ناول

اداس راھون مان تنھا

محترمہ ايس نرگس حق ادب جي اهڙي خدمتگار آهي، جيڪا سنجيدگيء سان پنھنجي قلم کان ڪم وٺي رهي آهي ۽ سنڌي ادب ۾ پنھنجو حصو مَنَ جي سچائيء سان شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ناول بابت محترمہ ايس نرگس لکي ٿي تہ ھن ناول جي ڪھاڻيءَ جو اسڪرپٽ 52 قسطن ۾ لکي ٽي وي ناٽڪ لاءِ پروڊيوسر وٽ کڻي ويس، ڊرامي جي ايپروئل پڻ ملي پر پوءِ چار سال لڳي ويا ۽ ڊرامو نہ ٺھيو. آخرڪار ان کي ناول جو روپ ڏئي ڇپايو ويو.

Title Cover of book اداس راھون مان تنھا

16

آصف پنهنجي ڪم مان فارغ ٿي سوچي ٿو ته جميل ۽ حنان ته شام جو موٽندا اڪيلو وڃي اپارٽمينٽ تي بور ٿيڻ کان بهتر آهي ته رابعه آپي وارن وٽ گپ شپ ڪجي، اهو سوچي سڌو اوڏانهن هليو وڃي ٿو، اتي وڃي خبر پويس ٿي ته احمد ۽ شوڪت علي ڪنهن ملڻ وارن جي لنچ تي انوائيٽ آهن ۽ اوڏانهن ويل آهن، هو کانئن معذرت ڪري ٿو ته هنن کي هرو ڀرو ڊسٽرب ڪيائين پر ڪومل کيس واپس وڃڻ نه ٿي ڏئي،
”اڙي نه نه، اسان توهانجي اچڻ سان ڊسٽرب ناهيون ٿيا بلڪ حقيقت ته اها آهي ته احمد ۽ بابا به ڪونهن اسان ٻئي به بور پئي ٿياسين.“
رابعه سمجهي وڃي ٿي ته ڪومل جي دماغ ۾ ڇا پيو هلي. مسڪرائي چپ ٿي وڃي ٿي، آصف جي ويهڻ کان پوءِ ڪومل ڪنهن بهاني اٿي اندر هلي وڃي ٿي. موقعو غنيمت سمجهي آصف رابعه کان پڇي ٿو،
”آپي آخر سنڌيا ميم هينئر تائين شادي ڇوڪونه ڪئي، هاڻي ته ڪراچي کان گهڻو دور اچي وئي آ، پوءِ ڪهڙو خوف اٿس.“
رابعه اهو ٻڌي حيران ٿي آصف جو منهن تڪي ٿي،
”ڪهڙو خوف، اهو ڇا پيو چوين.“
ٿڌو ساهه ڀريندي.........
”ڀائو به عجيب انسان آهي، هن ايتري وڏي ڳالهه ساهه سان سانڍي رکي ۽ ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍيائين ايتري قدر جو توهان کي به نه ٻڌايائين... حيرت ٿي ٿئي. هن سنڌيا ميم سان ڪيل واعدو خوب نڀايو.“
رابعه جو منهن لهي وڃي ٿو، ان جو مطلب ته مظفر ۽ آصف کي سنڌيا جي متعلق سڄي خبر هئي ، اهو ته ڏاڍو برو ٿيو ...
آصف کيس سوچ ۾ ٻڏل ڏسي،
”آپي دل ۾ رکجو، منهنجو خيال آ صرف خيال، مان يقين سان ڪجهه نه ٿو چئي سگھان ته حنان سنڌيا ميم ۾ غير معمولي دلچسپي رکي ٿو. جيڪڏهن منهنجو خيال سهي نڪتو ته..... توهان جي حنان جي باري ۾ ڪهڙي راءِ آ.“
”هونئن ته سٺو ڇوڪرو آهي پر..... عمر ۾ سنڌيا کان گھڻو ننڍو آ.... ٻي ڳالهه ته سنڌيا متعلق ته توهان کي چڱي طرح ڄاڻ آهي. مظفر به کيس ڪيترو چاهيندو هو، هنن جي هڪ ٻئي سان انڊر اسٽينڊنگ به هئي پوءِ به......“
”ان ڳالهه کي ڇڏيو، تڏهن ته هوءَ هُن بليڪ ميلر کان خوفزده هئي، جي ڀائوءَ کي پهرين خبر پئجي وڃي ها ته شايد اڄ حالات مختلف هجن ها. هوءَ ائين اڪيلائي جو عذاب نه ڀوڳي رهي هجي ها. سچ پڇو ته مونکي هن جي اهڙي زندگي تي افسوس ٿو ٿئي.“
”بس ڀاءُ.....! هن پاگل ڇوڪريء اهو سڀ ڪجهه اسان کان به لڪائي رکيو ڪا ٻاڦ به ٻاهر نه ڪڍي. اهو ته هيڏانهن اچڻ وقت ڪومل نادانستگي ۾ هن جو فون ٻڌي ورتو ۽ ان به هاڻي مونکي ٻڌايو، تڏهن مونکي خبر پئي ورنه اسان هن ماڻهو کي پڄي پئون ها.“
”ڇڏيو ماضي جي ڳالهين کي، هڪ دفعو ڪوشش ڪري ڏسو.... هڪ ڳالهه ٻي ته حنان شادي شده ۽ ٻچڙي وال آ. هر شي مائينڊ ۾ ڪليئر هجي.“
”پوءِ ته اهو مناسب ناهي..... انجي باوجود هو سنڌيا ۾ انٽريسٽيڊ آهي. نه ڀائو نه.... سنڌيا ڇا بابا به ڪڏهن راضي نه ٿيندو.“
انهي مهل ڪومل ڪولڊ ڊرنڪس کڻي اندر اچي ٿي هنن جي ڳالهه ٻڌي هوءَ وچ ۾ ڳالهائي ٿي،
”آپي حنان سنڌيا کي اڳ ۾ ئي ٻڌائي ڇڏيو هو ته هن کي ٽي ٻار به آهن. سچ پڇو ته ان جي باوجود حنان مونکي پسند آهي، ڏسو نه آپي.....! سنڌيا جي عمر هينئر ڪافي وڏي ٿي وئي آهي ڪو غير شادي شده رشتو ته ملڻ کان رهيو. پوءِ ڇونه اتي ڪوشش ڪجي جيڪو هن کي دل سان پسند ڪري.“
”ڀاڀي درست ٿي چوي پر في الحال ته جڏهن حنان کُلي ڳالهه ڪري ان کان پوءِ سوچبو ته ڇا ڪرڻو آهي. مون ته صرف جيڪو محسوس ڪيو توهان سان شيئر ڪرڻ ضروري سمجهيو.“
هو موڪلائڻ لڳي ٿو ته ڪومل زوري ماني لاءِ کيس روڪي ٿي.


شام جي وقت حنان ۽ جميل آفيس کان واپس اچن ٿا ته چانهه پئندي حنان جميل کي ٻڌائي ٿو ته هن جي سنڌيا سان ڪافي ڪچهري ٿي. هو کيس سموري ڳالهه ٻڌائي ٿو ان تي جميل کيس دوستانه پر تنبيهي لهجي ۾ سمجهائي ٿو ته هو هڪ آل عيال پويان ڇڏي آيو آهي، ان کان علاوه سنڌيا اڳ ۾ ئي هڪ وڏو ڌڪ کائي چڪي آهي، هو کيس چوي ٿو،
”ڏس حنان مونکي تنهنجي نيچر معلوم آهي، تون بنيادي طور هڪ ڊڄڻو انسان آهين، سنڌيا جي من ۾ ٻيهر جيئڻ جي آس جاڳائي کيس نراسائي جي آڙاهه ۾ نه وجھي ڇڏجانءِ..... تو سدائين زندگي کي هڪ جذباتي انداز ۾ ورتو آهي.
”تون پنهنجي جاءِ تي بلڪل درست آهين پر مان ڇا ڪيان، منهنجي دل ۾ هُن لاءِ کوڙ سارو درد ڀرجي ويو آهي مان هن کي خوش ڏسڻ چاهيان ٿو هن جي چهري تي زندگي ڏسڻ جو خواهشمند آهيان، ان لاءِ سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته مونکي ڇا ڪرڻ گھرجي.“
”حنان....! مان تنهنجو دوست آهيان، اسان زندگي جا ڪئي سال گڏ گذاريا آهن، ڀاڀي ثمينه ڏاڍي پزيسوِ خاتون آهي. هوءَ اهو ڪڏهن به برداشت نه ڪندي ته تون ڪنهن ٻئي طرف مائل گھائل ٿين.“
حنان هن جي ڳالهه کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪندي پنهنجي گفتگو جاري رکي ٿو،
”سنڌيا کي جڏهن به مون قريب کان ڄاڻڻ جي ڪئي آهي ته ائين لڳو آهي ته ڄڻ هوءَ سيني ۾ ڪئي درد سانڍيو پنهنجي مٿان خوش باشي سنجيدگي ۽ بردباري جو مصنوعي خول چاڙهيو جيئندي پئي وتي ڇا هن کي هن جيون ۾ ڀرپور زندگي گھارڻ جو ڪو حق ناهي، ٻئي طرف اسان جهڙا سطحي سوچ رکندڙ انسان بجائي هنن جي زخمن تي مرهم رکڻ جي انهن جي ڦٽن تي نمڪ پاشي ڪرڻ لاءِ هر گھڙي آتا هوندا آهيون.“
جميل حيران ٿي هن جي بي سروپا ڳالهين تي ڪنڌ ڌوڻي خاموش ٿي وڃي ٿو ۽ دل ۾ چوي ٿو ته هي شخص ته ويو ڪم کان، آصف کي ڪنهن چيو ته سنڌيا جو دکڙو هن جي آڏو روئي.... مونکي ته هي اڄ بلڪل ديوانو پيو لڳي. هو مزيد ڪجهه تبصرو ڪرڻ جي اوٻاسي ڏئي اٿي ٿو،
”يار مان ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان ٿوري دير آرام ڪندس، تون ويهي سنڌيا ميم جي زخمن جو علاج ڳولهه...... پوءِ ملون ٿا رات جي مانيءَ تي.“ اهو چئي وڃي بيڊ تي ليٽي پوي ٿو ۽ حنان ڪرسي کي ٽيڪ ڏئي اکيون پوري خيالن ۾ گم ٿي وڃي ٿو.
ڪجهه دير کانپوءِ آصف واپس اچي ٿو ته حنان جي ڪرسي تي ويٺي ويٺي اک لڳي وئي هئي ۽ جميل هن جي آواز تي اٿي کيس ڏسي اشاري سان خاموش رهڻ لاءِ چوي ٿو. هو آهسته قدمن سان اچي جميل جي ڀر ۾ ويهي ٿو. جميل ڌيمي لهجي ۾ کيس چوي ٿو ته اڄ اسان هلي ٿا ڊنر جي تياري ڪيون مون کي توسان ڪا ڳالهه ڪرڻي آهي. ٻئي اٿي ڪچن ڏانهن هليا وڃن ٿا اتي وڃي آصف جميل کان حنان جي متعلق پڇي ٿو جميل کيس ٻڌائي ٿو ته سنڌيا کي وٺي ڪري حنان ڪافي ڊسٽرب آهي عجيب گٿيون ڳالهيون پئي ڪيائين، سڄي ڳالهه کيس ٻڌائي چوي ٿو ته اسان کي جلدي ڪجهه ڪرڻو پوندو، بهتر ٿيندو ته هنن کي ڪو اهڙو موقعو فراهم ڪجي جتي هو آفيس کان ٻاهر هٽي ڪري آزادي سان هڪ ٻئي کي پنهنجو موقف ٻڌائي ڪنهن نتيجي تي پهچي سگهن.“
آصف اهو ٻڌي کيس ٻڌائي ٿو ته مجهند جو رابعه سان هن جي دلچسپي متعلق تفصيل سان ڳالهائي آيو آهيان، انهن جو به اهوئي اصرار هو ته کين وقت ڏيڻ کپي ممڪن آهي ته حنان جي دل ۾ هن لاءِ صرف همدردي هجي ۽ هو ايڏو وڏو قدم کڻڻ لاءِ تيار نه هجي، اهو به ممڪن آهي ته سنڌيا هڪ اهڙي شخص سان ڪو ناتو جوڙڻ نه چاهي جيڪو هڪ مڪمل زندگي گذاري رهيو هجي. انڪري اهو وڌيڪ بهتر ٿيندو ته هنن کي اهڙو ماحول مهيا ڪري ڏجي جو هو هڪ ٻئي جي مسئلن کي ٺڪي ٺوڪي ڏسن.
اهو ٻڌي جميل ڪجهه دير سوچ ۾ پئجي وڃي ٿو. ڪجهه توقف کان پوءِ هو چويس ٿو ته هن جي ذهن ۾ هڪ آئڊيا آهي ٻن ڏينهن کان پوءِ سنڊي سان گڏ هڪ موڪل آهي هڪ ڏينهن وڌيڪ موڪل ڪري ڪنهن هل اسٽيشن جو پروگرام ٺاهجي.
اهو ٻڌي آصف خوش ٿي وڃي ٿو،
”مان هينئر ئي آپي سان ڳالهايان ٿو ڪوهه مري ۾ منهنجي هڪ دوست جو ڪاٽيج آهي جتي هو گرمين ۾ ايندا آهن اتي هنن جو چوڪيدار سنڀاليندو آهي، جي پروگرام ٿي وڃي ٿو ته پوءِ ٻئي ڏينهن ڪوهه مري هلون ٿا ۽ موقعي جي مناسبت سان ڪجهه سوچي وٺبو.“
پروگرام ٺاهي ٻئي ماني تيار ڪرڻ لڳن ٿا.
ٻئي ڏينهن آصف ڪم کان فارغ ٿي سڌو احمد وارن ڏانهن وڃي ٿو، اتي کين هالي ڊيز مري گذارڻ لاءِ آماده ڪري ٿو، رابعه سان ته هن فون تي تفصيل سان ڳالهائي ڇڏيو هو، شوڪت علي پهرين ته نٽائي ٿو پر پوءِ ڪومل ۽ رابعه جي زور ڀرڻ تي آماده ٿي وڃي ٿو. سڀئي کل خوشي سان پروگرام ٺاهن ٿا. ٿوري دير کان پوءِ آصف موڪلائي اپارٽمينٽ تي اچي ٿو جتي حنان ۽ جميل آفيس کان واپس اچي ويا آهن هو هنن کي ٻڌائي ٿو ته اسان هالي ڊيز لاءِ مري پيا هلون، هن اتي رهڻ جو بندوبست به ڪري ڇڏيو آهي، اهو ٻڌي حنان جي چهري تي رونق اچي وڃي ٿي ۽ سڀ گڏجي پروگرام فائينل ڪن ٿا.



گل بانو جي گذرڻ کان پوءِ رحمان جيڪو هن جي موت جو پاڻ کي ذميدار سمجهي ٿو، ٻئي طرف اچانڪ نوڪري تان به ڊسمس ڪيو وڃي ٿو. ان تڪليف کيس بيحال ڪري وڌو آهي هر وقت گھر ۾ رهڻ، گھر جي بگڙيل ماحول اولاد جي نافرماني هن کان برداشت نه ٿي ٿئي هو ڏينهون ڏينهن چڙچڙو ٿيندو پيو وڃي. هر وقت سندس بلڊ پريشر هاءِ رهڻ لڳو آهي ان ڪري هو پاڻ کي دنيا مافيها کان فرار حاصل ڪرڻ لاءِ هر وقت شراب ۾ پاڻ کي گم رکي ٿو، سندس وڏو پُٽ فواد جيڪو پهرين ئي خراب سنگت جي ڪري ڪيترين ئي براين جي ور چڙهي ويو آهي گھر کان راتين جون راتيون غائب رهي ٿو، ڪڏهن ڪڏهن سندس دوست نشي ۾ ڌت حالت ۾ کيس گيٽ تي ڇڏي هليا وڃن ٿا ته ويچاري مريم خانيءَ سان گڏجي گهلي سهلي کيس اندر وٺي اينديون آهن، مريم لاءِ ته زندگي زهر بنجي وئي آهي، مڙس ۽ پٽ جا ڏجھا ئي هن لاءِ گھٽ ڪونه هئا ويتر نينا هن جي لاءِ روز بروز شرمندگي ۽ ندامت جو باعث بنجندي پئي وڃي. پيءَ ڀاءُ کان ته هن کي ڪو ڀئو ڀولو آهي ڪونه، ماءُ جي تنبيهن کي بڪواس سمجهي هڪ ڪن کان ٻڌي ٻئي کان ڪڍي ڇڏي ٿي، راتين جو دير سان اچڻ هن معمول بنائي ڇڏيو آهي. اڄ به رات جا ٻه پيا ٿين پر سندس ڪو اتو پتو ڪونهي ، مريم پريشان ٿي ڪمري ۾ اچي ٿي، رحمان جيڪو اڄ ڪي قدر هوش وحواس ۾ آهي هن کي ائين پريشان ڏسي پڇي ٿو،
”ڇو پئي پريشان ٿين...“
مريم ڪاوڙ مان چويس ٿي،
”اهو ته منهنجي مقدر ۾ لکيل آ، شڪر آهي جو اڄ توکي خبر پئي آهي، هي مهل اچي ٿي آهي ڇوڪري پيدا ناهي.“
”پهرين ته رڳو فواد جي ڳڻتي هئي ته هن پنهنجي جواني غلط صحبت ۾ برباد ڪري ڇڏي.ليڪن..... نينا ائين ڪندي سوچيو به ڪونه هو.“
ان وقت شهربانو به ڪمري ۾ اچي ٿي هن کي اڳ ۾ ئي سڀني تي ڪاوڙ آهي،
”ابا اهو اسان سڀ تنهنجي ڪرمن جو پيا لوڙيون، تو به پراين ڄاين سان جيڪو ظلم ڪيو آهي اهو ته ڄڻ ڪنهن ليکي ۾ ئي ڪونهي، نيٺ ته پنهنجو ڪيو سامهون اچڻو آهي نه.“
اهو ٻڌي رحمان آپي ۾ نه ٿو رهي،
”بس چاچي بس....! توهان ئي منهنجي زندگي عذاب بنائي ڇڏي.“
”اسان عذاب بڻائي آ تنهنجي زندگي، اسان ته تنهنجي ڪري پنهنجو الهه تلهه چٽ ڪري، پنهنجو جهُڳو جهڻ ڪري تنهنجي لاري لڳيون سين اڃان به اسان مان توکي ڪس لڳي، شابس ٿئي ٻچا.... واهه جا ڳُڻ پيو ڳڻين.“
مريم کي پريشاني ۾ ماءُ جي ڳالهه نه ٿي وڻي کيس خاموش ٿيڻ لاءِ ٻانهون ٿي ٻڌي، ان وقت فون جي گهنٽي وڄي ٿي، مريم ڊوڙي وڃي فون کڻي ٿي، ڪو ماڻهو ڳالهائي ٿو هن جي ڳالهه ٻڌي مريم جو منهن اڇو جهڙو هرک ٿي وڃي ٿو....
”ڇا پيو چوين... نينا.... ها نينا کي ڇا ٿيو آهي ڪٿي آهي....“
رحمان اٿي مريم کان رسيور وٺي ٿو، ٻئي طرف نينا جو دوست وقاص ڳالهائي ٿو،
”انڪل مان وقاص نينا جو فرينڊ..... اڄ نينا ۽ مون ڪورٽ ميريج ڪري ڇڏي آ.. هوءَ گهر ڪونه ايندي، توهان سندس انتظار نه ڪجو.“
”ڇا.....“
رحمان جي هٿ مان رسيور ڇڏائجي هيٺ ڪري ٿو. پاڻ ڪرڻ لڳي ٿو ته نومي ۽ مريم کيس جهلڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ گهليندا اچي بيڊ تي ليٽائن ٿا ته رحمان بيهوش ٿي وڃي ٿو، مريم نومي کي شمسه وارن کي فون ڪرڻ لاءِ چوي ٿي، ٿوري دير ۾ جاويد ۽ شمسه گاڏي کڻي اچن ٿا ۽ رحمان کي اسپتال کڻي وڃن ٿا. رحمان کي فورًا آءِ سي يو ۾ شفٽ ڪيو وڃي ٿو، ٿوري دير کان پوءِ ڊاڪٽر ٻاهر اچي کين ٻڌائي ٿو ته مريض تي فالج جو اٽيڪ ٿيو آهي سندس هڪ پاسو بري طرح متاثر ٿيو آهي.
اهو ٻڌي مريم روئڻ لڳي ٿي، سڀ گهر ڀاتي ڏکارا ٿي وڃن ٿا.
جاويد ڊاڪٽر کان پڇي ٿو ته پوءِ ڇا ڪرڻو آهي.
”في الحال ته ڪجهه نه ٿو چئي سگھجي، علاج هلندو آهسته آهسته امپروئمينٽ ايندي، هڪ ٻه ڏينهن آبزرويشن هيٺ رکون ٿا.“
اهو چئي ڊاڪٽر هليو وڃي ٿو ته شمسه روئندي چوي ٿي،
”هيءَ به ليٽي پيو قدرت اڃان الائي ڪهڙا امتحان اسان جي نصيب ۾ وٺڻ لکي ڇڏيا آهن.“
نجمه مريم کي دلداري ڏئي ٿي، نومي پيءَ جي حالت جو ٻڌي اداس بيٺو آهي. شهربانو کي سمجهو ته رت جو ڦڙو به منهن ۾ ناهي. رئي جي پلو سان اکيون اگھندي،
”ڌيءَ جي سک لاءِ ايڏو پري سيڻ ڪيم، اڄ منهنجي ڌيءَ جو گهر مڪمل اجڙي ويو الائي ڪنهن جي هاءِ لڳي منهنجي نياڻي کي.“
ٻن ڏينهن کان پوءِ رحمان کي ڊسچارج ڪرائي گھر وٺي اچن ٿا.
هاڻي ته رحمان لاچار ۽ بي وس بنجي ٻين جي رحم وڪرم تي زندگي گهاري رهيو آهي. مريم کيس ائين ڏسي ٿي ته هن جو جيءُ جھُري پوي ٿو، هر وقت هن جي سيوا ۾ لڳي رهي ٿي ماڻس گھڻئي خارون کائي ٿي پر هوءَ کيس سمجهائي ٿي ته ڪرئي کي وڌيڪ ڪيرائڻ نه ٿو جڳائي. اڄ به سوپ ٺاهي خاني کڻي اچي ٿي ته مريم رحمان کي اٿاري پويان وهاڻا رکي کيس سڌو ڪري ويهاري ٿي، پر هو هڪ پاسي اهلجي وڃي ٿو ته هوءَ سندس وهاڻو ڪڍي ليٽائيس ٿي ۽ ڏکاري انداز ۾ چويس ٿي،
”ڪهڙي مصيبت ۾ پاڻ کي به ڦاسايئي ۽ ٻين کي به، چڱو ڀلو هئين ته به اسان جي ڳڻتي ڪونه هيئي، هاڻي ته هر ڳڻتي کان پاڻ کي آجو ڪري ڇڏيئي، ٻڌاءِ ته هن گهر جو گاڏو ڪيئن هلندو. عزت سان رٽائر ڪرين ها ته پينشن ته پئي ملئي ها، امان جي جمع پونجي ڪيترو وقت سهارو ڏيندي، پڇاڙي ۾ عزت به وئي ته جيئڻ جو ٿورو گهڻو آسرو به ڇٽو، هاڻي ويٺا مٿي نهاريون.“
رحمان چپ چاپ مريم جون ڳالهيون ٻڌي رهيو آهي، بي وسيءَ مان اکين مان ڳوڙها وهي اچنس ٿا، مريم ٽوال کڻي ڳوڙها اگهيس ٿي ۽ چمچي سان سوپ پياريس ٿي.




سنڌيا کي جڏهن رابعه آصف ۽ پنهنجي ڪوهه مري جي پروگرام متعلق ٻڌائي ٿي ته سنڌيا پهرين ته صاف لفظن ۾ انڪار ڪري ٿي ته هوءَ هن پروگرام ۾ شامل نه ٿي ٿي سگھي، پر پوءِ شوڪت علي کيس سمجهائي ٿو ته آصف نهايت خلوص سان اسان کي مدعو ڪيو آهي ان ڪري انڪار ڪرڻ مناسب نه ٿو لڳي، ۽ جي هوءَ نه ويندي ته هو به نه ويندو، پيءَ جي ناراضگي ڏسي هوءَ طوها ”قرها“ تيار ٿي وڃي ٿي ۽ ٻئي ڏينهن هو سڀ هڪ وين ڪري ڪوه مري لاءِ روانا ٿين ٿا. اتي پهچن ٿا ته آصف اڳ ۾ ئي ڪاٽيج ۾ انتظام ڪرائي ڇڏيو آهي، ٿوري دير آرام ڪري هو گھمڻ لاءِ نڪرن ٿا. هو پهاڙي علائقن جون چاڙهيون لهندا چڙهندا گھمڻ لڳن ٿا، ڪومل احمد کي وٺي لفٽ چيئرز جي طرف هلي وڃي ٿي اهڙي طرح جيئن ڪنهن کي محسوس نه ٿئي، ٿوري دير کانپوءِ جميل ۽ آصف به ڪنهن بهاني هنن کان الڳ ٿي وڃن ٿا ته رابعه هڪ جاءِ تي پيل بينچ ڏسي ٿڪجي پوڻ جو بهانو ڪري ويهي رهي ٿي ڀيڻ کي ويٺل ڏسي سنڌيا وڌي اچي ٿي،
”آپي هو ڏسو نه ڪهڙو نه خوبصورت منظر آهي آسمان هن پهاڙي چوٽي سان ڄڻ ته ملي ويو آهي، اٿو نه ٿورو اڳڀرو هلي ڏسون ٿا،“
”نه سنڌيا مونکي رات کان ٽنگ ۾ سور آهي. مان مٿي چڙهي نه سگھنديس، ڪومل ڪيڏانهن وئي تون ان سان هلي وڃ.“
”آپي ڪومل ڀاڀي ۽ ڀائو ته چيئر لفٽ جو سير ڪرڻ ويا هليا جميل ۽ آصف به ڪوه پيمائي ڪرڻ لاءِ نڪري ويا، توهان هتي اچي ٿڪجي ويهي رهيو، ته پوءِ مان واپس بابا ڏي پئي وڃان.“
رابعه حنان کي سڏي ٿي جيڪو ٿورو پرڀرو هڪ لان تي وڃي ويهي رهيو آهي، رابعه جي اشاري تي اٿي اچي ڀرسان بيهي ٿو، ”آپا توهان سڏيو ڪو ڪم آهي؟“
رابعه چويس ٿي،
”حنان سنڌيا سامهون واري پهاڙي تي وڃڻ پئي چاهي، پليز تون هن کي ڪمپني ڏي نه.“
اهو ٻڌي سنڌيا هڪدم چوي ٿي:
”نه آپي مان به توهان سان ويهان ٿي.“
حنان جيڪو ڪيتري دير کان موقعي جي تلاش ۾ هو ته سنڌيا سان اڪيلائي ۾ ڪجهه ڳالهيون ڪري، ائين موقعو ويندي ڏسي جهٽ سان چوي ٿو:
”ميم هلو نه، منهنجي ڪمپني ايڏي به بورنگ ناهي.“
سنڌيا مجبور ٿي اٿي ٿي ۽ هو پهاڙي طرف وڌي وڃن ٿا، چڙهايون چڙهڻ جو سنڌيا جو ڪو تجربو ناهي هڪ هنڌ ٿڪجي ويهي رهي ٿي، ۽ دور خلائن ۾ ڪجهه ڳولهڻ لڳي ٿي، حنان هن جي اها ڪيفيت ڏسي همٿ ڪري چوي ٿو،
”سنڌيا ميم...! ائين خلائن ۾ ڇا پيا ڳولهيو.“ سنڌيا ائين چوري پڪڙجندي ڏسي سوچن مان ٻاهر نڪري اچي ٿي.
”ڪجهه به ته نه..... مان ڀلا ڇا تلاش ڪندس.“
حنان وري همٿ ڪندي چوڻ لڳو.
”سڄي آسمان ۾ صرف هڪ ئي تارو ته ناهي هوندو نه، روشني ٻي به گهڻي هوندي آهي، توهان الائي ڇو اونداهين ۾ رهڻ ٿيون چاهيو اڃان ته زندگي جو طويل رستو باقي آهي ۽ بقول رابعه آپا جي، توهان کي اونداهين کان ڊپ به لڳندو آهي.“ ٿوري دير ساهي پٽي هن جو ردِ عمل جاچڻ جي ڪوشش ڪري ٿو،
سنڌيا جواب ۾ جيڪو ڪجهه چوڻ چاهيو ٿي پر چئي نٿي سگھي، سمورا لفظ جيڪي طوفانن جيان اڀريا هئا لهرن جيان دل جي سمونڊ جي گھراين ۾ واپس هليا ويا ۽ هوءَ حيرت ۽ بيوسيءَ سان کيس ڏسندي رهجي وئي. اهو ڏسي حنان جو حوصلو اڃان پختو ٿئي ٿو. هو وري چوڻ لڳو،
”توهان خبر ناهي ڇو روشنين کي پٺي ڏئي ويهي رهيا آهيو، ان ڪري ته سدائين توهان کي پنهنجي سامهون اونداهي نظر پئي ايندي. جيڪڏهن توهان پنهنجو رخ ڪجهه گھڙين لاءِ مٽائي ڇڏيو ته سمورا اجالا توهان جي اکين کان وٺي توهان جي قدمن تائين پکڙجي ويندا..... ڪجهه دير جي توقف کان پوءِ حنان وري ڳالهائڻ شروع ڪيو، غم جڏهن حد کان گذري ويندو آهي ته اتان ئي خوشين جي حد شروع ٿيندي آهي، سنڌيا مئڊم توهان پنهنجي حصي جا ڏک گهڻو ڏسي ورتا آهن، هاڻي خوشين جو وارو آهي..... هي جيڪو درد هوندو آهي نه، اهو صرف گھڙي پل لاءِ هوندو آ..... ۽ جي تمام گھڻو هجي، انتها تي پهچي وڃي ته سمجهو ته هاڻي ختم ٿيڻ وارو آ خوشين جي شروعات ٿيڻ واري آهي. تڏهن ته چوندا آهن نه ته ڏکن پويان سک ضرور اچڻا آهن. توهان ڳڻتي نه ڪيو توهان جو هر دک منهنجو آهي، منهنجو اعتبار ڪيو. بس آهسته آهسته سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.“
حنان جون اهڙيون ڳالهيون ٻڌي سنڌيا حيران ٿي سوچي ٿي ته اڄ حنان عجيب ڳالهيون پيو ڪري، هي مونسان همدردي جتائي رهيو آهي يا واقعي مون کي پنهنجو دوست سمجهي اهڙيون ڳالهيون پيو ڪري. دوستي ۽ همدردي ۾ ڀلا ڪيترو فرق هوندو آهي. ضرور ڪونه ڪو فرق هوندو آهي ڇو ته دوستي جو احسان ڳاٽ اوچو ڪري کنيو ويندو آهي پر همدردي جو احسان ڪنڌ جهڪائي ڇڏيندو آهي، هوءَ سڄي عمر ڪنڌ جهڪائي هلندي رهي هئي، ليڪن هاڻي نه ڄاڻ ڇو ڳاٽ اوچو ڪري هلڻ ٿي چاهيائين. اهو سوچي هن کي پنهنجو پاڻ تي فخر محسوس ٿيڻ لڳو.
هن کي ائين خاموش ڏسي حنان جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا، سنڌيا کي هن جي حالت ڏسي بيچيني ٿيڻ لڳي، زندگي ۾ پهريون ڀيرو ڪو انسان ۽ اهو به مرد روئندي کيس ايترو خوبصورت لڳو هو، هو پٿر جيان ساڪت ويٺي هئي ۽ لڙڪ سندس اکين مان لڳاتار وهندي سندس هٿن ۽ جھولي ۾ ڪري رهيا هئا کيس ائين لڳو ڄڻ سڄي ڪائنات بي حرڪت آهي زمين آسمان وڻ ٽڻ سڀ هن جي غم ۾ خاموش آهن سنڌيا چپ چاپ نير وهائيندي رهي.
حنان هن کي ائين روئيندو ڏسي وري کانئس هڪ سوال ڪيو، ڄڻ ڪنهن ٻار کان سوال ڪبو آهي،
”توهان ايترو ڏکايل ڇو آهيو، هونئن ته بظاهر پنهنجي چوگرد ڏاڍو خوبصورت باغ سجائي رکيو اٿوَ، ائين ڇو نه ٿيون ڪيو ته پنهنجي اکين تي به ڪي رنگين پردا وجهي ڇڏيو ڇو ته ائين ٿيندو آ ته ماڻهو گلن جي روشِن تان گذرندي ڪڏهن ڪڏهن ڀٽڪي هڪدم ويراني ۾ پهچي ويندو آهي ته حيرت به ٿيندي آهي ته ڏک به......“
هو اڃان به ڪجهه چوي ها پر اچانڪ هوءَ اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳي. ضبط جو بند هڪدم ائين ٽُٽُو جو هوءَ پاڻ به حيران ٿي وئي. ڪهڙي نه حيرت جي ڳالهه هئي جو اهي ڳوڙها جيڪي ڪئي سالن کان ڪڏهن ڪنهن پنهنجي آڏو به نه وهيا هئا، ائين سرِ راهه ڪنهن اجنبي جي سامهون وهي نڪتا، سندس دل چاهيو ته زمين ڦاٽي پوي ۽ هوءَ ان ۾ سمائجي وڃي، ڪٿي لڪي وڃي ۽ پوءِ وري ڪڏهن به ان شخص جي شڪل نه ڏسي، پر ٿيو ائين ته حنان پنهنجي شولڊر فلاسڪ جو ڍڪ کوليو ۽ ان ۾ پاڻي اوتيو ۽ سندس هٿ جهلي ڍڪ ان ۾ پڪڙائي ڇڏيو ۽ نهايت ڳنڀيرتا سان کيس پاڻي پيئڻ لاءِ چيو ۽ تعجب ان ڳالهه جو ته هن پاڻي به پيتو ۽ سندس ڏنل رومال سان اکيون به اُگهيون، ڪيڏي نه شديد نفرت ٿي رهي هئي. ان وقت پنهنجو پاڻ سان ۽ ان شخص سان. هن جي انا زخمي ٿي پئي هئي سندس هستيءَ جو غرور ڀورا ڀورا ٿي ويو هو. هن جي اندر جي سموري پيڙا ۽ درد سندس چهري تي صاف بکي رهيو هو، حنان هن جي اندر جي ڪيفيتن کي محسوس ڪري رهيو هو پر پوءِ به هن جو موڊ خوشگوار ڪرڻ لاءِ هن جي ويجهو اچي بيٺو ۽ جرئت ڪندي هن جو خوبصورت گلابي هٿ پنهنجي ٻنهي هٿن ۾ جهلي. حنان مسڪرائي کيس ڏٺو ۽ چيو،
”توهان کي برسات جي موسم ناهي وڻندي، پر مونکي ته اچانڪ وَسي پوڻ وارا بادل ڏاڍا وڻندا آهن.“
هن سندس ڳالهه جو ڪوبه جواب نه ڏنو ۽ نه ئي پنهنجو هٿ ڇڏايو هو. ان وقت اچانڪ برف باري ٿيڻ لڳي ته هوءَ ٽپ ڏئي اٿي کڙي ٿي نرمي سان پنهنجو هٿ ڇڏائي تڪڙا تڪڙا قدم کڻندي واپس وڃڻ لڳي ته حنان به سندس پٺيان وڃڻ لڳو.
سنڌيا ۽ حنان ڪاٽيج پهتا ته باقي سڀ اڃان ڪونه موٽيا هئا، سنڌيا سڌو پنهنجي لاءِ مخصوص ڪيل ڪمري ۾ هلي وئي ۽ حنان شوڪت علي جي ڪمري ڏانهن وڌي ويو، شوڪت علي آرام ۾ هو، ان ڪري ان کي ڏسي حنان مردن لاءِ مخصوص ڪيل ڪمري ۾ وڃي وڇايل ميٽريس تي ليٽي پيو. سنڌيا بيڊ تي ليٽي ته ڪيترن ڏينهن کان پوءِ هن کي پرسڪون ننڊ کڻي وئي ايستائين جو کيس خبر به نه پئي ته ڪير ڪيڏي مهل آيو لنچ ڪئي ۽ وڃي آرامي ٿيو. سڀئي ٿڪل هئا ان ڪري آرام ڪرڻ لڳا هئا. سنڌيا جي اک کلي ته رابعه ۽ ڪومل بيخبر سمهيون پيون هيون، هن اٿي هٿ منهن ڌوتو ۽ ٻاهر ورانڊي ۾ نڪري آئي. آسمان ۾ بادل ڀرجي آيا هئا. سفيد چمڪدار ۽ سرمائي بادل دونهي جيان پهاڙن ۽ ڊگھن چبل ۽ ديال جي وڻن جي وچان تيزي سان پکڙجي ويا ائين لڳي رهيو هو ڄڻ آسمان جو پيالو ٿورڙي ئي بي احتياتي سان ڇُلڪي پيو هجي ۽ سمورا ڪڪر کسڪي زمين تي اچي ويا هجن. ڊگھا ڊگھا وڻ ۽ ٽڪريون ڪنهن ڌُنڌلي تصوير وانگر نظر اچي رهيا هئا، ورانڊي جي ڏاڪڻين تي ويٺل سنڌيا کي ائين لڳو ڄڻ هي ڌنڌ جو هيبتناڪ گهاٽو سمنڊ سندس ارد گرد ڦهلجندو پيو وڃي ۽ هاڻي ٿوري دير ۾ هوءَ چئني طرفن کان ان ۾ گهيرجي چڪي هوندي، رکي رکي حنان جون ڳالهيون هن جي ڪنن ۾ ٻُري رهيون هيون، هن جي دل چاهيو ته اکيون بند ڪري ڇڏي ۽ انهيءَ دونهي ۾ ويڙهجي گھڻو دور هلي وڃي ۽ بارش جي قطرن سان گڏ سمنڊ جي تر ۾ وڃي پوي. واهه..! ڪيڏو نه شاندار، رومانوي خاتمو هوندو، جيئن آڪاس ۾ ٿوري دير لاءِ انڊلٺ نڪري ۽ وري شام جي لالاڻ ۾ غائب ٿي وڃي. موت جيڪڏهن ايترو آسان ۽ خوبصورت هجي ها ته ڪوبه ان جي تصور کان خوفزده نه ٿئي ها، هوءَ به نه ٿئي ها ۽ وڏي اطمينان سان اکيون بند ڪري يخ ٿڌن پاڻين ۾ لهي وڃي ها.
کنوڻ جي چمڪاٽ سان گھٻرائجي اکيون کولي ڇڏيائين ۽ تلخ مسڪراهٽ سندس لبن تي ڦهلجي وئي، ڪهڙي واهيات سوچ آهي، اهڙي پُر فضا مقام تي ايتري خوبصورت موسم ۾ اهڙيون خوفناڪ ۽ المناڪ ڳالهيون سوچڻ جي ڀلا ڪهڙي تُڪ آهي حنان زندگي جي سڀني خوبصورتين جو خاڪو منهنجي آڏو پيش ڪري ڇڏيو آهي ۽ مان الائي ڪهڙيون فضول سوچون ذهن ۾ کڻي پاڻ کي ٿڪايان پئي. شايد تمام گھڻو حسين ماحول به انسان کي قنوطي ۽ افسرده بنائي ڇڏيندو آهي. انهن سوچن مان نڪتي ته سندس پويان ڪومل الائي ڪيڏي مهل کان هن کي ائين گم ڏسي مسڪرائي رهي هئي،
”جي منهنجي ڀيڻ خوابن مان سجاڳ ٿي هجي ته سڀ چانهه تي انتظار پيا ڪن.“
اهو ٻڌي هوءَ شرمسار ٿي اٿي کڙي ٿئي ٿي ۽ هن سان گڏجي اندر هلي وڃي ٿي.
اندر سڀ موجود آهن، برسات جي ڪري ٿڌ ۾ اضافو ٿي ويو آهي ان جي مناسبت سان سڀ ڊراءِ فروٽس ۽ ڪافي سان شغل ڪري رهيا آهن، ڪومل ۽ سنڌيا به اچي شامل ٿين ٿيون، کين ايندو ڏسي حنان چور نگاهن سان سنڌيا جو جائزو وٺي ٿو پر هن جي چهري تي ڪوبه تاثر ناهي، البته هن جو موڊ خلاف معمول ڪافي خوشگوار لڳي رهيو آهي ڄڻ ڪجھ وقت پهرين هن سان ڪوبه ڏکوئيندڙ ۽ غيرمعمولي واقعو نه ٿيو هجي. اهو محسوس ڪري حنان کي اطمينان ٿئي ٿو. ڪافي دير تائين هو ڳالهيون ڪندا رهن ٿا ۽ شوڪت علي کي ٻڌائن ٿا ته صبح کان هنن ڪٿي ڪٿي سير ڪيو. البته ان دوران سنڌيا ۽ حنان خاموش پنهنجن سوچن ۾ گم آهن . رات جي وقت ڊنر کان پوءِ برسات به رڪجي وڃي ٿي ته سڀئي مال روڊ تي واڪ جو پروگرام ٺاهن ٿا، پهاڙي علائقن جي برسات جو اهوئي ته مزو هوندو آهي. ڪيترو به مينهن وسي روڊ رستا ڌوپجي وڌيڪ اجرا ۽ صاف ٿي ويندا آهن ۽ انهن تي واڪ ڪرڻ جو مزو ئي پنهنجو هوندو آهي.
ائين ٻه ڏينهن پلڪ جهپڪندي گذري ويا. گهمندي ڦرندي اشارن ڪناين ۾ حنان سنڌيا سان پنهنجي دلچسپي جو اظهار ڪندو رهيو، جتي موقعو مليو ڪومل آصف ۽ جميل هنن جي حوصلا افضائي ڪندا رهيا، ڪومل جي هر ممڪن ڪوشش هئي ته هوءَ پنهنجي هن ڏکايل نڻان جي زندگي ۾ بهارون آڻي، البته احمد ۽ رابعه ڪافي محتاط هئا. هنن پنهنجي هن ننڍڙي ڀيڻ کي سڏڪندي سسڪندي ڏٺو هو ۽ هوءَ مس مس وڃي ڪجهه سيٽل ٿي هئي، هنن کي اها به خبر هئي ته حنان پويان ڳوٺ ۾ هڪ زال ۽ ٻار ڇڏي آيو آهي. انهن کان دور رهي هو هڪ دکياري عورت جا ڳوڙها اگهڻ جي سعي ته ڪري رهيو هو ليڪن اهو حالات ۽ موقعي جي لحاذ کان وقتي اوٻر ثابت ٿيو ۽ جيئن هو پنهنجي فيملي وٽ پهچي ۽ انهن جي محبتن ۽ ذميدارين جو طوق سنڌيا جي لاءِ مزيد اذيتن جو سبب بنجي ويو ته اهو ڌڪ هوءَ سهي نه سگھندي ۽ هن جي زندگي جهنم بنجي ويندي. ان ڪري هو ڪنهن به طرح جو زور مٿس وجهي جلد بازي ۾ ڪو قدم کڻڻ کان لنوائي رهيا هئا، ها البته هنن جي شديد خواهش هئي ته جي هو ٻئي هڪ ٻئي کي سمجهي سگهيا ۽ پوءِ هنن گڏجي جيون گهارڻ جو ڪو فيصلو ڪيو ته پوءِ هو به پيءَ کي راضي ڪري وٺندا.



سنڌيا ان دوران ڪئي دفعه اهو محسوس ڪيو ۽ هاڻي هن کي يقين اچڻ لڳو ته حنان هن ۾ غير معمولي دلچسپي وٺي رهيو آهي. هن ڪئي ڀيرا دٻيل لفظن ۾ پنهنجي محبت جو اقرار به ڪيو ۽ شروع ۾ ته هوءَ انهن ڳالهين تان چڙي هن کي کٿو جواب ڏئي ويهندي هئي پر آهسته آهسته برف پگهرجهڻ لڳي، هن جون اهڙيون پنهنجائپ ڀريون ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ هن جا ڪن آتا رهندا هئا، ليڪن هن کي پنهنجي طرفان اڳتي هٿ وڌائڻ کان خوف ٿيندو هو.
محبت سنڌيا لاءِ چانڊوڪي جو خواب هو جيڪا هڪ پل لاءِ پنهنجي انتهائي خوبصورتي سان نظرن ۾ سمائجي سڄي هستي کي روشن ڪري ڇڏي ۽ ٻئي لمحي ۾ ڌنڌ جي ميٽائين چادر ۾ هميشه لاءِ گم ٿي وڃي ۽ پوءِ ابد تا ابد انڌيارا رهجي وڃن. هن زندگيءَ ۾ محبت جا وڏا تڪليف ده ۽ کل جوڳا درد ڏٺا هئا. هن نه ٿي چاهيو ته حنان پنهنجي همدردانه طبيعت جي ڪري هن سان گڏ ته هلڻ چاهي پر همراه نه هجي.
ڪوهه مري کان واپسي تي هو سڀ معمولات زندگي ۾ مصروف ٿي ويا، البته آصف جميل ۽ ڪومل جي اها ڪوشش رهي ته هنن کي هڪ ٻئي جي قريب آڻڻ جا جتن ڪندا رهن. ان ڏينهن به شوڪت علي احمد ۽ رابعه ڪيڏانهن ويل هئا ته حنان سنڌيا جي گهر آيو گھر ۾ سانت لڳي پئي هئي، ڪومل کيس اندر لائونج ۾ وٺي آئي جتي سنڌيا هڪ مئگزين جو مطالعو ڪري رهي هئي، حنان کي ايندو ڏسي سندس چپن تي هڪ خوشگوار مرڪ ڦهلجي وئي، کيس ويهڻ جي آڇ ڪيائين. ڪومل هنن کي ڇڏي پاڻ ڪنهن ڪم سانگي اندر هلي وئي. موقعو مناسب سمجهي حنان هڪدم فيصلو ڪيو ته اڄ ڪنهن به نموني صاف لفظن ۾ پنهنجي دل جي ڳالهه سنڌيا سان ڪرڻ گهرجي،
”سنڌيا ميم...! توهان ناراض نه ٿيو ته مان توهان سان هڪ ڳالهه ڪرڻ چاهيان ٿو.“
سنڌيا ڪجهه ڪجهه سمجهي وئي ته هو ڇا چوڻ وارو آهي، اهو ٻڌي پهرين وانگر نٽائڻ جي بجاءِ هن جي دل چاهيو ته هو اهو سڀ ڪجهه چئي ڏئي جيئن ڪنهن ٻڏتر ۾ پوڻ بجاءِ هوءَ به ڪو حتمي فيصلو ڪري سگھي. هوءَ تجسس مان هن ڏي نهارڻ لڳي.
حنان عجيب انداز ۾ جهٽ هن کي پروپوز ڪندي چيو، ”مان توهان جي زندگي ۾ پاڻ کي شامل ٿيڻ لاءِ پنهنجو پاڻ سونپيان ٿو.“
اهو چئي چپ ٿي وڃي ٿو.
سنڌيا کي اهڙي انداز جي قطعي اميد نه هئي هوءَ وائڙي ٿي ٿوري دير لاءِ کيس ڏسندي رهي،
”هي ڇا پيا چئو، اهو ڀلا ڪيئن ممڪن آهي، ڇا اسان هميشه جيان سٺا دوست رهي نه ٿي سگهون.“
جڏهن هن کيس منع ڪيو ته هو ٻارن وانگيان رُسي ويو. اکين ۾ لڙڪ تري آيس.
سنڌيا کيس چيو ته مونکي سوچڻ جو موقعو ڏيو ڪجهه وقت انتظار ڪيو ممڪن آ ته توهان کي اڳتي هلي پنهنجي فيصلي تي ڪو پڇتاءِ ٿئي.
پر هو اڄ ڪجهه به مڃڻ لاءِ تيار نه هو،
”ڏسو سنڌيا ميم...! توهان مونکي سٺا ٿا لڳو، مان به شايد توهان کي ناپسند ناهيان، ته پوءِ انتظار ڇا لاءِ، ڇو ڪيون انتظار.“
هن جا دليل ڏاڍا دلچسپ هئا جو هوءَ نه اقرار ڪري سگهي نه انڪار، پر خاموش رهجي وئي. هن جي خاموشي کي آمادگي سمجهي هو خوش ٿي ويو. انهي وقت ڪومل چانهه سان گڏ پڪوڙا کڻي اندر آئي. حنان جو ٻهڪندڙ چهرو ۽ سنڌيا جون شرمايل نگاهون هن کي گهڻو ڪجهه سمجھائي ويون ته هن جي ڪوشش نيٺ رنگ لاٿو ۽ هوءَ پنهنجي هن سدائين دکي رهندڙ نڻان جي لاءِ خوشيون حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. سڀني انتهائي خوشگوار ماحول ۾ چانهه پيتي ۽ پوءِ نه چاهيندي به حنان موڪلائي هليو ويو.



هڪ ڏينهن آفيس ۾ ڪو خاص ڪم نه هو ان ڪري حنان پنهنجي ڪئبن ۾ ڪرسي جي پٺي کي ٽيڪ ڏئي سوچڻ لڳو،
”مان سنڌيا کي کليل لفظن ۾ زندگيءَ ۾ شامل ٿيڻ جي پيشڪش ته ڪري ويٺو آهيان پر ڪاٿي منهنجو هي کنيل قدم هن لاءِ وڌيڪ عذاب جو باعث نه بنجي وڃي. ثمينه هڪ انتهائي پزيسوِ ضدي عورت آهي، اگر هن کي هن رشتي جي ڀڻڪ پئجي وئي ته هوءَ الائي ڇا ڪري ويهي.... پر هاڻي ته منهنجي احساسن جي خبر سڀني کي پئجي وئي آهي ۽ مان سنڌيا کي واضع انداز ۾ پروپوز ڪري ويٺو آهيان، آصف وڏي مشڪل سان آپي ۽ احمد کي آماده ڪيو آهي، سنڌيا ته هن زندگي لاءِ وڏي مشڪل سان پاڻ کي تيار ڪري سگھي آهي، ورنه هوءَ ته ڪنهن به مرد تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه هئي. سورهن، سترهن سالن جي ننڍڙي عمر ۾ هن ايڏو وڏو دوکو کاڌو ۽ سالن جا سال لاڳيتو جنهن ڪرب ۽ اذيت مان گذري. رابعه آپا ته ٻڌايو پئي ته ٻه دفعه خودڪشي جي ڪوشش به ڪيائين ۽ هاڻي مان هن کي زندگي ڏانهن وڌڻ جي آس ڏياري پوئتي هٽي نه ٿو سگھان، ڏسو قسمت ڪيڏانهن ٿي وٺي وڃي، ها البته ان سلسلي ۾ سنڌيا جي راءِ وٺڻ ضروري آهي.“ اهو سوچي هو سنڌيا جي ڪئبن ۾ اچي ٿو ۽ ويهندي بي تڪلف انداز ۾ ڪافي جي فرمائش ڪري ٿو. سنڌيا سوچي ٿي ته:
”هي حنان کي آخر ڇا ٿي ويو آهي هن جي هڪ فيملي آهي پوءِ به آخر هن کي مونسان ڪهڙي همدردي آهي جو هو ايڏي رسڪ کڻڻ لاءِ بضد آهي. ڪٿي ائين نه ٿئي ته مان هڪ عذاب کي ڀوڳي مس ڪجهه سيٽل ٿي آهيان ته ڪو نئون عذاب منهنجي استقبال لاءِ بيٺو هجي.“
حنان هن کي ائين سوچيندي ڏسي پڇي ٿو، ”ميڊم توهان ٺيڪ ته آهيو نه.“
”ها، ها، ڇو خير ته آهي نه.“
”بلڪل..... سوچيم توهان سان هڪ ڪپ ڪافي ٿي وڃي ۽ اڳتي لاءِ به ڪجهه سوچجي.“
ٻئي ڪافي دير تائين ان موضوع تي ڳالهائن ٿا هڪ ٻئي کي پنهنجي انديشن کان آگاهه ڪن ٿا ۽ آخر ٻنهي جي چهرن تي اطمينان جي جھلڪ اچي وڃي ٿي.
حنان سنڌيا کي مطمئن ڪرڻ کان پوءِ دل جي ڳالهه چوي ٿو،
”ته پوءِ جيترو جلد ٿي سگھي، مان اڄ شام جو جميل ۽ آصف کي توهان ڏانهن موڪليندس آپي ۽ ڀاڀي سڀ طيء ڪري وٺندا.“
سنڌيا ڪوبه جواب ڏيڻ بنا ڪافي پيڻ ۾ مشغول هئي.
حنان اتان اٿي پنهنجي ڪئبن ۾ اچي آصف کي فون ڪري تفصيل سان ٻڌائي ٿو ۽ شام جو اوڏانهن وڃڻ لاءِ چوي ٿو آصف حامي ڀري ٿو.
احمد ۽ رابعه پيء کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا هو پهرين ته صاف جواب ڏئي ٿو ته هڪ سگهري شخص سان سنڌيا ڪيئن رهي سگھندي هن ته زندگي ۾ پنهنجي ڪابه شيء ڪنهن سان ڪڏهن به شيئر نه ڪئي هئي ته پنهنجي زندگي ڪيئن شيئر ڪري سگھندي ڪاٿي پاڻ کي ايڊجسٽ ڪندي پاڻ کي زخمي نه ڪري وجھي ڪاٿي هڪ دفعو وري ڀورا ڀورا نه ٿي وڃي. هو رابعه کي چوي ٿو ته هن کي پنهنجي منهن زندگي جي هر حقيقت کان چڱي ريت آگاه ڪري، ڇو ته هوءَ عمر جي ان حصي ۾ آهي جنهن کان پوءِ هن وٽ نه وڃائڻ لاءِ وقت هوندو ۽ نه ٻيهر سيٽل ٿيڻ لاءِ.
شام جو سنڌيا جيئن گهر اچي ٿي ته فريش ٿي پنهنجي بيڊ تي ليٽي پوي ٿي ان وقت رابعه اچي سندس ڀرسان ويهي ٿي ۽ هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪندي مقصد تي اچي ٿي،
”سنڌيا توکي ته خبر هوندي ته آصف ۽ جميل ڪجھ دير کان پوءِ اچڻ وارا آهن هنن کي ڪو جواب ڏيڻ کان پهرين مان توکي زندگي جي انهن حقيقتن کان آگاه ڪرڻ ضروري سمجھان ٿي.“
سنڌيا پريشان ٿي ڀيڻ ڏانهن نهاري ٿي.
”منهنجي ڳالهه ٻڌ سنڌيا منهنجي ننڍڙي ڀيڻ، رابعه کيس پاٻوهه مان سيني سان لائيندي پنهنجي ڳالهه جاري رکي ٿي، اڄ، صبحاڻي تون زندگي جي جنهن راهه تي پهريون قدم رکندينءَ، هي ڏاڍي عجيب و غريب راهه اٿئي، ڏسڻ ۾ ڏاڍي خوبصورت، ڏاڍي خوش نما، زمين تي گل ئي گل نظر ايندا آڪاس ستارن سان ڀريل لڳندو، ليڪن جڏهن اتان گذرڻ لڳبو تڏهن خبر پوندي آهي ته انهن گلن سان گڏ ڪيترا ڪنڊا به آهن جيڪي پيرن کي رتو رت ڪري ڇڏين ٿا، ۽ انهن تارن ۾ ڪڏهن به روشني ناهي هوندي، انهن رستن تي هلندي وڏا سراب ۽ رُڃ ملندي، ڏاڍيون مايوسيون هونديون، ڇو ته ٿيندو ائين آهي ته اسان گھڙيءَ ۾ پنهنجي تصورات جا جيڪي محل تعمير ڪري وٺندا آهيون، انهن محلن کي چنڊ تارن سان سينگاري سجائي وٺندا آهيون پر پوءِ ائين ٿيندو آهي ته ٻئي لمحي ۾ اهي محل سڙي رک ٿي ويندا آهن ۽ سموري خاڪ اسان جي اکين ۾ ڀرجي ويندي ۽ ڪافي دير تائين اسان کي ڪجهه به نظر ناهي ايندو ۽ نه ٻڌڻ ۾ ايندو آهي سواءِ اونداهي جي. ڪجهه ساهي پٽيندي، مان توکي ڊيڄاريان نه ٿي، توکي رشتن ۽ انسانن تي اعتبار ڪرڻو پوندو، ڇو ته اعتبار جي بغير زندگي گذاري نه ٿي سگھجي، پهرين کان خوفزده ٿيڻ بيوقوفي آهي ڇو ته جي ڊڄبو ته مقابلو نه ڪري سگھبو، اهو به ياد رکجانءِ ته ڪوبه ڏک سهپ کان وڌيڪ ناهي هوندو. هر ڏک جو انت ٿيڻو هوندو آهي ۽ شايد تنهنجي زندگي ۾ خوشين جي شروعات ٿئي پئي، بس زندگي جي انهن تلخ حقيقتن کي ڪڏهن به نه وسارجانءِ. جيڪو به تنهنجو فيصلو هوندو اسان ان تي توسان هميشه ساڻ هونداسين.“
ڀيڻ جون ڳالهيون ٻڌي سنڌيا پريشان ٿي وڃي ٿي پر ٻئي لمحي ۾ هوءَ مطمئن ٿي وڃي ٿي ته کيس حنان تي ويساهه ڪرڻو پوندو. هن جي ڳالهين ۾ سچائي آهي. هو رحمان کان بلڪل الڳ آهي، هر ڳالهه هن جي آڏو رکي صرف هن جي فيصلي تي يقين رکڻ وارو ۽ هاڻي هوءَ به هن جي بنا زندگي گذارڻ کي ڏکيو پئي سمجهي. ان دوران هوءَ به هن کي تمام قريب محسوس ڪرڻ لڳي آهي، هو غير محسوس انداز ۾ هن جي اندر دور ڪٿي سمائجي ويو آهي. شايد ان لاءِ ته طويل محرومين کان پوءِ زندگي هن ڏانهن سفر شروع ڪيو آهي.
اهو سڀ سوچي هوءَ ڀيڻ جي آڏو پنهنجو راضپو ظاهر ڪري ٿي ته رابعه به مطمئن ٿي وڃي ٿي.
هوءَ اتان اٿي پيءَ کي سنڌيا جي راضپي کان آگاهه ڪري ٿي ته هو به انديشن ۾ گھيريل هجڻ باوجود سڀ ڪجهه الله تي ڇڏي ڏئي ٿو.
رابعه جي وڃڻ کانپوءِ سنڌيا پنهنجي رضا ظاهر ڪرڻ جي باوجود ڪجهه زياده خوش نه هئي ڪئي انديشه ۽ انومان هن گھڙِيءَ به کيس بي سڪون ڪري رهيا هئا، کيس موقعو نه مليو هو ته هوءَ حنان سان پنهنجو اندر کولي رکي، بس سڀ ڪجهه جلدي ۾ ٿي رهيو هو.
سنڌيا محبت ۾ اڳ ۾ ئي چوٽ کاڌل هئي، ان ڪري هوءَ ڪوبه قدم کڻڻ کان لهرائي رهي هئي. حنان ڪافي عرصي کان هن ۾ دلچسپي ڏيکاري رهيو هو پر هوءَ هن جي جذبي ۾ هڪ حرف به يقين سان نه ٿي چئي سگھي، نه هن جي لاءِ نه پنهنجي لاءِ. هن جي محبت جو جذبو ڪيترو پائدار ڪيترو نا پائدار هئو، هڪ دفعو وري امتحان. هن ڪنهن امتحان ۾ نه ٿي پوڻ چاهيو. ليڪن رفته رفته هو هن جي زندگي جو هڪ حصو بنجندو ويو، پنهنجن ڪمزورين جي ڪري يا سهاري لاءِ، ان کي جيڪو به نالو ڏجي، هوءَ ان جي ايترو قريب اچي وئي هئي جو هن کي الڳ ڪرڻ مشڪل هو. ائين محسوس ٿي رهيو هو ته هو سندس رت جو حصو هو جيڪو سندس رڳن ۾ گردش ڪري رهيو هو، جيئن ڪا نازڪ ول ڪنهن مضبوط وڻ جي ٿڙ جي سهاري چوٽي تائين هلي وڃي ۽ شاخن ۾ اهڙيِ طرح وچڙي وڃي جو اگر جدا ڪرڻو پوي ته صرف ڀڃي ئي الڳ ڪري سگھجي. هوءَ هاڻي سمجھڻ لڳي هئي ته جيڪڏهن کين جدا ٿيڻو پيو ته هوءَ ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي ويندي، پر اهي سڀ جذبا، سپ جي موتي جيان هن پنهنجي اندر جي گهراين ۾ سانڍي رکيا هئا. جڏهن ته کيس ايترو ضرور معلوم هو ته محبت سج جي روشني وانگيان لڪائي نه ٿي سگهجي، بادلن جا لشڪر ۽ رات جي اونداهين جا قافلا به ان روشنيءَ کي چمڪڻ کان روڪي نه ٿي سگھيا.
هوءَ ڪيتري دير تائين انهن بي سروپا سوچن ۾ گم رهي ته ڪومل هن کي هوش جي دنيا ۾ وٺي آئي،
”سنڌيا خوش ٿي وڃ، بابا سائين تنهنجي ۽ حنان جي هڪ ٿيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، هڪ هفتي کان پوءِ جڏهن طارق ڀائو ايندو ته خير سان اسان جي هيءَ لاڏلي ڀيڻ اسان کان رخصت ٿي ڪنهن حنان صاحب جي ذميداري بنجي ويندي.“
اهو ٻڌي سنڌيا جي اکين ۾ لڙڪ اچي وڃن ٿا، هن ڪيترو طويل عرصو اهڙي لمحي جو انتظار ڪيوهو، شايد قدرت کي رحم اچي ئي ويو ۽ هن طويل سزا ۾ تخفيف ڪئي وئي.
هڪ هفتي کان پوءِ طارق جي ايندي ئي هن کي چند فيمليز جي موجودگي ۾ هڪ ننڍڙي تقريب ۾ حنان جي ڪنوار بنائي رخصت ڪيو ويو. ائين سنڌيا جي زندگي ۾ هڪ نئون موڙ اچي ويو.
سنڌيا رخصت ٿي حنان جي ڪمري ۾ هڪ صوفي تي ويٺي هئي. هن جي ڄهري تي خوشي ۽ ڏک جا مليل جليل تاثرات هئا حنان هن جي ڀرسان ڪرسيءَ تي اچي ويهي ٿو، سنڌيا بغير شرمائڻ جي نهايت بردباري سان کيس چوي ٿي،
”حنان هي سڀ ايترو جلدي ۽ اچانڪ ٿي ويو جو مونکي توهان سان کُلي ڳالهائڻ جو موقعو ئي نه ملي سگھيو، مونکي ته اڃان سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته مون هي فيصلو سهي ڪيو به آهي يا نه، نئين زندگي جي شروعات ڪرڻ کان پهرين مان هر اها ڳالهه توهان سان شيئر ڪرڻ چاهيان ٿي، جيڪا مون گهر وارن سان اڄ ڏينهن تائين بلڪِ ڪنهن سان به شيئر ناهي ڪئي.... پر ڇاڪاڻ ته توهان هينئر غلط يا سهي منهنجي زندگي ۾ شامل ٿي ويا آهيو، ان ڪري توهان سان اها بي ايماني ٿيندي اگر مان هر اهو پل جيڪو مون عذاب ۾ گذاريو آهي، ان متعلق توهان کي سڀ ڪجهه ٻڌايان.“
حنان هن جي ڳالهه ڪٽيندي،
”هنن خوشي جي لمحات ۾ عذاب جون ڳالهيون ڪري ڇو ٿا هنن گهڙين کي کوٽو ڪيو.... هونئن مان توهان کي ٻڌايان ته توهان جي ڪهاڻي جي ڪافي حصي جي مونکي خبر آهي، ان ڪري اگر ان کان علاوه به ڪا خبر آهي ته مان همه تن و گوش آهيان.“
اهو ٻڌي سنڌيا حيرت مان سندس منهن تڪيندي،
”پر توهان کي...! ان جي خبر ته سواءِ منهنجي دوست سنيتا ۽ منهنجي...“
”معاف ڪجو هڪ ڳالهه وساريو پيا ميم.... هڪ ٽيون شخص به هيو.... رحمان..... جيڪو ان ڪهاڻي جو مک ڪردار هو. ان توهان جي ڪراچي مان وڃڻ کان پوءِ ڀائو مظفر کي سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو هو سواءِ هڪ ڳالهه جي ته هو توهان کي بليڪ ميل ڪندو رهيو هو ۽ پوءِ ڀائو ان ڳالهه جي تهه تائين پهچڻ جي ڪوشش ۾ پهنجا ذريعا استعمال ڪيا ۽ جڏهن هن کي سڄي حقيقت معلوم ٿي ته هن پنهنجي زندگي متعلق جلد بازي ۾ ڪيل فيصلي تي گهڻو پڇتايو ۽ ان ڪري ئي هو لنڊن هليو ويو.“
سنڌيا جي اکين ۾ لڙڪ اچي وڃن ٿا جن کي حنان سندس پلڪن تي ئي روڪي وٺي ٿو،
”نه بلڪل نه.... اڄ کان پوءِ توهان جي پلڪن تي آنسو نه اچڻ گهرجن ۽ اڄ اسان انهن فضول ۽ ماضي بنجي ويل ڳالهين کي بلڪل به ياد نه ڪنداسين..... مونکي توهانجي ماضي سان ڪوبه سروڪار ڪونهي... هر ماڻهو جو هڪ گذري ويل وقت هوندو آهي جنهن کي ماضي چئبو آهي ۽ جيڪو چڱو يا برو گذري وڃي، ان کي ياد ڪري حال کي کوٽو ڪرڻ نه گھرجي..... “
اهو ٻڌي سنڌيا جي چپن تي هڪ اداس مرڪ اچي وڃي ٿي،
”مونکي اهڙي ئي ساٿي ۽ دوست جي ضرورت هئي...... هاڻي مان بلڪل مطمئن آهيان.“
رات ته سڄي ڳالهين ۾ گذري وئي هاڻي آرام ڪرڻ گهرجي.
صبح جي وقت جميل ۽ آصف نئين جوڙي لاءِ ناشتو به تيار ڪري رهيا هئا ۽ هن شادي تي ٽيڪا ٽپڻي به پئي هلي،
”يار آصف هي اسان وارو دوست اڃان ناشتي لاءِ ناهي آيو.“
”اچي ويندا اڄ آچر جو ڏينهن آ توکي جلدي هئي ناشتو تيار ڪرڻ جي.“
”مونکي ته حنان تي حيرت به ٿئي ٿي ۽ رحم به اچي ٿو.“
آصف حيران ٿي پڇيس ٿو،
”حيرت ڇو ۽ رحم ڇا لاءِ.“
”يار توکي ته خبر آ ته حنان جهڙو جذباتي ۽ ڊڄڻو شخص زندگي جو ايڏو وڏو فيصلو ڪيئن ڪري ويٺو ۽ اهو به اڪيلي سر.....“
آصف اهو ٻڌي کلڻ لڳي ٿو،
”اڪيلي سر وري ڪٿي..... تو جهڙو تجربي ڪار دوست جو گڏ هوس.“
”منهنجو معاملو ٻيو آهي، حنان انتهائي ڊڄڻو آ..... ۽ ان ڪري رحم ٿو اچي ته جيڪڏهن ثمينه ڀاڀيءَ کي ان ڳالهه جي خبر پئجي وئي ته هُن ويچاري مسڪين هيرو جو جيڪو حشر ٿيندو..... بس رب پناهه ۾ رکي....“
”پوءِ پنهنجي تجربي مان ڪجهه گُر هن کي به ڏي نه.“
ان وقت حنان ۽ سنڌيا تيار ٿي ٻاهر اچن ٿا، کل ڀوڳ ۾ ناشتو ڪن ٿا ۽ هنن کان موڪلائي سنڌيا ۽ حنان پنهنجي گهر هليا وڃن ٿا. ته جميل کين ويندو ڏسي آصف کي چئي ٿو،
”ڏٺئي آصف خان..... اسان کي هلڻ جي ڪوڙي صلاح به نه ڪين، مونکي نه سهي توکي ته چون ها.“
ٻئي کلڻ لڳن ٿا.

حنان ۽ سنڌيا جڏهن گهر پهتا ته سڀ هنن جي انتظار ۾ هئا سڀئي سنڌيا سان ائين ملي رهيا هئا ڄڻ ورهين جي وڇوڙي کان پوءِ ملندا هجن، هر ڪنهن کي هن جو اونو هو، احمد کان رهيو نه ٿيو ته پڇي ورتائين،
”اسان جي لاڏلي ڀيڻ خوش ته آهي نه.“
”احمد صاحب توهان جي سامهون آهي ڀلي پڇي وٺوس.“
”يار هاڻي اسان مائٽ ٿي ويا آهيون... اهو صاحب وغيره چوڻ سونهي نه ٿو.“
”توهان وڏا آهيو ۽ ادب کي ملحوظ رکڻ منهنجو فرض آهي.“
”يار وڏو چئي مونکي هروڀرو بزرگ نه بناءِ، مان ۽ سنڌيا ٽافين ۽ پڪوڙن تي وڙهي پوندا هئاسين اها اڃان ڪالهوڪي ڳالهه آهي.“
رابعه هن جي ڳالهه ڪٽيندي،
”اچڻ سان واهه جي تاريخ ڇڏائي اٿئيس، حنان ويهو، هو آصف اينڊ ڪمپنيءَ کي نه وٺي آيئو.... اڄ ته لنچ اسان سان ڪن. هونئن به سنڌيا جي اِن لاز ۾ في الحال ته اهيئي آهن.“
احمد فون کڻندي،
”مان فون ڪيان ٿو، آپيءَ جو پنهنجي لاڏلي آصف جي بغير ته گرهه ڪون لهندو.“
فون ڪري رکي ٿو،
”آپي به چڱو سڃاتو هون، هو به هيڏانهن اچڻ لاءِ آتا ويٺا هئا، سنڌيا تون ٻڌاءِ..... هاڻي ته تون اڪيلي نه رهينءَ، حنان جي شڪل ۾ تنهنجو خيال رکڻ وارو جيون ساٿي آهي.... ان ڪري اسان کي به هاڻي بي الڪو ٿي واپس وڃڻ گھرجي، منهنجي موڪل به پوري ٿي وئي آهي ٻار به پريشان پيا ٿين. هاڻي اسان کي اجازت ڏيو.“
”نه ڀائو ڪجهه ڏينهن ته ترسو سنڌيا ميم جيستائين نئين زندگي ۾ ايڊجسٽ ٿئي.“
”بس حنان، طارق به هفتي جي موڪل وٺي آيو هو، هاڻي گھڻا ڏينهن رهيا سين. تون اسان جي لاڏلي ڀيڻ جو خيال رکجانءِ.“
اهو ٻڌي سنڌيا اداس ٿي چوي ٿي،
”جيئن توهان جي مرضي..... بابا کي ته ڇڏي ويندا نه....“
”اهو بابا جي مرضي تي منحصر آهي.“
سڀئي چانهه پين ٿا.
سنڌيا وارن جي وڃڻ کان پوءِ طارق ۽ رابعه ڪمري ۾ ويٺا آهن، طارق رابعه کان پڇي ٿو ته هڪ شادي شده شخص سان سنڌيا جو رشتو ڪيئن جوڙيو، توهان کي خبر آهي ته هوءَ انتهائي حساس ڇوڪري آهي. جيڪڏهن پهرين شاديءَ کي وٺي ڪري ڪا ڳالهه هيٺ مٿي ٿي ته سنڌيا ان جو ڏاڍو اثر وٺندي..... جي آصف کي سنڌيا سان ايڏي ئي همدردي هئي ته پاڻ اڪيلو هو. اها قرباني پاڻ کڻي ڏئي ها.
رابعه کيس سمجهائي ٿي ته حنان پاڻ سنڌيا ۾ انٽريسٽيڊ هو. هن ئي آصف کي اهو رشتو جوڙڻ لاءِ چيو، سنڌيا کي به ان تي ڪو اعتراض نه ٿيو.
”خير هاڻي ته جيڪو ٿيڻو هو ٿي ويو، بس هاڻي دعا ڪيوس ته نڀجي اچي، ڪو ڏک هن جي قريب نه اچي.“
ٻئي وڃڻ لاءِ پيڪنگ ڪن ٿا.
ٻن ڏينهن کانپوءِ هو وڃڻ لاءِ تيار آهن ته سنڌيا اچي ٿي شوڪت کي گهڻو روڪڻ جي ڪري ٿي پر هو کيس چوي ٿو ته،
”پُٽ هاڻي وڌيڪ رهڻ درست ناهي سڀ وڃن ٿا ته مان به ويندس، توهان ڀلي جڏهن واندڪائي ملي هليا اچجو. بلڪه مان ته چوان ٿو هاڻي گهڻو عرصو هتي رهي آهين ان ڪري واپس ڪراچي هلي اچ.“
اهو ٻڌي حنان چوي ٿو ته،
”بابا مونکي به پراڻي جاب تي پروموشن ڏئي گهرائن پيا..... هتي جي لائيف ڏاڍي ٽف آهي، انڪري سنڌيا ميم کي چوان پيو ته واپس هلجي.“
”توهان جي جاب ته ڪانٽريڪٽ تي آهي منهنجو ته جيستائين ٽرانسفر نه ٿيندو مان ڪيئن ويندس. اتي ريجنل آفيس کلي آهي، مٿين پوسٽن تي هڪ ٻه پوسٽنگ ٿي به ويون آهن.“
طارق چوي ٿو ته هوءَ هينئر ئي اپلاءِ ڪري ڇڏي ائين نه ٿئي ته سڀ اوڏانهن ڀڄڻ جي ڪن ۽ تون رهجي وڃين.
”ٺيڪ آ صبحاڻي ئي اپلاءِ ڪري ٿي ڇڏيان.“
ٻئي طرف جڏهن کان رابعه سان طارق پنهنجا ويچار ونڊيا_انديشا ظاهر ڪيا، رابعه وسوسن ۾ گهيرجي وئي، جلد بازي ۾ هن رشته جي گهراين متعلق گھڻو غور ئي نه ڪيو، جي خدا نخواسته اها شادي نه نڀجي سگهي ته، نه صرف سنڌيا ڀورا ڀورا ٿي ويندي پر بابا سائين جنهن کي هن ئي راضي ڪيو هو ورنه هو اهڙي شادي جو قائل ئي نه هو. انهن جي آڏو به مياري ٿي پوندي، هوءَ انهن ئي پريشانين ۾ ويٺي هئي ته ڪومل ڪمري ۾ اچي کانئس پچيو ته هوءَ ايڏي منڌل منڌل ڇو پئي لڳي، رابعه کيس ٻڌايو ته طارق کيس وسوسي ۾ وجهي ڇڏيو آهي، هو چوي ٿو ته نه صرف حنان ۽ سنڌيا جي عمرين ۾ فرق آهي بلڪه هن جي هڪ فيملي به آهي، هوءَ سڄي ڳالهه کيس ٻڌائي ٿي.
”آپي هروڀرو وهمن ۾ نه پئو، اهي فيصلا ته مٿي ٿيل هوندا آهن، صرف وقت ۾ گروي پيل هوندا آهن، توهان پاڻ سمجهو ته قدرت طرفان اهو رشتو طيءِ هو، تڏهن ته اهڙا حالات پيدا ٿيا، سنڌيا ڪيترن سالن کان هتي هئي ساڳي آفيس ۾ نوڪري ڪندي هئي، حنان کي آئي ته ڪجه مهينا ئي ٿيا آهن ۽ واپس وڃڻ جو به سوچيائين پئي، ڄڻ ته قدرت کي انهن کي ملائڻو هو تڏهن ته حنان جي ٿوري عرصي لاءِ هتي پوسٽنگ ٿي، نه ته آصف به ملي پئي سگھيس..... بس توهان وڌيڪ ڳڻتي نه ڪيو اُن تي سڀ ڇڏي ڏيو.“
ڪومل سان ڳالهائڻ کان پوءِ هن جي دل جو بار جهڪو ٿيو ته پاڻ به اٿي سامان سهيڙڻ لڳي.
حنان شوڪت علي کي ٻڌايو ته اڄ جي ڊنر سندس اپارٽمينٽ تي رکي وئي آهي، جميل ۽ آصف کي در اصل پنهنجي هاسٽل واري ڪاريگري ڏيکارڻ جو شوق ٿيو آ، ٻيو ته جميل بضد آهي رڳو اسان توهان جا مهمان رهيا آهيون، توهان جي وڃڻ کان اڳ ۾ اسان کي به موقعو ملڻ کپي.
”پُٽ هروڀرو پيا تڪلف ڪيو.“
اهو ٻڌي طارق چوي ٿو،
”ٺيڪ آ يار ان بهاني توهان جو اپارٽمينٽ به ڏسي وٺبو، ڏسون ته اسان جو سنڊو صاحب ڪيترو سگهڙ آهي. اسان واري بيگم صاحبه ته سڄو ڪم اسان کان ڪرائيندي آ، ورڪنگ ليڊيز جا اهي ته مزا آهن. باقي سالي صاحب جا مزا آهن هائوس وائيف ملي وئي اٿس سڄو ڏينهن پيٽ جي رستي دل ۾ جاءِ ٺاهڻ جي ڪوشش ۾ هر وقت رڌل هوندي آهي.“
”بس ڀائو بس، توهان ته هروڀرو پاڻ کي مظلوم پيا چئو، آپي اهڙي به ناهي. هاڻي هلي رات جي ڊنر تي هلڻ جي تياري ڪيو،“
جميل ۽ آصف رات جي تياري ۾ مصروف آهن ۽ ڪچهري به ڪري رهيا آهن. سنڌيا سندن مدد لاءِ بورچي کي به موڪلي ڇڏيو آهي.
جميل ڳالهيون ڪندي آصف کي چوي ٿو،
”يار مون هڪڙي ڳالهه محسوس ڪئي آ، تو وارو ڀائو طارق هن شاديءَ مان خوش نه ٿو لڳي.“
”در اصل ڀائو مظفر، ڀائو طارق کي ڏاڍو پيارو آ، ۽ سنڌيا ميم ڀائو کي تمام گهڻي پسند هئي، پر هن جي انڪار کان پوءِ ڀائو اسان جي هڪ پري جي ڪزن سان شادي ته ڪئي پر اڃان تائين هنن ۾ اها انڊر اسٽينڊنگ نه ٿي سگهي، ٻيو ته طارق ڀائو کي اها به خبر ناهي ته هي شادي ڪهڙن حالات ۾ ٿي آهي، ٿي سگهي ٿو ته اهي ڳالهيون ڀائو کي پريشان ڪنديون هجن.“
”خير الله چڱي ڪندو، ڊپ ته مونکي به آهي، حنان ڏاڍو ڪمزور طبيعت جو آهي، شل نڀائي وڃي.“
انهي دوران سڀ اچن ٿا، کل خوشيءَ ۾ ڊنر جو دور هلي ٿو.
طارق حنان جي تعريف ڪندي چوي ٿو ته سنڊو صاحب جي خوش ذوقي جو داد ڏيڻ گهرجي، ننڍڙي گهر کي خوب سنواريو ۽ سينگاريو اٿس. سندس تعريف ٻڌي سنڌيا زيرِ لب مسڪرائي ٿي.
ٻئي ڏينهن شام جو هنن جي بڪنگ هئي، سڀئي تيار ٿي راولپنڊي لاءِ نڪرڻ لڳا ته آصف به تيار ٿي هنن سان وڃڻ لڳو، حنان پڇيس ته وراڻيائين ته هن جو هتي ڪم ته ڪافي پهرين ختم ٿي ويو هو صرف هن شادي جي ڪري رهيل هو ۽ هاڻي وڃڻ ضروري آهي.
شوڪت علي وڃڻ کان پهرين سنڌيا کي اڪيلائي ۾ تاڪيد ڪري چوي ٿو ته هوءَ ڪوشش ڪري ته حنان جي اڳين فيملي لائيف ۾ ڪو عمل دخل نه رکي بلڪ ڪوشش ڪري ته ان سلسلي ۾ اصل نه ڳالهائي.
”بابا سائين توهان فڪر نه ڪيو، مان ڪوشش ڪنديس ته حنان کي گهٽ ۾ گهٽ منهنجي طرفان ڪو به پرابلم ڪا پريشآني نه ٿئي، وڌيڪ هن کي پاڻ مينيج ڪرڻو آهي.“
”منهنجي ڌيءَ سمجهدار آهي، مان نه ٿو چاهيان ته هاڻي ڪڏهن به تنهنجي زندگيءَ ۾ ڪو ڏک نه اچي.“
سڀئي موڪلائن ٿا حنان، جميل ۽ سنڌيا کين ٻاهر تائين رخصت ڪرڻ اچن ٿا.
هنن جي وڃڻ کان پوءِ جميل کين مشورو ڏئي ٿو ته هو ڪجهه ڏينهن موڪل وٺي ڪٿي گهمي ڦري اچن. ائين هو ڪجهه ڏينهن عام رواجي لائيف کان هٽي ڪري زندگي کي انجواءِ ڪري سگهندا، پر سنڌيا انڪار ڪري چوي ٿي ته هوءَ گهڻو خوش ٿيڻ نه ٿي چاهي ڪاٿي هن جي خوشين کي وري نه ڪنهن جي نظر لڳي وڃي، بس هوءَ هتي ئي خوش آهي هو فيصلو ڪن ٿا ته سنڌيا جو اپارٽمينٽ وڏو آهي ان ڪري هو حنان وارو فليٽ ڇڏي سڀئي اتي رهندا، ان ڪري هو پنهنجو سامان کڻي سنڌيا جي اپارٽمينٽ ۾ شفٽ ڪري اچن ٿا.
هڪ ڏينهن حنان ڪنهن سان فون تي ڳالهيئي رهيو هو ته سنڌيا کيس عجيب نگاهن سان ڏسندي سوچي ٿي،
”حنان سان شادي ڪري هن حنان سان زيادتي ته ناهي ڪئي، حنان هن کان کوڙ سارو ننڍو آهي، هن ته سورهن سترهن ورهين جي عمر ۾ پاڻ کان ذري گهٽ ٻيڻي عمر جي شخص سان محبت ڪئي هئي ۽ ان کي دل جي تمام تر گهراين سان چاهيو هو، ليڪن هن سندس محبت جو مذاق بنائي ڇڏيو.... ته پوءِ ان جي بدلي ۾ هن حنان جي زندگي ڇو خراب ڪئي. هن ڇو نه هن کي سمجهائي ڪري ان خواهش کان هٽائي ڇڏيو، حنان ته همدردي ۾ ايڏو وڏو قدم کڻي ورتو..... پر کيس ته سمجهه هئي.“
هو اهو سوچي اداس ٿي وئي. حنان کيس ائين سوچيندوڏسي،
”ايترو ڳوڙهو ڪهڙي ويچارن ۾ پئجي ويا آهيو، پڪ ڪا فضول سوچ پريشان ڪري رهي اٿو.“
”حنان توهان هن فيصلي تي مطمئن ته آهيو نه، ڪو پڇتاءِ ته نه اٿوَ....“
”اڙي سنڌيا ميم...! پوءِ ڇا ٿيندو... ڇا ٿيڻو آهي.... انهن ڳالهين کي سوچي مان پنهنجو اڄ ڇو خراب ڪيان.... صبحاڻي ڇا ٿيندو، اهو صبحاڻي تي ڇڏيو..... اٿو ٻاهر ٿوري دير واڪ ڪري ٿا اچون.“
”نه بس مان آرام ڪنديس، توهان جميل صاحب سان ڪچهري ڪيو.“
اهو چئي هوءَ ڪمري ۾ هلي وڃي ٿي ته جميل ٻاهر اچي ٿو ۽ حنان کان پڇي ٿو ته ڇا ٿيو آ ميم ڪجهه ٿڪل پئي لڳي. هو ٻڌائيس ٿو ته شايد گهر وارن کي مس پئي ڪري.
ائين وقت گذرڻ لڳي ٿو، ٻئي چوٿين ڏينهن ڪڏهن رابعه ته ڪڏهن ڪومل ۽ شوڪت علي فون تي سندس حال احوال وٺندا رهن ٿا. ڪجهه مهينن کان پوءِ هڪ ڏينهن سڀ چانهه پي رهيا هئي ته چوڪيدار ٻڌائي ٿو ته ٻاهر ڪو ماڻهو جميل لاءِ آيو آهي، اهو ٻڌي ٻئي ڄڻا ٻاهر نڪري وڃن ٿا. ان وقت ڀرسان ٽيبل تي رکيل موبائيل جي گھنٽِي وڄي ٿي ۽ بند ٿي وڃي ٿي.
”الائي ڪنهن جي فون اٿس، پر هي ٻئي ويا ڪيڏانهن، وري فون وڄي ٿي ته هوءَ اٿي کين ڏسڻ ٻاهر اچي ٿي. ان وقت حنان اندر اچي ٿو.
”سوري ميم هو جميل جي آفيس مان ڪو ماڻهو جميل لاءِ فيڪس کڻي آيو هو، جميل جو واپس ڪراچي ٽرانسفر ٿي ويو آهي.“
”ان جو مطلب ته جميل صاحب جي ڪمپني به ڇٽي...... ها.... توهان جو سيل فون سويل کان وڄي پيو.“
”پوءِ کڻي ڏسو ها نه....“
”نه، اهو ايٽيڪيٽس جي خلاف آهي، مان توهان جو فون توهان جي اجازت جي بغير ڪيئن کڻي سگھان ٿي.“
حنان کلندي چوي ٿو ته هو ته اهڙي اجازت ڪونه وٺندو زال جي هر ڳالهه تي هن جو حق آهي. سنڌيا به کلي چپ ٿي وڃي ٿي. ان وقت وري فون وڄي ٿي حنان جلدي فون کڻي نمبر ڏسي ٿو ته سندس چهري جو رنگ اڏامي وڃي ٿو. سنڌيا حيراني سان کيس ڏسي ٿي جنهن جي چهري تي هلڪي خوف جا آثار آهن. موبائيل کڻي ڪمري کان ٻاهر نڪري وڃي ٿو.
سنڌيا سوچي ٿي ته فون ڏسي حنان جي چهري تي بلڪل اهڙائي خوف جا تاثرات ڏسڻ ۾ آيا جهڙا ڪڏهن رحمان جو فون يا رحمان کي ڏسي هوءَ خوفزده ٿي ويندي هئي، ڇا حنان سان به ڪو اهڙو ئي مسئلو آهي.....؟ پر هو ته کيس فون اٽينڊ ڪرڻ لاءِ چئي پيو پوءِ ٻاهر ڇو نڪري ويو.... خير هوندو ڪو مسئلو، ٻڌائڻو هوندس ته پاڻهي ٻڌائيندو.
رابعه ۽ شوڪت علي جي هدايت ياد اچيس ٿي ته هن جي پوئين لائيف ۾ دخل ڏيڻ جي ڪوشش نه ڪجانءِ. ان ۾ ئي توهان جي رشتي جي عزت ۽ بقا آهي. ڪجهه دير کان پوءِ هو واپس اچي ٿو ته سنڌيا ڪجهه نه ٿي پڇيس حنان جي چهري تي عجيب بيوسي جا آثار آهن، اچڻ شرط ليٽي پوي ٿو. سنڌيا سندس بيچينيءَ کي محسوس ته ڪري ٿي پر ڪجهه نه ٿي چوي. ٿوري دير کان پوءِ اٿي ويهي ٿو ته سنڌيا کان رهيو نه ٿو ٿئي.
”حنان ڪومل ڀاڀي جو فون آيو هو. چيائين پئي ته بابا ياد پيو ڪري، پوءِ ڇو نه صبحاڻي هڪ هفتي جي موڪل ڪري ڪراچي چڪر هڻي اچان ۽ توهان به ڳوٺان ٿي اچو. جيئن آيا آهيو ڳوٺ ناهيو ويا.“
”نه.... في الحال توهان موڪل نه ڪيو، مان هفتو موڪل ڪري ڳوٺ ٿو وڃان اتي ڪا امرجنسي آهي، مان واپس اچان ته پوءِ توهان ڀلي موڪل ڪجو.
اهو ٻڌي سنڌيا جو منهن لهي وڃي ٿو پر پاڻ تي ضبط ڪندي چوي ٿي ته جيئن هو بهتر سمجهي.
”جميل به صبحاڻي رليو ٿيندو پوءِ اسان وڃون ٿا.... ڪجهه توقف کان پوءِ توهان کي ڪو پرابلم ته ڪونه ٿيندو.“
هن جو لهجو ڏکارو ٿي وڃي ٿو،
”مونکي ڀلا ڪهڙو پرابلم ٿيندو، مان ته سالن کان هتي اڪيلي ئي رهان پئي توهان ڀلي وڃو..... هاڻي آرام ڪيو، مان توهان جي پيڪنگ ٿي ڪيان.“
”نه نه مان صبح جو اٿي پاڻ ئي پيڪنگ ڪري وٺندس. توهان آفيس ۾ منهنجي موڪل لاءِ اپلاءِ ڪري ڇڏجو. مان صبحاڻي آفيس نه هلندس.“
سنڌيا سوچ ۾ پئجي وڃي ٿي ته وڃڻو ته شام جو اٿس پوءِ صبح جو ڇٽي..... خير هوندس ڪو مسئلو.