19
”سنڌيا ميم بس ڪجهه اهڙيون مصروفيتون هيون جو رهڻو پئجي ويو، توهان ٻڌايو صفا مرجھائجي ويا آهيو طبيعت ته ٺيڪ آهي نه.“
ڦڪي مرڪ مرڪندي،
”مان ته شايد ٺيڪ آهيان بس توهان وارو دوست ٺيڪ ناهي.“
”ميم مونکي سڀ خبر آهي حنان مونکي حيدرآباد کان ايندي رستي تي مليو هو، هوسخت پريشان ۽ شرمسار هو، ان ئي مونکي توهان سان ملڻ لاءِ تاڪيد ڪيو هو.“
”جيڪو ماڻهو پنهنجو ذميداريون نڀائڻ لائق نه رهي اهو ٻين جي ذمي ته پنهنجا معاملا نه سونپي..... اهو ته ڪو انصاف نه ٿيو.“
”اهڙي ڳالهه ناهي، مون هن کان توهان سان ملڻ جي اجازت گهري ته سندس غير موجودگي ۾ ملي سگهان ٿو ۽ بس.....“
”توهان به ان جي ئي وڪالت پيا ڪيو.“
آصف سمجهي وڃي ٿو ته سنڌيا تمام گهڻي ڏکاري ٿي وئي آهي، هي هنن ڇا ڪيو. هنن ئي ٻنهي کي ويجهو آڻڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو هو، جڏهن ته هنن کي خبر هئي ته حنان زندگي جي معاملن ۾ ڪڏهن به بردبار نه رهيو هو نه انهن کي ڪڏهن سنجيده ورتو هيو، هو ته زندگي جي صرف هڪ رخ کي ئي بمشڪل نڀائي سگهيو ٿي. اها اسان ٻنهي دوستن کي ڄاڻ هئي. جي هو هڪ دفعو به همٿ ڪري معاملي کي حقيقت ڀرئي انداز سان سلجهائڻ جي ڪوشش ڪري ها ته اڄ ٻنهي پاسن کان اهڙي بي يقيني واري حالت نه هجي ها. ڪجهه وقت لاءِ ضرور پريشاني ٿئي ها پر وقت وڏو مرهم آهي سڀني جا زخم ڀرجي وڃن ها ۽ هو ائين پهاڙين جي دامن ۾ لِڪي سُڪون تلاش ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪندو وتي ها. هن هڪ طرف کي پُرسُڪون رکڻ لاءِ ٻئي کي بي سڪون ڪري ڇڏيو آهي. نه صرف ايترو پر پنهنجو پاڻ کي ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو اٿس.
هو انهن ئي خيالن ۾ گم هو ته مختيار ڪولڊ ڊرنڪس کڻي اچي ٿي، ٿڌو پئندي آصف کي ڪجهه ياد اچي ٿو،
”آپا جي توهان پنهنجو سمجهو ته ڪجهه دير لاءِ مونسان مال تائين هلو توهان جي آئوٽنگ به ٿي ويندي ۽ مان ڪجهه شاپنگ به ڪري وٺندس.“
سنڌيا جون اکيون حسرت ۽ ياس سان ڀرجي اچن ٿيون،
”لڳي ٿو ته توهان جي دوست صاحب مونکي شاپنگ ڪرائڻ جي ذميداري به توهان کي سونپي ڇڏي.“
”او.... نو.... نه نه سنڌيا ميم اهڙي ڪا ڳالهه ناهي توهان هروڀرو حنان تي ناراض پيا ٿيو. ڇڏيو، موڊ ناهي ته ڪچهري ٿا ڪيون.“
”نه نه هلو مان ٿورو فريش ٿي وٺان،“ هوءَ مختيار کي سڏي تياري ڪرڻ لاءِ چوي ٿي.
•
حنان جي ان ڏينهن واري رويي جي ڪري سنڌيا تمام گهڻي نا اميد ٿي وئي هئي. هن جي طبيعت به خراب رهڻ لڳي هئي گهڻوئي ڪوشش ڪندي هئي ته هوءَ پاڻ کي مصروف رکي ۽ اهڙن خيالن کان پاسو ڪري جيڪي سواءِ ڏک ۽ بيوسي جي هن کي ڪجهه به ڏئي نه ٿي سگهيا. پر ڏينهون ڏينهن هن جي پيڙائن ۾ اضافو ٿيندو پئي ويو. هن کي پنهنجو ائين ٻين جي مقابلي ۾ نظر انداز ٿيڻ جهوري رهيو هو. هوءَ نه هجڻ جي باوجود شديد احساس ڪمتري ۽ احساس محرومي جي ور چڙهندي پئي وئي. ان ڏينهن به هوءَ اهڙن ئي احساسن جي زيرِ اثر ويٺي دور خلائن ۾ ڪجهه تلاش ڪري رهي هئي ته رابعه ڪمري ۾ گهڙِي آئي ۽ سندس پويان آصف به ڪجهه توقف کان پوءِ اندر هليو آيو، پر سنڌيا اهڙي ته گم هئي جو هن کي سندن اچڻ جي ڪل ئي نه پئي، ڪجهه گهڙيون رابعه کيس اهڙي حالت ۾ ڏسندي رهي، آخر هن کان رهيو نه ٿيو،
”ڇو ائين گم سم ۽ ويڳاڻي لڳي ويٺي آهين.“
ڀيڻ جو آواز ٻڌي هوءَ خيالن جي دنيا مان ٻاهر اچي وئي ۽ ڦڪي مرڪ مرڪندي چوڻ لڳي، ”آپا اهڙي ڳالهه ناهي مان بلڪل خوش آهيان، بس الائي ڇو توهان جي اچڻ جي خبر ئي نه پئي.“
آصف کي ڏسندي، ”آصف به آيو آهي ڇا.“ هوءَ کين ويهڻ لاءِ چوي ٿي.
آصف هن جي اهڙي بردباري ۽ هڪدم پاڻ سنڀالڻ جو انداز ڏسي سوچي ٿو ته ڪيڏي نه سمجهدار عورت آهي، ان جي جاءِ تي ڪا ٻي هجي ها ته ڀيڻ جي اهڙي همدردانه انداز تي پنهنجو دکڙو روئڻ شروع ڪري ها.
رابعه کيس جلدي تيار ٿيڻ لاءِ چوي ٿي ته بابا ٺيڪ ناهي اوڏانهن وڃڻو آهي، هوءَ نٽائڻ جي ڪري ٿي پر رابعه هڪ به نه ٿي ٻڌيس، مجبورن هوءَ چينج ڪرڻ لاءِ اٿي وڃي ٿي.
گهر پهچن ٿيون ته شوڪت علي جي طبيعت واقعي ٺيڪ نه هئي. هو ڪافي ڪمزور لڳي رهيو هو، جهيڻي آواز ۾ هنن کان پڇي ٿو،
”احمد کي چيم ته سنڌيا کي فون ڪري.“
رابعه شڪايتي انداز ۾ چوي ٿي،
”ڇو بابا اسان جي سڪ نه لڳيو باقي سنڌيا ته توهان جي لاڏلي آهي نه، پر احمد ته مونکي فون ڪئي ته توهان جي لاڏلي بيگم فون نه ٿي کڻي، وڃي کيس ڏسي اچان.“
شوڪت رابعه جي شڪايت ٻڌي کلي ڏئي ٿو،
”پُٽ تون ته منهنجي وڏوهر ڌيءَ آهين، تو ۽ مون ته گڏجي هنن جي ماءُ جي ڪمي پوري ڪئي آهي، بس سنڌيا گهڻو ٻاهر رهي آهي نه، ۽ هاڻي به گهر ۾ اڪيلي رهي ٿي، ان ڪري هر وقت ان جي ڳڻتي رهي ٿي.“
اڃان شوڪت ايترو ئي چئي سگهيو هو ته سنڌيا ڊوڙي وڃي پيءَ کي ڀاڪر پائي ٿي، سندس اکين مان اندر جا سڀ درد ڳوڙها بنجي باهر نڪري اچن ٿا. هوءَ پيءَ جي جهوليءَ ۾ منهن لڪائي سڏڪا ڀري روئي ٿي. آصف هن جي اها ڪيفيت ڏسي پريشان ٿي وڃي ٿو ۽ الائي ڇو هن جي درد جو ذميدار هو پاڻ کي ڀانئين ٿو، هو اتي بيهي نه ٿو سگهي، ٻاهر نڪري وڃي ٿو، شوڪت حيران پريشان ڌيءَ جي سڏڪڻ جي آواز ۾ هن جي درد کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
سنڌيا جي طبيعت ڏينهون ڏينهن خراب رهڻ لڳي آهي، ان ڪري هن آفيس مان به موڪل ڪري ڇڏي آهي، هڪ شام جو هوءَ ڪنهن ميگزين جي ورق گرداني ڪري رهي هئي ته خلاف معمول حنان ڪمري ۾ داخل ٿئي ٿو، هوءَ ائين اوچتو کيس ڪمري ۾ ڏسي ان کي پنهنجي اکين جو دوکو سمجهي ٿي ۽ حيرت مان سندس لبن مان ”توهان....!“ جو لفظ نڪري ٿو ته حنان به توقع جي خلاف پيار ڀرئي لهجي ۾ چويس ٿو،
”ڇو مونکي پنهنجي زال جي گهر اچڻ جي اجازت وٺڻي پوندي ڇا....؟“
هن جي لهجي جي ميٺاج سنڌيا کان سڀ گلا شڪوه وساري ڇڏيا،
”مون ائين ته نه چيو، توهان اڄ خلاف توقع شام جو آيا تڏهن..... خير، توهان جو اڄ جنم ڏينهن آ نه، سوچيو هوم ته صبحاڻي توهانجي آفيس وڃي اتي ڪيڪ ڪٽرائيندس.“
حنان اهو ٻڌي مسڪرائي پيار ڀرين نگاهن سان کيس ڏسي ٿو،
”چئبو ته منهنجو برٿ ڊي توهان کي ياد هو... اسان ڳوٺن جا ماڻهو ڪٿي ٿا اهڙا ڏينهن ملهايون، ڄاواسين اهوئي ڪافي آهي، هر سال ان جي خوشي جو اظهار ڪرڻ، ان جو پاڻ وٽ رواج ئي ڪونهي.“
”پر منهنجي رواج ۾ ته آهي نه، اهو چئي بيڊ تان اٿي ٿي ٿوري دير پهرين جي مٿي جي تڪليف به وسري وڃيس ٿي خوشي مان ٻئي ڪمري ۾ وڃي ڪيڪ ۽ حنان لاءِ آندل گفٽ کڻي اچي ٿي، مختيار پڪوڙا، سنيڪس ۽ ڪولڊ ڊرنڪس کڻي اچي ٿي، ڪيڪ حنان آڏو رکي ٿي حنان هنجي دل رکڻ لاءِ خوشيءَ سان ڪيڪ ڪٽي هڪ پيس کيس کارائي ٿو.
گفٽ کڻي، ”هي ڇا آهي....“
”توهان لاءِ موبائيل ۽ نئين سم آهي، هن ۾ صرف منهنجو ۽ توهان جو نمبر آهي، گاڏيءَ ۾ رکي ڇڏجو، هي صرف منهنجي لاءِ آهي.“
”اوڪي ميم..... مان هاڻي هلندس، پنهنجو خيال رکجو ۽ مختيار کي وٺي وڃي ڊاڪٽر کي ڏيکاري اچجو.“
سنڌيا ضد ڪندي چويس ٿي،
”نه صبحاڻي ڇنڇر آهي نه، توهان ايندا ته پوءِ هلنداسين.“
”سنڌيا توهان ٺيڪ ناهيو، ان ۾ ضد جي ڪهڙِي ڳالهه آهي. چيم نه ته وڃي ڊاڪٽر کي ڏيکاري اچجو.“
”چيم نه ته مان اڪيلي ڊاڪٽر ڏي نه ويندس، مونکي پنهنجي بيماري ڪنهن کي ٻڌائيندي عجيب لڳندو آهي، ڄڻ مان پنهنجي وجود جي ڪنهن حصي جي پاڻ پئي گلا ڪيان.“
”توهانجو به عجب فلسفو آ زندگي گذارڻ جو. جيئن توهان جي مرضي، مان هلان ٿو.“
ائين چئي ٻاهر نڪري وڃي ٿو.
ان ڇنڇر تي معمول موجب حنان کي ڪجهه ڪلاڪن لاءِ اچڻو هو ليڪن سنڌيا انتظار ڪندي رهي پر هو نه اچڻو هو نه آيو، مختيار اچي کيس چيو ته ڊرائيور کي سائين تاڪيد ڪري ويو هو ته توهان کي اسپتال وٺي وڃي، اهو پڇي ٿو ته هلندا ته گاڏي تيار ڪري، پر سنڌيا صاف انڪار ڪري ڇڏيو ته کيس ڪيڏانهن به ناهي وڃڻو، ۽ ته، هوءَ ايڏي بيمار ناهي جو هڪ ڏينهن نه وئي ته ڪا قيامت اچي ويندي، هوءَ شڪايتي لهجي ۾ مختيار کي چوي ٿي، ”ڏٺئي پنهنجي سائين کي ڪالهه معمول کان علاوه آيو ته ان جي حساب ۾ اڄ ناغو ڪري ويو. ڄڻ ته منهنجي لاءِ صرف اهي چند ڪلاڪ ئي مخصوص آهن، هونئن ته بهانو گهر وارن جو ڪندو آهي ته انهن جي ڪري نه ٿو اچي سگهي، باقي سنگت ساٿ سان الائي ڪٿي ڪٿي گهمندو وتندو آهي. جي انهن جو بهانو ڪري هڪ ٻه راتيون هتي رهي پوي ته ڪير پويان لڳو ٿو وتيس. بس اهي سڀ مونکان پري رهڻ جا بهانا آهن، ورنه هيترو عرصو گذري ويو آهي گهر جي ماحول کي سيٽ ڪري نه ٿو سگهي.
”آپا مرد ته ٻه ڇا ٽي ٽي زالون پرڻبا آهن، سڀني کي هڪڙي ڌاڳي سان ٻڌي هلائيندا آهن. مجال آهي جو فرق اچڻ ڏين، هونئن به جي مرد ٻنهي پاسي حق نه ڪري سگهي، ته ڪنهن جي حياتي ائين برباد ته نه ڪري، قيامت ۾ حساب ته پاڻ کي ڏيڻو پوندن نه، اتي زالون ڪون اچي ڇڏرائينديون.“
”بس ڇڏ انهن ڳالهين کي مون حنان سان اڻ موٽ محبت ڪئي آهي. مونکي کيس محبت ڪرڻ کان دنيا جي ڪابه طاقت روڪي نه ٿي سگهي، اها ته مونکان ڪير کسي نه ٿو سگهي نه، خود حنان به نه.“
ائين انتظار ڪندي ڪئي ڏينهن گذري وڃن ٿا ته هڪ ڏينهن حنان فون ڪري چوي ٿو ته هو رستي ۾ آهي، بس پهچڻ وارو آهي، اڄ ڪجهه چٽپٽو کائڻ تي دل پئي چاهي پليز ڪجهه ٺهرائي وٺجو. فون بند ٿي وڃي ٿي، سنڌيا حنان جي اچڻ جو ٻڌي پنهنجي بيماري تڪليف سڀ ڪجهه وسري وڃي ٿي. خوش ٿي اٿي ٿي ۽ مختيار کي مصالحو ڪٽڻ لاءِ چوي ٿي، مختيار کيس گهڻو ئي سمجھائي ٿي سائين ناراض ٿيندو مان ٺاهي ٿي وٺان پر هوءَ ڪا ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي،
”چري منهنجو مڙس ايترن ڏينهن کان پوءِ فرمائش ڪري ۽ مان بيماري جو بهانو ڪري سمهي پوان، بس تون جلدي سڀ شيون کڻي ڪچن ۾ هل، مان پاڻ تيار ڪندس، هوءَ جلدي ۾ پڪوڙا ۽ هڪ ٻه ٻيون شيون تيار ڪري وٺي ٿي، ان وقت گاڏي جو هارن وڄي ٿو ته هوءَ مختيار کي ڪجهه سمجهاڻي پاڻ گيٽ کولڻ وڃي ٿي، حنان جو موڊ ڪافي خوشگوار آهي، فروٽ سان ڀريل ڪجهه شاپر کيس ڏئي ٿو ۽ پاڻ جهونگاريندو لان چيئر تي اچي ويهي ٿو،
”توهان هٿ منهن ڌوئي فريش ٿي وٺو ته مان چانهه لڳرايان ٿي.“
”سنڌيا توهان جي طبيعت ٺيڪ ناهي توهان ويهو، آصف ٻڌايو پئي ته ڊاڪٽر آيو هو ان توهان کي گهڻو هلڻ کان منع ڪئي آهي.“
”ڇڏيو ڊاڪٽرن جي ڳالهين کي، ان ڏينهن آصف هروڀرو ڊاڪٽر کي وٺي آيو، ڀلا ڏسو نه تڪليف مونکي مٿي ۾ آهي، هلڻ سان ڇاٿيندو، توهان جلدي فريش ٿي اچو نه ته پڪوڙا ٿڌا تي ويندا.“
حنان جلدئي فريش ٿي ٻاهر اچي ٿو ته سنڌيا مختيار کي چانهه ٺاهڻ جو چئي پاڻ ٽري ۾ شيون کڻي اچي ٿي ته ان ئي وقت فون جي گهنٽي وڄي ٿي. حنان فون کڻي ڳالهائي ٿو ته هوءَ ڪچن وٽ ئي بيهي رهي ٿي، حنان پهرين آهستي ۽ پوءِ تيز تيز ڳالهائي ٿو ۽ فون بند ڪري ڇڏي ٿو. سندس چهري تي پريشاني نمايان آهي ۽ موڊ سخت خراب ٿي وڃيس ٿو، سنڌيا ڪجهه نه سمجهندي آهسته قدمن سان اچي ٽري ميز تي رکي ٿي، کيس ڏسي حنان تيز لهجي ۾ چوي ٿو،
”هي ڇا اوٽ پٽانگ شيون کڻي اچي رکيون اٿوَ، مون وٽ توهان جا اهي نخرا برداشت ڪرڻ جو وقت ناهي، چانهه هجي ته ڏيو، مونکي دير ٿي ٿئي ڳوٺ لاءِ ڪجهه سامان وٺڻو آهي.“
سنڌيا حيران ٿي حنان جي بدلجندڙ موڊ کي ڏسي ٿي اکيون ڀرجي اچنس ٿيون.
”بس هاڻي ڊرامو ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناهي، چانهه آهي يا مان وڃان.“
مختيار جلدي چانهه جو ڪوپ سندس آڏو رکي ٿي ته هو ساسر ۾ لاهي پيڻ لڳي ٿو، اڄ سنڌيا جي صبر جو پيمانو لبريز ٿي وڃي ٿو، هن هميشه سٺو آهي پر اهڙو توهين آميز رويو هن جي برداشت کان ٻاهر ٿي وڃي ٿو، پوءِ به ڪمال ضبط جو مظاهرو ڪندي تلخ لهجي ۾ چوي ٿي.
”آرام سان چانهه پيو توهان ته ساسر ۾ ڪڏهن ناهيو پئندا، ڪهڙي تڪڙ آهي، فون ڇا آئي سڀ ڪجهه وسري ويو.“
حنان هڪ لفظ به ڳالهائي بغير اڌ پيتو اڌ هاريو جي مثل ڪوپ رکي بنا ڪجهه چوڻ، موڪلائڻ جي بغير تڪڙو ٻاهر نڪري وڃي ٿو ۽ سنڌيا صدمي جي حالت ۾ چپ چاپ ڪڏهن ٺاهيل شين کي ۽ ڪڏهن کليل گيٽ کي وائڙن وانگر ڏسندي رهجي وڃي ٿي. سندس مٿو سور ۾ ڦاٽڻ لڳي ٿو. ڪرسي کي پڪڙي ويهي رهي ٿي، مختيار سندس اهڙي حالت ڏسي ڊوڙي اندر وڃي ٿي ۽ سندس دوائون کڻي اچي ٿي ۽ منع ڪرڻ جي باوجود زوري کيس کارائي ٿي ۽ ٻانهه کان وٺي اٿاري ڪمري ڏانهن وٺي وڃيس ٿي.
•
”سڄڻ توکي خبر ڪهڙي ته منهنجي اها رات ڪيئن گذري،“
هر لمحي پنهنجي بي وسي ۽ ڪم مائگي جو احساس هن جو جيءَ جهوري رهيو هو. هن دل جو بار هلڪو ڪرڻ لاءِ پيڊ ۽ قلم کڻي لکڻ شروع ڪيو ۽ ان خط ۾ پنهنجي درد جي هر احساس کي اوتي ڇڏيو. ڪاغذ تي قلم هلندو رهيو ۽ هن جي پيڙا ۾ ٿڌاڻ ايندي وئي، خط لکي لفافو بيڊ جي خاني مان ڪڍي ان ۾ رکيو ۽ مختيار کي سڏي چيو ته ڊرائيور کي چوي ته هي آصف صاحب کي پهچائي اچي. هوءَ هاڻي آصف کي ئي پنهنجو هڏ ڏوکي سمجهڻ لڳي هئي. ان سان پنهنجي اندر جو حال اورڻ ۾ کيس ڪا هٻڪ نه ٿيندي هئي ۽ اهو به هن جي حالت کي سڳن ڀائرن ۽ سٺي دوست جيان سمجهي سگهندو هو. کيس خط موڪلي هوءَ ڪجهه قدر پاڻ کي پُر سڪون محسوس ڪرڻ لڳي، مختيار هن کي ائين ڏسي دل ئي دل ۾ هن کي آفرين ڏيڻ لڳي ته هيءَ عورت ڪيئن سڀ ڪجهه پاڻ تي سهي ٻين جي لاءِ ڪنهن به پريشاني جو باعث نه ٿي بنجي.
”آپا ڪجهه کائيندئو ته کڻي اچان.“
انڪار ڪرڻ تي ڪافي ٺاهي کڻي اچي ٿي ۽ زوري کيس پياري ٿي. مختيار جي وڃڻ کان پوءِ هوءَ وري بي تُڪين سوچن ۾ گم ٿي وڃي ٿي،
”حنان اگر توکي گهران ڪا امرجنسي فون آئي ته ڀلا ان ۾ منهنجو ڪهڙو قصور، تون ته هونئن به منهنجي زندگيءَ ۾ هاڻي نالي ماتر ئي موجود آهين، شادي کي ڪيترا سال ٿي ويا آهن، ليڪن تو انهن سالن ۾ مونسان ڪجهه ڏينهن به سڄا ناهن گذاريا. پوءِ به مان تنهنجي گهر وارن جي نڙي ۾ ڪنڊو بنجي ڇو ڦاسي پئي آهيان.... مون ڪڏهن توکان زال هجڻ جو ڪو حق ناهي گهريو، ڪنهن ٻئي جي حق تلفي ناهي ڪئي پوءِ ڇو..... آخر منهنجو به ڪو عزتِ نفس آهي، تون ائين نوڪرن جي آڏو مونکي بي توقير ڪري هليو وئين، ڇو، ڇو.... مان به بلڪل ٻين وانگر احساس رکان ٿي، مونکي به ڏک ٿئي ٿو ڇا عمر وڏي ٿي وڃڻ سان درد جو احساس مري ويندو آهي، عزتِ نفس مجروح ناهي ٿيندو. پوءِ تون مونسان هميشه اهڙو رويو ڇو رکندو آهين ڄڻ آءُ پٿر جي مورتي هجان، احساسن ۽ جذبن کان عاري.“ هوءَ روئندي رهي ٿي ۽ سوچيندي رهي ٿي.
ائين ئي هڪ ڏينهن حنان گهڻن ڏينهن کان پوءِ آيو هو ته سندس موڊ ڪجهه ٺيڪ نه پئي لڳو. سنڌيا کيس رليڪس ڪرڻ جي خاطر هڪ ننڍڙو مذاق ڪيو ته هو مڇرجي ويو هو ۽ زندگي ۾ پهريون ڀيرو هُن اهڙا لفظ استعمال ڪيا، جنهن کي ٻڌي سنڌيا جو دماغ سُن ٿي ويو، هوءَ ائين خاموش ٿي وئي هئي، ڄڻ هن کان ڪا عظيم غلطي سرذد ٿي وئي هجي، سندس سيني ۾ ڄڻ ڪنهن تيز نشتر ٽنبي وڌو هجي، مغز ۾ ڀانءُ هٿوڙا لڳي رهيا هجن، هوءَ شرمسار ٿي رهي هئي ان ڳالهه تي ته اهي لفظ حنان جي زبان مان نڪتا هئا، جيڪو هميشه محبت کان وڌيڪ سنڌيا جي عزت ڪندو هو. سنڌيا ڪجهه چوڻ کان سواءِ چُپ چاپ اتان اُٿي ڪچن ڏانهن هلي وئي هئي.
•