12
ڪومل کلندي،
”بس آپي اڄ احمد اسان کي ڏاڍو کلايو آ، سنڌيا جي ته کلي کلي حالت خراب ٿي وئي تڏهن وڃي بس ڪيائين، هاڻي هاڻي ٻاهر نڪري ويو آهي.
رابعه موضوع مٽائيندي،
”ڇو سنڌيا مظفر توهان کي شادي تي انوائيٽ نه ڪيو ڇا....؟“
”آپي چيو ته هئائين پر.....“
”پر تون ان ڪري نه وئينءَ جو توکي خبر پئجي وئي ته اهو مظفر ئي هئو جنهن تنهنجو رشتو گھريو هو.“
اهو ٻڌي هوءَ اداس ٿي وئي پر جلد ئي پنهنجي اداسي تي قابو پائيندي،
”نه آپي اهڙي ڳالهه ناهي.... پر مان ان ڪري ساڻس ناراض آهيان ته هو مونکي سڃاڻڻ باوجود ايتري عرصي تائين ائين اڻڄاڻ ظاهر ڪندو رهيو.“
ڪومل شڪايتي انداز ۾ چويس ٿي،
”ڀلا جي هو توکي ٻڌائي به ها ته تون ڪهڙو مڃي وڃي ها، تو ته سڄا سارا ٽي رشتا ان کان به وڌيڪ سٺا موٽائي ڇڏيا.“
سنڌيا دل ئي دل ۾،
”مان هنن کي ڪيئن ٻڌايان ته اهو منهنجي وس ۾ ناهي رابعه کيس وري اداس ٿيندو ڏسي ڳالهه مٽائيندي کلندي سنيتا کي چوي ٿي، هيترا ڏينهن ٿي ويا پر تون به نه سڌرينءَ، يا پنهنجي سهيلي جي اڍ ورتي اٿئي، تون ته شادي ڪر..،تنهنجي سهيلي ته قسم کڻي ڇڏيو آهي.“
”وڏي ڀيڻ هوندي اهو به مان سوچيان... سنڌيا لاءِ ته سوچيو ٿا باقي...“
”ته پوءِ ڳولهيون نه.... اجازت آهي نه....“
ڪومل کلندي چويس ٿي:
رابعه موقعو غنيمت سمجھندي،
”سمجھائين نه ٿي پنهنجي سهيلي کي عمر وڃيس ٿي ڳرندي.“
اهو ٻڌي سنيتا اداس ٿي وڃي ٿي هوءَ سنڌيا جي مجبوري ڄاڻي ٿي ان ڪري رابعه جي تسلي لاءِ چوي ٿي،
”آپي اهو سڀ ڀڳوان تي ڇڏي ڏيو، جڏهن نصيب ۾ هوندس ته پاڻهي راضي ٿي ويندي.“
انهي وقت ماسي چانهه کڻي اچي ٿي ته سنڌيا سک جو ساهه کڻي ٿي.
•
هڪ ڏينهن جڏهن رحمان گھر ۾ موجود نه هو ته ڳوٺ مان ڪمدار فون ڪري شهربانو کي ٻڌايو ته رحمان سيٺين کان ايترو قرض ورتو جو ٺيڪي تي ڏنل زمينون کيس سيٺين کي وڪرو ڪرڻيون پئجي ويون. اهو ٻڌي شهربانو جون ته وايون ئي بتال ٿي ويون، فون رکي اچي مريم تي باهه ڪڍيائين مريم گھڻئي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪيس پر هن جي ڪاوڙ ۽ ڏک گھٽ نه ٿيو ته اچي پلنگ تي ليٽي پئي ۽ خاني کي زور ڏيڻ لاءِ چيائين، خاني ڀر ۾ ويهي زور ڏيڻ لڳي ته سڄي ڪاوڙ مٿس ڪڍندي، اهو ڇا پئي ٿڌڙا ڪڍين چڱي طرح زور ڏي ڪراچي ۾ اچي تون به هڏ حرام ٿي وئي آهين، خاني تڪڙا تڪڙا زور ڏيندي چويس ٿي، سائڻ هروڀرو ڇو پئي ڪاوڙ ڪرين سائين رحمان جون ڪثرون جيجي مريم ۽ ٻارن مان ڇوٿي ڪڍين، مريم اهو ٻڌي چويس ٿي،
”امان ڪمدار توکي غلط ٻڌايو هوندو رحمان کي اچڻ ته ڏي هروڀرو پاڻي کان اڳي ڪپڙا کنيو بيٺي آهين.“
”بس ڪر هاڻي.... ڳالهه چٽي کير لڳي پئي آهي ته رحمان پهرين زمينون ٺيڪي تي سيٺين کي ڏنيون تڏهن به اسان کي نه ٻڌايائين انهن ٽن سالن ۾ سيٺين کان ويو پئسا وٺندو ۽ هن ڏائڻ رَن سنڌيا جا بول ڀريندو، ايڏو قرض ورتائين جو گذريل سال سموري زمين قطعي وڪرو ڪري ڏئي آيو سيٺين کي. ۽ اها به کنيل قرض جي عيوضي ۾، هڙ حاصل ڪجهه به نه ٿيس.... هاڻي ٻڌاءِ ته هن گھر جو گاڏو ڪيئن هلندو.“
مريم اهو ٻڌي چڙي وڃي ٿي،
”امان ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوههه آهي جو مونتي پئي گرم ٿين، ڏس خاني رشتو به رحمان سان پاڻ ئي جوڙيائين مون ته ڪونه چيو هو مانس.“
”ها منهنجو ئي نانگ تي وڃي پير پيو هو..... ان جو ته لوڙيان پئي..... نه ته مُئي تي ڪو تعويذ ٿو اثر ڪري نه پيار محبت مان ٿو ڄاڻي.... اهي سڀ گل بانوءَ جون پٽون پاراتا آهن، اسان جي ته هڙ وئي.....“
اکين مان لڙڪ لڙي اچنس ٿا. مريم ۽ خاني به ڏکاريون ٿي وڃن ٿيون.
هوڏانهن رحمان جون تقاضائون روز روز وڌنديون ٿيون وڃن جن سنڌيا کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، پگھارن مان بچايل رقم آهستي آهستي ختم ٿيندي پئي وڃي آخر نه چاهڻ جي باوجود هڪ ڏينهن جڏهن سنيتا ۽ پاڻ ڪمري ۾ ويٺيون آهن. هوءَ سنيتا سان دل ۾ پيدا ٿيل انديشا شيئر ڪري ٿي،
”سنيتا مونکي الائي ڇو ائين لڳي رهيو آهي ته رحمان مونکي بليڪ ميل پيو ڪري.“
”ڇا پئي چوين بليڪ ميل.... اهو وري ڪيئن سمجھيئي.“
”آئي ڏينهن هو مونکان قرض جي نالي تي پئسا وٺندو رهندو آهي ۽ اڄ ته حد ٿي وئي، آفيس فون ڪري ڏهه هزار ارينج ڪرڻ لاءِ چيائين ۽ ٿوري دير کان پوءِ آفيس اچي چيڪ وٺي ويو.“
اهو ٻڌي سنيتا جون ته ڄڻ ڏندين آڱريون اچي ويون،
”ڏهه.... هزار.... پر ڇو..... تو ايڏي وڏي رقم ڇو ڏنس..... “
”بس اهڙي انداز ۾ گھريائين جو مون کي ڏيڻا پيا.“
”ڏس سنڌيا...! اڳتي ڪا گھُر ڪري ته صاف جواب ڏجانئس ڏسان ته ڇا ٿو ڪري، مان اڄ ئي وڃي آپا شمسه کي ٻڌايان ٿي ته هوءَ کيس سمجھائي.“
”نه سنيتا هو هروڀرو پريشان ٿينديون.... چيائين پئي ته اڌارا ٿو گھران.“
”تو ته اهو چئي ڊيڄاري ڇڏيو ته هو توکي بليڪ ميل پيو ڪري.... تو اهو ڪيئن سمجھيو ....“
سنڌيا کيس سڄي ڳالهه پيرائتي ٻڌائي ٿي. سنيتا کيس تسلي ڏيندي چويس ٿي ته:
”ڇڏ انهن ڳالهين کي، هل ته ٿوري دير لاءِ آپا وارن ڏي ٿا هلون، من هلڪو ٿي ويندئي.“
ٻئي تيار ٿي شمسه وارن سان ملڻ وڃن ٿيون. اتي پهچن ٿيون ته رحمان به اتي آيل آهي هنن کي ايندو ڏسي رحمان پهرين ته حيران ٿئي ٿو سنڌيا هلڪي نيري رنگ جي لباس ۾ ڏاڍي خوبصورت لڳي رهي آهي کيس ڏسي رحمان کي شرارت سجھي ٿي،
”امان هاڻي ته خوش توهان جي ننهن به......“
جملو اڌ ۾ ڇڏي پراسرار انداز ۾ سنڌيا ڏي نهاري ٿو سنڌيا پريشان ٿي وڃي ٿي، گل بانو شمسه ۽ سنيتا حيران ٿي عجب ۽ حيرت مان رحمان ڏي نهارن ٿيون، رحمان سنڌيا جي ڪيفيت کي تاڙيندي ڳالهه ٺاهي ٿو،
”منهنجو مطلب آ ته توهان جي ننهن خير سان توهانجي ٽئين پوٽي جي تياري ۾ آ ۽ جلد اها خوش خبري پهچڻ واري آهي.“
نجمه سنڌيا جي حالت کي محسوس ڪندي اشاري سان کين پنهنجي ڪمري ۾ هلڻ لاءِ چوي ٿي، هنن جي وڃڻ کانپوءِ شمسه ٽوڪ جي انداز ۾ کيس چوي ٿي ته،
”اڄ ڪيئن ڀلجي ماءُ ڀيڻ جي ياد آيئي.... يا سنڌيا جي اچڻ جي خبر پئجي ويئي هيئي.“
گل بانو اهو ٻڌي تنبيهي انداز ۾ چويس ٿي،
”هاڻي ته ٽيون ٻار به خير سان اچڻ وارو اٿئي، هاڻي ته هن نياڻي کي بخش ڪر کڻي..... ها اهو مان ڇا پئي ٻڌان ته ڳوٺ واريون زمينون وڪڻي ڇڏيون اٿئي.“
”هون ..... ته توهان تائين به اهي خبرون پهچي ويون..........“
”ابي ڏاڏي جون ڇڏيل نشانيون توکي ڇا مليون.... واهه جو سنڀالي رکيون اٿئي...“
”بس امان ڪير پوي روز روز جي جھنجھٽ ۾... هاري ناري سهي حصو پتي ڏين ڪونه پيا.“
”تڏهن ڪيئي تين وال سڀني کي....... واهه ٻچا واهه..... ۽ سمورا پئسا به اُڏائي ڇڏيئي...... پنهنجي ٻچن جي به ڳڻتي نه ٿيئي......“
اهو ٻڌي رحمان چڙي پوي ٿو.
”هاڻي شروع ٿي ويو ليڪچر...... تڏهن ته ناهيان ايندو. جتي وڃو ڪِر ڪِر لڳي پئي آهي، چڱو مان هلان ٿو، وڃون ڪٿي ٻاهر وڃي سڪون ڳولهيون.“
ڪاوڙ ۾ اٿي ٻاهر نڪري وڃي ٿو ته شمسه ماءُ کي چوي ٿي ته هوءَ ڇو ويٺي پنهنجو رت ساڙي، اسان جو ڇا وڃي پنهنجا مسئلا وڃي پاڻ نبيرن، ماءُ کي اٿاري نجمه جي ڪمري ڏانهن وٺي وڃي ٿي جتي سنڌيا ۽ سنيتا ويٺيون آهن.
•
شام جي وقت مريم مائي خانيءَ کان مٿي ۾ تيل لڳرائي رهي آهي ته شهربانو پنهنجي ڪمري مان اچي ٿي ۽ مريم جو مرجھايل چهرو ڏسي کيس چوي ٿي،
”مريم تون پنهنجو اصل خيال نه ٿي ڪرين ڀري ويٺي آهين اڄ صبحاڻي تي تڏهن به توکي پنهنجو خيال ڪونهي رات جو دير تائين ٻارن سان مٿو ويٺي هڻين.“
”امان..... ڇا ڪيان پيءُ کي ته پرواهه آهي ڪونه. آڌي رات ڪري گھر ۾ ٿو داخل ٿئي، ٻار انتظار ڪندي ڪندي نيٺ ته ڪجهه حرڪتون ڪندا نه.“
”هڻين ٻه ٽِي چٽوڙا سويل ئي سمهاري ڇڏيندي ڪرين، پيءَ کي ڳڻتي ناهي، راتين جون راتيون وتي عياشيون ڪندو ۽ ٻارن ويچارن انتظار ڪري ماءُ جو رت ئي سڪائي ڇڏيو آهي، ڇونه ٿي موچڙو کڻين مڙس تي، ته سنڀالي پنهنجي ڄاون کي.... تو ٺيڪو ناهي کنيو کريل نسل جو، ڪڏهن ڏاڏس اچي ڪو آسيس جو هٿ ڦيريو ٿن....“
”امان ڪهڙي ٿي ڳالهه ڪرين ڏاڏس کي ڪهڙو لاچار آ، شرابي ڪبابي پُٽ مان سولائي سان جان ڇڏائي، اسان جي مٿي ۾ هڻي ڇڏيائين ته ويهي لوڙيو.“
اڃان اهي قصا ڪُٽي ئي رهيون هيون ته رحمان اچي وڃي ٿو ۽ سڌو پنهنجي ڪمري ۾ اهو چئي وڃڻ جي ڪري ٿو ته هو ڏاڍو ٿڪل آهي آرام ڪندو ڪير به کيس ڊسٽرب نه ڪري اهو ٻڌي شهربانو کي ڄڻ ته باهه وٺي وڃي ٿي پر ڌيرج سان کيس چوي ٿي،
”ابا ڪجهه گھڙيون گھر وارن سان به گھاريندو ڪر، سڄو ڏينهن تنهنجي اوسيئڙِي ۾ گھڙيون ڳڻيندي گذرن ٿيون.“
”چاچي ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان آفيس ۾ ڪم وڌي ويو آهي، ٿوري دير آرام ڪيان پوءِ گڏجي چانهه ٿا پيون.“
اهو چئي ڪمري ۾ هليو وڃي ٿو.
شهربانو نڪ کي موڙو ڏيندي چوي ٿي،
”گھر وارن سان ڄڻ ته ٽانڊو اٿس، هتي ايندو ته ٿڪو ٽُٽو ايندو ڄڻ وڏي ڪوڏر هڻي آيو آهي.“
مريم ڏکاري آواز ۾،
”امان هاڻي کڻي بس ڪر اسان جي نصيب ۾ اهوئي لکيل آهي ته ٻار ڄڻيون، ٻار تاتيون نپايون، وڏا ٿين ته ليکين به ڪونه، مڙس ته هونئن به اسان جا نه ٿيا.“
اکين مان ڳوڙها ڳڙي اچنس ٿا ڌيءَ کي ڏکارو ڏسي شهربانو ۽ خاني به رون جي پلون سان پنهنجا ڳوڙها اگھڻ لڳن ٿيون.
•
رحمان جون عياشيون ڏينهون ڏينهن وڌينديون پئي ويون، نيلما ۽ سندس بائي جي کيس ٻنهي هٿن سان ڦري رهيون هيون ۽ رحمان نيلما جي ادائن جو اسير بنجي هن جي هر جائز ناجائز فرمائش پوري ڪرڻ لاءِ هر اهو طريقو اختيار ڪري رهيو هو جيڪو عام حالتن ۾ شايد هو نه ڪري سگھي ها، ماءُ جي ورهين جي تربيت نيلما جي ادائن ۾ لڙهي وئي هئي. هن آفيس ۾ به ننڍيون ننڍيون گھوٻيون هڻڻ شروع ڪري ڏنيون هيون، جنهن تي سندس باس جي طرفان ڪئي دفعا باز پرس ٿي هئي ليڪن هو هميشه ڪنهن نه ڪنهن بهاني معاملي کي ٺاهي وٺندو هو. ٻئي طرف سنڌيا کان به مهيني ۾ هڪ ٻه دفعا سندس اڌ کان وڌيڪ پگھار گھري وٺندو هو، اهو چئي ته هوءَ سندس گھر واري آهي ۽ ان جي ڪمائي تي سندس پورو پورو حق آهي ۽ سنڌيا مجبور ٿي سندس مطالبا پورا ڪندي رهندي هئي ان ڊپ ۾ ته هو ان خفيه شادي جو ڦاٽ نه ڦاڙي وجھي.
•
مظفر جي شاديءَ کي ڪافي ڏينهن گذري ويا هئا، هو ٻئي ڄاڻي واڻي هڪ ٻئي سان ملڻ کان ڪترائي رهيا هئا هڪ ڏينهن شام جا چار ٿي رهيا هئا ته سنڌيا آفيس جو ڪم سهيڙي ڪنهن خيال تحت مظفر جي ڪمري ڏانهن وئي. ڪيبن جو در هلڪو ناڪ ڪري اندر اچي ٿي، مظفر جيڪو ڪنهن خيال ۾ گم آهي کيس ائين پنهنجي ڪيبن ۾ ايندو ڏسي تعجب مان چوي ٿو،
”اوهو ميڊم سنڌيا..! اچو اچو.... گھڻن ڏينهن کان پوءِ وڏا پير ڪيا اٿو.“
”سر..... اهڙي ڳالهه ناهي مان ته روز آفيس ايندي آهيان توهان ئي يڪو موڪل تي هئا... ڪرسي تي ويهندي ، لِڪي لِڪي شادي ڪيوَ اسان کي ٻڌايوَ به ڪونه....“
مظفر شڪايتي انداز ۾ چوي ٿو،
”توهان ڪهڙو اچو ها.... خير جلد آفيس وارن کي ڊنر ڪرائبي.... ڏيو خبر توهان جو فيانس ته ٺيڪ آهي نه.... ڪڏهن ٿا خوشخبري ٻڌايو.“
اهو ٻڌي سنڌيا جو منهن لهي وڃي ٿو پر جلدي پاڻ تي قابو ڪندي،
”سر في الحال ته پروگرام ناهي، مون هڪ سٺي جاب لاءِ اپلاءِ ڪيو آهي ان جي انٽرويو جي تياري ۾ مصروف لڳي پئي آهيان، خدا ڪري ته سليڪشن ٿي وڃي.“
اهو ٻڌي مظفر اداس ٿي وڃي ٿو، اداس لهجي ۾ چويس ٿو،
”اڇا ته توهان هاڻي باقائده اسان کان دور ٿيڻ جي تياري پيا ڪيو، ڇو هتي ڀلا ڪهڙي ڪمي آهي.“
”سر هتي به مان خوش آهيان پر ايڊ آئي ته سوچيم ٽراءِ ڪرڻ ۾ ڪهڙي قباحت آهي.“
مظفر ڏکارو ٿي،
”ٺيڪ آ ٺيڪ آ ڀلي ٽراءِ ڪيو، اسان ته هونئن به هار مڃيو ويٺا آهيون.“
سنڌيا سمجھي وڃي ٿي ته مظفر ڇا ٿو پيو چوي، ڳالهه بدلائيندي،
”في الحال ته توهان کان مٺائي کائڻ جو موڊ آهي.“
”ته پوءِ هلو سامهون واري ريسٽورانٽ ۾ سٺي چانهه ٿا پيون.“
ٻئي اٿي ٻاهر نڪري وڃن ٿا. آفيس جي سامهون روڊ ڪراس ڪري هڪ پُرسڪون ريسٽورنٽ ۾ اچي هڪ الڳ ٿلڳ ڪارنر ٽيبل تي اچي ويهن ٿا، ويٽر اچي ٿو ته ڪجهه سنيڪس ۽ آئسڪريم آرڊر ڪن ٿا، ٿوري دير ۾ سندن آرڊر سرو ٿئي ٿو هو خوشگوار موڊ ۾ هڪ ٻئي سان ڳالهين ۾ مشغول آهن ته ان وقت رحمان آفيس جي ڪجهه ماڻهن سان گڏ ريسٽورنٽ ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ هيڏانهن هوڏانهن خالي ۽ مناسب ٽيبل ڳولهڻ لاءِ نهاري ٿو ۽ هڪ ٽيبل چوائس ڪري ان طرف وڌن ٿا اتي ويهي آرڊر ڪن ٿا. اچانڪ سنڌيا جي نظر رحمان تي پوي ٿي، سنڌيا جو منهن لهي وڃي ٿو، جلدي آئيسڪريم ختم ڪري مظفر کي آهسته آواز ۾ هلڻ لاءِ چوي ٿي مظفر سنڌيا جو خوفزده لهجو ٻڌي وائڙو ٿي وڃي ٿو ته هينئر ته هوءَ سٺي موڊ ۾ هئي اچانڪ کيس ڇا ٿي ويو..... سنڌيا چور نگاهن سان رحمان کي ڏسي رهي آهي مظفر جون نگاهون سندس نظرن جو تعاقب ڪنديون اتي پهچن ٿيون ۽ اتي ويٺل رحمان تي سندس نظر پوي ٿي ته وڌيڪ حيران ٿي وڃي ٿو هو سوچ ۾ پئجي وڃي ٿو ته آخر ڇا ڳالهه آهي سنڌيا جڏهن به پنهنجي فيانس کي ڏسي ٿي ته خوفزده ٿي وڃي ٿي. سنڌيا هن کي سوچ ۾ گم ڏسي ٻيهر هلڻ لاءِ چوي ٿي مظفر به هن جي ڪيفيت جو اندازو ڪندي اٿي ٿو ۽ کيس پنهنجي اوڍر ۾ ڪندي اتان نڪرڻ جي ڪري ٿو، ٻئي طرف رحمان هٿ ڌوئڻ لاءِ سامهون لڳل واش بيسن ڏانهن وڌي ٿو ته سنڌيا ۽ مظفر کي گيٽ کان ٻاهر ويندي ڏسي وٺي ٿو ته سندس منهن ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي وڃي ٿو پر موقعي جي نزاڪت کي سمجھندي پاڻ تي ڪنٽرول ڪري واپس ميز طرف وڌي وڃي ٿو جتي پاڻ سان گڏ آيل آفيسرن سان ماني کائڻ ۽ ڪا خاص گفتگو ڪرڻ ۾ مصروف ٿي وڃي ٿو.
سنڌيا شام جو جڏهن گھر پهچي ٿي ته ڪومل احمد ۽ ٻارن سان گڏ مائٽن ڏي ويل آهي ۽ شوڪت علي پنهنجي ڪمري ۾ آرام ڪري رهيو آهي. هوءَ ماسي کي چانهه ٺاهڻ جو چئي پنهنجي ڪمري ۾ هلي وڃي ٿي فريش ٿي اچي بيڊ تي ليٽي ٿي، سوچي ٿي ته خدا جو شڪر آ جو رحمان جي نظر پوڻ کان پهرين هو اتان نڪري آيا نه ته هروڀرو کيس هن جون ڳالهيون ٻڌڻيون پون ها پر کيس ڏسي مونکي ڇا ٿي ويو، هاڻي ته مظفر به شادي ڪري ڇڏي آ ۽ رحمان ۽ منهنجي به شادي ٿي وئي آهي ته پوءِ رحمان کي ڇاجي ڳڻتي ٿيندي جي هن ڪنهن سان چانهه پي ورتي. ان وقت سنڌيا جي ڪمري ۾ رکيل ڪارڊليس جي گھنٽي وڄڻ لڳي ٿي سنڌيا کان ذري گھٽ ڇرڪ نڪري وڃي ٿو ٽپ ڏئي اٿي فون کڻي ٿي ٻئي طرف خلاف توقع رحمان فون تي آهي، سنڌيا سندس آواز ٻڌي وسامجي وڃي ٿي مئل انداز ۾ پڇيس ٿي،
”هينئر ڪيئن فون ڪيوَ.“
”سويل اسان کي چانهه جي صلاح ڪئي بغير اٿي ويوَ.“
سنڌيا جي منهن جو پنو ئي لهي وڃي ٿو،
”مون سمجھيو ڪونه.“
”توهان چڱي طرح سمجھو پيا ته مان ڪهڙي چانهه جي ڳالهه پيو ڪيان..... خير ڀلي لائيف انجواءِ ڪيو هاڻي تون مونکان دور وڃي نه ٿي سگھين، رشتو جو مضبوط جُڙي ويو آهي ۽ ان ناتي مونکي تنهنجي مدد جي سخت ضرورت آهي، در اصل آڊٽ وارا ڪجهه پريشان پيا ڪن ريسٽورانٽ ۾ اهيئي مونسان گڏ هئا ان ڪري مون کي ٻن ڏينهن اندر ڏهن هزارن جي سخت ضرورت آهي.
”ڏهه هزار...! رحمان مان روز روز ايترا پئسه ڪٿان ارينج ڪري ٿي سگھان.“
”ڏس سنڌيا اها ته مونکي خبر ناهي پر توکي ڪٿان نه ڪٿان ارينج ڪرڻا ئي پوندا وڌيڪ تون بهتر سمجھين ٿي، چڱو مان فون رکان ٿو. هو فون بند ڪري ڇڏي ٿو. ته سنڌيا رسيور ڪن تي جھليو حيران پريشان ويهي رهي ٿي ۽ پنهنجي منهن ڀڻڪي ٿي،
”هي مان ڪهڙي مصيبت ۾ ڦاسي وئي آهيان، رحمان جون روز روز جون فرمائشون مان ڪٿان پوريون ڪيان. منهنجي پگھار ڪا ايڏي وڏي ته ڪونهي، اها به تقريبًا“ سموري ڪنهن نه ڪنهن بهاني رحمان گھري وٺي ٿو گذريل مهيني ۾ به چيائين ته ضرري ڪم سان اسلام آباد ٿو وڃان ڏهه هزار کپن ته مون چوڙيون سيل ڪري کيس پئسه ڪري ڏنا، مان آخر ڪٿان آڻيان ايترا پئسه.“انهن ئي سوچن ۾ گم ويٺي هئي ته سنيتا ڪمري ۾ اچي ٿي سندس هٿ ۾ فون کنيل ائين گم سم ويٺل ڏسي سمجھي وڃي ٿي ته ڪنهنجي فون آئي هوندي ، سندس هٿ مان فون وٺي ميز تي رکندي چويس ٿي،
”پڪ رحمان جي فون هوندي اهڙو ڇا چئي منهنجي پياري سنڌيا کي پريشان ڪري ڇڏيو اٿائين.“
همدردانه ٻول ٻڌي سنڌيا جي نيڻن جا بند ٽُٽي پون ٿا ۽ ٽم ٽم مينهن وسڻ شروع ٿي وڃي ٿو. سنيتا کيس ائين روئيندو ڏسي سمجھي وڃي ٿي ته پڪ ڪا وڏي ڳالهه ٿي آهي اچي سندس ڀر ۾ ويهي ٿي ۽ ايڏي پريشاني جو سبب پڇي ٿي سنڌيا سڀ ڪجهه پيرائتي انداز ۾ کيس ٻڌائي ٿي، اهو ٻڌي سنيتا جون ته وايون ئي بتال ٿي وڃن ٿيون ڪاوڙ ۾ منهن ٽامڻي هڻي وڃيس ٿو.
”واه جو توکي سڃاتو اٿس، روز روز جون فرمائشون. گھر وارن کي ڦري لُٽي ٻنيون ٻارا تين وال ڪري، توکي به پنڻ جهڙو ڪري ڇڏيو اٿس.“
”پر مان روز روز ڪٿان پورت ڪيان، مون وٽ جيڪي زيور هئا اهي ته مون هڪ هڪ ڪري وڪڻي کيس ڏئي ڇڏيا، هاڻي ته مون وٽ ڪجهه به ناهي.“
”صاف جواب ڇونه ٿي ڏينس.....“
سنڌيا روئيندي،
”ڪاش.....! اهو منهنجي وس ۾ هجي ها.“
”اهڙي ڪهڙي تنهنجي ڪمزوري هن جي هٿ اچي وئي آهي جو هو توکي ائين بليڪ ميل پيو ڪري.“
اهو ٻڌي سنڌيا چپ ٿي وڃي ٿي سوچڻ لڳي ٿي ته سنيتا کي سڀ ڪجهه ٻڌائڻ مناسب ٿيندو يا نه، هوءَ الائي ڇا سوچي، سنيتا کيس ائين سوچن ۾ گم ڏسي اصرار ڪريس ٿي ته کيس اهو سڀ ڪجهه ٻڌائي جيڪو هينئر تائين کانئس به پوشيده رکندي پئي اچي، من گڏجي ان جو ڪو حل ڳولهي ڪڍجي، اهو ٻڌي سنڌيا نه چاهڻ جي باوجود شادي جي متعلق سڀ ڪجهه کيس ٻڌائي ڇڏي ٿي اهو ٻڌي سنيتا حيران ۽ شڪايتي نگاهن سان کيس ڏسندي رهجي وڃي ٿي.
جڏهن سنڌيا پنهنجي ڳالهه پوري ڪري ٿي ته سنيتا تنبيهي انداز ۾ کيس چوي ٿي،
”اهو تو ڇا ڪري ڇڏيو سنڌيا، ايڏي پڙهيل لکيل سمجھدار ٿي ڪري تون ايڏي خوفناڪ غلطي ڪيئن ٿي ڪري سگھين، ڪنهن کان ته صلاح وٺين ها، هاڻي ته رحمان کان جان ڇڏائڻ مشڪل ٿي ويندو. هاڻي هو جڏهن به اهڙي ڪا تقاضا ڪري تون واضع لفظن ۾ چوينس ته هو ان شادي کي پبلڪلي ڊڪليئر ڪري.“
”اهوئي ته نه ٿو ڪري جڏهن به چوانس ٿي ته نٽائي ٿو وڃي. ڪيترو عرصو گذري ويو آهي ان ڳالهه کي. مان ته نه هيڏانهن جي رهي آهيان نه هوڏانهن جي.“
سنيتا پنهنجي سهيلي کي وڌيڪ پريشان نه ٿي ڏسڻ چاهي ۽ کيس چوي ٿي ته هن دفعي ته هوءَ کيس پئسه ارينج ڪري ڏئي ٿي ليڪن ان کان پوءِ کيس همٿ ڪري ان سڄي معاملي کي هينڊل ڪرڻو پوندو، يا ته هو ان شاديءَ کي سڀني جي سامهون ظاهر ڪري توکي عزت سان پنهنجي گھر وٺي وڃي يا توکي آزاد ڪري ڇڏي. اهو چئي هوءَ کانئس موڪلائي هلي وڃي ٿي.
•
ٻئي ڏينهن سنيتا سنڌيا وٽ اچي ٿي ۽ کيس پئسن جو لفافو ڏيندي چويس ٿي ته هي ان بليڪ ميلنگ جي آخري قسط هوندي هن کان پوءِ توکي هن جو ڪو مطالبو ناهي مڃڻو.
”مان ڪڏهن ٿي چاهيان ته هو مونکي پريشان ڪري، اُن وقت الائي مونکي ڪهڙي کُٽي کنيو جو مان هن سان سيڪريٽ ميريج لاءِ تيار ٿي ويس، مونکي اها خبر نه هئي ته اها منهنجي تباهي جو ڪارڻ بنجي ويندي.“
هو رحمان مان جان ڇڏائڻ جا طريقا سوچي رهيون هيون ته فون جي گھنٽي وڄڻ لڳي، سنڌيا کي اشارو ڪري سنيتا پاڻ فون کڻي ٿي ٻئي طرف اجنبي آواز ٻڌي حيران ٿي وڃي ٿي ۽ فون سنڌيا ڏي وڌائي ٿي، سنڌيا حيراني سان فون وٺي ٻڌي ٿي ته پاڻ به حيران ٿي وڃي ٿي،
”توهان......! توهان ڪيئن فون ڪيو.....؟ نمبر ڪٿان آندو هڪ ساهي کوڙ سارا سوال ڪري وٺي ٿي.“
ٻئي طرف امتياز آهي، هو ارجنٽلي هن سان ملڻ جي خواهش ڏيکاري ٿو،
”ڀيڻ مون ڪافي عرصي کان توهان سان ملڻ پئي چاهيو.“
”پر ايتري طويل وقت کان پوءِ توهان کي اچانڪ مون ۾ ڪهڙو ڪم پئجي ويو،“
”اهو مان فون تي نه ٿو ٻڌائي سگھان، توهان مونسان ڪٿي ملو پر اڄ ئي.“
”پر.....“
”پر ور ڪجهه به نه..... توهان جي ئي فائدي جي ڳالهه آهي....“
”ٺيڪ آ ته پوءِ ڪٿي ملندا.....“
”پبلڪ پارڪ ۾.“
”ٺيڪ آهي اسان اچون ٿا... ٽائيم ڏسي، ڪلاڪ کن ۾ پهچي وينداسين.“
انهي دوران سنيتا وائڙن وانگر سنڌيا کي ڏسندي رهي ٿي، سنڌيا فون بند ڪري ٿي. سندس چهري تي پريشاني صاف ظاهر آهي، سنيتا پڇيس ٿي ته فون تي ڪير هو ۽ ڪلاڪ ۾ ڪٿي پهچڻو آهي، هوءَ ٻڌائيس ٿي ته رحمان جو دوست امتياز هيو، جنهن جي فليٽ تي هنن جي اها شادي ٿي هئي، سڄي ڳالهه کيس ٻڌائي ٿي ۽ کيس پارڪ هلڻ لاءِ تيار ڪري ٿي ٻئي ماسي کي ٻڌائي ٻاهر نڪري وڃن ٿيون.
پن ڇڻ جي موسم جي ڪري تيز هوائن وڻن جا سڪل ۽ زرد پن ڇاڻي ڇڏيا آهن، سڄي پارڪ ۾ ڄڻ ته زرد چادر وڇائي پئي آهي، سنڌيا ۽ سنيتا اتي پهچن ٿيون ۽ پارڪ جي ننڍڙن پيچرن تان گذرندي سنڌيا جي پيرن هيٺان ايندڙ سڪل پنن جي چُر مُر جا آواز سندس ڪنن ۾ ڄڻ ته واڄٽ ڪري وڄي رهيا آهن، هن جي دماغ جي عجيب ڪيفيت آهي.
امتياز هڪ بينچ تي هنن جو انتظار ڪري رهيو آهي ٿوري دير ۾ هو ٻئي اتي پهچن ٿيون. سنڌيا پري کان امتياز کي هڪ تقريبًا نويڪلي بينچ تي ويٺل ڏسي سنيتا سان گڏ اوڏانهن وڌي وڃي ٿي. ڀرسان پهچي سلام ڪري سنيتا جو تعارف ڪرائي ٿي، امتياز بينچ تان سرڪي پري ٿي ويهي ٿو ۽ کين ويهڻ لاءِ چوي ٿو،
”معاف ڪجو مون توهان کي هتي اچڻ لاءِ تڪليف ڏني ان لاءِ معافي طلبگار آهيان. هو سنيتا ڏي نهاري ٿوته سنڌيا کيس ٻڌائي ٿي ته هوءَ سندس پياري سهيلي آهي ۽ ڪابه ڳالهه هن کان ڳجھي ناهي، ان تي امتياز چوي ٿوته ٺيڪ آهي.... در اصل مون توهان کي رحمان جي اصليت کان واقف ڪرڻ پئي چاهيو.“
سنڌيا ۽ سنيتا حيران ٿي پڇنس ٿيون،
”اصليت....! ڪهڙي اصليت رحمان ته توهان جو پيارو دوست آهي نه...“
”پر مان هن جي اهڙن ڪرتوتن کي سخت ناپسند ڪيان ٿو.“
”ڪهڙا ڪرتوت کُلي ڳالهه ڪيو نه .....“
امتياز شروع کان رحمان جي متعلق اهي سڀ ڳالهيون کين ٻڌائي ٿو سنڌيا ۽ سنيتا سخت ڪاوڙ ۾ سڀ ڪجهه ٻڌي رهيون آهن.آخر سنيتا کان رهيو نه ٿو ٿئي،
”ايڏو وڏو دوکو.... رحمان اهڙو گندو انسان آهي..... جيڪو راتين جو بازارن ۾ سڀ ڪجهه لٽائي ٿو ۽ سندس گھر وارا سڄو الزام سنڌيا تي لڳائن ٿا، هو ڪيترن سالن کان سنڌيا کي خفيه نڪاح جي ڪري بليڪ ميل ڪري هن کان به پئسه وٺندو رهيو آهي.“
هاڻي حيران ٿيڻ جو وارو امتياز جو هو،
”اهو وري ڇا پيا چئو، سنڌيا ڀيڻ توهان هن جي بليڪ ميلنگ ۾ ڇو آيا، مون ڪيترا دفعه سوچيو ته توهان کي اهو سڀ ڪجهه ٻڌايان پر همت نه ٿِي. هاڻي توهان جيڪو فيصلو ڪيو...... مون پنهنجو فرض پورو ڪيو....“
سنڌيا ڪجهه جواب ڏيڻ بجاءِ هارايل جواري جيان بينچ تان اٿي ٿي، جنهن پنهنجو سڀ ڪجهه داءُ تي لڳائي ڇڏيو هجي، امتياز ۽ سنيتا چپ چاپ هن سان گڏ اٿي پارڪ مان نڪري وڃن ٿا.
•
گھر پهچي سنڌيا ۽ سنيتا سڌو ڪمري ۾ هليون وڃن ٿيون. سنڌيا جون اڄ رهيون کهيون اميدون به لڙهي ويون هيون. ان ڪري هوءَ بلڪل خاموش هئي، سنيتا به پوري رستي هن کي ڇيڙڻ کان سواءِ خاموشي اختيار ڪرڻ ۾ بهتري سمجھي ليڪن جيئن هو ڪمري ۾ پهتيون، سنيتا کان رهيو نه ٿيو،
”مون کي تنهنجو اهو رحمان شروع کان نا پسند هو، تون الائي ڪيئن هن کي پنهنجي دل ۾ جاءِ ڏئي ويٺينءَ.“
سنڌيا انتهائي غمگين لهجي ۾ چوي ٿي،
”تڏهن ته وڏا چوندا آهن ته ٽين ايجز ۾ وڌايل قدم هميشه جذباتي هوندا آهن ۽ جذبات ۾ ڪيل فيصلا ڪڏهن ڪڏهن زندگي جو روڳ بنجي بربادي ڏانهن گھلي وٺي ويندا آهن، اهڙو روڳ جنهن مان سواءِ موت جي آساني سان جان ڇڏائي ناهي سگھبي. پر اسان پنهنجي ڪچي عمر ۾ بزرگن جي هدايتن کي سندن دشمني سمجھندا آهيون ۽ ائين زندگي برباد ڪري ويهندا آهيون. اهو چئي سڏڪا ڀري روئڻ لڳي ٿي. سڏڪندي چوي ٿي، منهنجي ته زندگي برباد ٿي وئي پر منهنجي ان خفيه نڪاح جي جيڪڏهن گھر وارن کي خبر پئجي وئي ته بابا ته زنده درگور ٿي ويندو ۽ رابعه آپي ۽ احمد جيڪي مونتي اڻ ٽُٽ وشواس ۽ ڀروسو ڪندا آهن انهن جو جيڪو ڀرم ٽٽندو ته الائي ڇا ٿيندو،.... يا خدا! مان ڪهڙي ڪُن ۾ ڦاسي وئي آهيان.“
سنيتا هن جي اهڙي حالت ڏسي پريشان ٿي وڃي ٿي پر پوءِ به هن کي تسلي ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي چوي ٿي،
”توکي همٿ ڪري هن مان جان ڇڏائڻي پوندي تون هن کي صاف صاف چئو ته يا ته هو ان شادي کي پبلڪ ڪري يا توکي آزاد ڪري. ۽ ڪوشش ڪري توکي ڪجهه وقت لاءِ ڪراچي ڇڏڻو پوندو، تڏهن ئي هن جي چنگل مان جان ڇڏائي سگھندين.“
سنڌيا ڳوڙها اگھندي،
”تڏهن ئي مون ٻئي هنڌ اپلاءِ ڪيو آهي..... دعا ڪر ته اتي منهنجي سليڪشن ٿي وڃي مان ڪنهن کي ٻڌائي بغير هتان هلي ويندس جيئن هن کي منهنجو اتو پتو معلوم نه ٿي سگھي.“
اهي ڳالهيون ڪندي ڪافي دير گذري وڃي ٿي جڏهن سنڌيا ڪجهه بهتر محسوس ڪري ٿي ته سنيتا کانئس موڪلائي گھر هلي وڃي ٿي.
•
ڪجهه ڏينهن ائين بنا ڪنهن پريشاني جي گذري وڃن ٿا انهي وچ ۾ رحمان جي گھر ۾ ٽئين ٻار جي ولادت ٿئي ٿي. ان ڪري هو ان طرف مصروف ٿي وڃي ٿو، ليڪن سنڌيا جي زندگي ۾ سڪون ۽ اطمينان ڪٿي، هڪ ڏينهن هو جيئن شام جو آفيس مان نڪري ٿي ته رحمان ٻاهر گاڏي ۾ سندس انتظار ۾ ويٺو آهي سنڌيا جي جيئن مٿس نظر پوي ٿي ته ڪاوڙ ۾ سندس چهري جا تاثرات ئي بدلجي وڃن ٿا، ڪترائي نڪرڻ جي ڪري ٿي، سامهون ايندڙ ٽيڪسي کي روڪڻ جي لاءِ هٿ ڏئي ٿي ته رحمان جلدي سندس آڏو اچي بيهي ٿو،
”ايڏو جلدي ۾ ڪيڏانهن پئي وڃي، اچ مان توکي ڊراپ ڪندو ٿو وڃان.“
هوءَ جان ڇڏائيندي،
”ڏسو مونکي جلدي گھر پهچڻو آهي، گھر ۾ ڪجهه مهمان اچڻا آهن، بابا جلدي گھر اچڻ لاءِ چيو هو.“
”ليڪن مونکي توسان هينئر ڳالهائڻو آهي ضد نه ڪر اچ گاڏي ۾ ويهه.“
”رحمان هي منهنجي آفيس آهي خواه مخواه تماشو نه ڪيو، ڪنهن ڏسي ورتو ته هروڀرو منهنجي لاءِ غلط راءِ قائم ڪندا.“
”ته پوءِ چپ چاپ گاڏي ۾ ويهه.“
سنڌيا مجبور ٿي گاڏي ۾ ويهي ٿي ته هو گاڏي اسٽارٽ ڪري ٿو، سنڌيا چپ چاپ ويٺي آهي، امتياز جي گفتگو سندس ڪنن ۾ ٻُري رهي آهي ته رحمان توسان دوکو ڪري رهيو آهي هو هڪ بري ڪردار جو عادي جواري ۽ شرابي شخص آهي بازارون هن جي عياشي جا اڏا آهن، هو انهن خيالن ۾ گم آهي ته گاڏي جي بيهڻ تي هوءَ خيالن جي دنيا مان واپس اچي ٿي. هيڏانهن هوڏانهن نهاري ٿي هڪ سنسان جڳهه تي گاڏي بيٺي آهي جتي پري پري تائين ڪو ماڻهو موجود نه آهي سنڌيا ان وقت وڌيڪ پريشان ٿي وڃي ٿي.
جڏهن رحمان ڊيش بورڊ مان شراب جي بوتل ڪڍي ٿو اڄ شايد هو پنهنجا سڀ روپ سنڌيا جي آڏو عيان ڪرڻ جو پڪو پهه ڪري آيو آهي.
سنڌيا همٿ ڪري سخت ڪاوڙ جو انداز اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي،
”هي تون مونکي ڪٿي وٺي آيو آهين.“
انتهائي مڪاري سان بوتل مان ڍڪ ڀري،
”مون توکان ڏهه هزار روپيه گھريا هئا ان جو انتظام ٿيو.“
”رحمان مون توکي اڳ ۾ به چيو هو ته مان تنهنجا روز روز جا مطالبا پورا نه ٿي ڪري سگھان، جيئن مون نوڪري ڪئي آهي، آئي ڏينهن تنهنجي ڪا نه ڪا فرمائش لڳي پئي آهي، مون پنهنجا سڀ زيور به وڪرو ڪري تنهنجون ضرورتون پوريون ڪيون.“
”ڏس سنڌيا ڪٿان به انتظام ڪري مونکي ڏي ورنه......“
سنڌيا ٿورو تيز ٿيندي،
”ورنه ڇا......؟ مان تنهنجي روز روز جي بليڪ ميلنگ کان تنگ اچي وئي آهيان، هاڻي گھڻو ٿي ويو آخر تون مونکي آزاد ڇو نه ٿو ڪرين.“
انهي دوران هو مسلسل شراب پي رهيو آهي ۽ نشي جي حالت ۾ هن کان سڀ ڪجهه وسري وڃي ٿو، مڪاري سان کلندي،
”مون توکي ڪڏهن به پڃري ۾ قيد ناهي ڪيو جو آزاد ڪيان، ڪهڙي اسان شادي ڪري ڇڏي آهي.“
”شادي نه ڪئي آهي ته باقي ڪئي سال پهرين جي نڪاح جو ڇا ٿيو.“
زور زور سان کلندي،
”نڪاح..... ڪهڙو نڪاح.... چري ته ناهين ٿي....“
”هو ڪئي سال اڳ امتياز جي فليٽ ۾ دوستن جي موجودگي ۾ تو مونسان نڪاح ڪيو هو ۽ هاڻي چوين ٿو ڪهڙو نڪاح.......“
مڪاري سان،
”مون توسان ڪوبه نڪاح ناهي ڪيو مان ڀلا اهڙي دولت مند زال ۽ ٻارن جي هوندي تو جهڙي نوڪري ڪرڻ واري عورت سان نڪاح ڪيئن ٿو ڪري سگھان، اهو ته سڄو ڊرامو هو توکي پنهنجي چنگل ۾ ڦاسائي رکڻ لاءِ....“
اهو ٻڌي سنڌيا جو منهن ڏک ۽ ڪاوڙ ۾ پيلو زرد ٿي وڃي ٿو. ڄڻ ته ڪنهن هيڊ هاري ڇڏي هُجيس. سڪتي ۾ اچي وڃي ٿي رحمان جو چيل هڪ هڪ لفظ هٿوڙي جيان سندس دماغ ۾ لڳي رهيو آهي،
”ڪهڙو نڪاح.... مون ته توسان ڪوبه نڪاح ناهي ڪيو، اهو ته سمورو هڪ ڊرامو هيو، توکي پنهنجي چنگل ۾ ڦاسائي رکڻ لاءِ.“
هن کي ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿي آيو ته اهڙي حالت ۾ هوءَ ڇا ڪري شهر کان دور سنسان هنڌ تي، هوءَ ڪيڏانهن وڃي پري پري تائين ڪا سواري نظر نه ٿي آيس، رحمان جو آواز نشي ۾ ٻڏل سندس ڪنن جي پردن سان ٻيهر ٽڪرائجي ٿو.
”ان ڏينهن وري ريسٽورانٽ ۾ هن آفيسر سان گڏ وئي هئينءَ ڇو..... مون توکي منع ڪيو هو نه....“
اهو ٻڏي سنڌيا ڪاوڙ جي شدت ڪري پنهنجي حواسن ۾ نه ٿي رهي،
”بس گھڻو ٿيو..... ڪنهن سان به وڃان ڪاڏي به وڃان، ان ۾ تنهنجو ڇا.... اهو سڀ ڪهڙي حق سان ٿو پڇين. ڪهڙو رشتو آ تنهنجي منهنجي وچ ۾ جو تون مونکي منع ڪندين......“
ٻانهه کان جھلي پاڻ ڏي ڇڪيندي نهايت بي حيائي واري انداز سان،
”تون منهنجي لاءِ هڪ سوني جھرڪي آهين..... مريم جي هٿ آيل دولت ته هنن ستن اٺن سالن ۾ ختم ٿي وئي، توتان به هٿ کڻان ته پوءِ منهنجو گذارو ڪيئن ٿيندو جانِ رحمان....!
سنڌيا ڪنن تي هٿ رکي زار و قطار روئي ٿي،
”بس رحمان بس......“
رحمان کيس ٻانهن ۾ جھلي پنهنجي قريب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ليڪن ان لمحي الائي ڪٿان سنڌيا ۾ همٿ اچي وڃي ٿي کيس پري ڌڪو ڏئي گاڏي جو در کولي ڊوڙندي هڪ طرف هلي وڃي ٿي ته رحمان کيس جھلڻ جي ڪوشش ۾ در کولي سندس پويان ڊوڙي ٿو پر نشي جي ڪري هو کيس پهچي نه ٿو سگھي، هوءَ تيز تيز قدمن سان هڪ طرف ڊوڙندي وڃي ٿي ان فڪر کان بيخبر ته هتي ڪنهن سواري جو ملڻ مشڪل آهي، هوءَ ته بس ڪنهن به طرح رحمان جي پاڇي کان دور وڃڻ چاهي ٿي ڊوڙندي اچانڪ هڪ گاڏي کي ايندو ڏسي بي خيالي ۾ ٽيڪسي سمجھي هٿ ڏئي ٿي، گاڏي سندس ڀرسان اچي بيهي ٿي پويون در کولي ڌڙام سان پاڻ کي سيٽ تي ڇڏي ڏئي ٿي ۽ ڊرائيور کي پنهنجي ائڊريس ٻڌائي اکيون بند ڪري ڊگھا ڊگھا ساهه کڻي ٿي. جڏهن هوءَ پنهنجي ڪيفيت تي قابو حاصل ڪري وٺي ٿي ته اکيون کولي ارد گرد جو جائزو وٺي ٿي بيڪ ويو مرر تي نظر پويس ٿي ته پهرين ته ڇرڪجي وڃي ٿي پر پوءِ شرمسار ٿي وڃي ٿي ڊرائيونگ سيٽ تي امتياز ويٺو آهي، امتياز به هن جي حالت سمجھي وڃي ٿو ۽ کيس مخاطب ٿئي ٿو،
”ڀيڻ پريشان نه ٿيو، اتفاق سان مون توهان سان گڏ رحمان کي هن طرف ايندي ڏٺو ته سمجھي ويس ته رحمان جي نيت ٺيڪ ناهي ان ڪري سندس گاڏي جو پيڇو ڪيم، خدا جو شڪر آهي هن ڪا غلط حرڪت نه ڪئي. منهنجي ڀيڻ.... هڪ انسان جو ٻئي انسان کي سمجھڻ، سڃاڻڻ ڏاڍو مشڪل هوندو آهي ۽ خاص ڪري محبت ۾، اهو سڃاڻڻ اڃان به مشڪل ٿي پوندو آهي، اکين آڏو اهڙا رنگين پردا هوندا آهن جو هر شئي دلڪش ۽ دل لڀائيندڙ لڳندي آهي. خواب ۽ حقيقت ۾ ڪوبه فرق ناهي محسوس ٿيندو، بند اکين پويان ايتريون روشنيون هونديون آهن جو اکيون کولڻ جي ضرورت ئي ناهي پوندي، ۽ جڏهن ايترو سوجھرو هجي ته اونداهيون ڪٿي ٿيون نظر اچن. تڏهن ته جڏهن به اهي ڏيئا هڪدم اجھامندا آهن ته پوءِ ڪجهه به نظر نه ايندو آهي، سموريون اونداهيون اکين رستي روح ۾ سمائجي وينديون آهن دم گھٽجڻ لڳندو آهي، هميشه روشنين تي ائين يقين نه ڪجي اکيون کولي ان چهري کي غور سان ڏسجي، محبت جو چهرو ڏسڻ لاءِ ڪنهن روشنيءَ جي ضرورت ناهي هوندي. جيسيتائين دل سچائي جو خود بخود يقين ڪري تڏهن اعتبار ڪجي، ورنه واپس مڙي وڃجي، منهنجي ادي..... دل نه لاهيو، اڃان توهان وٽ واپسيءَ جو وقت به آهي ۽ رستو به آهي. هن کان اڳتي هلي نه وقت هوندو نه رستو، تڏهن اگر واپس ورڻ به چاهيندئو ته پنڊ پهڻ بنجي ويندئو. توهان مونکي هميشه پنهنجو وڏو ڀاءُ سمجھجو مون دنيا ڏٺي آهي، ڪيترن ئي نازڪ لمحن مان گذري جيون جي سهي راهه کي پرکيو آهي ان ڪري جڏهن به هن ڀاءُ جي مدد جي ضرورت محسوس ڪيو بي حجاب ٿي چئجو.“
سنڌيا رئي سان اکيون اگھندي،
”ڀائو.... مان توهان جو هي احسان عمر ڀر نه وسارينديس... چڱو ٿيو جو توهان وقت تي منهنجون اکيون کولي ڇڏيون نه ته مان الائي ڪيسيتائين هن جي دوکي ۾ پاڻ ڦُرائيندي رهان ها.“
امتياز هن جي ڳالهه جو ڪو جواب نه ٿو ڏئي،
”ڀيڻ شايد توهان جي گھر جي گھٽي اچي وئي آهي هاڻي سڀ ڪجهه وساري توهان بي فڪر ٿي گھر وڃو خدا بهتر ڪندو.“
هوءَ کيس ٿينڪس چئي گاڏي مان لهي پنهنجي گھر جي گلي طرف مڙي وڃي ٿي ته امتياز گاڏي اسٽارٽ ڪندي سوچي ٿو ته شڪر آ جو هن جي نظر رحمان جي گاڏي تي پئجي وئي ورنه....
سنڌيا پنهنجي ڪمري ۾ آئيني جي آڏو اچي پاڻ کي نفرت جي نگاهن سان ڏسي رهي آهي هن جي هر انداز مان چريائپ بکي رهي آهي، هوءَ چرين وانگر پاڻ سان ڳالهائي ٿي،
”مان هڪ قابلِ نفرت وجود آهيان، اچو اچو، سڀ اچو، مونسان نفرت ڪيو، مون کي سزا ڏيو، مون کي پٿر هڻو سنگسار ڪيو، مان گنهگار آهيان، مون دوکو ڪيو آهي سڀني گھر وارن سان دوستن سان پنهنجو پاڻ سان، مون ايترو عرصو هڪ غليظ ماڻهو جي اشارن تي ڪٺ پُتلي وانگر پاڻ کي نچايو آهي. هو شخص منهنجي احساسات جي پرواهه ڪئي بغير منهنجي جذبات سان کيڏندو رهيو. ايڏو وڏو دوکو ايڏي ويساهه گھاتي، رحمان تون ايڏو ڪميڻو، ايڏو گھٽيا انسان هوندين، مون ڪڏهن سوچيو به نه هو. تون مونسان اهڙو ڪريل، ايڏو گندو کيل کيڏندين..... ڪاش...! اهو سڀ ڪجهه ٻڌڻ کان پهرين مونکي موت اچي ها..... رحمان تو مون کي ڪيڏانهن جو به نه رکيو، منهنجي سڄي زندگي تباهه و برباد ڪري ڇڏي، مون کي منهنجي پنهنجي نظرن ۾ بي توقير ڪري ڇڏيو.“
آئيني کان هٽي اچي بيڊ تي پاڻ کي سٽي ٿي ۽ ليٽي پوي ٿي. آنڌ مانڌ سبب بيڊ تي پاسا ورائي سوچي ٿي. پنهنجي روين جي بدصورتي جو رحمان کي شايد احساس به نه هو، هن خاموشي سان هر ڳالهه جو اقرار ڪري ورتوهو. ۽ سنڌيا پنهنجي هن توهين لاءِ هن کي ڪڏهن به معاف نه ڪري سگھندي، ۽ هن سان هر تعلق ختم ڪري ڇڏيندي، محبت خداوند ڪريم جو حساس روحن لاءِ هڪ خوبصورت تحفو آهي ۽ سنڌيا ان تحفي جي ۽ خدا جي ناشڪري ڪرڻ نه ٿي چاهي، ان ڪري هن رحمان جي محبت کي وڏي احترام سان پنهنجي دل جي گهراين ۾ اهڙي طرح دفن ڪري ڇڏيو جو ان جو نالو نشان به باقي نه رهي.
هوءَ پاڻ سان ڳالهائيندي رهي، ائين لڳي رهيو هو ڄڻ هن جي اندر جو آتش فشان ڦاٽي پيو هجي ۽ لاوا تيزيءَ سان وهي رهيو هجي جنهن کي دنيا جي ڪابه طاقت روڪي نه ٿي سگھي. ان ڏينهن هن کي محبت کان ڏاڍو خوف لڳو هو. محبت دٻڻ جيان لڳي جيڪا انسان کي بي وسي ۾ ماري ٿي، وڻ ويڙهيءَ وانگيان لڳي جيڪا آهستي آهستي ڪنهن ٻوٽي جي گرد ويڙهبي ويندي آهي ۽ ٻوٽي کي چوسي ختم ڪري ڇڏيندي آهي، هوءَ سڏڪا ڀريندي سوچي ٿي، ڇا محبت موت جو ٻيو خوشنما نالو آهي. ذهن جي پردي تي هر اهو سين فلم جيان نظر اچي رهيو هو. هر اهو پل جيڪو هن رحمان جي محبت ۾ گھاريو هو.
رحمان جي نئين ڄاول ٻار کي ڏسڻ لاءِ اڄ گل بانو ۽ شمسه سندن گھر اچن ٿيون، کين گيٽ ۾ داخل ٿيندو ڏسي شهر بانو مريم کي چوي ٿي،
”چوندا آهن ته رت دانگي تي به وري پوندو آهي، پوٽاڻ هونئن به نسل آ.“
سڀئي اندر وڃن ٿا، صغرا سندن پويان ڪيترائي شاپر کنيو اندر آڻي هڪ طرف رکي ٿي، شهر بانو اٿي گل بانوءَ سان ڀاڪر پائي ملي ٿي ته هن جي اکين ۾ لڙڪ لڙِي اچن ٿا،
”ادي مان تنهنجي ڏوهارڻ آهيان.... مونکي معاف ڪر، پنهنجو ڪيتو پئي لوڙيان،“
گل بانو ڪوبه جواب ڏيڻ بنا کيس ٻُڌي ٿي، اها ڳالهه مريم کي خراب لڳي ٿي،
”امان اسان ڪهڙو گناهه ڪيو آ، سڀ ڪجهه ته هنن جي اولاد اسان سان ڪيو آ ۽ تون وري معافي پئي گھرين.“
شمسه ڳالهه کي ٽاريندي.
”ڇڏيو انهن ڳالهين کي، نئين آيل مهمان کي پنهنجي دادي امان سان ته ملايو.“
ڪجهه دير اتي ترسي رحمان جو انتظار ڪن ٿيون پر هنجي نه اچڻ ڪري موڪلائي هليون وڃن ٿيون، ڪافي دير گذرڻ جي باوجود به رحمان جو اتو پتو ڪونهي. مريم جون نظرون بار بار گھڙيال ڏي کڄن ٿيون پريشاني ۽ ڪاوڙ سندس چهري تي صاف بکي رهي آهي. فواد ماءُ کي پريشان ڏسي،
”امي هڪ پيو ٿئي دادي امان وارا به انتظار ڪري هليا ويا، ابو اڃان آفيس مان ناهي آيو.“
مريم جو پارو هاءِ ٿي وڃي ٿو،
”توهان هلي سمهو، صبح جو اسڪول به وڃڻو اٿو.... توهان جو ابو ڪڏهن سويل ايندو به آهي ڇا، جو يڪو پيو انتظار ڪرين.“
نينا چويس ٿي ته امي تون به هل اسان کي اڪيلي ۾ ڊڄ ٿو لڳي، مريم ٽي وي بند ڪري، خانيءَ کي نومي کي اندر کڻي هلڻ جو چئي کيس ٻارن سان گڏ موڪلي ٿي ۽ پنهنجي منهن بڙ بڙ ڪندي،
”الائي هينئر تائين ڪٿي هوندو، سنڌيا ڏي ته وڃڻ کان رهيو. خانيءَ پئي ٻڌايو ته سنيتا آپا کي ٻڌايو پئي ته هو سنڌيا سان هاڻي ناهي ملندو ته پوءِ ڪهڙو ٿاڪ وڃي ڳولهيو اٿس. اوٻاسيون ڏيندي ڪمري ڏي هلي وڃي ٿي.“
•