌيا وڌيڪ برداشت نه ٿي ڪري سگھي، ڪنهن جي اچڻ جو بهانو ڪري فون بند ڪري ڇڏي ٿي. تڪڙا قدم کڻندي پنهنجي ڪمري ۾ اچي ٿي ، هڪ ڊگھو ساهه کڻي ڪمري ۾ هلڻ شروع ڪري ٿي سندس دماغ سُن هو صرف قدم هلي رهيا هئا، هاڻي ڇا ٿيندو، اهو سوال بار بار سندس ذهن ۾ هلچل پيدا ڪري رهيو هو، آواز وڌندو پئي ويو ۽ ان جو پڙاڏو به وڌندو پئي ويو. اچانڪ وحشت وڌڻ لڳي درد ايترو ته وڌي ويو جو دل چاهيو ته دنيا کي تهس نهس ڪندي ڀڃندي ڀوريندي ٻئي پار نڪري وڃي ايترو پري جو ڪو آواز ڪو پاڇو سندس پيڇو ڪري نه سگھي. هوءَ ٻارن وانگر خوفزده ٿي لڪڻ جون جايون ڳولهڻ لڳي انهي وقت سنيتا جي ياد آيس، جلدي وڃي ان جو نمبر ملائڻ لڳي، ڪجهه دير کانپوءِ سنيتا جو آواز آيو،
”هيلو“
”سنيتا! مان آهيان سنڌيا.... هوءَ صرف ايترو چئي سگھي.....“
”تون.....؟ سنيتا جو ساهه ئي سُڪي ويو، ڇا ٿيو آ ٻڌاءِ ڇا ٿيو آ.“
”هاڻي ٻيو ڇا ٿيندو..... اها ته مونکي خبر ناهي..... ليڪن درد ايڏو آ جو ساهه کڻڻ مشڪل پيو لڳي، لڳي ٿو ته دل ڌڪ ڌڪ ڪندي بند ٿي ويندي. يا وري دماغ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندو...... هوءَ ٻارن وانگر شڪايت ڪري رهي هئي.“
”پر ڇو....؟“
”ڇا ٿيو آهي..... ٻڌاءِ ته سهي.“
سنيتا جو آواز وڌندو پئي ويو،
”اهو نه پڇ ته ڇا ٿيو آهي، بس اندر ۾ باهه ٻري رهي آهي، لڳي ٿو ته مان ڪنهن آتش فشان جي منهن ۾ ويٺي آهيان، جي اهو ڦاٽي پيو ته مان انهي لاوا کي ڪيئن روڪي سگھنديس، دنيا جي نظرن کان ڪيئن لڪائينديس.“
هوءَ بنا سوچڻ سمجھڻ جي ڳالهائيندي پئي وئي هر اها ڳالهه جيڪا ڪيترن ڏينهن کان اندر ۾ سانڍيو پئي وتي.
”چڱو منهنجي ڳالهه ٻڌ...، (سنيتا دهشت زده ٿي وئي هئي.) تون وري اهڙو ڪجهه به نه ڪجانءِ، صرف منهنجو انتظار ڪر مان اجھو ٿي اچان.“
سنڌيا چپ چاپ رسيور رکي ڇڏي ٿي، سنيتا سان ڳالهائي سندس دل جو بار جھڪو ٿي وڃي ٿو، واپس ڪمري ۾ اچي ليٽي پوي ٿي.
ڪيتري وقت کانپوءِ اڄ ڪلهه گل بانو جو موڊ ڪافي خوشگوار رهڻ لڳو آهي، مراد خان جي طبيعت خراب هئڻ جي ڪري رحمان سان گڏ علاج جي سلسلي ۾ ڪراچي آيل آهي، گل بانوءَ جي شروع کان مراد خان سان ڪافي گھڻي گھرائپ رهي آهي، هر ڏکئي وقت ۾ هن گل بانوءَ وارن جي هڪ ننڍي ڀاءُ جيان مدد ڪئي آهي، ان ڪري گل بانو ۽ سندس ٻار به کيس سڳي مامي جيترو مانُ ڏيندا آهن. اڄ به گل بانو ۽ مراد خان ٻاهر لائونج ۾ ويٺا پراڻيون يادون تازيون ڪري رهيا آهن.
”مراد خان تو ٻيهر شادي نه ڪري پاڻ سان ظلم ڪيو، ٻچڙيوال ٿي پوين ها ته اڄ ڪو مروٽا ڏيڻ وارو ته هجئي ها، پر تنهنجي ڀيڻ، ان کي ته وفادار نوڪر کپندو هو، جنهن توکي ڪڏهن به خوش رهڻ نه ڏنو. “
”نه ادي نه،! اهڙي ڳالهه ناهي، نوران کان پوءِ دل ئي نه چيو ته ڪا ٻي شادي ڪجي.“
”ها نوران هئي به ڏاڍي سلڇڻي ڇوڪري، ڪو اولاد ٿي پويس ها ته به تنهنجي پيريءَ جو سهارو ٿي پوي ها.“
ٿڌو ساهه ڀري چوي ٿو،
”بس ادي جيڪو مقدر ۾ لکيل هو.“
”مراد خان هڪڙي ڳالهه چوانء دل ۾ نه ڪجانء، تو به شهروء کي صلاح نه ڏني ته ڳوٺاڻي ڇوڪري شهر ۾ ڏکي ٿيندي. منهنجو هڪڙو ٻچڙو هو، ان جي زندگي ئي برباد ٿي وئي، ڇوڪري ۾ ڪو ڌياڻو لڇڻ ڪونهي. “
”بس ادي ....... ادي شهروءَ کي هر ڳالهه ۾ تڪڙ هوندي آهي........ مون ته چيس ته مائٽن ۾ ڪا سٺي مٽي ڏسي اتي ڪري. ڳوٺ ۾ به سٺي مٽي هئي مريم جي پري جي ڏاڏاڻي آڪهه ۾، پر اوچتو رحمان اچي نڪتو، اهو اهڙو وڻيس جو توهان جي ناراضگي جو به خيال نه ڪيائين، جھٽ ۾ شادي لاءِ تيار ٿي بيٺي.“
”ائين نه ڪيو ها ادا.....“
مراد خان گل بانو جي دل جوئي ڪرڻ خاطر چوي ٿو،
”ادي الله مڙئي چڱي ڪندو، سڀ لکئي جا ليک آهن ٻچڙا ٿيس ته پاڻهي سکي ويندي، يتيم نياڻي آ، ڀاءُ ڀروئي ته اٿس ڪونه مڙئي پارت اٿئي، مٿي تي هٿ رکيو اچجانئس.“
شمسه گلاس ۾ اوولٽين مليل کير کڻي اچي ٿي،
”ماما....! مان هي اوولٽين مليل کير ٺاهي آئي آهيان، ڊاڪٽر چيو هو ته توهان ڪمزور آهيو.“
مراد خان سندس مٿي تي هٿ رکي چوي ٿو،
”الله اولاد جون خوشيون نصيب ڪرئي، آمين.“
توهان ڪچهري ڪيو مان ڪچن ۾ ڪم ڪري وٺان.
•
ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ڪومل ۽ احمد جي شادي ٿئي ٿي، ڪنوار رخصت ٿي گھر اچي ٿي. گھر ۾ ڪافي چهل پهل ۽ هل هنگاما شادمانه لڳا پيا آهن هر مُک تي خوشي نظر اچي پئي، هر طرف شادمانيءَ جو منظر آهي، شمسه ۽ نجمه به سندن هن خوشي ۾ شريڪ آهن. رات جي ڊنر جو اهتمام گھر ۾ ئي ڪيو ويو آهي خاله زهره سنيتا ۽ سنڌيا خوشي خوشي مهمانن جي اڳيان پويان ڦري رهيون آهن، ڊنر کانپوءِ آهستي آهستي مهمان موڪلائڻ شروع ڪن ٿا، شمسه ۽ نجمه به رابعه وٽ اچي موڪلائيندي کيس دعوت ڏئي ٿي ته سنڊي تي نجمه جي انگيجمينٽ آهي، رسم ۾ شرڪت ڪندو ته مونکي بيحد خوشي ٿيندي. موڪلائي هليون وڃن ٿيون. سڀني مهمانن کي رخصت ڪري سڀ ڪنوار جي ڪمري ۾ اچن ٿا، کل ڀوڳ دوران چانهه جو دور هلي ٿو آخر سڀ ٿڪجي پنهنجن ڪمرن جو رخ ڪن ٿا، خاله زهره به صبح جو ناشتو آڻڻ جو چئي پنهنجي گھر رواني ٿئي ٿي.
صبح جي وقت گل بانو ٻاهر ويٺي آهي ته رحمان اچي ڊائننگ ميز تي ويهي ٿو.
”پٽ ڀيڻين ناشتو ٺاهي رکيو اٿئي،“
”ٺيڪ آ امان مان ڪيان ٿو،..... نجمه به ڪاليج نه ٿي وڃي ڇا....؟“
”ها صبحاڻي سندس رسم آ نه، ان ڪري ماڻس روڪيو اٿس.“
”ٺيڪ آ مان آفيس هلان ٿو، واپسي تي صبحاڻي لاءِ سامان وٺيو ايندس ان ڪري شام جو اچڻ ۾ دير ٿي ويندي الڪو نه ڪجو.“
”الله واهي.......“
رحمان جي وڃڻ کان پوءِ شمسه به اٿي اچي ٿي، گل بانو چويس ٿي،
”وري وڃي سمهي پئينءَ ڇا“
”ها امان رات سنڌيا جي ڀاءُ جي شاديءَ مان دير سان واپسي ٿي، ٿڪجي پياسين ان ڪري آرام پئي ڪيم.“
”ڏي خبر ڪنوار ڪيئن هئي......“
”امان ڏاڍي پياري ڇوڪري ورتي اٿن.“
”پر ناني امان، سنڌيا ته ڪالهه ڏاڍي پياري پئي لڳي، ڪنوار کان به وڌيڪ.“
گل بانو حسرت مان ٿڌو ساهه ڀري ٿي،
”رحمان هروڀرو لالچ ۾ اچي مريم سان شادي نه ڪري ها ته اڄ سنڌيا کي ڪنوار بنائي وٺي اچون ها.“
”بس امان سڀ لکئي جا ليک آهن سنڌيا کي اسان جي گھر نه اچڻو هو، نه آئي ان ۾ افسوس ڪرڻ مان ڪجهه ورڻو ته آهي ڪونه، سواءِ پاڻ کي ڏکارو ڪرڻ جي ، دعا ڪيوس ته نياڻيء جا ڀاڳ ڀلا ٿين.“
نجمه ماحول کي خوشگوار بنائندي،
”امان مامي مريم خير سان ننڍڙي ٻار سميت گھر ايندي ته هڪ سٺو فنڪشن ڪنداسين، ناني به مامي جي خوشي اکين سان ڏسي.“
”بلڪل، ٻار جي اچڻ جي ۽ رحمان جي شاديءَ جي خوشي گڏجي ملهائينداسين.“
گل بانو روئي ڏئي ٿي،
”ڪهڙي ضرورت آ، جي اسان جي گھر ڪا خوشي اچڻي هجي ها ته رحمان اسان جي مرضيءَ سان شادي ڪري ها. چڱو مان وڃان ٿي مراد خان ڏي، ٻاهر ٿڌ وڌي وئي آهي.“
•
گھر ۾ اڃان شادي جو ماحول لڳو پيو آهي صبح ساڻ ڪومل جي ڀيڻ ڀاڀي ۽ ڀاءُ گھوٽ ڪنوار لاءِ ناشتي جو سامان کڻي آيا آهن، سڀ خوش خوش ناشتي جو اهتمام ڪري رهيون آهن، سنيتا به يڪو ٻن ٽن ڏينهن کان سنڌيا جي گھر رهيل آهي ۽ سڀني سان شادي جي ڪمن ڪارين ۾ مصروف آهي، ناشتي کان فارغ ٿي ڪومل احمد ۽ پنهنجي مائٽن سان گڏ پنهنجي ڪمري ڏانهن وڃي ٿي ته رابعه سنڌيا کي چوي ٿي ته:
”رات آپا شمسه نجمه جي انگيجمينٽ جي دعوت ڏئي وئي هئي، سنيتا ٻڌائي پئي ته گھر ۾ ننڍڙو فنڪشن رکيو اٿن، آپا گھڻو تاڪيد ڪري وئي هئي، تون هلندينء نه.“
سنڌيا نٽائي وڃي ٿي ته گھر ۾ مهمان آيل آهن نئين ڪنوار آ، سٺو نه ٿو لڳي ته سڀ گھر ڇڏي هلون، ان ڪري هوءَ سنيتا کي ساڻ ڪري اٽينڊ ڪري اچي، سنيتا سمجھي وڃي ٿي ان ڪري هو کيس زور نه ٿيون ڀرين. سنيتا تيار ٿيڻ لاءِ گھر هلي وڃي ٿي، سنڌيا خدا جو شڪر ادا ڪري ٿي ته سنيتا ڳالهه کي سنڀالي ورتو ۽ آپي کيس مجبور نه ڪيو، نه ته ڪهڙو بهانو ڪري ها اهو سوچيندي هوءَ پنهنجي ڪمري ڏانهن وڃڻ جي ڪري ٿي ته فون جي گھنٽي وڄي ٿي، سنڌيا فون کڻي ٿي ٻئي طرف رحمان آ، سنڌيا جو منهن لهي وڃي ٿو فون بند ڪري ڇڏي ٿي ته وري رنگ ٿئي ٿي جلدي کڻي ٿي.
”مونکي خبر آهي سنڌيا ته، اها تون آهين، ڏس فون بند نه ڪجانء ضروري ڳالهه ٻڌ، توکي نجمه جي رسم ۾ ضرور اچڻو آ، سمجھئي ضرور! مطلب ضرور.... ڪوبه بهانو نه هلندو ، مون کي توسان ضروري ڳالهائڻو آ، صبحاڻي مان وري ڳوٺ ٿو وڃان.... سمجھئي.“
سنڌيا، رحمان ...، رحمان. ڪندي رهجي وئي ليڪن ڪوبه جواب ڏيڻ کان سواءِ هن فون بند ڪري ڇڏيو، سنڌيا رسيور رکي مٿي کي هٿ ڏئي ويهي رهي.
”هاڻي ڇا ڪيان آپيءَ کي منع ڪري وري ڪيئن چوان ته مان هلان ٿي.“
انهي وقت احمد ڪمري مان نڪري ٿو، سنڌيا کي مٿي کي هٿ ڏئي ويٺل ڏسي چوي ٿو،
”خير ته آهي..... تون ٺيڪ ته آهين نه سنڌيا.....“
”ها، ها، مٿي کي ٿورو چڪر اچي ويو، رات سهي ننڊ نه ڪئي آ نه،“
”چڱو تون هلي آرام ڪر مان اهو ٻڌائڻ آيس ته اسان سڀ ڪومل جي گھر پيا وڃون.“
انهي مهل رابعه به اچي ٿي، اهو ٻڌي سنڌيا ڏي نهاري چوي ٿي،
”توهان وڃو ٿا ته پوءِ سنڌيا به فارغ آ، مونکي اڪيلو وڃڻ ڏکيو پئي لڳو. ڇوته مان پهرين اوڏانهن وئي ڪونه آهيان نه، توهان ڀلي ڪومل وارن وٽان ٿي اچو، اجھو ٿي سنيتا تيار ٿي اچي ته اسان وڃي نجمه وارن جو فنڪشن اٽينڊ ڪري ٿا اچون، سنڌيا هاڻي ته توکي ڪو اعتراض ڪونهي نه.“
سنڌيا اطمينان جو ساهه کڻي ٿي ته آپي پاڻ ئي مسئلو حل ڪري ڇڏيو، ٿوري دير کان پوءِ سنيتا ڊريس کڻي اچي ٿي ته سنڌيا کيس سڄي صورتحال ٻڌائي ٿي جنهن تي سنيتا کي ڪاوڙ ته ڏاڍي لڳي ٿي پر، ٻئي ڪمري ۾ وڃي خاموشي سان تيار ٿين ٿيون.
گل بانو جي گھر ۾ خوشي جو سمان آهي، هر طرف ٽهڪڙا متل آهن، گل بانو ۽ شمسه ايندڙ مهمانن جي آڌر ڀاءُ ۾ رڌل آهن ان وقت نجمه جا ٿيندڙ ساهرا اچن ٿا سڀئي خوشدلي سان سندن آڌر ڀاءُ ڪن ٿا ۽ کين سندن لاءِ مخصوص ڪيل جاءِ تي کين ويهارن ٿا.
رحمان به ڇوڪري جاويد ۽ سندس والد ۽ ڀاءُ جي خدمت چاڪري ۾ لڳو پيو آهي پر سندس نگاههون بار بار دروازي ڏانهن کڄي وڃن ٿيون، انهي وقت رابعه سنڌيا ۽ سنيتا اندر داخل ٿين ٿيون، گل بانو سنڌيا کي ڏسي حيران ٿي وڃي ٿي کيس اها توقع نه هئي ته رحمان جي شاديءَ کان پوءِ به سنڌيا سندن گھر ايندي، سوچي ٿي ته نياڻيءَ سان ايترو ڪجهه ٿي ويو پوءِ به نجمه سان دوستي نباهڻ خاطر اسان وٽ هلي آئي آ، هن جي وهم و گمان ۾ به نه هو ته هن سان سندس پٽ ڪهڙي ويڌن ڪندو پيو اچي، سنڌيا ڀرسان اچي ٿي ته ٿڌو ساهه کڻي هن سان ڀاڪر پائي ملي ٿي، رحمان جي نظر جڏهن سنڌيا تي پوي ٿي ته اکين ۾ چمڪ ۽ چهري ٿي شاطرانه مرڪ اچي وڃيس ٿي، پري کان هڪ ٽڪ سندس چهري کي تڪيندي پنهنجي منهن ڀڻڪندي چوي ٿو،
”نيٺ اچي ويونه اٺ پهاڙ هيٺان، اڄ نه ته اچي ها.....“
سنڌيا جي نظر به رحمان ڏانهن کڄي وڃي ٿي، اندر ۾ متل مانڌاڻ جا تاثرات چهري تي صاف بکي رهيا اٿس، ايتري ۾ نجمه جي ڪاليج جون سهيليون کيس سينگاري ٻاهر لائونج ۾ وٺي اچن ٿيون، منڊي ۽ چادر اوڍائڻ جي رسم ڪئي وڃي ٿي، مبارڪ سلامت جي گوڙ جو فائدو وٺي رحمان آهستگي سان اچي سنڌيا جي ڀر ۾ بيهي ٿو، ۽ سڀني جي نظر بچائيندي سندس هٿ جھلڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، سنڌيا آهسته آواز ۾ تنبيهي لهجي ۾.
”رحمان پليز....! ڪجهه ته خيال ڪيو ڪنهن ڏسي ورتو ته ڇا سوچيندو.“ غير محسوس انداز ۾ سرڪي رابعه سان گڏ وڃي بيهي ٿي، سڀئي اٿي هڪٻئي کي مبارڪون ڏين ٿا، انهي دوران رحمان ٻيهر سنڌيا جي ڀرسان وڃي بيهي ٿو ۽ آهسته آواز ۾ چوي ٿو:
”سنڌيا توکي مونسان ملڻو پوندو سمجھئي اهو منهنجو آخري فيصلو آهي، مان صبحاڻي ڳوٺ ٿو وڃان.......... تون سوچي وٺ.“
اهو چئي رحمان اڳتي وڌي وڃي ٿو، سنڌيا جو منهن فق ٿي وڃي ٿو، سنيتا اهو سڀ ڏسي رهي آهي کائنس پنهنجي سهيلي جي اها حالت برداشت نه ٿي ٿئي، سندس هٿ پڪڙي نجمه جي ڪمري ڏانهن وٺي وڃي ٿي،
”سنڌيا پنهنجي حالت درست ڪر، ٻاهر کوڙ ساترا مهمان ويٺا آهن توکي ان حالت ۾ ڏسي ڇا سوچيندا،“
سنڌيا جي اکين ۾ لڙڪ لڙي اچن ٿا،
”ان حالت جي مان پاڻ ذميدار آهيان، هاڻي ته، ”نه جائي ماندن نه پائي رفتن“ وارو حال آهي، نه رحمان سان گڏ اڳتي وڌي ٿي سگھان نه پوئتي هٽي ٿي سگھان.“
”ڇو ...! صاف انڪار ڪري ڇڏ، ڇا ٿيندو ....“
سنڌيا سنيتا کي اهو نه ٿي ٻڌائي سگھي ته رحمان ڪهڙي ڌمڪي ڏني آهي،
دل ئي دل ۾ چوي ٿي:
”مان توکي ڇا ٻڌايان ته مان ڪهڙي ڌٻڻ ۾ ڦاسي وئي آهيان، قدم اندر ئي اندر دٻجندا ٿا وڃن. ٻاهرنڪرڻ يا پاڻ ڇڏائڻ جو ڪو وسيلو ئي نه رهيو آ، ڪاش! مان رحمان تي اهڙو انڌو اعتبار ڪندي هن جي هٿن ۾ پنهنجي اهڙي ڪمزوري نه ڏئي ويهان ها.“
سنيتا پرس مان ٽيشو پيپر ڪڍي کيس ڏئي ٿي،
”هي وٺ اکيون ۽ منهن صاف ڪر ته اندر هلون، اتي پارٽي شروع ٿي وئي هوندي، هروڀرو ڪير اسانجي غير موجودگي کي محسوس نه ڪري وٺي.“ ٻئي جلدي سان لائونج ڏي وڃن ٿيون جتي جي چهل پهل ۾ پاڻ کي شامل ڪري ڇڏين ٿيون.
•
رابعه ڪجهه ڏينهن مائٽن جي گھر رهي پنهنجي گھر وڃي ٿي ته احمد ۽ ڪومل کي پنهنجي گھر اچڻ جي دعوت ڏئي ٿي، احمد چويس ٿو ته مهمانن جي اچڻ جو سلسلو گھٽجي ته پوءِ هو چڪر هڻندا، رابعه گھر ۾ ان ڳالهه جو ذڪر پنهنجي ننڍڙي نڻان سان ڪري ٿي ته هوءَ ان گھڙيءَ کان گھوٽ ڪنوار کي ڏسڻ لاءِ بيتاب ٿي وڃي ٿي، ان ڏينهن کان تيارين ۾ لڳي وڃي ٿي نئون جوڙو ٺهرائي ٿي ڀاڀي سان گڏجي گھر جي سيٽنگ چينج ڪري ٿي، آخر اهو ڏينهن به اچي وڃي ٿو جڏهن ڪنوار گھوٽ اچڻ وارا آهن، هوءَ صبح کان ڪيترا ڀيرا ڀاڀي جي ڪمري ۾ اچي پڇي چڪي آهي ته گھوٽ ڪنوار ڪيڏي مهل ايندا، رابعه کلي کيس چوي ٿي ته بس اچڻ وارا آهن.
”ڀاڀي مان شادي واري ڏينهن اميءَ سان گڏ جلدي موٽي آئي هئس نه، ان ڪري مون ڪنوار نه ڏٺي هئي.“
طارق مذاق ڪندي ڀيڻ صوبيه کي چوي ٿو:
”توهان ڇوڪرين جو الائي ڪهڙو مسئلو آهي، ڪنوار ڏسڻ جو ايڏو شوق، ساڳيون ڇوڪريون هونديون آهن، ڪنوار ٿيون ته سرخاب جا پر لڳي ويندا اٿن ڇا، خبر به اٿو ته هر ڇوڪري هڪ ڏينهن ڪنوار ٿيندي.“
صوبيه جو منهن لهي وڃي ٿو، رابعه سندس لٿل منهن ڏسي مڙس کي چوي ٿي:
”پر جناب توهان کي ڀلا ڪهڙو اعتراض آ......“
انهي مهل ڊور بيل وڄي ٿي، طارق وڃي دروازو کولي ٿو ۽ احمد ۽ ڪومل کي ساڻ ڪري اندر اچي ٿو، رابعه ۽ صوبيه ساڻن ملن ٿيون، صوبيه ڪومل کي وڏي چاهه سان ڏسي رهي آهي،
”ڪنوار ته ڏاڍي پياري آ، ادا احمد توهان پسند سان شادي ڪئي آ نه ....“
”بلڪل پر هاڻي مونکي تنهنجي ڀاڀي ڪومل اصل نه ٿي وڻي.“
صوبيه معصوميت سان چوي ٿي،
”اهو وري ڇا پيا چئو.....“ سڀئي کلي پون ٿا.
طارق صوبيه کي چوي ٿو،
”پوءِ لاڳيتو اچي ڪنوار کي ڏسجانءِ، هل ته هنن لاءِ ڪجهه مهمان داري به ڪيون، تنهنجي ڀاڀي مهمانن کي اٽينڊ ڪري ٿي.“
ٻئي ٻاهر نڪري وڃن ٿا، رابعه ڪومل کان حال احوال وٺي ٿي،
”خوش ته آهين نه ڪومل....... احمد ڏي خبر جاب تي وڃڻ شروع ڪيئي يا اڃان هني مون پيرڊ پيو هلي.“
”نه آپي منڊي کان ويندس.“
ڪومل صوفي تان اٿي اچي رابعه جي ڀرسان بيڊ تي ويهي ٿي،
”آپي توهان سان هڪ ڳالهه ڪرڻي آهي.“
”ها، ها، چئو.......“
”آپي توهان ته هليا آيا پر سنڌيا گھر ۾ ڏاڍي چپ چپ ۽ اداس اداس رهڻ لڳي آهي، يونيورسٽي مان اچي ٿي ته ماني کاڌي نه کاڌي جهڙي، وڃي منهن ويڙهي سمهي رهي ٿي، شام جو اٿي ٿي ته اکيون ڳاڙهيون، ڄڻ روئيندي رهي هجي.“
”الائي ڇا ٿي ويو آ ڇوڪري کي، خبر ناهي ڪهڙو ڏک آ جيڪو کيس اندر ئي اندر ۾ کائي رهيو آ.... ڪومل پليز.....! منهنجي ڀيڻ جو خيال رکندي ڪر.“
”آپا آنرز ڪري وٺي ته ڪو سٺو رشتو ڏسي سندس انگيجمينٽ ڪري ڇڏيو.
احمد هنن جون ڳالهيون ٻڌي بور پيو ٿئي ان ڪري شرارت ڪندي،
”ڏٺوَ نه روائتي ڀاڀين وارو طريقو........ ته جيئن لهي مٿي تان نڻان جو وزن. هرو ڀرو وچ ۾ ويٺي آهي.“
”آپا ڏسو ٿا پنهنجي ڀاءُ کي....“
”ٺيڪ آ ڪومل مان ڪنهن ڏينهن اچان گھر ته پوءِ کانئس پڇنديس ته...“
انهيءَ وقت صوبيه ۽ طارق به ٽرالي ۾ ڪجهه کڻي اندر اچن ٿا ۽ پوءِ عام روائتي ڳالهين جو سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو.
رحمان کي ڳوٺ وئي هفتو کن ٿي ويو هو، هڪ ڏينهن شمسه ۽ نجمه شادي جي سلسلي جي شاپنگ ڪري گھر آيون ۽ آندل سامان سهيڙي رهيون هيون ته گل بانو ڪمري ۾ اچي ٿي هوءَ ڪافي خوش نظر پئي آئي اچڻ شرط ڌيء کي چوڻ لڳي،
”ٿي آيو بازار مان،“
”ها امان اهوئي پئي سانڍيم،“
”اهو ته مان پوءِ ٿي ڏسان، پهرين توکي خوشي جي خبر ٻڌايانءِ
شمسه سامان کي ڇڏي ماءُ کي اچي ڀاڪر پائي ٿي،
”اڄ منهنجي امڙ عرصي کانپوءِ ايڏي خوش آهي، ان کان وڌيڪ منهنجي لاءِ ٻي ڪهڙي خوشي جي خبر ٿي سگھي ٿي. پر ٻڌايو کڻي ته ڪهڙي ڳالهه آهي جيڪا ڳجھارتن ۾ پئي ٻڌائجي.“
”ناني امان ٻڌايو به کڻي ڇو پيا ايڏو سسپينس پيدا ڪيو.“
گل بانو مسڪرائيندي چوڻ لڳي، ”مبارڪ هجيوَ....... نجمه جو ننڍڙو ڀاءُ ۽ توکي پڦو چوڻ وارو اچي ويو آ هن دنيا ۾...........“
شمسه خوشيءَ وچان ماءُ کي ٻيهر ڀاڪر پائيندي،
”واقعي.....! پر توهان کي ڪنهن ٻڌايو؟“
”رحمان فون ڪئي هئي توهان ته هيئو ڪونه.... مون فون کنئي ڌ....... رحمان ڏاڍو خوش هو، خبر اٿئي نالو به رکي ڇڏيو اٿائين.“
”فواد“
نجمه منهن ٺاهيندي،
”اسان جي مرضي جي بنا نالو به رکجي ويو.“
شمسه کلندي،
”نه تو وڏ جکڙيءَ کان صلاح ڪري پوءِ رکي ها،...... امان مان ۽ نجمه ڊڪ پائي پاڙي واري دڪان تان مٺائي ٿا وٺي اچون.... پاڙي ۾ ورهائڻي آهي نه.“
”ها پٽ ڊوڙي وڃي وٺي اچو.“
•
ٻئي طرف رحمان ننڍڙي فواد کي جھولي ۾ کنيو ويٺو آهي ته شهربانو موقعو تاڙي کيس چوي ٿي،
”ابا، هاڻي خير سان ٻن مان ٽي ٿيا آهيو، اڳتي هلي ڪهول ٿيندو ان ڪري مريم چوي ٿي ته ڪراچيءَ ۾ جدا گھر وٺي رهون.“
”چاچي توهان کي ته خبر آ ته امان اڳي ئي هن شاديءَ تي ناراض آهي، وري جي جدا ٿياسين ته وڌيڪ ڏک ٿيندس، ڪجهه صبر ڪيو، نجمه جي شادي ٿي وڃي ته پوءِ انهي ڳالهه کي به ڏسنداسين،....... مون وٽ هينئر پئسو به ڪونهي جو جدا گھر وٺي سگھان.“
”پئسن جو تون فڪر نه ڪر منهنجا پئسه، ملڪيت سڀ مريم جي ئي ته آهي.... بس تون رڳو گھر وٺڻ جي ڪر باقي سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.“
”ها ابا ادي شهرو سهي ٿي چوي، سڄي ملڪيت اڳي پوءِ توهان جي ئي ته آهي..... ڇونه هينئر ئي توهان جي سک لاءِ ڪم اچي.... رهيون زمينون ته ٻيلي مون ۾ هاڻي سگهه ڪونهي، اهي به پاڻ ئي سنڀال.“ مراد خان کيس سمجھائي ٿو.
اهو ٻڌي رحمان دل ئي دل ۾ خوش ٿيندي سوچي ٿو ته اڄ ته مراد خان سندس دل جي ڳالهه ڪئي آهي هاڻي تمام جلد سڀ ڪجهه سندس ٿي ويندو. منزل باقي ٻه چار هٿڙا وڃي رهي آهي، پر تڪڙ ناهي ڪرڻي. ان ڪري مٿاڇري دل سان چوي ٿو،
”ماما الله توهان کي همت ۽ صحت ڏيندو، پنهنجي ملڪيت پاڻ ئي سنڀاليو. اسان نوڪرين وارا ماڻهو انهي جھنجھٽ کي ڪاٿي ٿا منهن ڏئي سگھون.“
مريم رحمان کي نٽائيندو ڏسي، ليٽئي ليٽئي چوي ٿي،
”بهانا ڇا لاءِ پيو ڪرين، چاچيءَ واريون ٿوري، ٿوري ڳالهه تي مهڻا پيون ڏينديون آهن..... مان هاڻي ايسيتائين ڪراچي نه هلنديس، جيستائين جدا گھر نه وٺي ڏيندين.“
رحمان اهو ٻڌي چڙي پوي ٿو،
”چيم نه ته هر ڳالهه ۾ تڪڙ سهي ناهي،... مان ڪراچي وڃان اتي گھر تلاش ڪيان.... ايترو سولو ڪم ناهي جو چپٽي وڄائيندي ٿي وڃي.“
مراد خان سمجھي وڃي ٿو ته هن ڳالهه کي وڌائڻ سان هروڀرو بدمزگي پيدا ٿيندي،
”ٺيڪ آ پُٽ جيئن تون بهتر سمجھين ڪر.... مريم کي اڃان مهينو ٻه هتي رهڻو آهي.... ڀلي ڪراچي هلي ته ادي گل بانو به پوٽاڻ مان پنهنجون سِڪون لاهي، ان سان دل وندرائي، گھر به وٺي وٺبو.“
شهربانوءَ کي ڀاءُ جي اها ڳالهه نه تي وڻي،
”ڪراچي ۾ ئي رهنداسين، ڪو پري ڪونه ٿا وڃون، ادي گلان جي دل چوندي ته اچي دل وندرائيندي....،“
”ڇڏيو هاڻي ان بحث کي، ڏسي وٺنداسين ته ڇا ڪرڻو آهي.... ماما هلو ٻاهر هلون، مونکي زمينن جو به سير ڪرايو پوءِ اچي ٿا ڇٽيءَ لاءِ ديڳ لهرايون، ڪنهن کي چيو اٿو.“
”ابا ڳوٺ جو حجم آهي، چورايو ٿمانس آيو هوندو، جيڪو سامان چيائين گھرائي ٿا ڏيونس پوءِ هلون ٿا ٻنين تي.“
هنن جي وڃڻ کانپوءِ شهربانو کلندي ڌيءَ کي چوي ٿي ته رحمان ڪجهه ته راضي ٿي ويو آهي اڳتي به سڀ سڻائي ٿيندي.
•
سنيتا ڪافي ڏينهن کان پوءِ سنڌيا وارن ڏي آئي هئي، اچڻ سان سڌي سنڌيا جي ڪمري ڏانهن وڃي ٿي،
”اڄ جي گرما گرم تازه خبر........“
”وري ڇا ٿيو.......؟“
”خبر اها آهي ته رحمان کي پُٽ ڄائو آ، اڄ ان جي ڇٺي آهي،
”پر توکي ڪنهن ٻڌايو وئي هئينءَ ڇا........؟.“
”نه، هيڏانهن آيس پئي ته پاڙي واري مٺائي جي دڪان تان آپا شمسه مٺائي پئي ورتي، مون جو کيس ڏٺو ته لڙي وڃي پڇيومانس، ته ڏاڍيون مٺايون پيون وٺجن، ڪهڙي خوشيءَ ۾، تڏهن ٻڌايائين ته رحمان کي پُٽ ڄائو آهي ۽ اڄ سندس ڇٺي آهي.“
سنڌيا اطمنان جو ساهه کڻي ٿي، ته هاڻي رحمان جي مصروفيت وڌي ويندي هيڏي هوڏي جو ڌيان نه رهندس.
”ڏي ته خبر مريم ڳوٺان ڪڏهن موٽي ايندي.“
”اها ته خبر ناهي پر رحمان شايد صبحاڻي موٽي ايندو.“
”صبحاڻي.... ڻي... ڻي... ايڏو جلدي ڇو.... پُٽ ڄائو اٿس ڪجهه ته ان سان انجواءِ ڪري ها.....“
”ڇو...؟ نوڪري ڪونه ڪندو ڇا، هن دفعي ته کوڙ موڪل ڪئي اٿس.“
سنڌيا سوچ ۾ پئجي وڃي ٿي، رحمان جا چيل لفظ ڪنن ۾ ٻُرڻ لڳنس ٿا.
”صبحاڻي ڳوٺ ٿو وڃان، انهي دوران سوچي وٺجانءِ“
هاڻي ڇا ٿيندو رحمان اڪيلو موٽندو ته وري منهنجو پيڇو ڪندو، منهنجو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيندو. ننڊ جون گوريون کاڌم ته به بچي ويس، مان هن مصيبت مان ڪيئن جان ڇڏايان، يا هار مڃي ٻيهر هن سان ملڻ شروع ڪيان، پر ڇو منهنجو فيوچر ڇاهي، خواري، رسوائي، هن ڪچي رشتي جوڙڻ مان سواءِ خواريءَ جي ٻيو ڇا ملڻو آهي، جنهن جو ڪو انجام ناهي ٿيڻو.... پر.... ان کان سواءِ مون وٽ ٻيو ڪو رستو به ته ناهي.....“
”ڪيڏانهن گم ٿي ويندي آهين پاڻ کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪر، تنهنجي بي همتي تنهنجي لاءِ خطرناڪ بنجي ويندي.“ سنيتا کيس ائين خيالن ۾ گم ڏسي ٽوڪي ٿي.
روئڻهارهي انداز ۾ سنيتا جو هٿ جھلي چوڻ لڳي،
”پر، مونکي ته ڪجهه به سمجهه ۾ نه ٿو اچي.“
”گھڻو نه سوچ، آرام ڪر، مان هلان ٿي.“
•
ٻئي ڏينهن رحمان به بيگ هٿ ۾ کنيو اندر اچي ٿو ته گل بانو شمسه کيس ڏسي ٽڙي پون ٿيون، شمسه ڊوڙي وڃي ڀاڪر پائي مليس ٿي، سندس اکين ۾ ڳوڙها تري اچن ٿا.
”ايڏا ڏينهن ڇو لائيندو آهين ٻاهر وڃي، تون ناهين هوندو ته اسان کي هي گھر کائڻ ايندو آهي..“
رحمان ڀيڻ سان ملي، ڊوڙي وڃي ماءُ کي پيرن تي هٿ رکي ملي ٿو، ماڻس ڀاڪر ۾ ڀري نرڙ تي چمي ڏئيس ٿي، منظر ڏاڍو جذباتي ٿي وڃي ٿو.
”ڏس نه.........! ايڏا ڏينهن لائبا آهن، ٻن ڏينهن جو چئي ويو هئين.“
”امان نيت ۾ ته بس مريم کي ڏسي واپس موٽڻ جو ارادو هو پر جيئن اتي پهتاسين ته مريم کي تڪليف هئي، مايون دايون ويٺيون هيون........ چيائون پئي ته تاريخن ۾ ڀل ٿي آهي..... ان ڪري رهڻو پئجي ويو.“
”هئا ته ٻئي ٺيڪ نه،“
”ها بلڪل ٺيڪ هئا....... پر ڳوٺاڻڻ جي ته خبر اٿو... الائي ڪهڙا ساٺ سئوڻ، ڪهڙا علاج، چيائون ٿي ته ايڪيهين تائين مالش پالش ٿيندي، تيسين کٽ تان ناهي لهڻو.“
ان وقت نجمه سنيتا سان گڏ پنهنجي ڪمري مان نڪري ٿي، سنيتا رحمان کي ڏسي ٿورو ششدر ٿي وڃي ٿي ته اجايو سندس منهن چڙهي، هاڻي الائي ڇا چوندو، پر دل ٻڌي رسما چوي ٿي:
”ڀائو ننڍڙي جون لک لک واڌايون.........“
”توهان کي به، پڦو جو ٿيا آهيو..........“
سنيتا جلدي جلدي موڪلائي ٻاهر وڃي ٿي ته رحمان به سڀني جي اک وٺي ٻاهر نڪري وڃي ٿو، شمسه نجمه ۽ گل بانو اهو سمورو لڪاءِ ڏسي هڪ ٻئي ڏي معني خيز نگاهن سان ڏسن ٿيون.
سنيتا تيز قدمن سان گھر طرف وڃي رهي آهي ته رحمان ان کان به تيز ٿي اچي سندس اڳ جھلي ٿو، رستو تقريبًا“ خالي آهي.
”سنيتا اهڙي به ڪهڙي تڪڙ آ جو نه حال نه احوال ڏنو ۽ جلدي ۾ هليا آيئو.“
”ڀائو پليز! منهنجي رستي ۾ نه ايندا ڪيو. پاڙي جي ڪنهن ماڻهوءَ ڏسي ورتو ته هروڀرو خواري ٿيندي.“
اک جي پڪائي ڪندي سندس ويجھو وڃي نهايت رازداراڻي انداز ۾ پڇي ٿو ”سنڌيا جو ڪو حال احوال.“
اهو ٻڌي سنيتا کي سخت ڪاوڙ اچي ٿي،
”ڀڳوان جو احسان آ، سنڌيا خوش آ، پنهنجي پڙهائي ۾ مصروف آ. ٻيو ڪجهه....؟ رب جي واسطي کيس سندس حال تي ڇڏي ڏيو..... هاڻي ته توهان جي گھر گِرهستي آهي ان تي توجه ڏيو.“
”توهان ته هروڀرو پيا ناراض ٿيو مون ته اهڙي ڪا ڳالهه ناهي ڪئي.“
”ڀائو ڏسو شڪر ڪيو جو رب سائين توهان کي پُٽ جو اولاد عطا ڪيو، اگر ان جي جاءِ تي نياڻي هجي ها ۽ ان سان ڪو توهان وانگر بي واجبي ڪري ها ته توهان جي دل تي ڇا گذري ها..... ڪڏهن ان باري ۾ به غور ڪجو..... هاڻي منهنجي واٽ ڇڏيو دير ٿي ٿئي،“
رحمان اهو سڀ ٻڌي چپ ٿي وڃي ٿو، سنيتا تڪڙا تڪڙا قدم کڻندي گھر رواني ٿي وڃي ٿي.
•
ڪجهه ڏينهن ائين ئي گذري وڃن ٿا، هڪ ڏينهن رابعه جي طبيعت ڪجهه خراب ٿي وڃي ٿي ته هوءَ سنڌيا کي پاڻ وٽ سڏائي وٺي ٿي احمد کيس ڀيڻ جي گھر ڇڏي وڃي ٿو.
سنڌيا کيس چوي ٿي،
”آپي هوءَ شمسه آپا جي ڀاڀي مريم آ نه، انجي فرسٽ ڊليوري هئي، توڙي جو ڳوٺ جي آ پوءِ به هوءَ مائٽن ڏي ڳوٺ هلي وئي. توهان به گھر هلو نه.“
رابعه کلي ڏئي ٿي،
”اتي هن جي ماءُ هوندي جنهن کي انهن معاملن جي ڄاڻ هوندي، اسان جي گھر تنهنجي ۽ ڪومل کانسواءِ ڪو وڏو آهي ڪونه..... هتي اميءَ وارن جو به اصرار آهي ته هتي هجان.... خير، ڇڏ ان ڳالهه کي، مونکي توسان ڳالهائڻو آهي.“
سنڌيا سمجھي وڃي ٿي ته اڄ آپي وري ڪو پڇاڻو ڪرڻ واري آهي ان لاءِ تياري ڪري وٺجي. پر پوءِ به نٽائڻ جي ڪوشش ڪندي،
”آپي پهرين توهان ٺيڪ ٿي وٺو پوءِ پيا ڳالهيون ڪنداسين، في الحال ته توهان آرام ڪيو.“
”ڳالهه کي نٽاءِ نه، مونکي سچ سچ ٻڌاءِ ته توکي ڪهڙو ڏک آهي، جنهن تنهنجي چهري جي معصوميت ۽ مرڪ ئي کسي ورتي آهي........ توکي ننڊ جون گوريون کائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيوآهي.“
”آپي چيم نه ته يونيورسٽي جي پڙهائي تمام ٽف آ، چئن اسٽوڊنٽس جو فرسٽ پوزيشن لاءِ ٽف ڪامپٽيشن آ، ۽ مونکي هر حال ۾ پوزيشن کڻڻي آ.“
رابعه کيس پنهنجي ويجھو آڻي سندس هٿ پنهنجي هٿ ۾ جھلي ڏاڍي پيار مان چويس ٿي،
”ڏس سنڌيا....! تون جڏهن بانبڙا ڏيندي هئينءَ نه، مون تڏهن کان توکي پالڻ شروع ڪيو، تنهنجي لمحي لمحي کان مان واقف آهيان، تنهنجي نيچر جي مونکي خبر آهي، ننڍڙي هوندي به جڏهن تون ڪنهن شيءِ کان ڊڄندي هئينءَ نه، ته چادر يا سَوَڙ ۾ منهن لڪائي ڏڪندي رهندي هئينءَ، ۽ مان پنهنجي ٻاراڻي ۽ اڻ ڄاڻائي ۾ تنهنجي ان حالت کي سمجھي نه سگھندي هئس، اڄ به تون الائي ڪهڙي ڏک ۽ خوف ۾ مبتلا آهين، ڪجهه ته ٻڌاءِ منهنجي ننڍڙي ڀيڻ.... ڏس تون پنهنجو هر ڏک، هر ڊپ منهنجي هنج ۾ اوتي ڇڏ، مان آهيان نه تنهنجي هر تڪليف کي پنهنجي سيني ۾ سانڍڻ واري، پوءِ خوف ڇا جو.... ٻڌاءِ شاباس. رابعه بيڊ تي اٿي ويهي ٿي ۽ کيس پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري ٿي، سنڌيا سندس هنج ۾ منهن لڪائي سڏڪا ڀري روئيندي رهي ٿي، چپ چاپ، سڏڪندي رهي ٿي ڪجهه چوڻ ڪجهه ٻڌائڻ کان سواءِ،
”ٺيڪ آ روئي وٺ پنهنجي اندر جو اوٻر ڪڍي وٺ، دل جو بار هلڪو ٿي پوندئي.“
رابعه جي اکين مان به ڳوڙها ڳڙي پون ٿا، کيس سندس ننڍپڻ ياد اچي ٿو ڪيئن چادر ۾ منهن وجھي سڏڪندي ۽ ڏڪندي رهندي هئي، ياد ڪري سندس مٿي تي هٿ گھمائي ٿي، سنڌيا چپ چاپ سڏڪي سڏڪي خاموش ٿي وڃي ٿي ۽ ڀيڻ جي هنج مان مٿو کڻي پاڻ تي ڪنٽرول ڪندي شرمساري واري لهجي ۾ چوي ٿي،
”سوري آپي مون توهان کي به دکي ڪري ڇڏيو، دراصل توهان جي گھر ۾ غير موجودگي مونکي صفا اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي..... ٻيو ڪوبه اهڙو مسئلو ناهي جو توهان کي ٻڌايان. توهان بلڪل به پريشان نه ٿيو، بس پنهنجي صحت جو خيال رکندا ڪيو.“
رابعه وڌيڪ زور نه ٿي ڀري،
”چڱو اٿي اندر باٿ روم ۾ وڃي منهن ڌوئي اچ، فريش ٿي ويندينءَ.“