11
”اڙي يار گاڏي ڪاڏي وئي هتي جو پارڪ ڪري ويا هئاسين.“
اهو ٻڌي نذر کلندي چويس ٿو،
”يار ايترو جلدي وسري ويئي، گاڏي ته تو نيلم بيگم کي تحفي ۾ ڏئي ڇڏي.“
شڪيل ٽوڪ هڻندي،
”يار رحمان هنن عورتن کي ايڏا وڏا تحفا ڏبا آهن ڇا.“
شڪيل جي اهڙن رمارڪس تي رحمان ڀڙڪي اٿي ٿو،
”ڪهڙين عورتن.... ڇا چيئي..... نيلم ته منهنجي جان آهي، منهنجي دل جي راڻي آهي، هن لاءِ ته مان سڀ ڪجهه قربان ڪري سگھان ٿو.“
اهو ٻڌي ٻئي دوست پنهنجي ڪاوڙ ضبط ڪندي،
”ته پوءِ گاڏي ڇو پيو ڳولهين، چاٻي جو کيس ڏنئي.... کڻائي ڇڏي هوندائين. هاڻي هلو ته ڪا ٽيڪسي تلاش ڪيون.“
•
صبح جو سوير شهربانو اٿي خاني کي نيرن ٻاهر آڻڻ جو چئي پاڻ هوا خوري جي ارادي سان بنگلي جي پارڪنگ ۾ اچي ٿي ته اتي گاڏي نه ڏسي خاني کي سڏي پڇي ٿي ته رحمان اڄ سويل ئي ٻاهر نڪري ويو آهي ڇا؟ خاني حيران ٿي چوي ٿي ته سائڻ رئيس ته اڃان اٿيو ئي ڪونهي، رات به دير سان آيو هو. اهو ٻڌي شهربانو جو منهن خراب ٿي وڃي ٿو،
”اهو ته سندس روز جو دستور آ.... پر گاڏي ڪانهي ان ڪري پئي پڇيم.“
”الائي سانئڻ... مان ته اڃان تارا بيٺا هئا جو اٿي آهيان مون ته گاڏي جو آواز ڪونه ٻڌو.“
هنن جي ڳالهائڻ تي رحمان اوٻاسيون ڏيندو ڪمري کان ٻاهر اچي ٿو ۽ چاچي کان پڇي ٿو ته ڪهڙي ڳالهه پئي خاني کان پڇي. شهربانو چويس ٿي ته هوءَ ٻاهر نڪتي ته گاڏي نه ڏسي خاني کان پئي پڇيائين ته تون سوير ئي ڪاڏي هليو ويو آهين ڇا.“
رحمان جو راتوڪو نشي جو خمار اڃان ذهن تي آهي پهرين ته کيس سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته گاڏي ڪيڏانهن وئي پر پوءِ ذهن کي سجاڳ ڪري ٿو ته رات جون سموريون ڳالهيون ذهن تي تري اچنس ٿيون،
”گاڏي....! ها چاچي.... گاڏي صفا پراڻي ٿي وئي هئي روز روز رستي ۾ تنگ پئي ڪري، سوچيم ته ڏئي نئين وٺان، ان ڪري شو روم تي ڏئي آيس.“
شهر بانو اهو نالو پهريون دفعو ٻڌو هو تعجب مان، ”شو روم...!“
”چاچي گاڏين جي دڪان کي شو روم چئبو آهي.“
”پوءِ آفيس ڪيئن ويندين.“
”ٽيڪسي ۾ هليو ويندس، ڏينهن ٻن ۾ نئين گاڏي اچي ويندي.“
شهربانو جو منهن لهي وڃي ٿو، سوچي ٿي ته هن ته ڏاڍي ٻڌائي، فصل لٿو ناهي سمورا پئسه نشن پته ۽ عياشين ۾ وڃائي ڇڏيندو ته پوءِ اسان جو ڇا ٿيندو، هوڏانهن هوءَ چپڙي سنڌيا جان نه ٿي ڇڏيس روز ان وٽان نشه پته ڪيو اچي ٿو. هتي زال کي ته هاڻي ڪا سنوت نه ٿو ڏئي....... هن جو ڪو نه ڪو بلو ته ڪرڻو پوندو.
رحمان سسُ کي گم سم ڏسي سمجھي وڃي ٿو ته هن کي نئين گاڏي جو ٻڌي سٺو ناهي لڳو انڪري سندس دل جي ڳالهه سمجھڻ لاءِ،
”چاچي جي توهان کي نئين گاڏي جي ڳالهه نه ٿي وڻي ته گاڏي کڻي موٽائي ٿو اچان مرمت سرمت ڪرائي پيو هلائيندس.“
”نه ابا جيئن تنهنجي مرضي. اهو چئي هوءَ منهن ڀيلو ڪيو اندر هلي وڃي ٿي.“
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ جاويد نجمه کي وٺي گھر اچي ٿو ته شمسه ۽ گل بانو جي خوشين جو ٺڪاڻو ئي نه ٿو رهي ورهين جا ڏکڙا هڪ لهذي ۾ لهي وڃن ٿا اڄ هن جي اڱڻ تي به بهار پنهنجا قدم گھمايا آهن. ٻئي ڄڻيون ننڍڙي علي کي سنڀالڻ ۾ لڳي وڃن ٿيون. هنن جو گھر به هاڻي ننڍڙي علي جي هونگڙين سان ٻهڪي اٿي ٿو.
•
صبح جي ٿڌڙي هير گھلي رهي آهي، عالما سوير ئي لائونج ڏي کلڻ واريون دريون کولي ڇڏيون آهن ته جيئن تازي هوا اچي. شوڪت علي نماز وغيره کان فارغ ٿي ٻاهر لائونج ۾ اچي اخبار پڙهڻ ويٺو آهي ان کان پوءِ سڀ گھر ڀاتي به تيار ٿي ناشتي جي ميز تي اچي ويٺا آهن. شوڪت علي اخبار جي اوڍر مان سنڌيا کي ڏسي رهيو آهي. احمد ڪالهوڪي صورتحال کان بي خبر جلدي جلدي ناشتو ڪري رهيو آهي. سنڌيا دل ۾ چوي ٿي ته اڄ کيس احمد سان آفيس وڃڻ کپي، ڪاٿي رحمان سندس واٽ وٺيو نه بيٺو هجي. احمد هن کي خاموش ڏسي چوي ٿو ته هوءَ ڪهڙي سوچ ۾ آهي، سنڌيا بهانو ٺاهيندي چوي ٿي،
”سوچيان پئي ته ٽيڪسي لڳائي ڇڏيان، صبح جي وقت ڏاڍي مشڪل سان سواري ٿي ملي.“
”اڳتي جي ته پوءِ ٿا سوچيون، پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي، هل ته مان توکي ڊراپ ڪندو ٿو وڃان.“
اهو ٻڌي سنڌيا اٿي ٿي ۽ ڀاءُ سان گڏ ٻاهر نڪري وڃي ٿي. هنن جي وڃڻ کانپوءِ شوڪت علي ڪومل کي چوي ٿو،
”ڪومل پُٽ، سنڌيا کي الائي ڇا پيو ٿيندو وڃي، ننڍپڻ کان وٺي اسان کيس نظر انداز ڪندا رهياسين، مان نوڪريءَ جي بلي، گھر ۾ ڪير وڏو هئو ڪونه، ويچاري ڪڏهن به پنهنجي تڪليف ڪنهن سان شيئر ڪري نه سگھي، اهڙي ته ڊڄڻي ٿي وئي جو هر شيءِ کان خوف کائيندي هئي.“
”۽ بابا اڄ به هوءَ ڪنهن خوف ۾ ورتل آهي، ڪهڙي خوف ۾........؟ اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي.“
”ڪجهه ته چوندي هوندي.“
”گھڻئي ڪوشش ڪيم ته اندر جي ڳالهه اوري، پر بابا ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍيائين.“
”مان سمجھان ٿو ته اڄ به ڪنهن ڊپ جي ڪري ڀاءُ سان گڏجي وئي آهي نه ته هوءَ ڪنهن کي تڪليف ڏيڻ واري ناهي،“ مٿي نهاريندي.
”رب سائين........! مونکي معاف ڪر مون سنڌيا جو ڌيان نه ڪري وڏو گناهه ڪيو آهي، هن جي سڄي شخصيت ڀورا ڀورا ٿي وئي آهي، ان ۾ فقط منهنجو قصور آهي.“
ڪومل سُهري جي اهڙي حالت ڏسي پريشان ٿي وڃي ٿي،
”بابا توهان هروڀرو پاڻ کي بليم پيا ڪيو، سنڌيا ٺيڪ ٿي ويندي شام اچي ته مان ساڻس ڳالهايان ٿي، توهان هلي ٿوري دير آرام ڪيو.“
•
گھر مان سسُ سان منهن ماري ڪرڻ کان پوءِ رحمان آفيس مان سڌو شو روم تي وڃي ٿو ۽ چيڪ ڏئي نئين گاڏي وٺي ٻاهر نڪري ٿو، هو اڄ ڏاڍو خوش آهي ورهين کان نئين گاڏي خريد ڪرڻ جي آرزو اڄ پوري ٿي اٿس، هو سوچي ٿو ته سڀ کان پهرين مريم ۽ ٻارن کي نئين گاڏي جو سير ڪرائيندو، پوءِ سنگت ۽ رات جو نيلم کي ڪنهن سٺي هوٽل ۾ ڊنر تي وٺي ويندو ۽ پوري رات هن سان گذاريندو،
اهو سڀ سوچيندي کيس سنڌيا جو خيال اچي ٿو جنهن سان هن ڪجهه ڏينهن پهرين فون تي سندس فيصلو ٻڌائڻ جو واعدو ڪيو هو ۽ پوءِ اچانڪ ڳوٺ هليو ويو هو، ۽ اتان اچڻ کانپوءِ ڪمن ڪارين ۾ مصروف ٿي ويو. اڄ گھر وڃڻ کان پهرين ڇونه سنڌيا کي سرپرائيز ڏيندو وڃي، اهو سوچي هو گاڏي کي يو ٽرن ڏئي گاڏي سنڌيا جي آفيس طرف موڙي ٿو.
سنڌيا ۽ مظفر سنڌيا جي ڪيبن ۾ حسب معمول لنچ ڪرڻ ۾ مصروف آهن ته مظفر جي ذهن ۾ ڪا ڳالهه اچي ٿي۽ سنڌيا کان پڇي ٿو،
”واقعي چڪن جلفريزي زبردست ٺهيل آهي،“
اهو ٻڌي سنڌيا مسڪرائي چپ ٿي وڃي ٿي، وري چويس ٿو،
”ڀلا هي ڪُڪنگ ڪيڏي مهل ڪنديون آهيو؟“ سنڌيا کلندي،
”ڀلا اڄ توهان ڪُڪنگ تي انٽرويو ڪرڻ پيا چاهيو ڇا.“
”نه ميڊم جيڪا ڳالهه در اصل مونکي ڪرڻي آهي، ان لاءِ راه هموار ڪرڻ جي ڪوشش پيو ڪيان.“
”ڇو وري ڪا نئين ڊش فرمائش ڪرڻي اٿوَ ڇا.“
”ڳالهه دراصل اِها آهي سنڌيا مِسِ....! ته مان هاڻي ڪنهن هڪ ڊش تي اڪتفا ڪرڻ نه ٿو چاهيان.“
”لڳي ٿو اڄ پورو مينيو تيار ڪري آيا آهيو.“
”نه صرف مينيو، پر ان جي تيار ڪرڻ وارو به.... گھربل آهي.“
سنڌيا گھٻرائجي وڃي ٿي،
”مون سمجهيو نه.......، گھر ۾ ڪا دعوت آهي ڇا؟“
مظفر منهن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪندي،
”قربان وڃجي اهڙي سادگيءَ تي.“
”الائي ڇا پيا چئو.....“
”ميڊم توهان جي هٿ جا ڊشز کائڻ جي اهڙي عادت ٿيندي پئي وڃي جو سوچيان ٿو ته ان لاءِ مستقل انتظام ڪري وٺجي.“
سنڌيا گھڻو ڪجهه سمجھي وڃي ٿي پر ڳالهه نٽائڻ لاءِ،
”ڏسو مظفر صاحب اهو ته مشڪل آهي.“
”ڇو ان ۾ مشڪل هجڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي..... جي قدردان موجود هجي ته پوءِ.... مس سنڌيا مان سئولي زبان ۾ چوڻ ٿو چاهيان ته منهنجي باري ۾ توهان جي ڇا راءِ آهي.“
سنڌيا پريشان ٿي وڃي ٿي، سوچي ٿي ته جنهن ڳالهه جو ڊپ هو اها اڄ حقيقت بنجي سامهون اچي وئي.....
”ڪيڏانهن گم ٿي ويو سنڌيا ميڊم.....“
ان وقت پٽيوالو اندر اچي چوي ٿو، ميڊم ڪو رحمان صاحب توهان سان ملڻ ٿو چاهي.
سنڌيا اهو ٻڌي پريشان ٿي وڃي ٿي،
”رحمان.... صاحب ...!
مظفر سنڌيا ڏي ڏسي ٿو جيڪا ڪجهه دير پهرين هشاش بشاش هئي هڪدم سندس چهرو هيڊو ٿي وڃي ٿو خوف ۽ پريشاني سندس منهن تي صاف نظر اچي ٿي هو حيران ٿي وڃي ٿو، سوچي ٿو ان ڏينهن به گاڏي ۾ سنڌيا اچانڪ ائين ئي خوفزده ٿي وئي هئي.
خبر ناهي کيس ڪهڙي ڳالهه ائين پريشان ڪري وجھي ٿي.
پٽيوالو اڃان اتي ئي جواب جو منتظر آهي ته رحمان اندر داخل ٿئي ٿو سنڌيا انهي دوران پنهنجي حواسن کي مجتمع ڪري وٺي ٿي، ۽ رحمان جو تعارف ڪرائڻ جو سوچي ئي ٿي ته رحمان هن کي موقعو ڏيڻ کان پهرين ئي مظفر کي غور سان ڏسندي تڪڙ ۾ پنهنجو تعارف پاڻ ڪرائي ٿو،
”مان سنڌيا جو فيانسي رحمان آهيان سنڌيا ضرور توهان سان ذڪر ڪيو هوندو، عنقريب اسان شادي ڪري رهيا آهيون.“
مظفر جي چهري تي اهو ٻڌي ڪئي رنگ اچي وڃن ٿا، سمجهه ۾ نه ٿو اچيس ته هو اهو ٻڌي هو حيران ٿئي يا پريشان، پر سنڌيا جو پريشان ۽ خوفزده چهرو ذهن ۾ ايندي ئي پنهنجي ڪيفيت تي ڪنٽرول ڪندي ڳالهه ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو،
”اوهو سوري مسٽر.... اصل ۾ اسان جي هڪ ٻئي سان ذاتي حوالي سان ڪا به ڳالهه ٻولهه ناهي ٿيندي.“
لنچ جي سامان کي ڏسندي،
”حالانڪ لڳي ٿو ته اوهان جي وچ ۾ آفيشل رليشنز کان وڌي ڪري رشتو آهي.“
”بلڪل...! اسان جي ڪمپني جو مينيفيسٽو به اهوئي آهي ته ڪليگس فرينڊلي ماحول ۾ ڪم ڪن جيئن ڪارڪردگي بهتر ٿي سگھي.“
اٿندي،
”مسٽر رحمان توهان پنهنجي فيانسي سان ڳالهيون ڪيو، مان هاڻي اجازت وٺندس.“ رحمان اٿي ساڻس هٿ ملائي ٿو.
سنڌيا کي اهي ڳالهيون ٻڌي ڪاوڙ اچي وڃي ٿي، رحمان هن جي منهن ۾ نهاريندي چڙ ڏياريندڙ کل کلندي،
”ڇو..... رنگ ۾ ڀنگ پئجي وئي ڇا.“
سنڌيا ٿورو برهميءَ سان،
”ڇا مطلب آ توهان جو............“
”مون توکي بار بار سمجھايو آهي ته مون کي تنهنجو ڪنهن سان ائين بي تڪلف ٿيڻ قطعي پسند ناهي ۽ تون آهين جو ماڻهن سان ويٺي لنچ ڪرين.“
اهو ٻڌي سنڌيا ذري گھٽ روئڻهارڪي ٿي وڃي ٿي،
”جيڪڏهن ايتروئي خيال اٿوَ ته پوءِ شادي ڇو نه ٿا ڪيو.“
هو ٿوري دير لاءِ سوچ ۾ پئجي وڃي ٿو،
”ٺيڪ آ تنهنجو اهو شوق به جلد پورو ڪبو.“
”پر توهان اڄ اچانڪ منهنجي آفيس ۾ ڪيئن اچي ويا.“
”ان جو هڪ سبب ته اهو هو ته ڏسان ته هتي تنهنجو ڪنهن ڪنهن سان ميل جول آهي، ڇو ته اڄ ڪلهه تنهنجا گھڻائي رشته اچڻ لڳا آهن، ٻه رشتا ته مون انهن ماڻهن سان وڃي ملي پنهنجو تعارف ڪرائي ختم ڪرايا. ۽ هاڻي جي آفيس ۾ ڪنهن جي من ۾ ڪا ڳالهه هجي ته اڄ کان پوءِ اهي سوچن به نه....... تون صرف منهنجي لاءِ آهين، اها ڳالهه بار بار توکي ياد ڏيارڻ جي ضرورت ناهي. ٻيو ته نئين گاڏي ورتي اٿم، سوچيم ته توکي ڏيکاريندو وڃان.“ سنڌيا جو موڊ رحمان جون ڳالهيون ٻڌي خراب ٿي وڃي ٿو پر ڪجهه ڳالهائي نه ٿي.
”پوءِ هلين ٿي ڊرائيو تي.“
” نه في الحال مون کي آفيس ۾ ڪم آهي ٻئي دفعي....“
”چڱو ته پوءِ مان هلان ٿو، نڪاح جو انتظام ڪري توکي ٻڌائيندس، اوڪي، ٽيڪ ڪيئر.“
گھر ۾ مريم ٻارن سان ويٺي آهي ته رحمان گھر اچي ٿو هارن تي مائي خاني گيٽ کولي ٿي ته رحمان نئين گاڏي اندر کڻي اچي ٿو. خاني ڊوڙي وڃي مريم کي ٻڌائي ٿي، مريم ٻاهر نڪري اچي ٿي کيس ايندو ڏسي رحمان گاڏي مان لهي اچي ٿو ۽ مريم کي هٿ کان جھلي گاڏي ڏانهن وٺي اچيس ٿو،
”ڏس تنهنجي نينا لاءِ نئين گاڏي آندي اٿم.“
”ها هاڻي هر شي نينا لاءِ ايندي اسان ته ڪنهن کاتي ۾ ئي ڪونه آهيون.“
رحمان کيس وڌيڪ چيڙائيندي چوي ٿو،
”سڙي وئينءَ نه..... هلي اچ ويهه، ٻڌاءِ ڪيئن ٿي لڳي.“
”تمام خوبصورت..... ڪلر به ڏاڍو سهڻو اٿس، ڀلا ڪڏهن نئين گاڏي ۾ گھمائڻ وٺي هلندين.“
”هينئر ئي هلو، رات جو ڪجهه دوستن سان پروگرام آ.“
”هينئر... پر امان جي طبيعت ٺيڪ ناهي.“
”تنهنجي مرضي....“
”ٺيڪ آ تون فريش ٿي وٺ ٿوري دير آرام ڪر، مان ٻارن کي تيار ڪري وٺان پوءِ هلون ٿا.“
•
رات جو سنڌيا پنهنجي ڪمري ۾ صبح واري صورت حال تي پشيمان ويٺي آهي، مظفر منهنجي باري ۾ ڇا سوچيندو هوندو. رحمان جو ائين آفيس اچڻ جو مقصد ڇا هو، ضرور ان ڏينهن هن مونکي مظفر سان گاڏي ۾ ويندي ڏٺو هوندو، پر هو ڇو آيو هو.... ڇا واقعي هو مونسان شادي ڪرڻ لاءِ سنجيده آهي، مان هن سان خفيه نڪاح ڪيان؟ پر جيڪڏهن بابا وارن کي خبر پئجي وئي ته هنن جو پنهنجي پرورش تان اعتبار ئي کڄي ويندو. پر آخر مان ڇا ڪيان، ان کان سواءِ ٻيو ڪو چارو به ته ڪونهي، رحمان مونکي ٻئي ڪنهن هنڌ شادي ڪرڻ به ته ڪونه ڏيندو ۽ باقائده شادي ڪرڻ لاءِ هو تيار ڪونهي، مونکي اها رِسڪ کڻڻي پوندي. اڳتي هلي مان ڪومل يا آپي کي اعتماد ۾ وٺي بابا تائين ڳالهه پهچرائيندس اهو سوچي هوءَ رليڪس ٿي وڃي ٿي.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ رحمان امتياز جي فليٽ تي وڃي ٿو ته شڪيل ۽ نذر کيس ٻڌائن ٿا ته امتياز ڪاروبار جي سلسلي ۾ دبئي ويل آهي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ واپس ايندو، اهو ٻڌي رحمان موقعو غنيمت سمجھي سنگت سان صلاح ڪري ٿو،
”يار توهان کان هڪ مدد کپي، چڱو ٿيو جو امتياز ڪونهي.“
”ڇو خير ته آهي نه، اهڙو ڪهڙو معاملو آهي جو ان ۾ امتياز جو نه هجڻ چڱو ٿيندو.“
”ها يار ڪڏهن ڪڏهن امتياز هروڀرو خدائي فوجدار بنجي ويندو آهي، ان ڪري انجي غير موجودگي ۾ هي ڪم ٿي وڃي ته بهتر ٿيندو.“
”يار اسان ته يارن جا يار آهيون تنهنجو بس حڪم کپي ڇا ڪرڻو آهي، نيلم کي کڻڻو آهي ڇا؟“
”پر يار اهي عورتون کڻڻ کان ڳوريون آهن.“
رحمان هنن جا انومان ٻڌي چوي ٿو:
”نه يار نيلم جو معاملو ناهي، غور سان ٻڌجو ۽ پاڻ تائين محدود رکجو، سڄو انتظام توهان کي ڪرڻو آهي.....“
ٻئي دوست حيران ٿي کيس ڏسن ٿا، رحمان کين سڄي ڳالهه سمجھائي ٿو هو هاڪار ڪن ٿا رحمان کين چوي ٿو ته سڄو انتظام ٻن ڏينهن ۾ ڪري وٺن جيئن امتياز جي واپس اچڻ کان پهرين سڀ ڪم ٿي وڃي. هو ساڻس واعدو ڪن ٿا ته هو بي فڪر رهي سڀ ڪم سندس مرضي مطابق ٿي ويندو. اهو ٻڌي رحمان خوش ٿي کين چوي ٿو:
”ته پوءِ هلو اڄ ان خوشيءَ ۾ توهان کي ڪا عياشي ڪرائجي.“
”پوءِ اسان کي نائيٽ ڪلب وٺي هل من ڪو نيلم جهڙو ناياب دُر اڄ اسان کي به نصيب ٿي وڃي.“
”اوڪي اڄ سڀ ڪجهه منهنجي حساب ۾.“
ٽئي ڊُرِ ناياب جي ڳولها ۾ نڪري پون ٿا.
لنچ بريڪ ۾ مظفر حسبِ معمول سنڌيا جي ڪيبن ۾ ڪيبن ڊور ناڪ ڪري اندر اچي ٿو ته سندس منهن لٿل آهي، انداز ۾ عجب بيگانگي ۽ معمول جي مرڪ چهري تان غائب ٿي وئي اٿس، سنڌيا کيس اهڙي اجنبي موڊ ۾ ڏسي شرمسار ٿي وڃي ٿي، ۽ پاڻ کي نارمل رکندي چويس ٿي،
”اچو نه سر اتي ڇو بيهي رهيا آهيو.....“
”مون توهان کي ڊسٽرب ته نه ڪيو.....“
”نو.... نوسر! لنچ ٽائيم آ مان ڪم کان فارغ ٿي وئي هئس....“
”در اصل... مون کي الائي ائين بي تڪلف توهان جي ڪيبن ۾ اچڻ گھرجي الائي نه.“
”ڇو سر....! اهڙي ڪهڙي ڳالهه ٿي وئي، اسان ته روز لنچ ڪندا آهيون.“
”الائي مون کي ائين لڳو ڄڻ ان ڏينهن توهان جي فيانسي کي اسان جو گڏ لنچ ڪرڻ سٺو نه لڳو.“
”اوهو ته اها ڳالهه آ.... آءِ ايم سوري سر... ان ڏينهن توهان شايد ان ڪري ئي جلدي اٿي هليا ويا هئا.“
”مون کي توهان سان هڪ ننڍڙي شڪايت ضرور آهي، توهان ڪڏهن به ان ڳالهه جو ذڪر نه ڪيو ته توهان جي انگيجمينٽ ٿيل آهي ورنه شايد مان ائين جاڳندي جا خواب ته نه لهان ها.... انتهائي اداس لهجي ۾. خير اچو لنچ ٿا ڪيون.“
سنڌيا اهو ٻڌي ندامت کان ڪنڌ هيٺ ڪري چپ چاپ لنڄ ڪرڻ لڳي ٿي.
•
نذر ۽ شڪيل امتياز جي فليٽ تي حيران پريشان پاڻ ۾ ڳالهائي رهيا آهن ته امتياز جي غير موجودگي ۾ هنن رحمان جو ساٿ ڏئي ڪاٿي غلطي ته نه ڪئي آهي، پر هاڻي سوچڻ سمجھڻ جو وقت گذري ويو، واعدو ڪيو آهي ته نڀائڻو ته ضرور پوندو نه ته اهي عياشيون کين ڪير ڪرائيندو، اٿي انتظام ڪرڻ هليا وڃن ٿا.
ٻئي ڏينهن منجھند جي وقت رحمان پاڻ به لنچ بريڪ ۾ آفيس کان موڪل ڪري سنڌيا کي به موڪل ڪرائي امتياز جي فليٽ تي وٺي اچي ٿو. سنڌيا سخت پريشان ٿي وڃي ٿي هن جي چهري تي ڏک گاڏڙ خوف ڇانيل آهي هوءَ اهو قدم کڻندي تمام گھڻي پشيمان آهي، هن ڪڏهن به اهو ڪونه سوچيو هو ته هوءَ بنا گھر وارن جي مرضي جي ايڏو وڏو قدم کڻندي، هڪ دل ته چويس پئي ته انجام جي پرواهه ڪئي بغير سڀ ڪجهه ڇڏي هتان ڀڄي وڃي، رحمان اندر ئي اندر ۾ شيطاني منصوبه جوڙي رهيو هو غلط سنگت ۾ اچي ورهين جي مليل اخلاقي تربيت وغيره سڀ ڪجهه وساري ويٺو هو، وري به مٿاڇري نموني کانئس پڇڻ لڳو،
”سوچي وٺ پوءِ نه چئجانءِ ته تو غلط فيصلو ڪيو آهي منهنجا دوست مولوي صاحب کي وٺي اچڻ وارا هوندا.“
سنڌيا چپ چاپ ويٺي هئي ڪجهه چوڻ لاءِ چپ ڏڪنس ٿا پر ڪجهه چئي نه ٿي سگھي، انهي وقت ٻاهر واري ڪمري ۾ ماڻهن جا آواز ٻڌي رحمان اٿي ٿو ته سنڌيا به ڊپ وچان اٿي بيهي ٿي، رحمان حيراني مان کيس ڏسي،
”ڇو... ڇا ٿيو،.... ڏس مان توکي زور زبردستي نه ٿو ڪيان، مان هي نڪاح صرف تنهنجي تسلي لاءِ پيو ڪيان، جي توکي ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته وقت جو انتظار ڪر....“
سنڌيا سوچي ٿي ته جي هوءَ هينئر نڪاح نه به ڪري تڏهن به رحمان کيس ٻئي هنڌ شادي ڪرڻ ڪونه ڏيندو، هر جاءِ تي پهچي منهنجي خواري ڪندو رهندو ۽ گھر وارا به شادي لاءِ زور ڀريندا رهندا، اگر اڄ اهو قدم وڌايو آهي ته کيس پوئتي هٽڻ لاءِ ٻي ڪا واٽ ڪانهي. اهو سوچي ٿڌو ساهه ڀري خاموشي سان واپس صوفي تي ويهي رهي ٿي. رحمان کيس هار مڃندي ڏسي ڪجهه چئي بغير ٻاهر نڪري وڃي ٿو.
ٿوري دير کانپوءِ شڪيل، نذر رحمان سان گڏ اندر اچن ٿا ۽ ڪجهه فارمن تي هن کان صحيح ڪرائن ٿا ۽ پوءِ ٻاهر نڪري وڃن ٿا.
ڪجهه دير کان پوءِ رحمان ڪمري ۾ اچي ٿو سندس لبن تي فاتحانه مرڪ آهي ته اڄ کيس هن بهاني سان سنڌيا کي پوري طرح ماڻڻ جو موقعو خود سنڌيا پنهنجي معصوميت ۽ بيوقوفي سبب فراهم ڪيو آهي، هو اچي سنڌيا جي ڀر ۾ ويهي ٿو ۽ هن جو هٿ جھلي کيس صوفي تان اٿاري ڪمري ۾ پيل بيڊ تي وٺي اچي ويهاري ٿو،
”هاڻي ته تنهنجي منهنجي درميان ڪو حجاب ڪو پردو باقي رهڻ نه گھرجي اڄ کان تون منهنجي وائيف آهين ۽ توکي حق سان مان پنهنجي قريب آڻي سگھان ٿو.“
اهو ٻڌي سنڌيا وسامجي وڃي ٿي، منهن لهي وڃيس ٿو، ان مرحلي لاءِ ته هن سوچيو به نه هو. هٿ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ليڪن رحمان کيس اڃان به پنهنجي ويجھو ڪري ٿو.
”نه رحمان نه..... في الحال اسان جو صرف نڪاح ٿيو آهي ۽ اهو به مون مجبور ٿي ڪيو آهي جيئن توهان کي به ڪنهن شڪ جي گنجائش نه رهي ۽ گھر وارن جي دٻاءُ کان به جان ڇڏايان.“
”ليڪن مون تنهنجو تمام گھڻو انتظار ڪيو آهي جانِ رحمان، ۽ اڄ مان جڏهن حق سان توکي پنهنجي قريب آڻڻ چاهيان ٿو، توکي پوري طرح ماڻڻ چاهيان ٿو ته تون انڪار ڪيئن ٿي ڪري سگھين. مان هاڻي هڪ پل به توکي پاڻ کان دور رکي نه ٿو سگھان اسان جي وچ جا سڀ حجاب سڀ پردا اڄ ختم ٿي ويندا، اڄ کان تون پوري طرح منهنجي اندر سمائجي ويندينءَ منهنجي ورهين جون آرزوئون ۽ جستجو پوري ٿي ويندي، ڏس منهنجي جان، ان هڪ پل کي ماڻڻ لاءِ مون ورهين تائين انتظار ڪيو آهي.“
هو هن کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، سنڌيا هٿ ڇڏائي اٿڻ جي ڪري ٿي،
”نه رحمان... تون ائين ڪيئن ٿو ڪري سگھين.“
رحمان کلندي وري سندس هٿ پڪڙي کيس قريب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري بيڊ تي ليٽائي ڇڏي ٿو، سنڌيا روئڻهارڪي ٿي وڃي ٿي ۽ دل ئي دل ۾ چوي ٿي ته يا الله مان ڇا ڪيان، اهو ته مون سوچيو به ڪونه هو ته اهڙو به ڪو مرحلو ايندو..... مالڪ کي سڏيندي، مالڪ تون ئي منهنجي عزت بچائجانءِ.
رحمان هن جي احساسن کان بيخبر هن کي وڌيڪ قريب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو سنڌيا دور هٽڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ان وقت ڪمري جو دروازو زور سان کلڻ جو آواز اچي ٿو ۽ امتياز ڪمري ۾ داخل ٿئي ٿو اهو منظر ڏسي سندس چهري تي پهرين حيرت ۽ پوءِ ناگواري جا تاثرات اڀرن ٿا، رحمان به ائين اچانڪ امتياز کي ڏسي حيران ٿي وڃي ٿو. هو سنڌيا کي ڇڏي امتياز ڏي نهاريندي سوچي ٿو ته هن کي ته ٻئي ڏينهن اچڻو هو، هي اچانڪ ڪٿان اچي نڪتو، هروڀرو رنگ ۾ ڀنگ وجھي ڇڏيائين، اٿي امتياز ڏي وڌندي اک جي پڪائي سان،
”يار امتياز تون اڄ ڪيئن اچي نڪتين، دوستن ٻڌايو پئي ته توکي دبئي ۾ ڪجهه ڏينهن لڳي ويندا.“
امتياز ٻڌو اڻ ٻڌو ڪندي برهم انداز سان،
”پر توهان هتي...! ۽ هي ته ڀاڀي سنڌيا.... منهنجو مطلب آ ته، تنهنجي دوست سنڌيا آهي نه..... يار توکي ائين سنڌيا کي هتي منهنجي گھر نه وٺي اچڻ کپندو هو. اسان هونئن کڻي ڪهڙا به برا آهيون پر عورت جي عزت ڪرڻ ڄاڻو ٿا.“
اهو ٻڌي سنڌيا جو منهن شرم کان پيلو هيڊ ٿي وڃي ٿو، هوءَ هڪدم بيڊ تان اٿي بيهي ٿي.... اکين ۾ لڙڪ لڙي اچنس ٿا، اهڙي ذلت جو هن ڪڏهن سوچيو به نه هو ائين بي عزت ٿيڻو هو، امتياز منهنجي باري ۾ ڇا سوچيندو هوندو، ڪهڙي راءِ جڙي هوندي منهنجي باري ۾، سڄو مانُ مريادا خاڪ ۾ ملي ويا. روئڻهارڪي لهجي ۾ رحمان کي چوي ٿي،
”رحمان پليز مون کي ٽيڪسي ڪري ڏيو مان گھر ويندس.“
”مان توکي گاڏي ۾ ڇڏي ٿو اچان.....“
”نه مان ٽيڪسي ۾ ئي ويندس.“
امتياز سنڌيا کي ائين پريشان ۽ شرمسار ڏسي،
”نه سنڌيا ڀيڻ توهان ويهو، پهريون دفعو منهنجي گھر آيا آهيو، چانهه پاڻي جي بغير مان توهان کي وڃڻ نه ڏيندس.“
سنڌيا ٻاهر وڌندي،
”نه مونکي دير پئي ٿئي گھر ۾ سڀ انتظار ڪندا هوندا.“
رحمان سنڌيا سان گڏ ٻاهر نڪري وڃي ٿو ته امتياز عجيب نظرن سان کيس نهاري ٿو.
۽ دل ۾ چوي ٿو، رحمان کي ڪنهن شريف ڇوڪري کي ائين برباد ڪرڻ جو ڪوبه حق ناهي، هوڏانهن نيلم سان سندس ناتو جڙيو پيو آهي ته پوءِ هِن ڇوڪريءَ جي پويان هٿ ڌوئي ڇو پئجي ويو آهي، مون کي ڪڏهن موقعو مليو ته مان ضرور سنڌيا کي رحمان جا سڀ ڪرتوت ٻڌائيندس.
اڄ ڪيترن ڏينهن کان پوءِ رابعه مائٽن ۾ آئي هئي، پر سنڌيا اڃان گھر واپس نه آئي هئي، هوءَ ڪيتري دير کان سندس انتظار پئي ڪري، ڪومل کان پڇي ٿي ته ڇو دير ڪئي اٿس، هوءَ کيس ٻڌائي ٿي ته ڪڏهن ڪڏهن آفيس ۾ ڪم زياده هوندو اٿس ته دير ٿي ويندي اٿس، بس اچڻ واري هوندي. هوءَ رابعه کان پڇي ٿي ته سندس پٽ ڪاشان خير سان پنجن سالن جو ٿي ويو هوندو، ڪي جي کان پوءِ ساڳئي اسڪول ۾ ئي پڙهائيندي يا ڪنهن ٻئي اسڪول ۾ داخل ڪندي، رابعه چويس ٿي ته گھڻو ڪري ڪنهن ٻئي اسڪول ۾ ڪوشش ڪندي. ان وقت سنڌيا اندر اچي ٿي ڀيڻ کي گھڻن ڏينهن کان پوءِ ڏسي دل ڀرجي اچيس ٿي کيس ڀاڪر پائي روئي ڏئي ٿي. رابعه ڀيڻ کي ڏکارو ڏسي کيس پيار ڪندي چويس ٿي،
”تون نه سڌرندين، ڏس ته پنهنجي ڇا حالت ڪري ڇڏي اٿئي، منهن جو رنگ ته ڏس پيلو هيڊ لڳو پيو اٿئي.“
ڪومل به نڻاڻ جو ساٿ ڏيندي،
”آپي نه ته صبح جو ٺيڪ طرح ناشتو ٿي ڪري، اڳي ته لنچ ٺاهي آفيس کڻي ويندي هئي هاڻي ته اها به ڇڏي ڏني اٿس.“
ڀاڀي جي شڪايت ٻڌي پنهنجو بچاءُ ڪندي،
”آپي آفيس ۾ ايترو ڪم هوندو آهي جو کائڻ پيئڻ جو هوش ئي ناهي رهندو.“ سوچي ٿي، رحمان سان نڪاح کانپوءِ هن سختي سان منع ڪيو هو ته مظفر سان زياده بي تڪلف ٿيڻ هن کي پسند ناهي، ان کان پوءِ هن بهانو ڪري لنچ ڪرڻ ئي ڇڏي ڏني هئي.
رابعه کيس ڳوڙهي سوچ ۾ گم ڏسي،
”وري ڪهڙو کنڊ جو جهاز ٻڏي ويئي، هي ڏس مان تنهنجي لاءِ ڪجهه شيون ٺاهي کڻي آئي آهيان، سڀ تنهنجي پسند جون آهن، تون جلدي هٿ منهن ڌوئي فريش ٿي وٺ، ايستائين عالما چانهه ٺاهي وٺندي. ان ئي وقت احمد ۽ شوڪت به اچن ٿا احمد کلندي ڀيڻ کي چوي ٿو ته سڀ ڪجهه پنهنجي لاڏلي ڀيڻ لاءِ، باقي اسان ته ڄڻ سندس ماٽيجا آهيون.
رابعه به کلندي چويس ٿي ته هن جي پسند جون شيون ٺاهڻ لاءِ ڪومل جو ويٺي آهي، سنڌيا کي ڪير ٺاهي ڏيندو. ان تي احمد سنڌيا کي ڇيڙڻ خاطر چوي ٿو ته:
”پوءِ ڪرايوس نه ڪنهن ٺاهڻ واري سان............“
سنڌيا موڊ کي خوشگوار بنائيندي سندس ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي،
”بس، بس، ويچاري عورت ئي خيال رکندي آ پنهنجي بيٽر هاف جو، وتندي آ جتن ڪندي سندس دل تائين پهچڻ جا،...... مرد حضرات ڪن ڪجهه به نه، سهائيندا ائين ڄڻ وڏا ڪوٽ ڪيرائي آيا آهن.“
احمد کيس وڌيڪ ستائيندي،
”اڇا......! ته اڄ مُردو به ڪفن ڦاڙي نڪتو.“
عالما چانهه کڻي اچي ٿي ته شوڪت علي چوين ٿو،
”هاڻي گھڻي مذاق ٿي وئي، چانهه ٿي ٿڌي ٿئي.
•
رحمان آفيس ۾ فائيلن ۾ مصروف آهي ته اچانڪ کيس ڪجهه ياد اچي ٿو ته فون کڻي نذر سان ڳالهائي ٿو، ۽ پڇيس ٿو ته امتياز ته ڪجهه ڏينهن کانپوءِ اچڻو هو، هو اچانڪ واپس ڪيئن اچي ويو، اهو ٻڌي نذر وائڙو ٿي چويس ٿو، ڪڏهن آيو هن کي ته اڃان هفتو کن اتي رهڻو هو، ۽ اسان به ان ڪري اوڏانهن نه وياسين ته ان نڪاح جي بهاني توهان ڪجهه ڏينهن ڀلي انجواءِ ڪيو. رحمان کيس تاڪيد ٿو ڪري ته هو شڪيل کي به سمجھائي ڇڏي ته هن باري ۾ امتياز کي ڪابه خبر نه پوڻ کپي.
ٻئي ڏينهن شام جو سنڌيا پنهنجي ڪمري ۾ ليٽي پئي آهي، هوءَ سوچي پئي ته الله جو احسان ٿيو جو عين وقت تي رحمان جو دوست اچي ويو. ورنه مان ته پنهنجي نظرن ۾ ئي رسوا ٿي وڃان ها، مون کي ايڏو وڏو قدم کڻڻ کان پهرين اهي سڀ ڳالهيون سوچڻ کپنديون هيون، رحمان ته هونئن ئي قريب اچڻ جا موقعا ڳولهيندو رهندو آهي ۽ هاڻي ته هو پنهنجو حق جتائيندو، مون کي هاڻي ڪوشش ڪرڻي پوندي ته هن کي اهڙو موقعو نه ڏيان جيستائين هو هن شاديءَ کي پبلڪ لي ڊڪليئر نه ٿو ڪري، مون کي حت المقدور هن کان دور رهڻو پوندو. ان دوران سنيتا سندس ڪمري ۾ اچي ٿي ۽ ايندي ئي پنهنجي مخصوص انداز ۾، ڪهڙا حال ڪهڙا چال، ڪهڙا سال.
سنڌيا کي سوچ ۾ غرق ڏسي کلندي.
”اڇا ته چوري پڪڙجي پئي......“
اهو ٻڌي سنڌيا پريشان ٿيندي،
”ڪهڙي چوري.....! ڇا جي چوري!“
سنيتا هن جي اها ڪيفيت ڏسي وائڙي ٿي،
”توکي ڇا ٿي ويو جو اهڙي پريشان ٿي وئينءَ. رحمان جي باري ۾ پئي سوچِئي نه.... نجمه ٻڌايو ته مريم ۽ شهربانو جو رحمان سان جھيڙو ٿي پيو آهي.“
”ڇو جھيڙو ٿيو آ.....“
”نجمه پئي چيو ته رحمان زمينن تان جيڪي پئسا آندا هئا اهي سڀ کپائي ڇڏيا اٿس، کين شڪ آ ته هو اهي توتي ٿو خرچ ڪري.“
اهو ٻڌي سنڌيا حيران ٿي وڃي ٿي،
”مونتي..... ! ڀلا مونتي ڇا لاءِ خرچ ڪندو....“
”هو ته اهو به چون پيون ته رحمان روز دير سان گھر ايندو آهي پڪ هو توسان وقت گذاريندو هوندو.“
اهو ٻڌي سنڌيا سخت ڪاوڙ ۾ اچي چوي ٿي،
”دماغ خراب ٿيو اٿن، مونسان ڪيئن رهندو ايتري دير تائين، هوندو پنهنجي يارن دوستن سان، پر... هنن کي ڪيئن خبر پئي ته رحمان جو مونسان ڪو واسطو آهي؟“
”اها ته مون کي خبر ناهي پر لڳي ٿو ته هنن کي گھڻي وقت کان اها خبر هئي تڏهن ئي هنن جدا گھر ورتو.“
”ٻيو نجمه ڇا پئي چيو. انهن کي اهو سڀ ڪنهن ٻڌايو.“
”مائي صغرا وئي هئي اوڏانهن اتي اهو سڄو جھڳڙو ٻڌي آئي هئي.“
اهو ٻڌي سنڌيا فڪرمند ٿي وئي ته ڏينهون ڏينهن هن جو اميج خراب ٿيندو پيو وڃي، پر هن وٽ ان جو ڪوحل به نه هو.
•
ٻئي طرف مظفر پنهنجي آفيس جي ڪيبن ۾ ڪنهن گھري سوچ ۾ گم آهي هو مسلسل سنڌيا جي باري ۾ سوچي رهيو آهي ته سنڌيا پنهنجي ۽ رحمان جي باري ۾ ڪڏهن اشارتًا به هن کي نه ٻڌايو هو. بار بار کيس ڪُريد ڪندو رهيو پر هن هميشه اهوئي چيو ته هوءَ مزيد تعليم حاصل ڪرڻ ٿي چاهي، ۽ مونکي ته خبر ئي نه پئي ته ڪڏهن هن لاءِ منهنجي دل ۾ سافٽ ڪارنر جڙيو ۽ ڪيئن اهو محبت ۾ تبديل ٿي ويو، مان ته ان موقعي جي تلاش ۾ هئس ته ڪڏهن کيس آئوٽنگ تي وٺي وڃان ۽ اتي موقعو ڏسي سندس آڏو پنهنجي دل کولي رکي ڇڏيان. پر ان ڏينهن سندس مڱيندي اچانڪ آفيس ۾ اچي منهنجا خواب ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيا ۽ منهنجون محبتون حسرتن ۾ بدلجي ويون ، ڪاش! مان سنڌيا سان نه مليو هجان ها، ڪاش! پهرين ڏينهن ئي مون کي هنجي ڪنهن سان انگيجمينٽ جي خبر هجي ها.
سنڌيا اڄ منهنجي زندگي ۾ ايتري اهميت اختيار ڪري وئي آهي جو مان هن کي ڪنهن ٻئي سان وابسته ڏسي برداشت نه ٿو ڪري سگھان، پر.......... ان ۾ سنڌيا جو ڪهڙو قصور، هن ته ڪڏهن به منهنجي حوصلا افزائي نه ڪئي مان هن کي ڪو به الزام ڏئي نه ٿو سگھان، هن جي پنهنجي زندگي آهي جيئن ۽ جنهن سان وڻيس گذاري، مونکي هن جي زندگي ۾ دخل ڏيڻ نه گھرجي اسان صرف آفيس ڪليگس آهيون. اچانڪ کيس ڪجهه ياد اچي وڃي ٿو. پر مونکي ان ڏينهن ائين ڇو لڳو ته رحمان جو نالو ٻڌي سنڌيا خوفزده ٿي وئي هئي هو ته سندس فيانس آهي هن جي اچڻ جو ٻڌي ته کيس خوش ٿيڻ کپي ها. ڪجهه نه ڪجهه ته راز آهي. خير منهنجو ڇا؟ هوندو ڪجهه....
شهربانو سخت ڪاوڙ ۾ مريم جي ڪمري ۾ اچي ٿي ۽ کيس چوي ٿي ته رحمان سڄو فصل کنيو آ پر گھر ۾ ٽڪو به نه ڏنو اٿس جڏهن به هن سان پئسن جي باري ۾ پڇجي ٿو ته نٽائي ٿو وڃي اهو ڪهڙو طريقو آهي، ان تي مريم مڙس جو پاسو کڻندي کيس تسلي ڏيڻ جي ڪوشش ٿي ڪري ته اهڙي ڳالهه ناهي، رحمان ڪنهن کي اڌارا ڏنا آهن ڪجهه ڏينهن ۾ اتان ملندس ته توکي ڏيندو. ان تي شهربانو صفا چڙي پوي ٿي،
”امان شابس هجئي، ائين ٿي چوين ڄڻ مان اهي پئسا قبر ۾ کڻي ويندس، تنهنجي لاءِ ٿي ڪيان! ٻار اڄ ننڍا صبحاڻي وڏا سندن پڙهايون آهن، مڱڻا پرڻا آهن انهن سڀني ڳالهين جي سوچ ڪرڻي آهي، مڙسهن جا حال ته سجھني ٿا هن کي ته نه گھر گھاٽ جي ڳڻتي آهي نه ٻارن ٻچن جو اوسيئڙو، بس ڄڻي ڇڏيا اٿس، پرائي ملڪيت مفت ۾ هٿ اچي وئي اٿس، پيو ٿو اڏائي ۽ عيش ڪري، آڌي آڌي رات جو نشا پتا ڪري گھرٿو موٽي، جي نه هن نڀاڳي سنڌيا سان ٻي شادي ڪري ويهي رهيو ته پوءِ تنهنجو ته الله واهي.“
اهو ٻڌي مريم به فڪرمند ٿي وڃي ٿي ماءُ کي شڪايتي انداز ۾ چوي ٿي ته هن کي ته چيو هو ته رحمان سان ان باري ۾ ناهي ڳالهائڻو متان هو لا غرض نه ٿي وڃي، ته پوءِ تو ڇا لاءِ کڻي چيس ۽ هاڻي ته کيس ڪو ڊپ ئي ناهي کلم کلا دير ڪري اچي ٿو.
”بس مائي کُٽِي کيم جو ڪاوڙ ۾ چئي ويٺس.“
”امان تون ڳڻتي نه ڪر رات اچي ته ڳالهايانس ٿي.“
•
ڪجهه وقت ائين ئي گذري وڃي ٿو. ان ڏينهن کان پوءِ مظفر ۽ سنڌيا جي وچ ۾ فاصلا پيدا ٿي ويا، هنن جي وچ ۾ اها بي تڪلفي نه رهي بلڪ هنن جي درميان هڪ جھجڪ پيدا ٿي وئي. ڪافي ڏينهن کان پوءِ مظفر سنڌيا جي ڪيبن جو در ناڪ ڪري اندر اچي ٿو، سنڌيا کيس ڏسي احترامًا“ اٿي بيهي ٿي ۽ حيراني مان کيس چوي ٿي،
”سر توهان.....!“
مظفر زبردستي مسڪرائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر هن جي اکين ۾ عجيب قسم جي ياسيت ۽ اداسي نظر اچي رهي آهي جنهن کي سنڌيا بخوبي محسوس ڪري ٿي ۽ ان جي حالت لاءِ پاڻ کي ذميدار سمجھي ٿي، مظفر پنهنجي ڪيفيت تي قابو پائيندي،
”ڇو مون کي توهان جي ڪيبن ۾ نه اچڻ کپندو هو ڇا.“
اهو ٻڌي سنڌيا شرمسار ٿي وڃي ٿي،
”نو سر....! اهڙي ڳالهه ناهي توهان منهنجا سينئر آهيو، توهان جنهن وقت چاهيو اچي سگھو ٿا...... ٿورو ترسي، سر ويهو نه......“
ٿورو پس و پيش ڪندي ....
”نه مس سنڌيا....! اسان جي فيملي ۾ صبحاڻي هڪ ننڍڙي تقريب آهي. مان توهان کي انوائيٽ ڪرڻ آيو آهيان، توهان پنهنجي فيملي سان گڏ ضرور اچجو.“
”سر اسان کي توهان جي ائڊريس معلوم ناهي.... ڪا خاص گيدرنگ آهي ڇا...؟“
”اهو ته سرپرائيز آهي، توهان ايندا ته خبر پوندي.“
ڪارڊ وڌائيندي، هي ايڊريس آهي جي گھر ۾ توهان جو ڀاءُ هجي ته آساني سان سمجھي ويندو. ها جيڪڏهن توهان پنهنجي فيانس کي وٺي اچو ته مون کي خوشي ٿيندي.“
”سر مان ڪوشش ڪنديس....“
مظفر ڪجهه وڌيڪ بحث ڪئي بغير ڪيبن کان ٻاهر نڪري وڃي ٿو ۽ سنڌيا کيس ائين ويندو ڏسي سوچي ٿي،
”مظفر جو رويو ته هميشه پنهنجائپ وارو هوندو هو، اڄ هو ڪيترو نه اوپرو اوپرو پئي لڳو.... لنچ تي به پاڻ ئي اچڻ ڇڏي ڏنائين، ڇا اسان کي سندن پارٽي ۾ وڃڻ گھرجي،“ ڪارڊ تي هڪ نظر وجھي ٿي، ڀڻڪندي، هي ته رابعه آپيءَ وارن جو علائقو آهي، خير احمد ۽ ڀاڀي سان ذڪر ڪنديس جي تيار ٿيا ته هليا وينداسين، اتان ٿي آپيءَ سان ملندا اينداسين.“
گھر اچي ڪومل سان ذڪر ڪري ٿي، هوءَ حامي ڀري ٿي ته احمد اچي ته پوءِ ضرور هلنداسين. ڪيترن ڏينهن کان ڪيڏانهن نڪتا ناهيون. شام جو سڀئي تيار ٿي ٻڌايل ائڊريس تي وڃن ٿا.
مظفر جو هڪ شاندار بنگلو آهي جنهن جي هڪ خوبصورت ۽ شاهي هال ۾ تقريب جو اهتمام ڪيو ويو آهي، هر طرف ڪافي چهل پهل آهي اتي ڪيتريون ئي مهمان عورتون ڏاڍي اهتمام سان تيار ٿيل ويٺيون آهن هر طرف خوشي جو ماحول آهي، سنڌيا، احمد ۽ ڪومل پهچن ٿا ته گيٽ تي چوڪيدار گيٽ کولي ٿو ۽ سندن رهنمائي ڪري ٿو اندر مظفر سندن استقبال ڪري ٿو ۽ کين وٺي اچي هڪ صوفي تي ويهڻ جي آڇ ڪري ٿو، ان وقت ڪجهه عورتون اندر اچن ٿيون جن کي ڏسي هو سڀ حيران ٿي وڃن ٿا، يڪ آواز ٿي، هي هتي ڪيئن، انهي دوران اهي اچي سنڌيا ۽ ڪومل سان ملن ٿيون، هنن سان ملي هو اڳتي وڌي ٻين مهمانن سان ملن ٿيون ته سامهون رابعه طارق ۽ رابعه جي نڻان صوبيه اندر اچن ٿا سنڌيا جي مٿن نظر پوي ٿي ته وڌيڪ حيران ٿي وڃي ٿي، سنڌيا سوچي ٿي،
”ان جو مطلب ته رابعه آپي وارا به انوائيٽ آهن.“ رابعه به کين ڏسي حيران ٿي سندن ڏي وڌي ٿي،
”توهان.... هتي....! ها ها پڪ مظفر، احمد کي انوائيٽ ڪيو هوندو.“
ڪومل اهو ٻڌي چوي ٿي، نه آپي اسان کي ته سنڌيا جي ڊپٽي ڊئريڪٽر هتي سڏيو آهي.“
سنڌيا ٿورو حيران ٿي،
”ڀاڀي... اسان جي ڊي ڊي جو نالو مظفر ئي ته آهي پر اهو احمد کي ڪيئن سڃاڻي.“
رابعه ڪجهه ٻڌائڻ واري ئي آهي ته اهي خواتين رابعه کي سڏي وٺن ٿيون طارق سامهون ويٺل مردن ڏانهن وڌي وڃي ٿو. ته سنڌيا ڪومل کان پڇي ٿي ”ڀاڀي... هي ته اهي ساڳيون عورتون آهن نه، جيڪي ڪلفٽن تي اسان سان مليون هيون.“
”ها اهي ئي آهن جن پنهنجي ڀاءُ لاءِ توکي پسند ڪيو هو. پر تو شادي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته رابعه آپي کين منع ڪري چڏيو.“
سنڌيا حيران ٿيندي.
”ڀاءُ لاءِ...! ڪهڙي ڀاءُ لاءِ، تجسس وچان، اهو هتي آيو آ ڇا، توهان هن سان پهرين مليا آهيو ڇا.“
اڃان هو ڳالهه پوري ڪن ته اندران ٿورو شور جو آواز اچي ٿو ۽ هڪ سجيل سنوريل ڇوڪري کي ڪجهه خواتين هال ۾ وٺي اچن ٿيون ۽ سامهون رکيل خالي صوفي تي کيس اچي ويهارن ٿيون. ڪومل ۽ سنڌيا حيراني سان اوڏانهن نهارن ٿيون سنڌيا زيرِ لب ڀڻڪندي،
”ته اها هئي مظفر جي سرپرائيز گيدرنگ ....!“
ان وقت طارق هڪ ٻه ٻيا دوست ۽ ساڳيون عورتون مظفر کي وٺي اچي سجيل سنوريل ڇوڪريءَ جي ڀر ۾ ويهارن ٿيون. اهو ڏسي سنڌيا جي عجيب ڪيفيت ٿي وڃي ٿي اندر ۾ ڄڻ ڪجهه ڀُري پوي ٿو اکين ۾ پاڻي تري اچيس ٿو ان وقت مظفر جون نظرون سندس نظرن سان ملن ٿيون جن ۾ عجيب اداسي ۽ بيڪسي آهي ڄڻ هو اهو سڀ ڪجهه مجبوراً ڪري رهيو هجي، ان وقت سندس ڀاڀي کيس منڊي ڏئي ٿي جيڪا بي دلي سان وٺي ڇوڪري کي پارائي ٿو پر سندس نظرون سنڌيا جو طواف ڪري رهيون آهن جيڪا تقريب جي حساب سان تيار ٿي آئي آهي هوءَ ڊارڪ بلو رنگ جي جوڙي ۽ ميچنگ آرٽيفيشل جيولري ۾ تمام گھڻي خوبصورت لڳي رهي آهي ۽ مظفر جون نگاهون سندس خوبصورت وجود کي پنهنجي اندر ۾ اوتڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن. ان وقت ڇوڪريءَ جي طرفان به منڊي هن ڏي وڌائي وڃي ٿي جيڪا بي خيالي ۾ جلدي کانئس وٺي پاڻ ئي پائي ڇڏي ٿو. سنڌيا جي اکين ۾ آلاڻ اچي وڃي ٿي جنهن کي هوءَ مشڪل سان پيئڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، ڪومل سندس حالت ڏسي حيران ٿي رهي آهي ۽ سندس احساسن کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، رابعه سندس ويجھو اچي ٿي ۽ اداس لهجي ۾ کيس چوي ٿي،
”بس هاڻي ته خوش، تنهنجي رابعه آپي توکي هاڻي فورس نه ڪندي. ڪيڏو نه سٺو ڇوڪرو هو ۽ سٺي فيملي.....“
اهو ٻڌي سنڌيا وڌيڪ حيران ٿئي ٿي ته ڪومل پڇي ٿي:
”آپي ڪهڙِي ڇوڪري جي پيا ڳالهه ڪيو.“
”مظفر جي.... ڪيڏو شوق هوَنِ سنڌيا کي وٺڻ جو.... جڏهن اسان جي شادي جي البم ۾ سنڌيا جون تصويرون ڏٺائون ته سنڌيا سڄي گھر وارن کي ۽ خود مظفر کي تمام گھڻي پسند آئي ۽ اسان تي ڏاڍو زور ڀرين ته اهو رشتو ڪرايون.“
اهو ٻڌي ڪومل حيران ٿي وڃي ٿي ۽ سنڌيا ته خوفزده به ٿي وڃي ٿي ته ڪاٿي مظفر آپي ۽ ڀائو کي رحمان جي نام نهاد رشتي جي متعلق نه ٻڌائي.
رحمان کي گھر وارن کان الڳ ٿئي ڪافي وقت گذري وڃي ٿو، سندس ٻار فواد ۽ نينا مريم ۽ شهربانو جي زير تربيت پرورش حاصل ڪري رهيا آهن. پيءُ جي عدم دلچسپي جي ڪري هو ڏينهون ڏينهن بگڙندا پيا وڃن نه ماءُ جي ٻڌن ٿا نه ناني جي، هر وقت راند روند ۾ مشغول رهن ٿا، رحمان جو ڳن ڪهاڙي ساڳيو آهي رات جو دير سان گھر اچڻ، راڳ رنگ جي محفلن ۾ دولت لٽائڻ جي ڪري آئي ڏينهن زمينون وڪرو ٿي رهيون آهن ان ڪري گھر جا حالات به خراب ٿيندا پيا وڃن، شهربانو پيرن فقيرن ۽ تعويذن ڦيڻن کان ڪونه گھٽايو پر رحمان جي چال ڍال ۾ ڪو فرق نه آيو، راتين جو نشي جي حالت ۾ اچي گھر ۾ جھڳڙو ڪرڻ ۽ پوءِ سمهي پئجي رهڻ هن جي زندگي جو ڄڻ ته معمول بنجي وڃي ٿو ان ڪري گھر جو ماحول بد کان بدترٿيندو پيو وڃي، آهسته آهسته جڏهن سموريون زمينون وڪرو ٿي وڃن ٿيون ته هو آفيس ۾ به ڪرپشن ڪرڻ شروع ڪري ٿو ۽ ڪڏهن ته ضررت ايتري ته وڌي وڃيس ٿي جو حيلي بهاني سنڌيا کان به وڏين وڏين رقمن جو مطالبو ڪرڻ کان به نه ٿو مڙي. هڪ ڏينهن جڏهن هو دوستن سان گڏ نشي ۾ ڌت گاڏي ڊرائيو ڪندي پنهنجي نائيٽ ڪلب ڏانهن وڃي رهيا آهن ته نذر ڳالهيون ڪندي پڇيس ٿو.
”يار رحمان ڏي خبر تنهنجي هوءَ شادي ڪيئن پئي هلي.“
رحمان وائڙو ٿي وڃي ٿو،
”شادي.....! ڪهڙي شادي.....!“
ٻيو دوست شڪيل کيس ياد ڏياريندي چوي ٿو،
”اڙي يار.. اهائي.. نام نهاد شادي جيڪا امتياز جي فليٽ تي ٿي هئي.
”اڇا اڇا.... اها شادي..... يار امتياز کي الائي ڇا ٿي ويو هو، ان ڏينهن کان پوءِ نه ته مون سان ڳالهائي ٿو نه وري مليو آهي، کلندي، لڳي ٿو ڄڻ سندس ڪنهن ماءُ ڀيڻ سان ائين ٿيو هجي.“
نذر ڳالهه کي اڌ مان ڪٽيندي، خير ڇڏ ان قصي کي، شاپر گاڏي ۾ رکيل هٿ ۾ کڻي، ”وري نيلم بيگم جي ڪهڙي فرمائش پوري ڪئي اٿئي،
”يار اڄ هن جي سالگرهه آهي چيائين ته زمرد جو هار کپي.“
اهو ٻڌي شڪيل ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳي ٿو، کلندي،
”سالگرهه..... انهن جي به سالگرهه ٿيندي آهي ڇا... انهن کي ڀلا ڪهڙِي خبر ته ڪڏهن ڄايون........“
نذر لاڳ وٺرائيندي،
”سچ ٿو چوين اسان وارو دوست ته صفا ڀورڙو آهي جيئن ٿي نيلم چويس تيئن ٿو ڪري. اڙي يار اهي عورتون بس پئسي ۽ دولت جون آهن جيستائين لٽائيندو رهه توهان تي واري صدقي پيون ٿينديون اڄ توهان جو هٿ تنگ ٿيو ائين منهن موڙي وينديون ڄڻ ڪڏهن توهان سان ڪو واسطو ئي نه هون.“
اهو ٻڌي رحمان ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي وڃي ٿو،
”بس بس منهنجي نيلما جي لاءِ اهڙي گستاخي مان برداشت نه ٿو ڪري سگھان.“
ٻئي هڪ آواز ٿي چون ٿا،
”اوڪي اوڪي يار.... توبه ڪئي سين. هو ڏس تنهنجي نيلم جي گلي اچي وئي. سڀئي گاڏي پارڪ ڪري گهٽي ۾ داخل ٿي وڃن ٿا.
•