ناول

اداس راھون مان تنھا

محترمہ ايس نرگس حق ادب جي اهڙي خدمتگار آهي، جيڪا سنجيدگيء سان پنھنجي قلم کان ڪم وٺي رهي آهي ۽ سنڌي ادب ۾ پنھنجو حصو مَنَ جي سچائيء سان شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ناول بابت محترمہ ايس نرگس لکي ٿي تہ ھن ناول جي ڪھاڻيءَ جو اسڪرپٽ 52 قسطن ۾ لکي ٽي وي ناٽڪ لاءِ پروڊيوسر وٽ کڻي ويس، ڊرامي جي ايپروئل پڻ ملي پر پوءِ چار سال لڳي ويا ۽ ڊرامو نہ ٺھيو. آخرڪار ان کي ناول جو روپ ڏئي ڇپايو ويو.

Title Cover of book اداس راھون مان تنھا

20

ڪيترن ڏينهن کان پوءِ شام جي وقت ٻاهر گاڏيءَ جو هارن وڄي ٿو ته مختيار جي واتان نڪري وڃي ٿو ته شايد سائين آيو آهي. سنڌيا اداسي مان چوي ٿي:
”سائين هاڻي هيڏانهن ڪٿي ٿو اچي. مون ته آسرو ئي لاهي ڇڏيو آهي، اچي نه اچي سندس مرضي آهي، مان نه ته هاڻي کيس فون ڪنديس نه اچڻ لاءِ چونديس.“
حنان اندر ڪمري ۾ گھڙي اچي ٿو سنڌيا کي ائين بيمار بيمار بيڊ تي ليٽيل ڏسي پريشان ٿي وڃي ٿو ۽ مختيار کان پڇي ٿو ڇا ٿيو آ ميڊم کي،
مختيار ڪو جواب ڏئي بغير ڪمري مان کسڪي وڃي ٿي ته سنڌيا ڪوشش ڪري اٿي ويهي ٿي،
”توهان کي خبر آهي ته توهان گهڻن ڏينهن کان پوءِ آيا آهيو؟ ۽ اهو به پڪ ڪلاڪ اڌ لاءِ.... ڇو ٿا هر روز آس ڏياري نراسائي ۾ وجهو.... آخر اهو ڪيستائين هلندوَ....؟ ۽ مان توهان جو ائين انتظار ڪندي رهنديس. توهان جي زندگي ۾ هاڻي مون لاءِ ڪابه جڳهه ناهي ته پوءِ هن بي معنى رشتي کي ڇو پيا گهليو؟“
”سنڌيا مان توهان کي ڪيئن سمجهايان..... ڏسو نه، توهان جي طبيعت به خراب رهڻ لڳي آهي، توهان ڊاڪٽر کي ڇو نه ٿا ڏيکاريو.... هلو مان ٿو ڏيکاري اچان، اهوئي ضد اٿوَ نه.“
سنڌيا بيڊ تان اٿي ڀر ۾ پيل ڪرسي تي ويهندي حسرت سان سندس هٿ جهلي روئڻهارڪي انداز ۾ چوي ٿي،
”حنان مونکي صرف توهان جي ضرورت آهي مان ڪنهن به ڊاڪٽر کي نه ڏيکارينديس.... مان توهان سان کوڙ ساريون ڳالهيون ڪرڻ چاهيان ٿي. توهان سان ڊگهي ڊرائيو تي وڃڻ چاهيان ٿي، مونکي صرف توهان جو وقت کپي، مان دل جو هر حال توهان سان اورڻ چاهيان ٿي. منهنجي ڳالهه سمجهو ڇو ڪونه ٿا، جي مون پنهنجي انهن حسرتن، آرزوئن، تمنائن کي وڌيڪ پنهنجي من اندر سانڍي رکيو ته منهنجي اندر ۾ قيامت خيز طوفان اٿندا جيڪي منهنجي وجود کي تهس نهس ڪري ڇڏيندا، ذهن جا پردا ڦاٽي پوندا.“
حنان نرمي سان هن جو هٿ پري ڪندي،
”سنڌيا توهان الائي ڇو نه ٿا سمجهڻ جي ڪوشش ڪيو، مان في الحال هن کان وڌيڪ وقت توهان کي نه ٿو ڏئي سگهان. هلنداسين ڪڏهن لانگ ڊرائيو تي... مان ڪوشش ڪيان پيو ته توهان لاءِ وقت ڪڍي سگهان.“
سنڌيا مايوس ٿي وڃي ٿي. ۽ ان کان پوءِ ڪجهه به نه ٿي چوي.
مختيار چانهه کڻي اچي ٿي، چانهه پي اٿندي چوي ٿو،
”توهان ڊاڪٽر کي ضرور ڏيکاري اچجو. مان آصف کي به چوندس..... مائي مختيار تون ڊرائيور کي وٺي، ميڊم کي ڊاڪٽر کي ڏيکاري اچجانءِ، هي اسپتال جي ائڊريس ڏئي ٿو وڃان ۽ هي فون نمبر وٺ، مئڊم ته فون ڪندي ڪون، ضرورت پوي ته مونکي فون ڪري وٺجانءِ.“
اهو چئي هو ٻاهر نڪري وڃي ٿو ۽ سنڌيا دور ٿيندي کيس حسرت ڀرين نگاهن سان ڏسندي رهي ٿي.



وقت جو ڦيٿو ڦري ٿو حنان ان ڏينهن کان پوءِ ڪئي ڏينهن جي ناغي کان پوءِ وري ايڪڙ ٻيڪڙ اچڻ شروع ڪيو آهي پر هاڻي سنڌيا جو رويو حنان سان هڪ مهمان کان وڌيڪ نه رهيو آهي. هن هر شڪايت اندر ۾ سانڍي خاموشي سان وقت گذارڻ جو اصولي فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. هوءَ وڌيڪ بي توقير ٿيڻ جي پاڻ ۾ همٿ نه ٿي ڀانئين.
اڄ هنن جي ان نالي ماتر رهجي ويل شادي کي اٺ سال پورا ٿي ويا آهن. خبر ناهي ڇو هن جي دل ۾ اها ڳالهه اچي ويٺي آهي ته اڄ حنان سڀ ويڇا وساري هميشه جيان ضرور ايندو. پاڻ سان گڏ کوڙ ساريون شيون، ڪيڪ وٺي ايندو ۽ چوندو ته،
”سنڌيا ميم توهان کان وسري ويو ڇا، اڄ اسان جي شادي ٿي هئي.“
اهو سوچي پئي ته مختيار اندر اچي کيس ڪيلينڊر ڏي نهاريندي ڏسي چوي ٿي.
”آپا وري پيا ڪيلينڊر ڏي نهاريو.“
”ها اڄ اسان جي شادي جي اٺين سالگرهه آهي، مونکي فون ڏي ته سائينءَ کي ٻڌايان.“
مختيار فون کڻي ڏئيس ٿي.
نمبر ملائي،
”هيلو حنان پوءِ اڄ اچو ٿا نه.“
”اڄ...! ڇو خير ته آهي نه.....“
هجت ڀرئي نموني،
”سائين منهنجا ياد ڪيو..... اڄ ڪهڙو ڏينهن آهي.“
”مونکي ته ياد ناهي.... ڇا ٿيو آ اڄوڪي ڏينهن کي......“
سنڌيا سخت مايوس ٿي وڃي ٿي،
”ٺيڪ آ ٺيڪ آ، توهان کي ياد اچي ته اچي وڃجو.“
حنان بيرخي مان،
”سنڌيا ميڊم مان آفيس ۾ ڪم پيو ڪيان، جلدي ٻڌايو مونکي ڪجهه ياد نه پيو اچي.“
”حنان تون ڪيڏو نه بدلجي ويو آهين.... تو ته مونکي مايوسين مان ڪڍڻ لاءِ مونکي سهارو ڏنو هو، ليڪن توئي مونکي بي رخين جي عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آ... توکي اڄ اهو ڏينهن به ياد ناهي. اڄ اسان جي شاديءَ جي سالگرهه آهي، اسلام اباد ۾ ڪيڏو نه چاهه سان وٺي هليو هئين ان ڏينهن کي سيليبريٽ ڪرڻ لاءِ.“
”اوهه سنڌيا آءِ ايم سوري.... مونکي بلڪل ياد ناهي رهيو، هونئن به اسان ڳوٺاڻا اهڙين ڳالهين کي ڪٿي اهميت ڏيندا آهيون... چڱو هاڻي توهان آرام ڪيو، مان ايندس ڪنهن ڏينهن پوءِ اطمينان سان ڳالهيون ڪنداسين.“
چئي فون بند ڪري ڇڏي ٿو ته سنڌيا حيرت سان فون کي ڏسي ٿي. ڪنهن شاعر جو هي شعر سندس لبن مان نڪري ٿو:
ملڻ واري موسم، وڇوڙا اکين ۾،
اوهان ئي رهو ٿا، اڪيلا اکين ۾،
سموري حياتي نه مرڪي سگهياسين،
اوهان ڏانهن ڏسندي به، ڳوڙها اکين ۾.
اچانڪ سندس مٿي جي تڪليف وڌي وڃي ٿي. دماغ مائوف ٿيندو پيو وڃي، کيس لڳي ٿو ته هوءَ سمنڊ جي اٿاهه گهراين ۾ گم ٿيندي پئي وڃي، ڪناري تي بيٺل ماڻهو شايد کيس سڏي رهيا هئا، پر هوءَ جواب نه پئي ڏئي سگهي، نه واپس وري پئي سگهي، ڪنارو شايد پري رهجي ويو هو. سندس اکيون بند هيون، پر کيس خبر هئي ته هوءَ اونهي سمنڊ جي گهرائي ڏانهن وڌندي پئي وڃي، سندس وجود لهرن جي رحم وڪرم تي وهي رهيو هو، پر هوءَ بي وس ٿي وئي هئي، نه ڪو بچاءُ لاءِ سهارو هو، نه ئي ڪو ڪنارو. شايد هي آخري پَل آهي، زندگي ۽ موت جي وچ ۾ هڪ پُل، هن جي دماغ، گهراين ۾ ويندي سوچيو، اهو پل پاڻيءَ جي ان بوڻيي وانگر آهي، جنهن ۾ سموري جيون جا رنگ قيد آهن، جي هوءَ اکيون کولي ٿي ته هڪ هڪ واقعي کي ڏسي سگهي ٿي. پر هن پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون هيون، پوئتي مُڙي نهارڻ مان ڪهڙو فائدو، هوءَ هن وقت جنهن مقام تي پهتي آهي. اتي نه ته ڪو ماضي آهي نه ڪو مستقبل، هوءَ زندگي کان آزاد ٿيڻ لاءِ وڃي رهي آهي، هي سندس وجود جي آزاديءَ جو واحد لمحو آهي، جيڪو الائي ڪيترو مختصر يا طويل ٿي سگهي ٿو، هن بي تعلقيءَ سان سوچيو، حيرت جي ڳالهه اها هئي ته هوءَ انهن سڀني احساسات کان بي نياز ٿي چڪي هئي، خوشيون، ڏک زندگيءَ جي روشني ۽ موت جي اونداهي سڀ بي معنى هئا. اگر ڪو احساس باقي هو ته اهو هو هنن سڀني کان بي پناهه نجات جو احساس، تڏهن ئي هوءَ بي ڊپي ٿي انهن بي پناهه اونهاين ۾ گم ٿيندي پئي وئي.
مختيار ڪمري ۾ آئي ته هن کي ائين بي خبر ڏسي هن جا ته هٿ پير ٺري ويا، جلدي ڊرائيور کي سڏيائين ۽ ٻنهي وڏي مشڪل سان وٺي کيس اسپتال پهچايو، ۽ اتي پهچڻ کان پوءِ هنن حنان کي فون ڪئي ۽ آصف جو نمبر ملائي سڄي صورتحال ٻڌائي. چيو ته هو سندس گهر وارن کي ٻڌائي ۽ جلدي اسپتال اچي، ڪجهه ئي دير ۾ سڀ پهچي ويا. سنڌيا ان وقت آءِ سي يو ۾ هئي شوڪت علي جي حالت سخت خراب هئي، طارق ۽ احمد کيس دلداري ڏئي رهيا هئا ته هن جي پياري ڌيءَ کي ڪجهه نه ٿيندو، هوءَ جلدي هوش ۾ اچي ويندي، هو ٻئي سمجهائي ڪري کيس گهر وٺي وڃن ٿا. ڪومل به کيس سنڀالڻ لاءِ گهر هلي وڃي ٿي، رابعه مٿي کي هٿ ڏئي سوچي ٿي ته هي هنن کان ڇا ٿي ويو.
ڪجهه ئي دير کانپوءِ حنان ٿڙندو ٿاٻڙندو اسپتال پهچي ٿو، دور پري هڪ بينچ تي مختيار ڏکاري ويٺي آهي. حنان هن کان پڇي ٿو،
”ڇا ٿيو آ ميڊم کي...“
هن کي ڏسي مختيار جو صبر موڪلائي وڃي ٿو هوءَ ڪو لحاذ ڪئي بغير ڏک ۽ ڪاوڙ ۾،
”بس سائين، آپا به آخر انسان آهي، ڪيستائين سهي ها.... توهان ته اسلام آباد مان اچڻ کانپوءِ هڪ ڏينهن به کيس نه ڏنو، ويچاريءَ نوڪرن جي آسري پئي زندگي ڪاٽي، اڄ صبح کان تياري پئي ڪيائين ته اڄ اسان جي شادي جي سالگرهه آهي، سائين ۽ مان وينداسين.... ڊگهي ڊائيونگ تي، مان کوڙ ساريون ڳالهيون ڪرڻ ٿي چاهيان. اندر جون سڀ ڳالهيون جيڪي سالن کان سانڍيو پئي وتان، صبح کان ڪيڏو نه خوش هئي، پاڻ اٿي پنهنجا ڪپڙا ڪڍيائين، توهان لاءِ آندل جوڙو ٻاهر ڪڍي رکيائين ۽ پوءِ توهان کي فون ڪيائين.“
الائي ڪيڏي مهل احمد ۽ طارق موٽي آيا ۽ رابعه سان گڏ اچي اتي پهتا، مختيار جون ڳالهيون ٻڌي رابعه ته روئي ڏنو، طارق ۽ احمد کي ڪاوڙ ته ڏاڍي لڳي پر موقعي جو لحاذ ڪندي خاموش ٿي ويا، ان وقت ڊاڪٽر ٻاهر آيو ته حنان ڊوڙي وڃي ڊاڪٽر کان پڇيو،
”ڊاڪٽر صاحب ڇا ٿيو آ سنڌيا کي...“
”نروس بريڪ ڊائون.... مريضه هوش ۾ ته آهي، ليڪن مسلسل ذهني دٻاءُ جي ڪري هوءَ سوچڻ سمجهڻ جي قوت وڃائي ويٺي آهي، بلڪه مان اهو چوندس ته هوءَ وڌيڪ سوچڻ سمجهڻ چاهي ئي نه ٿي.“
حنان جو چهرو اڇي هرک جهڙو ٿي وڃي ٿو، طارق ڪاوڙ ڀرين نظرن سان کيس ڏسي ٿو. ۽ احمد کي ساڻ ڪري ڊاڪٽر جي پويان سندس ڪيبن ۾ هليا وڃن ٿا ۽ ان کان سنڌيا جي حالت جي متعلق تفصيل سان پڇن ٿا.
”منهنجي خيال ۾ سنڌيا صاحبه جي نروس بريڪ ڊائون ٿيڻ جو سبب نفسياتي آهي، زندگيءَ کان فرار حاصل ڪرڻ جي ڪوشش آهي، ذهني دٻاءُ جڏهن هن لاءِ ناقابلِ برداشت ٿيڻ لڳو، ته هن اهڙي طرح درد ۽ زندگي ٻنهي کان پيڇو ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي، هن ڪجهه ٻڌڻ ۽ سمجهڻ کان قطعي انڪار ڪري ڇڏيو آهي.“
ٻئي طرف آصف حنان کي تسلي ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته هو روئڻهارڪو ٿي چوي ٿو،
”آصف تون سچ ٿو چوين مان ڏوهي آهيان سنڌيا جي آرزوئن جو، تمنائن جو، پر ڪجهه شيون پنهنجي وس ۾ ناهن هونديون، بعض حالات ۾ انسان خود پنهنجو تماشائي بنجي ويندو آهي، مان به پنهنجي حالات جي تبديلين جو تماشائي بنيو رهيس، هي عورت سنڌيا پنهنجي سموري معصوميت ۽ سچاين سميت منهنجي قريب ايندي وئي. تو هميشه مونکان پڇيو ته مان سچ ڇو نه ٿو ڳالهايان، پنهنجي محبتن جو اقرار ڇو نه ٿو ڪيان، اڄ جڏهن گهڻي دير ٿي چڪي آهي، شايد منهنجي اقرارڪرڻ يا نه ڪرڻ سان ڪوبه فرق نه پوندو، پر مان چوڻ چاهيان ٿو ته تو بلڪل ٺيڪ چيو هو، ته جيڪي ماڻهو محبت جو اعتراف نه ٿا ڪن، اهي شايد محبت ئي نه ٿا ڪن، يا وري کين محبت جي پائداريءَ جو يقين ناهي هوندو. اڄ مونکي ان ڳالهه جو يقين اچي ويو آهي ته مونکي سنڌيا ميم سان همدردي نه پر محبت آهي، شديد محبت، اهڙي محبت جيڪا اڄ تائين مون ڪنهن به رشتي سان ناهي ڪئي.“
ٻئي ڏينهن سنڌيا کي آءِ سي يو مان اسپيشل وارڊ جي روم ۾ شفٽ ڪيو ويو. ان وقت حنان ۽ آصف کان سواءِ اسپتال ۾ ڪير به ڪونه هئو. آصف سڀني کي ڪجهه دير آرام ڪرڻ لاءِ گهر موڪليو هئو، سنڌيا جون اکيون کليل هيون پر هر قسم جي احساس کان عاري بس خلا ۾ معلق هيون.
حنان سندس ڀرسان هڪ ڪرسي تي ويٺو هو ته آصف ٻاهران چانهه وٺي اندر ڪمري ۾ آيو ۽ هڪ ڪپ کيس ڏيندي، پينٽ جي کيسي مان هڪ خط ڪڍي هن ڏي وڌايو جيڪو سنڌيا ڪجهه ڏينهن پهرين آصف کي موڪليو هو، هو حيرت سان خط ڏسڻ لڳو ۽ پوءِ لفافي مان ڪڍي پڙهڻ لڳو.



” آصف ڀاءُ.“
مون ڪيتري عرصي کان حنان سان ڳالهائڻ پئي چاهيو، توهان کي ته خبر آهي ته ڪهڙين حالتن ۾ اسان جو هي رشتو جڙيو هو، جڏهن مان انتهائي مايوسين کان پوءِ پاڻ کي سنڀالي ورتو هيو، حنان اڪثر چوندو هيو ته،
”مون سڄي عمر ڪيترن ماڻهن، ڪيترن رشتن سان محبت ڪئي آهي، انڪري مون محبت کي پنهنجي تمام ويجهو کان ڏٺو آهي.“
”پر مان توهان کي چوڻ ٿي چاهيان ته هو جڏهن به توهان کي ملي ته کيس ٻڌائجو ته مون زندگي کي به شدت سان پيار ڪيو آهي، هر واسطي کان هر رشتي کان وڌيڪ، تڏهن ئي ته مان اڃان تائين زنده آهيان، تنهنجي خاطر حنان، صرف تنهنجي خاطر ئي ته زهر جو اهو پيالو جيڪو زندگي مونکي عطا ڪيو آ، ايترو آهسته آهسته پئندي رهي آهيان، ليڪن هاڻي مون ۾ اهو دم اها سگهه ناهي رهي، نه محبت جون خوشيون برداشت ڪرڻ جي، نه نفرت جي باهه ۾ پڄرڻ جي، هاڻي مان ٿڪجي پئي آهيان، اهو نه سمجهجانءِ ته مان زماني کان ڊڄي وئي آهيان يا پنهنجو پاڻ کان ڊپ ٿو لڳي، نه اهڙي ڳالهه ناهي، ڀلا ٻڏڻ وارو لهرن جي ڌڪن کان ڪٿي ٿو ڊڄي، مونکي هاڻي دنيا کان به ڊپ نه ٿو لڳي ڇو ته هينئر مون وٽ ڀورا ڀورا ٿيڻ لاءِ ڪجهه به ناهي. زماني اڳ ۾ ئي پنهنجا سمورا تيرمنهنجي سيني ۾ ٽنبي ڇڏيا آهن، مون کي انسانن سان نفرت ناهي، صرف ڪنهن تي اعتبار ناهي رهيو ۽ اهو اعتبار مون ناهي ٽوڙيو نه ان اعتبار کي ٻيهر قائم ڪرڻ منهنجي وس ۾ آهي، ان ڪري مون پنهنجي هار تسليم ڪري ورتي آهي. شڪست کي مڃڻ به وڏي حوصلي جي ڳالهه آهي ۽ اهو حوصلو مونکي مجبوراً ڌارڻو پيو آهي.“
حنان خط جي هڪ هڪ سِٽ پڙهندو پئي ويو ۽ سندس چهري جو رنگ زرد ٿيندو پئي ويو. اکين مان ڳوڙها لارون ڪري وهي رهيا هئس، هو پنهنجي منهن ڀڻڪي رهيو هو.
”سنڌيا توکي ائين نه ڪرڻ کپندو هو، مونکي ايڏو وڏو دک ڏيڻ نه کپندو هو. هن اهو سڀ چوڻ چاهيو پئي ليڪن سمجهه ۾ نه ٿي آيو ته ڪنهن کي چوي ليڪن چوڻ به ضروري هو نه ته اهو آواز ذهن جي پردن ۾ سوراخ ڪري وجهندو، هنن جملن جو تڪرار ايڏو ته وڌي ويو هو جو ٻيو ڪو آواز کيس ٻڌڻ ۾ نه ٿي آيو، ان آواز جو پڙاڏو سندس مغز ۾ مترڪن جيان لڳي رهيو هو. هن جي دل چاهيو ته هو ان آواز جي شدت سان رڙيون ڪرڻ لڳي. سنڌيا تون مونکي ڪڏهن به معاف نه ڪجانءِ..... مان تنهنجو ڏوهاري آهيان، تون ته جڏو کوڙو جي ئي رهي هئينءَ...... مون توکي نئين آس ڏئي نراساين جي اونداهي کاهي ۾ ڌڪو ڏئي ڇڏيو، تون ته اڪيلي جي رهي هئينءَ، مون ئي توکي ساٿ ڏيڻ جو عهد ڪيو، تنهنجي اڪيلاين کي دور ڪرڻ جو احساس ڏنو، ليڪن مون ته توکي ان کان به وڌيڪ تنها ڪري ڇڏيو، تنهنجي اندر جي احساسن کان بي خبر.... ڪڏهن به تنهنجي جيءُ ۾ جهاتي پائي توکي محسوس نه ڪيو، هميشه توسان نا انصافي ڪئي....
خدايا....! مونکي همٿ ڏي، مان هاڻي پنهنجي نا انصافين جي تلافي ڪندس، سندس سيني ۾ جيئڻ جي امنگ ۽ اميد پيدا ڪندس..... سنڌيا ميم جي تيمارداري ۾ پاڻ کي گم ڪري ڇڏيندس.
هو سڏڪندي چوي ٿو.. ”ڏس نه سنڌيا تنهنجو هي حنان ڪالهه کان وٺي ڪيڏانهن ناهي ويو. توسان گڏ ويٺو آهي، پليز هاڻي تون جلدي ٺيڪ ٿي وڃ.“
ان وقت آصف جيڪو هن کي سنڌيا سان حال اوريندي ڏسي دل جهلي نه سگهيو هو ۽ ٻاهر هليو ويو هو. اندر اچي سندس ڪُلهي تي هٿ رکي ٿو ته هو ڇرڪ ڀري اوپرين اکين سان کيس ڏسي ٿو.




ڪافي ڏينهن تائين هوش ۽ بي هوشي جي حالت ۾ فتح ۽ شڪست جي فيصلي جي انتظار ۾ معلق رهي، ڊاڪٽرن جو خيال هو ته هوءَ جسماني طور ته بلڪل ٺيڪ هئي، هن جي مسلسل بيهوشي جو سبب نفسياتي هو. يا ته هوءَ حقيقت کان فرار جي لاءِ هوش ۾ اچڻ ئي نه پئي چاهي، يا دنيا ڇڏڻ جي خواهش ايتري حاوي هئي جو ان جسم تي غلبو حاصل ڪري ورتو هو، ليڪن پوءِ به ڊاڪٽرن کي يقين هو ته جلد يا دير سان کيس هوش اچي ويندو، محبت ۽ زندگي انسان کي موت جي منهن مان ڇڪي واپس وٺي ايندي آهي.
ٻن مهينن ۾ سنڌيا صرف هڪ دفعو اکيون کوليون هيون ۽ پوءِ بند ڪري ڇڏيون هيون. هوش ۽ بيهوشي جي حالت ۾ هڪ احساس مستقل ٿيندو هو ته ڄڻ ڪو پاڇي وانگر سندس وجود جي آس پاس آهي، درد جي شدت ۾ سندس پيشانيءَ تي احساس جي صورت ۾ هٿ محسوس ٿيندو هو، بنا ڪنهن لفظ جي بنا ڪنهن آواز جي هوريان هوريان کيس دلداري ڏيندو هجي، جيئڻ جي آس ڏيندو هجي، هن ڄاڻڻ چاهيو ٿي ته ڪير آهي؟ حنان؟ ليڪن کيس ڊپ هو ته اکيون کوليندي ئي هو خواب جي شڪل ۾ غائب نه ٿي وڃي، ڪيڏانهن گم نه ٿي وڃي ۽ هنن ڏکارين گهڙين ۾ جنهن هن جو ايترو ساٿ ڏنو آهي، هن ٻيهر کيس وڃائڻ نه ٿي چاهيو.
هڪ ڏينهن اچانڪ کيس ائين لڳو ڄڻ هن جو ساهه گهٽجڻ لڳو آهي. سيني تي ڪنهن وزني پٿر رکي دٻائڻ جي ڪوشش پيو ڪري. سيني ڏانهن هٿ وڌائي ٻارن وانگر رڙيون ڪرڻ لڳي ۽ ڄڻ ته هن جا سڀ خواب ڀور ڀور ٿي ويا، حنان ڄڻ کيس ڪجهه چئي رهيو هجي جيڪو هن جي سمجهه ۾ نه ٿي آيو، پر حنان جون سڄيل اکيون ۽ وکريل وار کيس ڏاڍا عجيب لڳا، هي حنان کي ڇا ٿي ويو آهي، هي ته تمام نفيس آهي. بي ترتيبي کيس ڪڏهن به ناهي وڻندي. ۽ اڄ ائين وکريل وکريل بيٺو آهي.
حنان هن جي ڀر ۾ اچي ويهي ٿو،
”سنڌيا تون ڳالهائين ڇو نه ٿي، مونڏي ڏس مان حنان آهيان، مونسان ڳالهاءِ پليز..!“
حنان جي آواز ۾ عجيب نموني جو خوف هو..
ان وقت ڊاڪٽر اچي ٿو. هن جون اکيون هٿن سان کولي ڏسي ٿو جن ۾ زندگيءَ ڏانهن موٽ جي رمق نظر اچيس ٿي،
”ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪيو مس سنڌيا، مٿي ۾ سور ٿو ٿئي.“ ڊاڪٽر جو آواز ٻڌڻ ۾ اچيس ٿو.
”مٿو....!“ مٿي ڏي هٿ ڊگهيڙي، ”مٿو آهي ڪٿي....؟“ هن حيرت سان سوچيو، ”هي مٿي جي جاءِ تي برف جي وزني سِر ڪنهن رکي ڇڏي آ؟“ هن ڊڄندي ڊڄندي مٿي کي هيڏانهن هوڏانهن چوريو.
حنان هنجي چُرپُر محسوس ڪري،
”ڪجهه ڳالهاءِ نه، ڳالهائين ڇو نه ٿي اسٽوپڊ.“
حنان هسٽيريائي انداز ۾ چئي رهيو هو، کيس دڙڪا ڏئي رهيو هو.
هوءَ سوچڻ لڳي،
”هن شخص مان اهائي اميد هئي ته ڪاوڙ ۾ به دڙڪو ڏيندو آهي ته پيار ۾ به، جيڪڏهن هوءَ آخري پساهن ۾ هوندي تڏهن به دڙڪا ڏيندو.“
ڊاڪٽر ٻيهر معائنو ڪندي چيو:
”توهان کي مبارڪ هجي. هوءَ موٽي رهي آهي، اهڙا ڪئي موقعا ايندا پر هن جو وڌ ۾ وڌ خيال رکڻو آهي. هن ۾ ٻيهر زندگي ڏانهن ورڻ جي امنگ جاڳائڻي آهي، پر هن سان نارمل رويو اختيار ڪرڻو آهي، گهڻو خيال ڪرڻ سان هن جي اندر خود رحمي جو جذبو جاڳائيندو، جيڪو هن کي دُکي ڪري وجهندو.“
ٻن ڏينهن کان پوءِ هوءَ ٿوري دير لاءِ وري هوش ۾ اچي ٿي ۽ وري ڪن عميق گهراين ۾ گم ٿي وڃي ٿي.
اهڙي طرح آهستي آهستي هوش ۽ بيهوشي واري وقفي ۾ گهٽتائي اچي ٿي. هوءَ تيزي سان زندگي جي طرف موٽي ٿي، اڄ هن جي طبيعت گهڻي بهتر هئي. ڊاڪٽر هن کي ڪمري ۾ واڪ ڪرڻ لاءِ چيو هو، مختيار کيس واڪ ڪرائي ڪمري ۾ رکيل ڪرسي تي آڻي ويهاريو هو، ان وقت حنان ڪمري ۾ داخل ٿيو ته مختيار ٻاهر نڪري وئي، حنان سندس ڀرسان زمين تي ويهي رهيو ۽ سندس ٻئي هٿ جهلي ورتا، هن هٿ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي پر سندس ۾ همٿ نه هئي.
”سنڌيا تون ڪيستائين ائين مونکي نظر انداز ڪندي رهندينءَ، مان توکي صرف اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته مان پهرين گهڙيءَ ۾ جڏهن مون توکي ڏٺو هو، تڏهن ئي ڄاڻي ورتو هو ته منهنجي ذات جو ٻيو حصو تنهنجي ذات ۽ وجود ۾ شامل آهي، اسان ٻئي هڪ ئي وجود جا نا مڪمل ٽڪرا آهيون ۽ ان پهرين گهڙي ۾ مون اهو به ڄاڻي ورتو هو ته تون پنهنجو پاڻ کان هن دنيا کان ۽ محبتن کان ڪيتري خوفزده آهين. تڏهن مون چيو هو ته هڪ نه هڪ ڏينهن مان توکي ضرور ٻڌائيندس ته محبت ڇا هوندي آهي، اها نه، جنهن کي حاصل ڪري انسان خوفزده ٿي وڃي، دکي ٿي وڃي، روئندو وتي، اها محبت ناهي هوندي، محبت جي روئاريندي آهي ته کلائيندي به آهي، سنڌيا ميم، اها خوشيءَ جو نالو آ، روشنيءَ جو نالو آ، خدا جو نالو آ، ان کي ماڻڻ سڃاڻڻ کان نه ڊڄ.“
سنڌيا بي يقيني سان حنان ڏي نهاريو ۽ چوڻ چاهيو ته،
”مونکي ڪنهن جي به سڃاڻپ يا ساڃاهه ناهي، نه جذبن جي نه انسانن جي،“
ليڪن حنان، پنهنجي خوبصورت اکين جي مقناطيسي ڪشش جي پوري طاقت سان کيس ڏسي رهيو هو ۽ سندس نظرون هوريان هوريان زيرِ لب ڪجهه چئي رهيون هيون، ٻڌائي رهيون هيون سڏي رهيون هيون ۽ سنڌيا جنهن ان جي نفي ڪرڻ چاهي ٿي، کيس دور ڪرڻ چاهيو ٿي، بلڪل اچانڪ بغير ڪنهن ارادي جي سندس ٻانهن ۾ منهن وجهي سڏڪا ڀري روئڻ لڳي. حنان کيس ڪلهن کان جهلي ڪجهه چئي رهيو هو پر هوءَ صرف اهو سوچي رهي هئي ته حنان تو، جنهن پاڻ کي هڪ خول ۾ بند ڪري رکيو هو. اڄ حنان تو همٿ ڪري انهن ديوارن کي ڪيرائي ڦٽو ڪري ڇڏيو.