4
هوءَ سوچي ٿي ته هي اهي ئي ماڻهو آهن جن هن جي زندگي جي اونداهي رستي تي ڏاڍا چمڪندڙ ٽمڪندڙ ڏيا ٻاريا هئا، جيئڻ جي امنگ پيدا ڪئي هئي پيار ڏنو هو، حوصلو ڏنو هو، اعتماد بخشيو هو. هاڻي سندس فرض ٿئي ٿو ته گھٽ ۾ گھٽ کين اها تسڪين ته ڏئي ته سندن محنت رائيگان ناهي وئي ۽ هوءَ هاڻي بلڪل ٺيڪ آهي، هوءَ دل ئي دل ۾ پنهنجو پاڻ کي سمجھائيندي رهي، خود پنهنجو پاڻ سان پنهنجي آبروءَ لاءِ التجا ڪندي رهي، ٻارن جيان دعائون گھرندي رهي، ته اها ديوار نه ٽُٽي جيڪا مشڪل سان هن پنهنجي گرد کڙي ڪئي آهي.
هن هوريان هوريان ڪنڌ مٿي کنيو چئني پاسي نهاريو ڪاغذ ميز تي وکريا پيا هئا، هن سوچيو اڄ رات کيس ڪجهه لکڻ کپي ايترو لکڻ کپي جو طوفانن جا جُھوٽا بند ٿي وڃن، تيز ڊوڙڻ لڳي ته شايد درد جو، تڪليف جو هر احساس مِٽجي وڃي، هن سوچيو ڪهڙو فرق ٿو پوي ته ڇا ٿي چڪو آهي.
هر اهو لمحو، اها گھڙي جيڪا گذري وڃي هميشه لاءِ ختم ٿي وڃي ٿي. جڏهن اسان ۾ ان کي روڪڻ جي قدرت ناهي ته وساري ڇڏڻ جو ظرف ضرور هجڻ گھرجي، مونکي به سوچڻ گھرجي ته اهي سڀ گھڙيون گذري چڪيون آهن، ختم ٿي چڪيون آهن ۽ جيڪو ڪجهه ختم ٿي چڪو هجي اهو يادن جي عميق غارن ۾ هميشه لاءِ گم ٿي وڃڻ گھرجي، ان جو ڪوبه نشان باقي رهڻ نه کپي، هن قلم کڻي لکڻ شروع ڪيو، عجيب ڳالهه اها ٿي ته ٿوري دير اڳ ۾ واري شديد اذيت ۽ درد ڄڻ هڪدم ختم ٿي ويو هجي.
هر طرف سانت لڳي پئي هئي پر هن وقت اهو سڀ ڪجهه کيس سٺو لڳي رهيو هو.
•
رحمان مريم کي وٺي ڪراچي اچي ٿو، مريم ڪنهن وڏي شهر ۾ پهريون دفعو آئي هئي، هوءَ ڪنوار جي جوڙي ۾ تيار ٿيل تمام خوبصورت پئي لڳي. وڏيون وڏيون عمارتون، شيشي جي درن سان ٺهيل شو رومز ۽ رستن تي ڊوڙندڙ رنگ برنگي گاڏين کي حيراني ۽ دلچسپي سان ڏسي خوش ٿي رهي هئي. هوءَ هر شيءِ کي ڏاڍي غور ۽ تجسس سان ڏسندي ٿي وئي آخر رحمان اهڙي ئي هڪ اوچي عمارت جي ٻاهران اچي گاڏي روڪي، ۽ ٻاهر نڪري، سندس پاسي وارو در اچي کولي کيس لهڻ لاءِ چيو. ٻئي ڏاڪڻون چڙهي هڪ در آڏو اچي بيهن ٿا، رحمان ڊور بيل وڄائي ٿو، نجمه اچي در کولي ٿي ۽ کين ڏسي سندس اکين ۾ پهرين حيراني ۽ پوءِ خوشيءَ جا تاثرات اڀرن ٿا. دروازي کان هٽي کين اندر اچڻ لاءِ جاء ڏئي ٿي، هو ٻئي اندر اچن ٿا، نجمه مامي کي ڀاڪر پائي ملي ٿي ۽ مريم کي اوپري انداز سان هٿ ڏئي ٿي. اتان ئي ماءُ کي آواز ڏئي ٿي،
”امي ٻاهر اچو... ڏسو ڪير آيا آهن....“
شمسه جيڪا ڪچن ۾ مصروف آهي نجمه جو آواز ٻڌي ٻاهر اچي ٿي ته گلبانو جيڪا اداس ويٺي آهي.
”هينئر وري ڪير آيو آهي جو خوشيء ۾ نه پئي ماپين، ٻاهر اچي ڏسي ٿي ۽ ٻنهي کي بي دلي سان ملي ٿي ۽ رسمي طريقي سان پڇي ٿي،
”ايترا ڏينهن وڃي لاٿئي....“
ٻئي اندر اچن ٿا، گلبانو کين ڏسي اٿي اندر پنهنجي ڪمري ۾ هلي وڃي ٿي، رحمان سڀني جي رويي کي محسوس ڪري ٿو پر هو ان صورتحال لاءِ اڳ ۾ ئي تيار هو، ان ڪري خاموش ٿي وڃي ٿو، ماءُ جي بي رخي ۽ ڪاوڙ سندس اندر ۾ وڍ وجھي رهي آهي، مريم کي لائونج ۾ ويهاري پاڻ ماءُ جي ڪمري ۾ وڃي ٿو، ماڻس سندس قدمن جي آهٽ ٻڌي چادر منهن تي وجھي پاسو ورائي ٻئي پاسي منهن ڪري ڇڏي ٿي. رحمان جنهن تان شاديءَ کانپوءِ شادي جو ڀوت لهي ويو هو، ماءُ جي رويي کي ڏسي، سندس پيرن ۾ ويهي مٿو سندس پيرن تي رکي ڇڏي ٿو،کيس پنهنجو ننڍپڻ ياد اچي ٿو،
”ننڍي هوندي مان ڪا شرارت ڪندو هوس ته امان مونکي ماريندي هئي ۽ پوءِ ساڳي طرح چادر وجھي کٽ تي سمهي رهندي هئي ۽ ٿوري دير روئڻ کان پوءِ وڃي امان جي پيرن تي مٿو رکي کيس پرچائيندو هوس، امان مونکي مارڻ کانپوءِ پاڻ به ڳوڙها ڳاڙيندي رهندي هئي.“
اهو سڀ ياد ڪري سندس اکين ۾ لڙڪ لڙي اچن ٿا ۽ گلبانوءَ جي پيرن کي پسائي ڇڏين ٿا ٻئي پاسي هوءَ چپ چاپ نير وهائي رهي آهي. آخر رحمان ماءُ جي قدمن کي جھلي چوي ٿو،
”امان معاف ڪر نه.......... مون توکي روئاريو آ، بس هي آخري غلطي ٿي وئي، ڏس امان تنهنجو رحمان ڪن پڪڙِي توبهه ٿو ڪري آئينده ڪڏهن به نافرماني نه ڪندو، مان توکي ڪڏهن به ڪو ڏک نه ڏيندس، صرف هي دفعو مونکي معاف ڪر.“
گلبانو ڪوبه جواب نه ٿي ڏئي...... شمسه اندر اچي ٿي ۽ رکائيءَ سان چويس ٿي،
”رحمان امان جي طبيعت ٺيڪ نه آهي ان کي في الحال ڇڏي ڏي، آهسته آهسته سهي ٿي ويندي. تون ڪنوار کي پنهنجي ڪمري ۾ وٺي وڃ سفر ڪري آئي آ، ٿڪجي پئي هوندي.“
رحمان ڳوڙها اگھندي ٻاهر نڪري وڃي ٿو ۽ مريم کي پنهنجي ڪمري ۾ وٺي وڃي ٿو.
”تون وهنجي وٺ ٿڪجي پئي هوندينءَ هي باٿ روم اٿئي.“
مريم ٽوال کڻي باٿ روم ۾ وڃي ٿي ته هو بيڊ تي ليٽي خلائن ۾ ڪجهه تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. مريم ونهجي ٻاهر اچي ٿي سندس وارن مان پاڻي ڳڙي رهيو آهي، رحمان پيار ڀرين نگاهن سان کيس ڏسي ٿو.
”تنهنجا وار ڏاڍا خوبصورت آهن.“
مريم پنهنجي وارن جي تعريف ٻڌي شرمائجي وڃي ٿي.
”ڀلا ٻڌاءِ توکي ڪراچي ڪيئن لڳو.“
”اڃان ڪٿي ڏٺو اٿم ڪراچي...... ڳوٺان ايندي رڳو رستا ڏٺا اٿم، هي هيڏو وڏو شهر آ، هزارين موٽرون رستن تي هلن ٿيون، ايڏيون وڏيون جايون آهن، ماڻهو ايڏن وڏن گھرن جو ڇا ڪندا هوندا. ڏس ته ڪيڏا نه مٿي گھر آهن. ايترو مٿي ڪيئن چڙهندا هوندا.“
”چري اهو ڪو هڪڙو گھر ٿوروئي آهي، انهن جاين ۾ کوڙ گھر آهن. هر ڪنهن جو جدا جدا جيئن اسان جو هي گھر آهي، بس چئن ڪمرن جو، باقي پوري جاءِ ۾ اهڙا کوڙ سارا گھر آهن.“
”سمجھي ويس، پوءِ ڪڏهن ٿو ڪراچي گھمائڻ وٺي هلين.“
”هي هفتو نوڪري تي ويندس. تمام گھڻي موڪل ٿي وئي آهي، موڪل جي ڏينهن وٺي هلندس توکي گھمائڻ.... “
”هڪڙي ڳالهه چوانءِ.“
”ها، ها، چئو....“
”چاچي گلبانو ۽ ادي شمسه مونسان رُخ ڏئي ڳالهائن ئي نه پيون...... تون هڪڙو پُٽ آهين گھر جو، تنهنجي شاديءَ جي ذرو به خوشي ڪونه اٿن. بس هڪڙي نجمه آهي جيڪا گھڻو خيال پئي ڪري.“
”امان ٿورو ڪاوڙيل آ مونسان. ڇوته مون اڪيلي وڃي شادي ڪئي.... آپا امان جي ڪري پريشان آ، پر تون ڳڻتي نه ڪر سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.“
مريم پنهنجي روائتي ضدي طبيعت ڪري ان کي ڪا اهميت نه ٿي ڏئي،
”ٺيڪ آ، منهنجو ڇا، عزت ڏينديون، عزت وٺنديون. مونکي ڪهڙو لاچار پيو آهي انهن سان ڳالهائڻ جو.“
”نه، نه ائين ناهي چئبو، وڏيون آهن، سندن ڪاوڙ جائز آهي، جي تون نه وڃي پنهنجي مرضيءَ سان شادي ڪرين ها ته چاچي شهربانو به ائين ئي توسان ڪاوڙجي پوي ها.“
”سوته آهي.....“
”ته پوءِ تون صبر ڪر، وقت سان گڏوگڏ سندن ڪاوڙ به ڍري ٿي ويندي..... هاڻي مان ٿوري دير آرام ٿو ڪريان پوءِ هلي ٿا ماني کائون.“
صبح جي وقت گلبانو ٻاهر لائونج ۾ موڙهي سوڙهي ويٺي آهي ته شمسه اچي ڀرسان ويهيس ٿي.
”امان...! هاڻي جيڪو ٿيو سو ته ٿي ويو، سمجھان ٿي ته توهان کي وڏو صدمو رسيو آهي، پر هاڻي ڇا ٿيندو، ڏڌو کير ٿڻي ته ڪونه پئجي سگھندو نه. رحمان شادي ڪري ڪنوار گھر ۾ وٺي آيو آ، انکي هاڻي واپس ته نه ٿو ڪري سگھي نه، ان ۾ مريم جو ته قصور ناهي نه ۽ جي اسان ائين ڪاوڙ ڪندا رهنداسين ته رحمان اسان کان دور ٿي ويندو.“
گلبانو روئندي چوي ٿي:
”اهوئي ته مقصد هو شهربانوءَ جو. پهرين زمينون ملڪيت کسي ورتن، باقي هڪڙو ٻچڙو هيم پڇاڙيءَ جو سهارو، اهو به مونکان دور ڪري ڇڏيائين.“
”امان ڪيڏانهن ويو آ رحمان، اهو ته اسان وٽ واپس موٽي آيو آ ڪنوار سميت.“
”تون نه ٿي سمجھين شهر بانوءَ جي چالبازين کي، جهڙي پاڻ اوهڙي ئي پرورش ڌيءَ جي به ڪئي هوندائين. هنن مان چڱائيءَ جي اميد نه رکجانءِ، جهڙا ڪانو تهڙا ٻچا. جهڙا سک ماڻس مونکي ڏنا هئا اوهڙائي ڌيڻس ڏيندي.“ شمسه ماءُ کي ٿورو ٿڌو ٿيندو ڏسي اطمينان جو ساهه کڻي ٿي. کلندي ماءُ کي چوي ٿي.
”امان توهان به هروڀرو بنا پرکڻ جي ويچاري نياڻيءَ جي پويان پئجي ويا آهيو، بس هاڻي رحمان کي معاف ڪريو. ڏسو نه جڏهن کان آيو آهي ڪيڏو نه پريشان ۽ پشيمان آهي. اسان به ته سندس پسند سان ئي سندس شادي سنڌيا سان ڪيون پيا نه، اها به سندس پسند هئي مريم به سندس پسند آهي ته پوءِ اسان هروڀرو ڇو پيا مٿس ناراض ٿيون.“
”شابس ٿئي امان...... پرائي ڄائي کي آسرا ڏئي وچ سير ۾ ڇڏي ڏيڻ ڪهڙي مردانگي آهي، مڙساڻو واعدو ته هڪڙو هوندوآهي، مونکي ته رکي رکي سنڌيا جو خيال ٿو اچي. جي الله نه ڪري اسان جي نجمه سان ڪو ائين دوکو ڪري ته پوءِ.... مائي اسان به پنهنجي ڄاين وارا آهيون.......“
”امان بجا ٿا چئو....... پر هاڻي ڇا ٿو ڪري سگھجي...... لکئي جا ليک آهن، شادي ٿي وئي آ، ان کي مِٽائي نه ٿو سگھجي. بس هاڻي معاف ڪريوس.“
انهي وقت رحمان ۽ مريم ٻاهر اچن ٿا، رحمان اچي ماءُ جي قدمن ۾ ويهي ٿو ۽ مريم کي چوي ٿو......
”هيڏانهن اچ مريم.... امان کي اچي پيرين پئي مل.“
مريم منهن خراب ڪندي اچي چاچيءَ کي ملي ٿي، گلبانو نه چاهيندي به ٻنهي کي مٿي تي هٿ رکي ٿي....
•
ڪجهه ڏينهن ۾ رحمان جي گھر جي فضا ڪافي صاف ٿي وڃي ٿي هر ڪو معمول جي مطابق پنهنجا ڪم ڪاريون ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي ٿو، موڪل واري ڏينهن ماءُ کان اجازت وٺي رحمان مريم کي ڪراچي گھمائڻ لاءِ وٺي وڃي ٿو، مريم هر جاءِ ڏسي ڏاڍو خوش ۽ حيران ٿئي ٿي، ڪلفٽن تي گھمندي مريم ڇوليون هڻندڙ سمنڊ کي ڏسي خوفزده ٿي وڃي ٿي، رحمان کيس ٻڌائي ٿو ته هي سمنڊ آهي....
”ايترو پاڻي....! ڪو ڪنارو ڏسڻ ۾ ئي ڪون ٿو اچي.“
رحمان کيس لاهي هيٺ وٺي وڃي ٿو پهرين ته هوءَ انڪار ڪري ٿي ليڪن پوءِ دل جھلي لهي وڃي ٿي اچانڪ پاڻي جي هڪ وڏي ڇولي اچي سندس پيرن ۾ پوي ٿي ته ڇرڪ ڀري رحمان کي چنبڙي وڃي ٿي.....
”هل بس مونکي سمونڊ ناهي ڏسڻو.....“
”ڏس، ڪيترا ماڻهو انجواءِ پيا ڪن.....“
”نه بس مان هتي ڪونه بيهنديس. هل ٻئي پاسي ٿا هلون نه......“
رحمان سندس دل رکندي اچي گاڏيءَ ۾ ويهي ٿو ۽ هڪ ريسٽورينٽ ۾ کيس ماني کارائي گھر وٺي اچي ٿو.
ائين وقت گذرندو وڃي ٿو ۽ مريم جون ورهين کان پيل عادتون ظاهر ٿيڻ شروع ٿين ٿيون. شهربانو جون ڪيل نصيحتون ۽ سمجھاڻيون وسرنديون وڃنس ٿيون، هاڻي ساڳيا لاٽون ساڳيا چُگهه، صبح جو دير سان اٿڻ، هر ڳالهه ۾ ضد، گھر جي ڪم ڪار ۾ هٿ ناهي وجھڻو، مڙس جي ڪمن ڪارين جو خيال ناهي رکڻو، ڇوته سندس ماءُ ڀيڻ گھر ۾ موجود آهن ته پوءِ کيس ڪهڙي پئي آهي جو پاڻ کي ٿڪائي....
هڪ ڏينهن صبح جا يارهن ٿي ويا آهن ته گلبانو رحمان جي ڪمري ۾ وڃي ٿي ۽ ٻاهران ئي جھاتي پائي موٽي اچي ٿي، سندس منهن تي ناگواري جا تاثرات اچي وڃن ٿا، شمسه سمجھي وڃي ٿي ته امان ڇو ڪاوڙي پئي اچي........
”امان ڇا ٿيو وري، ڇا لاءِ موڊ خراب ڪيو اٿو.“
”ڏسو ته سهي هيڏو سج چڙهي آيو آ، اڃان لاٽ صاحبه آرام پئي ڪري..... رحمان آ ته بنا ناشتي جي آفيس هليو ويو.“
”امان توهان به ننڍين ننڍين ڳالهين تي چڙي ٿا پئو......... مريم ڳوٺ ۾ پلجي وڏي ٿي آ. مائٽن جي دادلي ڌيءءُ آ، آهستي آهستي سمجھي ويندي.......“
”آهستي آهستي..... هيترا ڏينهن ٿي ويا اٿس..... اسان کي ته کڻي هڻو کڏ ۾، مڙس جو ته خيال ڪري، اجھو ٿا ٻن مان ٽي ٿين، ڪيستائين ڪندئو تون ۽ نجمه سندن خيال.“
”امان هاڻي کڻي بس به ڪيو مان اٿاري ٿي اچانس، ٺهي ويندي وقت سان گڏ.“
اهو چئي شمسه ڪمري ڏي وڃي ٿي ته مريم ٽوال هٿ ۾ کنيو منهن اگھندي لائونج ۾ اچي ٿي، ۽ ڪاوڙ ۾ چوي ٿي:
”صبح مردان سان ڇا تي گوڙ پيو ٿئي، ننڊ ئي حرام ٿي ٿي وڃي، ڳوٺ ۾ منهنجي ڪمري ۾ ڪنهن کي اچڻ جي همٿ ئي نه ٿيندي هئي. هتي آ جو صبح ٿي ناهي، ڪِر ڪِر شروع......“
”ٻڌو مائي ٻڌو.... بجاءِ پنهنجي غلطي محسوس ڪرڻ جي الٽو اسان تي ڪاوڙي آئي آ.“
”ڇو؟ مون ڇا ڪيو آهي...“ ..... رحمان کي نيرن ڇا ٿيون ٺاهي ڏين سهائي سهائي کڻي ڪُئي جي ٻر ۾ وڌو اٿن..... شاديءَ کان اڳي به ته رحمان کي توهان کي نيرن ڪرائي اماڻينديون هيئوَ نه، ته پوءِ هينئر ڪهڙي مصيبت اچي پئي اٿو.“
شمسه ڳالهه ٽارڻ جي ڪوشش ڪندي کيس چوي ٿي،
”ڏس مريم اسان کي ڪابه مصيبت ڪانهي، پر هر مرد چاهيندو آ ته شاديءَ کانپوءِ سندس گھرواري سندس خيال ڪري. اڄ به انڪري بغير ناشتو ڪئي ويو ته امان کي به ٿوري ڪاوڙ لڳي، بس ايتري ڳالهه آهي، تون پريشان نه ٿي، نجمه تنهنجي لاءِ گرم گرم چانهه ٺاهي کڻي آئي آهي، وڃي ناشتو ڪر.“
مريم خراب موڊ سان وڃي ڊائننگ ميز تي ناشتو ڪري ٿي.
گلبانو ڀڻڪندي،
”ڏسو ته سهي وري به اسان تي آڪڙي آئي آ.“
”بس امان...! ڇڏيو ان ڳالهه کي.... گڏجي سڏجي رهڻو آ ته ڪس ڪسر ته کائڻي پوندي نه ڪنهن نه ڪنهن کي.... چڱو مان ڪچن ۾ نجمه کي مجھند جي ماني ۾ ڪجهه سمجھائي پوءِ وڃي ٿي ڪپڙا استري ڪيان، توهان هلي آرام ڪيو...“
گلبانو پنهنجي منهن چوندي ڪمري ڏانهن وڃي ٿي،
”الائي ڪهڙي زال رحمان کي ڪرمن ۾ لڳي وئي، ڌياڻو لڇڻ ته اصل ماڻس ڪونه سيکاريو اٿس.....“
•
وقت پنهنجي رفتار سان گذرندو وڃي ٿو، سنڌيا به سڀ ڪجهه وساري پنهنجي زندگيءَ ۾ اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هر روز يونيورسٽي ڪلاسز اٽينڊ ڪري سڀن آڏو پنهنجي قابليت جا جوهر ڏيکاري رهي آهي، ته هڪ ڏينهن وري هڪ طوفان سندس پرسڪون زندگي ۾ ٿرٿلو مچائڻ لاءِ پنهنجي طاقت سان هن ڏانهن وڌي ٿو.
رحمان ڪار ۾ يونيورسٽي جي ٻاهران انتظار ڪري رهيو آهي. بار بار، گيٽ جي طرف ڏسي ٿو ته ڪڏهن گھڙي ۾ ڏسي ٿو. ايتري ۾ سنڌيا تيز تيز وکون ڀريندي پوائنٽ بس ڏي وڃڻ جي ڪري ٿي ته هو گاڏيءَ مان لهي هن طرف وڌي ٿو ۽ اچانڪ سندس سامهون اچي بيهي رهي ٿو. سنڌيا کيس ڏسي پهرين ته حيران ٿئي ٿي ۽ پوءِ نفرت سان منهن ٻئي طرف ڪري اڳتي وڌڻ لڳي ٿي. رحمان ساڻس گڏ هلڻ لڳي ٿو، سنڌيا پيڇو ڇڏائڻ لاءِ وڌيڪ تيزي سان هلڻ لڳي ٿي ته سندس ڪلاس فيلو ڪاشف اهو لڪاءُ ڏسي اڳتي اچي ٿو ۽ رحمان کان پڇي ٿو.
”اي مسٽر......! توهان ڪير آهيو، ۽ هتي ڇا پيا ڪيو........؟
سنڌيا سڄي صورت حال سمجھي وڃي ٿي ته هتي ڳالهه کي نه سنڀاليو نه ويو ته ڳالهه وڌي به سگھي ٿي..... ان ڪري ڪاشف ڏي وڌي چوي ٿي.
”سوري ڪاشف....! هي رحمان آ، منهنجو پري جو عزيز آ..... مونکي ڏٺائين ته وڌي آيو.“
”اوڪي..... سنڌيا..... آءِ ايم سوري.“
ڪاشف هليو وڃي ٿو... سنڌيا اڳتي وڌي وڃي ٿي ته رحمان وري ڍيٽ بنجي سندس آڏو اچي بيهي ٿو.
”سنڌيا پليز منهنجي ڳالهه ٻڌ...، ڪيترن ڏينهن کان توسان ملڻ جي ڪوشش پيو ڪيان، ڪيترا دفعه فون ڪيم پر هر دفعه چاچا يا احمد فون کنئي، ان ڪري بند ڪري ڇڏيم.“
”ڏسو منهنجو رستو ڇڏيو، منهنجي بس نڪري ويندي. مونکي توهان سان ڪجهه ناهي ڳالهائڻو....... هٽو پري........“
سنڌيا وڃڻ لڳي ٿي ته رحمان پويان ويندي..........
”سنڌيا پليز......! مونسان هڪ دفعو اسڪول واري پارڪ ۾ مل مونکي توسان تمام ضروري ڳالهائڻو آهي، مان جمعي تي اتي تنهنجو انتظار ڪندس، صبح جو يارهين بجي. سنڌيا ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري سامهون ايندڙ پوائنٽ بس ۾ وڃي ويهي ٿي. رحمان به گاڏيءَ ۾ ويهي حسرت سان ويندڙ بس کي ڏسندو رهجي وڃي ٿو.
•
ڪجهه ڏينهن کانپوءِ شهربانو، مريم سان ملڻ ڪراچي اچي ٿي، گلبانوءَ جو رويو ساڻس رُکو رُکو آ، پر شمسه ۽ نجمه مهمانداري جون سموريون تقاضائون پوريون ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون. شهربانوءَ دنيا ڏٺي آهي، سڀ سمجھي وڃي ٿي، ڌيءَ جي هلت چلت کي به ڏسي ٿي ۽ سوچي ٿي،
”جيئن آئي آهيان ادي گلبانوءَ جو رويو اوپرو اوپرو پيو لڳي، مونسان منهن ڏئي نه پئي ڳالهائي، مون سمجھيو هو ته مريم هينئر تائين گھر ۾ ٺهي وئي هوندي پر هن جا ته ساڳيا پير آهن، منهنجي هيڏو سمجھائڻ جو به اثر نه ورتائين، تڏهن ته گھر وارن جو ورتاءُ سهي نه پيو لڳي.
اٿي سندس بيڊ جي ڀرسان اچي کيس اٿاري ٿي،
”مريم......... امان هاڻي ته اٿ به کڻي، ڏس ته ڪيڏو سج چڙهي آيو آهي، گھر ۾ منجھند جي ماني جو سايو پيو ٿئي. تون آهين جو اڃان سمهي پئي آهين.“
مريم ڪمبل هٽائي ڪاوڙ مان ماءُ کي ڏسي ٿي.
”ساهرا گھٽ هئا جو هاڻي تون به آئي آهين ساهراڻو رول ادا ڪرڻ.“
”مائي رول ٻول جي ته مونکي خبر ناهي، پر هاڻي اُٿ به کڻي.....“
ڪاوڙ مان اٿي باٿ روم وڃي ٿي ته ماڻس بسترو ٺيڪ ڪريس ٿي، منهن ڌوئي اچي ٿي ته شهربانو کيس سڏي ڀرسان ويهاري ٿي،
”ڏس مريم مڃان ٿي ته شاديءَ کان پهرين تون پنهنجي گھر جي لاڏلي هئينءَ ٻه ٽي نوڪرياڻيون اڳيان پويان ڦرنديون هيئي، ڪير به توکي چوڻ آکڻ وارو ڪونه هئو، سڀ تنهنجو خيال ڪندا هئا. پر ڌيءَ شادي کانپوءِ هر ڇوڪريءَ کي پنهنجي ساهرن جي ڀيت تي هلڻو پوندو آهي، ساهرا هوندا ٿئي ٻاٻراڻا ڪنڊا، هتي گھُر ته گھُرانءِ وارو حساب هوندو آهي، ويتر جو تنهنجي شادي هنن جي مرضيءَ جي برخلاف ٿي آهي.............“
مريم اهو ٻڌي منهن خراب ڪري چويس ٿي،
”توکي وڏو شونق هو نه ته رحمان سان شادي ٿيندي سکي رهنديس، شهر جون سڀ آسائشون ماڻينديس، پر هتي ته پنهنجي مرضيءَ جي ننڊ به نصيب نه ٿي ٿئي.“
”ڏس مريم شاديءَ کانپوءِ پنهنجي مڙس جو، سندس ضرورتن جو خيال زال کي ڪرڻو پوندو آهي، مرد جي دل کي مُٺ ۾ ڪرڻ جو اهوئي طريقو آهي ته ان جو وڌ ۾ وڌ خيا رکيو وڃي....“
”ڪهڙو خيال رکانس، سڄو ڏينهن سائين ميان ته چوندي ناهي گذارڻو نه،“
”مان اهو نه ٿي چوانءِ، صبح جو اٿي نيرن تي ساڻس گڏجي ويهندي ڪر، ڀلي ڇوڪريون ئي ٺاهي اچن. ڪپڙا کڻي ڏنا، ننڍين ننڍين ڳالهين جو خيال ڪرڻ، اهي ئي طريقا آهن مڙد جي دل وٺڻ جا. مونکي ته اهو به ٻڌڻ ۾ آيو آ ته هتي شهر ۾ رحمان ڪنهن ٻي ڇوڪريءَ جي چڪر ۾ هو. ۽ گھر وارا به ان رشتي ۾ خوش هئا.“
”پوءِ ڪري هان نه اتي شادي، مونکي هروڀرو ڇو ٿي ڦاسايائين.“
”مائي تنهنجي فائدي جي ڳالهه ٿي ڪيم، مڙد کي مائٽن کان پري ڪرڻ لاءِ سندس دل کي مُٺ ۾ ڪرڻ ضروري آهي نه ته جيئن تنهنجي مرضي...... هاڻي اٿي هلي نيرن پاڻي ڪر، ڇوڪري ٻه دفعا اچي ڏسي وئي آهي.“
ٻئي طرف سنڌيا پنهنجي ڪمري ۾ اداس ويٺي آهي، رحمان جو تصور، ساڻس گھاريل هر پل سينيما جي منظرن وانگي سندس آڏو اچي رهيا آهن، رحمان جون منٿون ڪرڻ، پنهنجو نفرت سان منهن ڦيري ڇڏڻ هر ڳالهه کيس ياد اچي ٿي.
”رحمان کي ايترن ڏينهن کان پوءِ ڪيئن منهنجي يادگيري اچي وئي جو يونيورسٽي تائين پهچي ويو ۽ پارڪ ۾ ملڻ تي زور ڀريائين...... پر مان ڇا لاءِ ملنديس ان دوکي باز انسان سان..... ملان به ته ڪهڙي ناتي سان..... ڇا بچيو آ هاڻي اسان جي وچ ۾، ..... هو هڪ شادي شده شخص آهي...... نه ڪڏهن به نه..... مونکي هن سان ڪڏهن به نه ملڻ کپي، پر .... هو...... هاڻي ڇا ٿو چوڻ چاهي..... ڪهڙا حيلا بهانا ڪندو.... ته هن ڇو شادي ڪئي...... پنهنجي محبت سان گڏ مائٽن سان به دوکو ڪري چُپ چاپ شادي رچائي اچي گھر پهتو، هن کي ذرو به منهنجو احساس نه ٿيو ته مان جيڪا هن جي بغير جيئڻ جو سوچي به نه سگھندي هئس. ڇا گذرندي منهنجي دل تي...... کنوڻ بنجي ڪري هئي اها خبر منهنجي وجود تي ۽ منهنجي زندگي کي جلائي رک ڪري ڇڏيائين ۽ هاڻي وري منهنجي زندگي سان کيڏڻ جي پيو ڪري.... ڪهڙو حق آ کيس بار بار منهجي جذبن سان کيڏڻ جو......“
لڙڪ لڙي سندس چهري کي آلو ڪري رهيا آهن..... هوءَ پاڻ سان وعدو ٿي ڪري ته ساڻس ڪڏهن به نه ملندي...... ڪڏهن به نه......
احمد ڪمري ۾ اچي ٿو ته جلدي ۾ ڳوڙها اُگھي ٿي.
”ڇا ٿيو آ توکي جو ائين اٻاڻڪي لڳي ويٺي آهين....، اچ ٻاهر ته ڪيرم ٿا کيڏون.“
هوءَ اٿي ڀاءُ سان ٻاهر نڪري اچي ٿي.
ڪجهه ڏينهن گذرڻ کان پوءِ احمد کي جاب ملي وڃي ٿي ته رابعه پيءُ کي چوي ٿي ته احمد کي سٺي نوڪري ملي وئي آ، ڪاسٺي ڇوڪري ڏسي سندس شادي ڪرائڻ کپي، سنڌيا ويچاري پڙهائي به ڪري ۽ گھرداري به نڀائي.
شوڪت علي اهو ٻڌي خوش ٿي وڃي ٿو ۽ کين چوي ٿو ته ڀاءُ جي مرضي معلوم ڪري سندس لاءِ ڪا ڇوڪري ڳولهين.
ان وقت احمد به گھر اچي ٿو ۽ کانئس سندس پسند پڇڻ تي هو سموري ذميداري ڀينرن کي ڏئي ٿو ته جيڪا ڇوڪري هو سندس لاءِ پسند ڪنديون هو اتي شادي ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
ڳالهين دوران سنڌيا به چانهه کڻي اچي ٿي،
”گرم گرم پڪوڙا ۽ چانهه حاضر آهن پر ڀينرون ڇا پيون پسند ڪن.“
رابعه کيس ٻڌائي ٿي ته احمد لاءِ ڪنوار پسند ڪرڻي آهي. سنڌيا اهو ٻڌي ذهن تي زور ڏيندي چوي ٿي،
”هڪ ڇوڪري آهي منهنجي نظر ۾ جيڪڏهن توهان کي پسند اچي ته،“
”ڪهڙي ڇوڪري تو ڀاءُ لاءِ پسند ڪري رکي آهي.“
”آپي توهان جي اسڪول ۾ سنيتا سان گڏ جيڪا نئين ٽيچر ڪومل آئي آ نه،
”ها، ها...
”اها اسان سان گڏ ڪاليج ۾ پڙهندي هئي..... سچ... احمد ڀائو ڏاڍي پياري ڇوڪري آهي.“
”ته پوءِ ٺيڪ آهي نه احمد.......“
”زهي نصيب جيئن حڪم حضورائن جو......“
شوڪت علي به سندن ان ڳالهه سان متفق ٿئي ٿو ۽ کين هدايت ڪري ٿو ته هو خاله زهره سان صلاح مصلحت ڪري ان ڳالهه کي اڳتي وڌائڻ جي ڪن جيئن جلد کان جلد احمد لاءِ ڪنوار وٺي اچجي.
”چڱو هاڻي ان خوشيءَ ۾ گرم گرم پڪوڙا کائو.“
رابعه کلندي چوي ٿي،
”واه...! سنڌيا بيگم جي ته خوشيءَ جي موقعي تي به مٺائي بدران چهراڻ ...“
”بابا نئون دور آ.... مٺاين وارا زمانا ويا....“ احمد پڪوڙن جي پليٽ آڏو ڪندي چوي ٿو.
•
رحمان ڪمري ۾ ميز اڳيان ويهي آفيس جو ڪو ڪم ڪري رهيو آهي ته مريم سندس ڀرسان اچي ويهي ٿي. سندس موڊ سخت خراب آهي، رحمان کان پين کسيندي آڏو رکيل فائيل کي پري ڪري چوي ٿي.
”ڪيتري دير کان چوان پئي ته مونکي توسان ضروري ڳالهائڻو آهي، پر تون مُئن انهن فائيلن مان منهن ئي نه ٿو ڪڍين، مان ڄڻ هروڀرو پئي بڪان........“
”مريم ڏسين نه ٿي ته ڪم پيو ڪيان، هي فائيل مڪمل ڪري صبح جو وڏي صاحب کي ڏيڻو آهي .......“
”آفيس جو ڪم آفيس ۾ ئي ڪري ايندو ڪر نه،.... مان هتي سڄو ڏينهن تنهنجي ماءُ ڀيڻ جون ٽوڪون، طعنه ۽ ٻلتار ٻڌڻ لاءِ ناهيان پرڻجي آئي........ سڄو ڏينهن انهن جون اجايون سجايون نصيحتون فضيحتون ٻڌان، شام جو تون اچين ته دفتر پاڻ سان کنيو اچين، مان ڄڻ هتي نڌڻڪي آئي آهيان جو سڀني جا منهن ويٺي تڪيان.“
رحمان فائيل پري هٽائيندي خار مان چوڻ لڳو.
”پر ٿيو ڇا هي...... ڇا لاءِ پئي ايترو ڳالهائين....... چئو ڪهڙي ڳالهه ڪرڻي اٿئي.......“
”مان هاڻي تنهنجي مائٽياڻين سان هڪ گھڙي به گذارڻ لاءِ تيار ناهيان. مونکي بس جدا گھر کپي ........“
”ڏس مريم في لحال اهو ممڪن ڪونهي، گھر ۾ ٻيو ڪو مرد ته آهي ڪونه، مان امان وارن کي اڪيلو ڪيئن ٿو ڇڏي سگھان......“
”ڇو ڇا ٿيو آ...... تون پندرهن ويهه ڏينهن ڳوٺ هئين، ان کان پهرين ٻاهرين ملڪ ويل هئين تڏهن به ته رهيون پيون هيون نه تنهنجي ماءُ ڀيڻ.......“
”اها ٻي ڳالهه هئي...... واپسي جي آسري ۾ ماڻهو انتظار ڪري وٺندو آهي، پر مان شادي ڪري هميشه لاءِ کانئن جدا ٿي وڃان، اهو ڪونه ٿيندو...... هونئن به ايترو پئسو ناهي جو جدا گھر وٺي سگھجي......“
”پئسن جا بهانا نه ڪر.... مسواڙ تي به گھر وٺي سگھجي ٿو.“
”في الحال ان ڳالهه کي ڇڏ، مان توکي اڪيلو رهائي نه ٿو سگھان،
آفيس جي ڪمن سانگي ڪڏهن ڪاٿي ته ڪڏهن ڪاٿي...... ڪجهه وقت ڏکيو سکيو گذارو ڪر...... (ڳالهه کي مٽائيندي) چاچي ڏسڻ ۾ ڪونه ٿي اچي، ڳوٺ وئي ڇا......؟“
مريم ڏکاري شڪل ٺاهيندي.....
”ها وئي صبح ساڻ.....“
رحمان سندس دل رکڻ لاءِ چوڻ لڳو.
”پر ايترو جلدي ڇو وئي..... رهي ها ٻٽي ڏينهن.“
”مامي مراد جي فون آئي هئي ته ٺيڪ ناهي، ان ڪري پاڙي واري ڇوڪري کي آپا چيو، اهو وڃي بس ۾ ويهاري آيس.“
”چڱو هاڻي موڊ ٺيڪ ڪر...... مٿي ۾ ڏاڍو سور ٿي پيو آهي، چانهه جو ڪوپ ٺاهي اچ........“
”منهنجي به طبيعت ٺيڪ ناهي، ڊاڪٽرياڻيءَ کي ڏيکارڻو آهي.“
”ٺيڪ آ تون چانهه ٺاهه پوءِ تيار ٿي ته هلون ٿا..... رات جي ماني به ٻاهر کائينداسين.“
مريم اهو ٻڌي ٿورو خوش ٿئي ٿي، ٻاهر ويندي کيس چوي ٿي،
”تون به هاڻي ڪم کي ڇڏ، ونهجي تيار ٿي وٺ......“
”ها، ها بس ٿورو ڪم رهجي ويو آ ڪري اٿان ٿو.“
ڪجهه دير کانپوءِ ٻئي ڄڻا تيار ٿي گھر وارن کي ٻڌائي ليڊي ڊاڪٽر وٽ وڃن ٿا، جتي مريم جي چيڪ اپ کان پوءِ ڊاڪٽر اچي ٻڌائي ٿي،
”مبارڪ هجي...“
توهان جي وائيف کي پنجن مهينن جي پريگننسي آهي..... فرسٽ بيبي آهي ان ڪري ٿورو احتياط ڪرڻو پوندو، هر مهيني چيڪ اپ ڪرائيندا رهجو....“
”ڊاڪٽر صاحب...! کاڌي ۾ ڪو احتياط ....“
”هي آئرن ڪيپسول لکي ڏنا آهن، ٻيون طاقت واريون شيون نه.... بس ڊائيٽ جو خاص خيال رکجو.“
انهي وقت مريم به پردي کان ٻاهر اچي ٿي،
”پر آپا اسان جي ڳوٺ جون مايون ته ڊاڪٽرياڻين ڏي ڪونه وينديون آهن، هرڪا مائي ڏهين مهيني داين کان ويم ڪرايو ڇڏي.“
رحمان ڳالهه ڪٽيندي چوي ٿو،
”چڱو هاڻي هل ته هلون، هر مهيني چيڪ اپ لاءِ اچڻو پوندو، وڌيڪ بحث نه ڪر.“
مريم جو موڊ آف ٿي وڃي ٿو پر چپ چاپ اٿي ٿي. گاڏيءَ ۾ ويهي رحمان کيس سمجھائي ٿو، ته هر ماڻهو سان بحث ناهي ڪبو، هاڻي کيس هتي جي اٿڻ ويهڻ جا طور طريقا سمجھڻ گھرجن. ان تي ويتر هن جو موڊ خراب ٿي وڃي ٿو. رحمان کيس ريجھائڻ جي ڪري ٿو، هاڻي ته اسانجي مريم بيگم خير سان ماءُ بنجندي پوءِ اسان کي ڪٿي ٿي لفٽ ڪرائي.“
مريم رحمان جي چالاڪي نه ٿي سمجھي جھٽ چئي ڏئي ٿي،
”تون پيءُ نه بنجندي ڇا.“
”اهو ته مريم بيگم تي ڊپينڊ ٿو ڪري ته پنهنجو ٻار اسان کي کڻڻ ڏئي يا نه مرضي آ سندس.“
”بس، بس سمجھي ويس...... تون مونکي هوٽل تي ماني ڪونه کارائيندي ان ڪري ڳالهيون پيو ٺاهين.“
”ڏاڍو ننڍڙو دماغ اٿئي.... منهنجا سائين..... گھر ماني منع ڪري آيا آهيون.... پوءِ ماني ته هوٽل تي ئي کائڻي پوندي نه.“
شام جي وقت سنيتا ۽ سنڌيا ڪمري ۾ ويٺيون آهن سنيتا گھڻن ڏينهن کانپوءِ آئي آهي ۽ کيس ٻڌائي ٿي ته هن جي طبيعت ٺيڪ نه هئي انڪري ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ وئي هئي ته واپسيءَ تي رحمان اچي سندس ڀرسان گاڏي روڪي. چوي پيو ته سنڌيا سان ملڻو آهي.
سنڌيا ڪاوڙ ۽ نفرت مان چوي ٿي،
”ڪهڙو رشتو آ ساڻس منهنجو جو ائين دڳ جھلي ملڻ لاءِ چوي ٿو.... آئينده ملئي ته کتو جواب ڏئي ڇڏجانئس.“
”هڪ دفعو ملي وٺيس، ڏس ته چوي ڇا ٿو.“
”ڇا به چوي..... هاڻي ڇا ٿيندو... سندس رستا الڳ منهنجا الڳ......“
انهي وقت فون جي گھنٽي وڄي ٿي گھر ۾ ٻيو ڪير به ناهي انڪري سنڌيا مجبورً فون کڻي ٿي، ٻئي طرف رحمان آهي. سنڌيا جو آواز سڃاڻي، سنڌيا پليز فون بند نه ڪجانءِ، منهنجي ڳالهه ٻڌ، مونکي توسان تمام ضروري ملڻو آ، مان صبحاڻي يارهين بجي پارڪ ۾ تنهنجو انتظار ڪندس.....“
سنڌيا فون رکي ڇڏي ٿي،
”هون..... وڏو آيو آ پارڪ ۾ ملڻ وارو.“
”ڪير هو ...؟.... رحمان .....“
”ها .....“
کيس سڄي ڳالهه ٻڌائي ٿي. سنيتا کيس چوي ٿي:
”ملي وٺينس هڪ دفعو..... ڏس ته چوي ڇا ٿو، صاف صاف جواب ڏئي هلي اچجانءِ نه ته هروڀرو روز روز پيو تنگ ڪندو.........“
”مونکي نفرت ٿي وئي آ، ان دوکي باز کان.... پر تون چوين ٿي ته پوءِ سوچيندس.“
سنيتا موڪلائي وڃي ٿي ۽ سنڌيا وري ڳوڙهي سوچ ۾ گم ٿي وڃي ٿي.
•
اسڪول جي ڀرسان وارو پارڪ مجھند جي وقت سنسان لڳو پيو آهي. ڪٿي ڪٿي ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو گھمندي نظر اچي ٿو، ڪي رات جي محنت مذدوري ڪري اچي هتي ڪنهن بينچ تي آرامي ٿيندا آهن، يا ڪي ڪم کان واندا پارڪ اچي وسائيندا آهن. رحمان صبح ڏهين وڳي کان سنڌيا جي انتظار ۾ اچي پارڪ وسايو آهي. انهي آس ۾ ته سنڌيا ضرور ملڻ ايندي، وقت تيزي سان گذري رهيو آهي پر سندس مطلوب جو پري پري تائين ڪو اتو پتو ڪونهي. بار بار وقت ڏسي ٿو.
”هاڻي ته ساڍا يارهن پيا ٿين، پڪ ته هوءَ ڪانه ايندي، مان فضول ۾ پيو انتظار ڪيان، آفيس مان به ڪلاڪ جي ڇٽي ڪري آيس.......... پر هوءَ اچي به ڇو.........؟ ڇا مونکي کيس سڏڻ کپندو هو........ پر ڇونه...... ضروري ته ناهي ته جنهن سان محبت ڪجي ان سان شادي به ڪجي...... شادي ڪرڻ الڳ ڳالهه آ، محبت ڪرڻ ٻي ڳالهه آهي، کيس هڪ دفعو وري محبت جو يقين ڏيارڻو پوندو........ پر هوءَ ته ملڻ لاءِ تيار ئي ناهي...... نه ته اچي وڃي ها.... هاڻي ٻارهن پيا ٿين، هاڻي مونکي هلڻ کپي.
اٿي پارڪ جي گيٽ طرف وڌي ٿو مايوسي هن جي منهن کي مرجھائي ڇڏيو آهي.
ان وقت سندس نگاهه گيٽ تي پوي ٿي. سنڌيا آهسته آهسته قدم کڻندي پارڪ ڏانهن اچي رهي آهي، رحمان جي مايوس چهري تي هڪدم رونق اچي وڃي ٿي. هو تڪڙا قدم کڻندو هن ڏانهن وڌي ٿو، سنڌيا کيس ڏسي ٿي ته ڪاوڙ ۾ منهن ڳاڙهو ٿي وڃيس ٿو، رحمان خوشامندي لهجي ۾ چوي ٿو،
”سنڌيا مونکي پڪ هئي ته تون ضرور ايندينءَ.“
سنڌيا ڪاوڙ مان کيس ڏسي ٿي،
”توهان ڇالاءِ منهنجو پيڇو ڪندا يونيورسٽيءَ تائين پهچي وڃو ٿا، هاڻي ڪهڙو ناتو رهيو آ اسانجي وچ ۾.“
”سنڌيا مان پنهنجي غلطي سڌارڻ چاهيان ٿو، معافي وٺڻ چاهيان ٿو...... ڏس سنڌيا مون مريم سان مجبوريءَ ۾ شادي ڪئي آهي.... محبت ته مون هميشه توسان ڪئي آهي.“
”شاديءَ کانپوءِ محبت به پنهنجي زال سان ڪبي آ، ڪنهن ٻئي سان نه.....
سنڌيا انتهائي رُکي لهجي ۾ کيس چوڻ لڳي.
”هاڻي تون هتان وڃ، مون توکي معاف ڪيو، تون به مونکي معاف ڪر، آئينده مونسان ملڻ يا منهنجو پيڇو ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪجانءِ ......“
”ڏس سنڌيا مان تو آڏو هٿ ٿو جوڙيان (ذري گھٽ روئيندي) مان توکان سواءِ رهي نه ٿو سگھان، تون منهنجي مجبوريءَ کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪر.“
”بس..... گھڻو ٿيو..... ان کان وڌيڪ ڪجهه نه چئجانءِ.... لالچي انسان... زمينون ۽ ملڪيت ڇا ڏٺئي، سڀ ڪجهه وسري ويئي ۽ هاڻي جڏهن سوني جھرڪي پڃري ۾ ڦاسي وئي ته ٻئي پاسي منهن هڻڻ کان به رهي نه ٿو سگھين.“
رحمان کي اها توقع هرگز نه هئي ته هميشه گھٽ ڳالهائيندڙ ڇوڪري ائين سامهون شينهڻ بنجي سندس توهين ڪندي، ڪاوڙ ۾ منهن ٽامڻي هڻي وڃيس ٿو، ڄڻ ڪنهن هن جي مردانگي تي اونهو وار ڪيو هجي،
”بس سنڌيا بس، گهڻو ٿيو....... مون ته پنهنجي غلطي سڌارڻ ٿي چاهي، مون چاهيو پئي ته منٿ ميڙ ڪرڻ سان پرچي پوندينءَ......... ڏس سنڌيا اهو سچ آ ته مان توسان محبت ڪيان ٿو ۽ هميشه گڏ رهڻ چاهيان ٿو، پر الائي توکي اها ڳالهه سمجهه ۾ ڇو ڪونه ٿي اچي.“
سنڌيا نفرت مان هن ڏي نهاري ٿي اکين مان ڄڻ اُلا پيا نڪرنس، ڏڪندڙ لبن سان چوڻ لڳي ٿي،
”سمجهه ۾ اچي ٿي ۽ تنهنجي بري نيت کان به واقف آهيان ته تون مون سان گڏ ڪهڙي حيثيت ۾ رهڻ چاهين ٿو.“
رحمان جيڪو اڳ ۾ ئي ان جواب ملڻ جي توقع ڪري آيو هئو انڪري هو پوري تياري سان آيو هو ته اگر هڪ طريقو ڪامياب نه ٿيو ته ٻئي طريقي سان ڪوشش ڪندو. هن شادي کانپوءِ سنڌيا کي به هر حالت ۾ حاصل ڪرڻ پئي چاهيو. هو ڪنهن به صورت ۾ هن تان دستبردار ٿيڻ لاءِ تيار نه هو. هڪ وڏو بند لفافو ڪڍي.........
”تون شايه ائين نه سمجھندينءَ، اچي هي وٺ، باقي پاڻهي سمجھي ويندينءَ پوءِ فيصلو ڪجانءِ ته ڪنهن به حيثيت سان مونسان گڏجي رهڻ چاهين ٿي يا...“
لفافو سندس هٿ ۾ پڪڙائي تڪڙو تڪڙو گيٽ کان ٻاهر نڪري وڃي ٿو، سنڌيا حيراني سان لفافي کي ۽ ويندڙ رحمان کي ڏسي ٿي... اکين مان بيوسي وچان لڙڪ وهڻ لڳنس ٿا لفافو بيگ ۾ رکي تيز قدمن سان پارڪ مان نڪري وڃي ٿي.
•
اڄ وري مريم ۽ رحمان جي گھر وارن ۾ ڪنهن معمولي ڳالهه تان ڪجهه گرماگرمي ٿي آهي مريم نه صرف شمسه ۽ نجمه سان گھٽ وڌ ڳالهايو پر گل بانوءَ سان به اٽڪي پئي جڏهن هن شمسه ۽ نجمه جي طرف داري ڪندي ڪاوڙ مان کيس چيو،
”بس مائي.... گھڻو ٿيو....“
گل بانو جو ايترو چوڻ هو ته مريم جنهن جي دل ۾ گھڻي وقت کان سندس خلاف ڪاوڙ هئي اصلي برسٽ آئوٽ ٿي وئي،
”تون ته چپ ڪر، هر ڳالهه ۾ ٽپو ڏيڻ جي عادت ٿي وئي اٿئي، حق تي امان توکي ٻارن سميت ڌڪا ڏئي ڳوٺ مان ڪڍرايو هئو.“
رحمان اهو ٻڌندو اندر اچي ٿو، هن جو موڊ اڳ ۾ ئي سنڌيا جا ٻلتار ٻڌي خراب هو گھر ۾ جھيڙو ڏسي ڄڻ ته ڦاٽي پوي ٿو.
”ڇا جو ٻڙڌول کڻي وڌو اٿو گھر ۾، جڏهن ڏسو جنگ جو ميدان لڳو پيو آ، هرڪو گوءَ کڻڻ جي ڪوشش ۾ آهي، ۽ مريم اهو تون ڇا پئي امان کي چوين توکي ننڍي وڏي سان ڳالهائڻ جي ڪا تميز آهي يا نه.... امان توهان به ڪجهه ڌيرج ڌاريو ....“
رحمان جي اچڻ تي سڀ خاموش ٿي وڃن ٿيون، مريم مڙس جا دڙڪا ملڻ تي روئيندي اندر ويندي چوي ٿي،
”هتي ڪنهن کي به منهنجي پرواهه ڪونهي سڀ مونکي ٿا چون..... هاڻي مونکي هڪ گھڙِي به هن گھر ۾ ناهي رهڻو........“
رحمان جيڪو مريم کي اصل ڪاوڙائڻ نه ٿو چاهي ڀيڻ کي شڪايتي انداز ۾ چوڻ لڳو.
”آپا توهان ته وڏا آهيو، مريم منهنجي زال آهي، منهنجي عزت آهي، مان هر وقت پنهنجي زال جي بيعزتي ٿيندي برداشت نه ٿو ڪري سگھان، آئينده خيال ڪندا ڪيو.“
شمسه ننڍي ڀاءُ کي اهڙي لهجي ۾ ڳالهائيندي ٻڌي ڏکاري ٿي وڃي ٿي. هن ته هميشه گھر جو ماحول ٺاهي رکڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي آ.... پوءِ به رحمان کي شڪايت آهي.
رحمان تڪڙو تڪڙو ڪاوڙيل زال جي پويان اندر وڃي ٿو،
”مريم او مريم منهنجي ڳالهه ته ٻڌ، منهنجو هرگز اهو مطلب نه هو.....“
مريم ڪاوڙ ۾ ٺڪ سان در بند ڪري ٿي، ته رحمان پويان در کولي اندر وڃي در بند ڪري ڇڏي ٿو. گلبانو کي پُٽ جو ائين زال جو پاسو کڻندي ڏسي ڏاڍو ڏک رسي ٿو،
”ڏٺئي نه.... ڪهڙو مٺ ۾ ڪيو اٿس، ويتر اسان کي ست سُريون ٻڌائيندو ويو.“
نجمه ۽ شمسه چپ چاپ اٿي ڪمري ۾ هليون وڃن ٿيون ته گلبانو اتي ئي صندل تي رئو مٿان وجھي ليٽي پوي ٿي.
سنڌيا سهڪندي سهڪندي ڏاڪڻيون چڙهي گھر اچي ٿي ۽ سڌو پنهنجي ڪمري ۾ هلي وڃي ٿي سندس حالت تمام گھڻي خراب آهي، رحمان سان جھڳڙو ڪرڻ کان پوءِ الائي ڪهڙي طرح گھر پهتي هئي. رحمان جو پهرين منٿون ڪرڻ ۽ پوءِ سندس ڳالهه نه مڃڻ تي رخ مٽائي گھٽ وڌ ڳالهائڻ ۽ لفافو پڪڙائي هليو وڃڻ، سنڌيا کي اهو سڀ ياد ڪري ٿڌ ۾ به پگھر نڪري اچن ٿا. جلدي جلدي ڪمري ۾ وڃي هٿ منهن ڌوئي ٿي ته ڪجهه سامت ۾ اچي ٿي، بيڊ تي ويهي ٿي. ڏڪندڙ هٿن سان هينڊ بيگ مان لفافو ڪڍي کولي ٿي ته جھوليءَ ۾ ڪجهه تصويرون ۽ ڪجهه خط سندس جا رحمان کي لکيل اچي ڪرن ٿا. ان سان گڏ رحمان جو خط آهي، کولي پڙهي ٿي ته اکين آڏو اوندهه ڇانئجي وڃيس ٿي، چهري تي پريشاني ۽ ڏک جا مليل جليل تاثرات پيدا ٿين ٿا، هڪ دفعو وري خط پڙهي ٿي، جنهن ۾ هن اهوڪجهه لکيو آهي جنهن جو سنڌيا تصور به نه ڪيو هو.
•
سنڌيا...!
”مان واقعي به تنهنجي بنا رهي نه ٿو سگھان، هي خط به ان ڪري لکان پيو جو تنهنجو رويو فون تي ۽ يونيورسٽي ۾ ملڻ تي مونکي سخت ناپسنديده لڳو هو ۽ جيڪڏهن اڄ جي ملاقات ۾ به تون پنهنجي هوڏ تان نه لٿينءَ جنهن جي مونکي بخوبي توقع آهي، ته پوءِ مون وٽ ٻيو ڪو آپشن ناهي، ڪاش....! تون منهنجي محبت کي سمجھين ها، مان هميشه توکي پنهنجي زندگيءَ ۾ ڏسڻ ٿو چاهيان. مريم سان شادي مون پنهنجي پيءَ جي ڦٻايل ملڪيت واپس وٺڻ لاءِ ڪئي آهي، اها ڳالهه مون توکي سمجھائڻ پئي چاهي، پر تو ان ڏينهن مونکي فون تي لالچي چيو هو، اهو منهنجي مردانگيءَ تي وار آهي، هاڻي مون وٽ اهوئي آپشن وڃي رهي ٿو ته جيڪڏهن تون منهنجي مرضي مطابق نه هلندينءَ ۽ مونسان تعلق جوڙي نه رکندينءَ ته تنهنجا خط ۽ فوٽو پوسٽرن جي شڪل ۾ يونيورسٽي جي هر ديوار جي زينت بنجندا. مان توکي ايترو خوار ڪندس جو ڪنهن کي پنهنجو اهو معصوم مکڙو ڏيکارڻ جي لائق نه رهندينءَ. اهو منهنجو واعدو به آ ته فيصلو به.... مان هر حالت ۾ توکي حاصل ڪندس، ڇا به ٿي پوي.“
هڪ دفعو وري سنڌيا خط پڙهي روئڻ لڳي ٿي، هن کي سنيتا جا چيل لفظ ياد اچن ٿا. ته رحمان مونکي انتهائي چالاڪ ماڻهو ٿو لڳي. هوءَ سوچي ٿي.
”هي مونکان ڪهڙي غلطي ٿي وئي، اڻ ڄاڻائي ۾ مون رحمان جي اصل رنگ کي ڇونه سڃاتو. محبت جي نالي تي ايڏو دوکو، مون هن تي اعتبار ڪيو ۽ هو هر حالت ۾ مونکي حاصل ڪرڻ ٿو چاهي، هو ايترو ڪِري سگھي ٿو جو هاڻي مونکي حاصل ڪرڻ لاءِ بليڪ ميلنگ تي لهي آيو آهي، خدايا.......! مان هن مان ڪيئن جان ڇڏايان، جيڪڏهن هن واقعي منهنجا خط ۽ تصويرون ديوارن تي هڻي مونکي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته نه صرف منهنجو ڪيريئر تباهه ٿي ويندو، پر بابا سائين جنهن اسان کي پٽن وانگر سمجھيو، انهن جي ڪئي ڪمائي چٽ ٿي ويندي سندن عزت خاڪ ۾ ملي ويندي، نه، نه، مان ائين ٿيڻ نه ڏينديس مونکي ڪجهه ڪرڻو پوندو، ڪيتري دير تائين هوءَ بلڪل بُت ۽ بيحس بني ويٺي رهي، سڄي فضا چپ هئي ڪو آواز ٻڌڻ ۾ نه پئي آيو، هڪ ناقابلِ برداشت مجمد سانت آهستي آهستي بي آواز گجي رهي هئي جيڪا اڪثر ڪنهن طوفان جي آمد جو پيغام هوندي آهي ۽ سنڌيا بلڪل لاتعلق بني ويٺي هئي ۽ سوچي رهي هئي ته هاڻي جيڪو طوفان ايندو، هن جي نصيب ۾، ڀلا ڪهڙو فرق ايندو، هاڻي تباهه ٿيڻ لاءِ ڇا بچيو آهي، ناحق ئي شرمسار ٿي موٽي ويندو. هڪ ڀيرو دل چيو ته طوفان جي دل رکڻ لاءِ پنهنجي بچيل سچيل هستي کي ڏئي وانگر هٿن ۾ کڻي هوائن جي آڏو رکي ڇڏي ته اي ... هوا اچ ۽ منهنجي هستيءَ جي هن ٽمڪندڙ ڏئي کي اجھائيندي گُل ڪندي گذري وڃ، ماڻهو شايد خودڪشي به اهڙي طرح ڪنهن جي دل رکڻ لاءِ ڪندا هوندا. اچانڪ کيس خيال آيو ته مان به ڇونه هن سڀ کان فرار حاصل ڪرڻ لاءِ اهڙو ئي قدم کڻان، رحمان کي هر حالت ۾ روڪڻ لاءِ مان ڪابه قيمت ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيان ليڪن گھر وارن جي عزت تي حرف اچڻ نه ڏيندس. اهو سوچي هوءَ پرسڪون ٿي وئي.
صبح جي وقت شوڪت علي ۽ احمد نماز پڙهي اٿن ٿا، شوڪت علي هيڏانهن هوڏانهن نهاري احمد کي چيو ته سنڌيا اڃان ناهي اٿي ڇا، احمد چوڻ لڳو ته سنڌيا ڀلي آرام ڪري هو چانهه ٺاهي ٿو اچي. چانهه پيئندي شوڪت کي وري سنڌيا جو خيال ٿو اچي.
”احمد سنڌيا ايتري دير ته ناهي سمهندي، طبيعت ٺيڪ نه اٿس ڇا....؟ چانهه پي سندس ڪمري ۾ جھاتي ته پائي اچ....“
احمد چانهه جو ڪوپ ميز تي رکندي اهو چئي اٿي ٿو ته هو پهرين کيس ڏسي ٿو اچي. هو سنڌيا جي ڪمري جو در کولي اندر جھاتي پائي ڏسي ٿو ته سنڌيا بيخبر سمهي پئي آهي.
احمد کي سندس سمهڻ جو انداز غير معمولي لڳي ٿو در کولڻ جي باوجود سنڌيا ڪابه چرپر ڪانه ڪئي، اتائين سڏ ڪريس ٿو پر سنڌيا بي سڌ بيڊ تي آڏي ٽيڏي ٿي پئي آهي سندس هٿ ڦريا پيا آهن، پريشان ٿي پيءُ کي سڏي ٿو، شوڪت علي ڊوڙندو اندر اچي ٿو،
”ڇا ڳالهه آهي تون ايڏو پريشان ڇو پيو لڳين؟“
”بابا هي ڏسو سنڌيا ڪيئن سمهي پئي آ.“
شوڪت پريشان تي بيڊ ڏانهن وڌي ٿو،
”سنڌ.... يا ...يا يا!“
سنڌيا ڪوبه جواب نه ٿي ڏئي شوڪت بيڊ جي ڪناري تي ويهي سندس نبض ڏسي ٿو، پريشان ٿي احمد کي چوي ٿو ته جلدي وڃي ٽيڪسي وٺي اچي سنڌيا جي نبض ٻڏندي پئي وڃي، ٻئي ڄڻا ڪنهن نه ڪنهن نموني کيس هيٺ لاهي ٽيڪسي ۾ اسپتال کڻي وڃن ٿا. جتي احمد جو هڪ دوست ايمرجنسي ۾ موجود آهي هو جلدي جلدي سنڌيا جو معائنو ڪري ٻڌائي ٿو ته سندن پيشنٽ وڏي مقدار ۾ ننڊ جون گوريون کاڌيون آهن، شوڪت ۽ احمد حيران پريشان ٿي هڪ آواز چون ٿا،
”ننڊ جون گوريون....! پر ڇو؟ اسان جي گھر ۾ ته ڪير به ننڊ جون گوريون استعمال ناهي ڪندو.“
لڳي ٿو ته ڇوڪري خودڪشي تي ڪوشش ڪئي آهي ۽ اهو پوليس ڪيس آ، سو....“
”نه ڊاڪٽر صاحب، ائين نه ٿو ٿي سگھي پليز.....! توهان سندس علاج شروع ڪيو.“ شوڪت علي منٿ جي انداز ۾ چويس ٿو ۽ احمد به هجت ڪندي ”ڊاڪٽر يار.... جلدي ڪيو وڌيڪ بحث نه ڪيو.“
ڊاڪٽر کيس اندر کڻائي وڃي ٿو ۽ ٿوري دير کان پوءِ اچي ٻڌائي ٿو ته هنن پيشنٽ جو اسٽمڪ واش ڪري ڇڏيو آهي اگر ٿوري دير ڪيو ها ته...
”ٿينڪيو ڊاڪٽر.... توهان اسان جي ڀيڻ جي زندگي بچائي ورتي، ڀلا سنڌيا ڪيڏي مهل هوش ۾ ايندي؟“
”ٻه ٽي ڪلاڪ ته نشي جو اثر رهي سگھي ٿو مون انجيڪشن ڏئي ڇڏي آهي،........ احمد يار هي پوليس ڪيس هو، صرف تنهنجي ڪري مون هن ۾ هٿ وڌو. مهرباني ڪري هن جي تشهير نه ڪجو.“
”مان به صرف توهان جي ڪري ئي هن ڪلينڪ ۾ سنڌيا کي کڻي آيس، ڇو ته مونکي خبر آهي ته اهڙين سرخين جي تلاش ۾ اخبار وارا ڪيترا نه ايڪٽِو هوندا آهن. ڊاڪٽر رفيق يار آءِ ايم ويري ٿينڪ فل ٽو يو. توهان هينئر اسان جي مدد ڪري سچ ته دوستي جو حق ادا ڪري ڇڏيو.“
اهي سڀ ڳالهيون ٻڌي شوڪت علي پريشان ٿي وڃي ٿو، ڊاڪٽر کين ٻڌائي ٿو ته پيشنٽ جي ذهن تي ڪجهه ڏينهن انهن گورين جو اثر رهندو، کيس ڪابه ڳالهه ياد ڏيارڻ جي ڪوشش نه ڪجو نه ته هن جي ذهن تي خراب اثر پئجي سگھي ٿو.
شوڪت علي پريشاني جي حالت ۾ سوچي ٿو ته سنڌيا کي اهڙو ڪهڙو ڏک پهتو جنهن هن کي اهڙو انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، هن ته ڪڏهن محسوس ئي نه ڪرايو ته هوءَ ڪنهن تڪليف، ڪنهن مشڪل کي ڀوڳي رهي آهي.“
ڊاڪٽر جي وڃڻ کان پوءِ احمد پيء ڏي وڌي اچي ٿو ۽ کيس چوي ٿو ته هو رابعه کي فون ڪري اچي ٿو پر شوڪت علي کيس منع ڪندي چوي ٿو.
”في الحال نه..... هرو ڀرو سندس ساهرن کي خبر پوندي، هو الائي ڇا سوچن، سنڌيا هوش ۾ اچي ته گھر کڻي هلونس، پوءِ رابعه کي ٻڌايون ٿا.“
•