9
”فائن سر....! توهان هتي....!“
”ڊئريڪٽر صاحب سان ميٽنگ هئي اتان نڪتس ته سوچيم توهان وٽ هڪ ڪپ ڪافي پئندو وڃان، توهان جي کاتي ۾.......،“
مسڪرائيندي.....”ڇونه سر.....“ بيل وڄائي ٿي پٽيوالو اچي ٿو ته سنڌيا کان پهرين ئي چوي ٿو،
”ڪينٽين تان ڪجهه سينڊوچ ۽ ٻه ڪافي ميڊم جي حساب ۾.....“
”جي صاحب .......“
پٽيوالو وڃي ٿو ته هو سنڌيا سان مخاطب ٿي،
”مِس سنڌيا....! آفيس کان علاوه توهان جون ٻيون ڪهڙيون مصروفيتون آهن....“
”سر ڪجهه خاص نه.... في الحال ته نئين جاب آهي، ان کي سمجھڻ جي ڪوشش پئي ڪيان.“
پٽيوالو سيڊوچ وغيره کڻي اچي ٿو ۽ ٻنهي جي آڏو سرو ڪري ٿو ته وقت گذاريءَ لاءِ سنڌيا پڇيس ٿي،
”سر توهان هن آفيس کي ڪڏهن جوائن ڪيو.“
”توهان جي اچڻ کان ڪجهه مهينا پهرين، در اصل مان ايم بي اي جي سلسلي ۾ لنڊن ويس اتان آيس ته هتي جاب آفر ٿي ۽ اڄ توهان سان گڏ ڪم پيو ڪيان.“
اهڙيون ئي ڳالهيون ڪندي ڪافي ختم ڪن ٿا ته مظفر اٿندي،
”زبردستيءَ جي ڪافيءَ لاءِ ٿينڪس.“
سنڌيا مسڪرائيندي،
”نو سر.... مونکي خوشي ٿي، آفيس ۾ پنهنجائپ واري ماحول ۾ ڪم ڪرڻ خوشگوار محسوس ٿيندو آهي.“
”اوڪي مان هلان ٿو.“
شام جو سنڌيا آفيس مان اچي ٿي ته شوڪت علي ٻڌائيس ٿو ته احمد آفيس مان موٽندي ڪومل کي وٺيو ايندو، سنڌيا خوش ٿي وڃي ٿي ۽ فريش ٿي ڪومل ۽ ننڍڙي جي استقبال جون تياريون ڪري ٿي، خاله زهره کي به ٻڌائي ٿي.
”مائي عالمه ڪچن ۾ وڃي ڪجهه کائڻ پيڻ جو بندوبست ڪري وٺ، مان ڀاڀي جي ڪمري کي ٿورو سيٽ ڪري ٿي اچان، پوءِ اچي آپا رابعه کي فون ڪري ٻڌايان ٿي.“
ڪجهه ئي دير ۾ ڪومل ۽ احمد گھر اچن ٿا ته انهن سان گڏ رابعه، طارق ۽ خاله زهره اندر اچن ٿا سڀني جا چهرا خوشين سان ٻهڪي رهيا آهن سڀئي واري واري سان ننڍڙي کي کڻي پيار ڪن ٿا. خاله زهره کيس هنج ۾ کڻي چوي ٿي،
”توهان سڀني کي مبارڪ هجي اڄ ٻيهر ننڍڙو احمد علي هن اڱڻ تي آيو آ ته هي اڱڻ خوشين سان ٻهڪي پيو آ.“
”توهان کي به مبارڪ هجي، احمد کي توهان ئي نپائي وڏو ڪيو، اڄ جيتري خوشي توهان کي ٿيندي هوندي ان جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو.“
”ڀاءُ سچ ٿا چئو، رابعه جي ماءُ جي گذارڻ کان پوءِ احمد ۽ سنڌيا تمام ننڍڙا هئا ۽ پاڙيسري هجڻ جي ناتي اهو منهنجو فرض هو ته سندن خيال رکان ۽ توهان کي ته خبر آ ته پيدائش کان پرورش وڌيڪ مٺي هوندي آ، ان ڪري مونکي به توهان جيتري خوشي پئي ٿئي.“
خاله ننڍڙي کي پيار ڪندي موتين جا زيور کيس پارائي ٿي ۽ سنڌيا کي چوي ٿي ته هي مٺائي کڻي سڀني جو وات مٺو ڪرائي، ان کان پوءِ سنيتا ۽ عالمه چانهه سان گڏ ڪجهه فرائيز کڻي اچن ٿيون.
شام جو گل بانو ۽ شمسه ٻاهر ويٺيون ڪچهري پيون ڪن، شمسه آهسته لهجي ۾ ماءُ کي چوي ٿي ته ڪالهه رحمان ڳوٺان ٿڪل ٽُٽل آيو، چيائين ته آرام ٿو ڪري پوءِ الائي ڪاڏي ٻاهر نڪري ويو ته ٻارهين بجي تائين ته ڪونه موٽيو هو.۽ وري صبح ساڻ ناشتو ڪئي بغير ٻاهر هليو ويو.
ان تي گل بانو چويس ٿي ته:
”نه اهڙي ڳالهه ناهي ٻارهين بجي ڌاري موٽي آيو هو، مان باٿ روم مان نڪتس ته پنهنجي ڪمري ۾ پئي ويو، ماني پڇي مانس ته چيائين ته ٻاهران کائي آيو آهي.“
”پر امان مونکي رحمان جو رويو ڪجهه ٺيڪ نه ٿو لڳي، الائي ڪهڙي ڪِرت سان وڃي لڳو آهي.“
”هاڻي ته شراب جي به عادت ٿي وئي اٿس، رات به مونکي پيتل ٿي لڳو.“
”بس امان الله سمجهه ڏيندس، اهڙو هئو ته ڪونه.“
”ڀلا سنڌيا جي ڪا خبر چار، اڄ ڪلهه ڇا پئي ڪري،“
”سنيتا ٻڌايو پئي ته ڪنهن ڪمپنيءَ ۾ نوڪري پئي ڪري.“
”اهو چڱو ٿيو..... رحمان ته هاڻي تنگ ڪونه ٿو ڪريس نه.......“
ڳالهه کي نٽائيندي،
”الائي امان مونکي خبر ناهي. ان وقت نجمه ۽ جاويد ٻاهر اچن ٿا ۽ سڀ گڏجي چانهه پين ٿا.
رحمان آفيس مان جيئن ئي اٿي ٿو ته سوچي ٿو ته صبحاڻي ته ڳوٺ وڃڻو آهي، ڇونه اڄوڪي رات سنگت سان گذارجي گھر ويندس ته وري امان جي ساڳي گهپي پئي پوندي.ان ڪري رستي مان ڪجهه کائڻ پئڻ جو سامان وٺي سڌو امتياز جي فليٽ تي وڃي ٿو جتي ٽئي دوست اڳ ۾ ئي ويٺا آهن، امتياز کيس سامان سان گڏ ايندو ڏسي کلندي چوي ٿو ته:
”خير ته آهي لڏي پلاڻي پيو اچين،“
انهن مان هڪ دوست جيڪو هاڻي رحمان سان گھڻو هجائتو ٿي ويو آهي، کيس ڏسي امتياز کي اک هڻندي چوي ٿو،
”يار امتياز تنهنجو هي رحمان آهي خوش نصيب، دولت مند گھراڻي مان شادي ڪيائين ۽ اهوبه اهڙو جن جو اڳيان پويان ڪير به ڪونهي. سموري اڇي ڪاري جو پاڻ مالڪ بنجي ويو آهي.“
ٻيو دوست لاڳ وٺرائيندي چوي ٿو:
”پر رحمان آهي ڏاڍو ڪنجوس، ڪڏهن الله جي ڏني مان سنگت کي به صلاح ڪبي آهي.“
رحمان کلندي چئي ٿو،
”يارن سان ڪهڙي ڪنجوسي، اٿي شڪيل کائڻ پيڻ جو سامان کولي کڻي آ، ٻيو به ڪجهه گھرائڻو هجي ته تڪلف جي ڪا ڳالهه ناهي، يارن سان ڪهڙي ڪنجوسي. اڄ دل کولي خرچ ڪبو.“
امتياز، رحمان جي ڳالهه ٻڌي فخر سان چوي ٿو ته:
”هن جي دوست جي دل وڏي آ توهان حڪم ڪيوس.“
شڪيل اهو ٻڌي خوش ٿيندي چوي ٿو ته:
”جي اها ڳالهه آ ته پوءِ اڄ اسان جي فرمائش آ ته کائجي پيئجي ته روز ٿو اڄ نائيٽ ڪلب هلجي، اها دنيا به ڏسجي.“
ڀرسان ويٺل نذر تاڙو ملائيندي چوي ٿو،
”شڪيل، واه جي ڳالهه ڪئي اٿئي، رحمان جهڙو امير ۽ سخي دوست هجي ۽ اسان هتي رمي ۽ ڊرنڪ ۾ پيا ٽائيم پاس ڪيون، يار ڪا ته وڏن ماڻهن واري عياشي ڪرڻ کپي.“
رحمان جيڪو زمينن جا ڪاغذ ٺهرائڻ لاءِ ڏئي، ان وقت کان پاڻ کي زميندار سمجھڻ لڳو آهي اهو ٻڌي ڦونڊجي وڃي ٿو.
”ته پوءِ زميندار بنجڻ جي خوشي ۾ اڄ جي سڄي عياشي منهنجي کاتي ۾ جيڪو چوندئوَ ائين ٿيندو يارن سان ڪهڙا ليکا.“
امتياز کي سنگت مان اها اميد نه هئي ته هو اهڙي ڳالهه تي لهي ايندا ۽ رحمان به نه سمجھندي هنن جي ڳالهين ۾ اچي ويندو کيس فهمائشي انداز ۾.
”بس يار بس تون به هنن جي چوڻ تي.....!“
رحمان ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي،
”نه يار اڄ سنگت کي نه ٽوڪ نه روڪ، اهو جهان به ڏسڻ گھرجي. هونئن به گھر جي مرغي دال برابر هوندي آهي.“
شڪيل لاڳ وٺرائيندي،
”۽ اسان جهڙن مسڪين ڇڙن ڇانڊن وٽ ته اها به ڪونهي.“
”ته پوءِ هلو، اڄ دل کولي عياشي ڪبي، صبحاڻي مون کي وڃڻو آ ڳوٺ گھر جي مرغي کي وٺڻ ، پوءِ اهڙي آزادي ڪٿي ملندي.“
امتياز انڪار ڪندي چوي ٿو ته اهو سڀ هن کان نه ٿيندو. ان تي ٽئي ڄڻا کلن ٿا رحمان کيس چوي ٿو ته:
”اهو ٺيڪ نه ٿو لڳي سنگت کان ائين منهن ناهي مٽائبو.“
هو صفا انڪار ڪندي کيس چوي ٿو:
”رحمان تون به نه وڃ، ان دٻڻ ۾ جيڪو ڦاٿو ان جو نڪرڻ مشڪل ٿي ويندو آهي.“
”ڇڏ يار اڄ نه روڪ، ڏسڻ ڏي اها دنيا ۽ تون به موقعو هٿان نه وڃاءِ.“
”تنهنجي مرضي...... پر..... آءِ ايم سوري يار! مان توهان جو ان ڳالهه ۾ ساٿ نه ٿو ڏئي سگھان.“
ٽئي ٻاهر نڪري وڃن ٿا امتياز کين ويندو ڏسي ڏکارو ٿي وڃي ٿو، آهسته آواز ۾ پنهنجي منهن ڳالهائي ٿو.
”رحمان کي بگاڙڻ ۾ منهنجو هٿ آ پر مون کي اها ڄاڻ نه هئي ته هو ان حد تائين هليو ويندو.“
رحمان گاڏي ڊرائيو ڪري ٿو ۽ هو ٻئي واري واري کيس رستا سمجھائن ٿا آخر گاڏي هڪ انڌيري گھٽيءَ ۾ داخل ٿئي ٿي ته رحمان حيران ٿي هنن کان پڇي ٿو ته هو ڪٿي اچي نڪتا اهن، ڪاٿي غلط رستو ته وٺي نه آيا آهيون، هتي ته پري پري ڪا نائيٽ ڪلب نظر ڪونه ٿي اچي. ٻئي هڪ ٻئي ڏي معنيٰ خيز نگاهن سان ڏسن ٿا ۽ شڪيل کلندي چوي ٿو،
”اسان جي حساب ۾ اهو علائقو نائيٽ ڪلب چورائيندو آهي، هتي راتيون جاڳنديون آهن ۽ ڏينهن سمهندا آهن، ٿي نه نائيٽ ڪلب.“
رحمان پس و پيش ڪندي چوي ٿو،
”پر يار.... توهان ته چيو هو....“
انهي وقت گھنگرن جا آواز ڪنن ۾ گوجڻ لڳن ٿا ته ٽنهي جا قدم اوڏانهن وڌڻ لڳن ٿا.
•
شام جي وقت گل بانو ٻاهر ويٺي آهي. شمسه انهيءَ وقت اسڪول مان واپس اچي ٿي ۽ هيڏي هوڏي نهاريندي ماءُ کان پڇي ٿي ته رحمان وارا اڃان ناهن پهتا، سج لهڻ وارو آهي، ماءُ جو آواز ٻڌي نجمه به ڪمري مان ٻاهر اچي ٿي ۽ گھڙيال ۾ وقت ڏسي،
”ساڍا پنج پيا ٿين جاويد الائي ڇو دير ڪئي آهي، هونئن ته پنجين بجي تائين اچي ويندو آهي.“
ماڻس چويس ٿي ته ٽريفڪ جي ڪري ڪٿي ڦاسي ويو هوندو. اڃان اهي ڳالهيون پئي ڪين ته گھنٽي وڄي ٿي نجمه جلدي وڃي در کولي ٿي، جاويد اندر اچي ٿو، سندس هڪ هٿ ۾ وڏي بئگ آهي ۽ ٻئي هٿ ۾ شاپرن ۾ ڪجهه سامان اٿس سندس پويان رحمان به سامان کنيو اندر اچي ٿو نجمه شمسه ۽ گل بانو اچرج مان کين ڏسن ٿيون اڃان اها حيرت دور ئي نه ٿي ٿئي ته پويان مريم فواد کي کنيو پئي اچي ۽ ان سان گڏ شهربانو اندر داخل ٿئي ٿي گل بانو ڪاوڙ ۽ ڏک مان پُٽ کي ڏسي ٿي، شهربانو کي ڏسندي کيس اهي ڏينهن ياد اچي وڃن ٿا جڏهن شهربانو کين گھر مان تڙي ڪڍيو هو هڪ هڪ منظر فلم جيان سندس ذهن جي پردي تي منعڪس ٿيڻ لڳي ٿو،
”تنهنجو ۽ تنهنجي ٻارن جو اسان ٺيڪو ناهي کنيو، مڙس ڇا مئو اٿس مائيءَ سڄو وزن کڻي اسان تي رکيو آهي، اها ڌيڻين انگريزي پڙهي ڇا ڪندي، ڪهڙي ماسترياڻي ٿيڻو اٿس، روز روز، اڄ ڪتاب وٺي ڏيو اڄ فيهون ڏيو، آهن ناهن بس هنن کي کپن، ناهن اسان وٽ توهان جا لاڏ سهڻ لاءِ پئسه، مڙسنهن مري ويو ته هڪ ٽڪوبه نه ڇڏي ويو....“
”خدا خدا ڪر شهرو، شمسه جي پيءُ کي اها خبر نه هئي ته سئوٽس سندس مُئي کان پوءِ زمينن جا کاتا ائين پنهنجي نالي ڪرائي ڇڏيندو، نه مختارنامو ڏئيس ها نه هو ائين ڪري ها. هاڻي ملڪيت به اسان جي ۽ اکيون به اسان کي ٿي ڏيکارين.“
ٻئي ٻار ڊنل سهميل پري کٽ تي ويٺا هجن، رحمان ته وڏن آوازن تي ڊڄي روئڻ لڳو ۽ شمسه کيس ڀاڪر ۾ لڪائي پرچائڻ لڳي. شهربانو ته به نه مُڙي اڃان زور سان ڳالهائيندي،
”بس، هاڻي بس، وڏي آئي آ ملڪيت واري، الائي ادي رحيم داد کي ڪهڙي کُٽي کنيو جو توسان لائون لڌائين، ٻه اکر ڇا پڙهي آ، پاڻ کي وڏي معتبر ٿي سمجھي، نڪرو هاڻي هتان، وڃي پنهنجي لاٽ صاحبن کي ٻئي هنڌ پڙهاءِ.“
گل بانو جي اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳن ٿا، روئندي سامان پيڪ ڪري ٿي ۽ کيس چوي ٿي،
”چڱو، چڱو. تون به ڏسجانءِ قدرت جو کيل، يتيمن جي ملڪيت هڙپ ڪئي اٿو. خدا پاڻهي ان جو حساب ڪندو، مان اڄ کان پوءِ ڪڏهن به هن در جي چائنٺ نه ٽپنديس.“
”چڱو ٻڌوسين، منهنجو به فيصلو آ، مان تنهنجي مُئي کان پوءِ به تنهنجو منهن نه ڏسان، ڪڏهن به تنهنجي در جو پاڻي نه پيئنديس.“
مراد خان جيڪو هي سڄو جھيڙو ٻڌي رهيو هو آخر ان کان رهيو نه ٿيو ڀيڻ کي ڇيڀيندي، چوڻ لڳو،
”بس ادي بس...! ايڏو وڏو ٻول نه ٻول، رب الائي ڪهڙي ڳالهه تي ناراض ٿي پوي ...“
”تون چپ ڪر اهڙي همدردي ٿئي ته تون به کڻ ٽپڙ ۽ گڏجي پئو وڏي ڀيڻ سان.....“
اهو سڀ سوچي گل بانو اڄ به ايتري ئي ڏکاري ٿي وئي،
”قدرت جا به پنهنجا فيصلا آهن، اڄ شهر بانو، بي وس ٿي منهنجي اڱڻ تي آئي آهي.... پر هيءَ وري به اسان جي ٺهيل ٺڪيل زندگي ۾ زلزلو آڻي ڇڏيندي، رحمان تو ائين ڇو ڪيو.“
ڪاوڙ ۾ منهن ٻئي طرف ڪري پنهنجي ڪمري ڏي هلي وڃي ٿي، شمسه مجبوراً، اٿي هنن سان ملي ٿي ۽ هن کي لائونج ۾ اچي ويهاري ٿي، رحمان ماءُ جو خراب موڊ ڏسي سندس پويان ڪمري ۾ وڃي ٿو، مريم سڄي صورت حال کي سمجھندي ڪاوڙ مان ننڍڙِي کي کڻي پنهنجي ڪمري ڏانهن هلي وڃي ٿي.
رحمان ماءُ جي ڪمري ۾ وڃي ٿو ته هوءَ ڏکاري پلنگ تي ويٺي آهي پُٽ کي ڏسي کيس شڪايتي لهجي ۾ چوي ٿي،
”شهربانو کي هيڏي وٺي اچڻ کان پهرين تو مونسان وات ٽڪاڻي ڪرڻ به ضروري نه سمجھو.“
”امان مامي مراد خان جي وڃڻ کان پوءِ چاچي بلڪل اڪيلي ٿي وئي هئي، هن ڏک جي گھڙي ۾ مون وٽ ان کان سواءِ ڪوبه چارو ڪونه هو.“
ڪاوڙ مان چويس ٿي،
”تنهنجي پيءُ کان پوءِ اسان به اڪيلا ٿي ويا هئاسين، اسان جو به ڪير ڪونه هئو، هن جو ته وري به ڳوٺ راڄ هئو نوڪر چاڪر هئا پنهنجو گھر گھاٽ هئو. هن مائيءَ مونسان ڪهڙيون جٺيون ڪيون، شمسه ۽ توکي وارن کان جھلي جڏهن ماريندي هئي ته کيس ذرو به قياس نه ايندو هو ته منهنجي دل تي ڇا گذرندي هوندي، ڪير هو اسان جو جنهن جي آسري تي اسانکي اسانجي پنهنجي گھر مان لوڌي ڪڍيائين.“
رحمان شرمسار ٿي وڃي ٿو.
”امان مونکي سڀ ياد آهي، مان سمجهه سان هوَس پر..... جي اسان به اهڙو ورتاءُ ڪيو ته پوءِ اسان ۾ ۽ هن ۾ ڪهڙو فرق رهندو.“
”ڪجهه به ٿي پوي مان هن کي پنهنجي ٺهيل ٺڪيل زندگي ۾ ڏار وجھڻ لاءِ پنهنجي گھر ۾ برداشت نه ٿي ڪري سگھان، هن جو نانگڻ وارو سڀاءُ بدلجي نه ٿو سگھي، جتي ڏسندي زهر هارڻ کان سواءِ رهي نه سگھندي.“
”ٺيڪ آ امان، مان جلد هنن جو ٻئي ڪنهن هنڌ انتظام ڪندس.“
”ڇا مطلب آ تنهنجو....؟.... هون.... هاڻي سمجھيم ته اهو سڄو منصوبو ڇا لاءِ ٺهيو آهي.... توکي اسان کان ڌار ڪرڻ لاءِ.... شهربانو ۽ ان جي اولاد مان ٻي اميد به ڪهڙي ڪري پئي سگھجي، آخر وڌئون نه منهنجي آنڊن ۾ هٿ..... منهنجي جگر جي ٽڪري کي مونکان ڌار ڪرڻ جو منصوبو نيٺ ڪامياب ٿين، باقي اها ڪسر رهيل هئن، اها به پوري ڪين.“
رحمان ٿورو تيز ٿي وڃي ٿو،
”توهان به ڪهڙو منهنجي زال سان سهي هليا آهيو، پهرين ڏينهن کان هن سان گھر وارن جو رويو مان چڱي طرح سمجھندو رهيو آهيان.“
”تنهنجو ڏوهه ناهي پُٽ....! اڄ تون شهربانو جي زبان پيو ڳالهائين.“
ٻنهي جا تيز آواز ٻڌي شمسه اندر اچي ٿي.
”رحمان، تون ئي کڻي ماٺ ڪر، ڇو ٿو امان جي زخمن تي لوڻ ٻرڪين.... امان توهان به ٿورو صبر کان ڪم وٺو، هنن جي گھر ۾ تازو قضيو ٿيل آهي. اهي ڳالهيون پوءِ به ٿي سگھن ٿيون“
رحمان ڪاوڙ ۾ خاموشيءَ سان ٻاهر نڪري وڃي ٿو، گل بانو ليٽي ڪجهه ڳالهائڻ بنا ٻئي طرف منهن ڪري ڇڏي ٿي ته شمسه به رحمان جي پويان ٻاهر نڪري وڃي ٿي.
•
هوڏانهن مريم جي ڪمري ۾ شهربانو اداس ويٺي آهي، هن کي گل بانو جي رويي ڏاڍو رنج رسايو آهي، ويتر مريم سندس ڦٽن کي ڇيڙيندي چويس ٿي،
”ڏٺئي نه امان چاچيءَ جو نمونو، رڳو ڏک سور به نه ونڊيائين.“
”انصاف آ، سالن جا ڦٽ اڃان نه ڇٽا اٿس، مان ٻه ٽي دفعا اڳ ۾ به آئي آهيان، تڏهن ته ائين نه ڪيائين.“
”تڏهن ته تون ايندي هئينءَ مهمان ٿي، پڪ هوندي هئس ته ڏينهن ٻن ۾ موٽي ويندينءَ پر هاڻي سمجھندي هوندي ته ٽپڙ ٽاڙي جو کڻي آئي آهي ته موٽي ٿوروئي ويندي، تڏهن باهه وٺي ويس.“
”پر اسان ڪهڙو ساڻس سان رهڻ آيا آهيون.“
”اها ته اڃان کيس خبر ڪانهي نه..... جي نه خبر پيس ته رحمان کي هن کان جدا پيا ڪيون ته الائي ڇا ڪندي، آسمان کڻي مٿي تي کڻندي.“
”پر تو ته چيو هو ته رحمان گھر وٺي ڇڏيو هوندو.....“
”مون ته ائين سمجھو هو پر.....“
”چڱو، چڱو.... مان به هتي ٿوڪي ٿي ڪونه رهنديس، رحمان ٻاهران موٽي اچي ته چوينس ته جلد گھر جو قبضو وٺي.“
”چڱو امان ڳڻتي نه ڪر، هيڏانهن منهنجي پاسي ۾ اچي آرام ڪر...“
”نه مان هتي صوفي تي ئي سمهي ٿي رهان.“
دروازو کڙڪي ٿو ۽ شمسه اندر اچي،
”چاچي اٿو، توهان هلي منهنجي ڪمري ۾ آرام ڪيو هتي ڏکيا ويٺا آهيو.“
”نه امان.... مان هتي صوفي تي ئي ليٽي ٿي پوان.“
شمسه ٻانهه کان جھلي اٿاريس ٿي،
”نه چاچي توهان سدائين منهنجي ڪمري ۾ رهندا آهيو، اٿو اوڏانهن هلو. امان جي ڳالهه دل ۾ نه ڪيو، اٿو....“
اٿاري ٻاهر وٺي وڃيس ٿي ته پويان منهن گھنجائي مريم ڀڻڪي ٿي،
”ماءُ لوڻ ٻرڪي، ته ڌيءَ پها رکڻ پهچي وئي آ، الائي ڪهڙي سياست وڙهنديون رهنديون آهن.“
آفيس مان فارغ ٿي رحمان پراپرٽي ايجنٽ وٽ وڃي ٿو جيڪو کيس اها خوش خبري ڏئي ٿو ته هن گھر جا ڪاغذ تيار ڪرائي ڇڏيا آهن توهان باقي پيمينٽ ڏيو ته توهان کي گھر جو قبضو وٺي ڏيون، رحمان باقي پيمينٽ ڏئي ٿو ۽ ڏهن لکن جي بجاءِ کيس پندرهن لکن جي رسيد لاءِ چوي ٿو ايجنٽ پهرين ته ڪجهه پس و پيش ڪري ٿو پر ڪجهه وڌيڪ ڪميشن ملڻ تي راضي ٿي وڃي ٿو. هو کيس چوي ٿو ته صبحاڻي رجسٽري لاءِ ڪاغذ جمع ڪرائيندو ۽ پوءِ توهان کي چاٻي وٺي ڏيندو. اتان ٿي هو باقي رهيل ڪم به مڪمل ڪرڻ چاهي ٿو ڇو ته سندس من ۾ آهي ته نئين گھر ۾ شفٽ ٿيڻ کان پهرين زمينن جو معاملو به پنهنجي هٿ وس ڪري، ان چنتا کي به دور ڪري، نئين گھر ۾ نئين انداز جي زندگي جي شروعات ڪجي، سڌو وڪيل سان ملڻ لاءِ وڃي ٿو جيڪو کيس ڪاغذ تيار ٿي وڃڻ جي نويد ڏئي ٿو ۽ کيس چوي ٿو ته قانوني فارملٽيز کي پورو ڪرڻ کان پوءِ خواتين کي وٺي اچي ته جيئن هو ٽرانسفر جي ڪاغذن تي صحيحون ڪن. هو کائنس پڇي ٿو ته ڪاغذ درست ته ٺهرايا آهن نه اڳتي هلي ڪو مونجھارو ته نه ٿيندو. وڪيل اهو چئي کيس اطمينان ڏياري ٿو ته فائيل اسٽڊي کان پوءِ خبر پوي ٿي ته اصل ۾ سموريون زمينون سندس والد صاحب جون آهن جيڪي انتهائي چالاڪي سان هنن پنهنجي نالي ڪري ورتيون هيون، ۽ جي ساڳئي نموني جي چالاڪي سان واپس توهان جي نالي ٿين ٿيون ته ان ۾ ڏوهه ڪهڙو آهي. بس توهان اسان جي في اسان جي حساب سان ڏيندئو، باقي اسان تي ڇڏي ڏيو حقدار کي حق ڏيارڻ اسان جو ڪم آهي، توهان هاڻي بي فڪر ٿي گھر وڃو ايندڙ هفتي انشاالله خواتين کي وٺي اچجو، توهان زمينن جا مالڪ ٿي ويندئوَ. اتان اٿي هو سڌو گھر لاءِ روانو ٿئي ٿو.
•
سنڌيا ۽ مظفر سندس آفيس ۾ ڪجهه فائيلز تي ڪم ڪري فارغ ٿين ٿا ته سنڌيا اٿڻ جي ڪري ٿي ته مظفر کيس چوي ٿو ته ترسي چانهه پي پوءِ وڃي هنن فائلن جي ڪم جي بوريت دور ڪرڻ لاءِ ٿوري دير رليڪس ڪرڻ گھرجي، سنڌيا اهو ٻڌي چوي ٿي،
”سر....! مان ته بور ناهيان ٿي، بلڪه ڪم سکندي مزو پيو اچي.“
”اها ته تمام سٺي ڳالهه آهي، مون ته توهان جي خيال سان چيو پئي.“
”نو سر....! ريئلي آءِ ايم انجوائنگ.“
مظفر دلچسپيءَ سان سندس ڳالهه ٻڌي چوي ٿو،
”اگر توهان محسوس نه ڪيو ته هڪ ذاتي سوال ڪيان.“
سنڌيا اچانڪ اهڙي سوال لاءِ تيار نه هئي سندس منهن لهي ويو پوءِ به پاڻ تي ڪنٽرول ڪندي چيائين،
”سر اگر ويري پرسنل نه هجي ته......“
”او، نو، نو، مان اهڙو ڪوبه سوال ڪرڻ جي جرئت ڀلا ڪيئن ٿو ڪري سگھان.“
سنڌيا اطمينان جو ساهه کڻندي،
”ته پوءِ پڇو، ڇا ٿا پڇڻ چاهيو.“
”توهان هي جاب فائينل ڪيريئر جي طور چوائس ڪئي آ يا.... في الحال ڪيو پيا.“
”سر ڏسو قسمت ڪيڏانهن ٿي وٺي وڃي، هونئن ته سي ايس ايس ڪرڻ جو ارادو آهي.“
”سٺو ارادو آهي... پر پاڻ کي قسمت جي حوالي ڪري ڇڏڻ بلڪل سٺو ناهي.“
”سر هاڻي مون کي هلڻ گھرجي.“
”اوڪي.... توهان ڀلي هلي وائيند اپ ڪيو آفيس ختم ٿيڻ جو ٽائيم ٿي ويو آهي.“
آفيس ختم ٿيڻ کان پوءِ سنڌيا پرس ۽ ڊائري کڻي ٻاهر اچي ٿي، ٽيڪسيءَ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن واجھائي ٿي ته سامهون مظفر کي ايندو ڏسي ٿي، هوءَ تڪڙا قدم کڻندي اڳتي وڌي ٿي جيئن مظفر جي نگاهه مٿس نه پوي، هڪ دڪان جي اوڍر ۾ وڃي بيهي ٿي، دڪان مان رحمان نڪري ٿو کيس اتي بيٺل ڏسي اچي پويان سندس ڪلهي تي هٿ رکي ٿو ڇرڪ ڀري پويان نهاري ٿي رحمان جي هٿن ۾ ڪافي شاپر آهن. سنڌيا پريشان ٿي ان طرف ڏسي ٿي جيڏانهن مظفر گاڏي ڪڍڻ ويو آهي، هوءَ سوچي ٿي ته جيڪڏهن مظفر جي نگاهه رحمان تي پئجي وئي يا هن اچي مونسان ڳالهائڻ جي ڪئي ته رحمان الائي ڪيئن ري ايڪٽ ڪري. رحمان کيس پريشان ڏسي پڇيس ٿو ته ڇا ڳالهه آ، هوءَ کيس ڏسي پريشان ڇو ٿي وئي آهي، ڇا هوءَ ڪنهن جو انتظار ڪري رهي آهي.
”انتظار...! نه نه ڀلا مان ڪنهن جو انتظار ڪنديس....“
”ته پوءِ اتي ڇو بيٺي آهين.“
”آفيس جي سامهون ڪا رڪشه ٽيڪسي ڪونه ملي ان ڪري ڏسندي ڏسندي هيستائين هلي آيس.“
”چڱو.... اچ مان ٿو ڊراپ ڪندو وڃانءِ.“
هوءَ سوڄڻ لڳي ٿي ته جي مظفر کيس ائين رحمان سان ويندي ڏسي ورتو ته هو منهنجي لاءِ ڇا راءِ قائم ڪندو، پر منهنجو هن جي راءِ سان ڀلا ڪهڙو واسطو مان ان جي باري ۾ ڇو پئي سوچيان.“
”ڪهڙن خيالن ۾ گم ٿي وئينءَ، هل مونکي دير پئي ٿئي.“
”ته پوءِ توهان وڃو پليز.... مان رڪشه ڪري هلي وينديس.“
رحمان سوچي ٿو ته ضرور ڪا ڳالهه آ جو هيءَ مونکي ڏسي پريشان ٿي وئي آهي، اهو خيال ڪندي ڪاوڙ وچان سندس منهن ڳاڙهو ٿي وڃي ٿو،
”ڳالهه ڇا هي اهڙي اکڙيل اکڙيل ڇو پئي لڳين، وڌيڪ پريشان نه ڪر چپ چاپ هل، توکي ڇڏي پوءِ مان گھر ٿو وڃان،“
”پر مون چيو نه ته مان پاڻهي هلي وينديس ته پوءِ ضد ڇا جو آ توهان کي هونئن به دير پئي ٿئي.“
”چڱو هاڻي گھڻا نخرا نه ڪر، آرام سان هلي گاڏيءَ ۾ ويهه.“
سنڌيا هيڏانهن هوڏانهن نهاري خاموشي سان رحمان سان گڏ هلي وڃي گاڏيءَ ۾ ويهي ٿي، وري سوچ ۾ پئجي وڃي ٿي، ته هي کيس ڇا ٿي ويو آهي هن کي مظفر جي ايتري پرواهه ڇو پئي ٿئي، جي هن رحمان کي ڏسي به ورتو ته ڪهڙو فرق ٿو پوي. رحمان وري کيس ائين گم سم ڏسي پڇيس ٿو :
”ڪجهه ته آهي جنهن جي پرده داري پئي ٿئي.“
هوءَ ڳالهه ٺاهيندي،
”رحمان آپي ۽ بابا جن مونکي شاديءَ لاءِ سخت پريشرائيز ڪري رهيا آهن. هاڻي مون وٽ کين ٽارڻ لاءِ ڪو به جواز ڪونهي.“
اهو ٻڌي رحمان جو موڊ خراب ٿي وڃي ٿو، هو سنڌيا کان ڪنهن به حالت ۾ دستبردار ٿيڻ نه ٿو چاهي.
”مان توکي بار بار چئي چڪو آهيان ته تون منهنجي آهين مان توکي ڪنهن ٻئي جو ڪڏهن به ٿيڻ نه ڏيندس.“
”پر.... مان گھر وارن کي ڇا چوان..... يا ته توهان کانئن منهنجي رشتي جي ڳالهه ڪيو....“
”اهو به في الحال ممڪن ناهي.“
اهو ٻڌي سنڌيا کي به ڪاوڙ وٺي وڃي ٿي،
”ته پوءِ جڏهن ممڪن ٿئي تڏهن مونسان ملجو.
اهو ٻڌي هو تپي باهه ٿي وڃي ٿو،
”اهو به ممڪن ناهي... لڳي ٿو ته تون پاڻ جان ڇڏائڻ جا بهانا پئي ڳولهين.“
”نه، مان صرف چاهيان ٿي ته جلد از جلد اسان جي شادي ٿي وڃي مان وڌيڪ گھر وارن جي تقاضائن کي نٽائي نه ٿي سگھان.“
رحمان هار مڃندي.
”ٺيڪ آهي، مان ڪجهه ڏينهن ڪجهه پرابلمز جي ڪري مصروف آهيان، پوءِ ان موضوع تي ڳالهائينداسين.“
”ضد ڪندي، ”نه مونکي ڏينهن ٻن ۾ جواب کپي، نه ته پوءِ........“
هو وري تيز ٿي وڃي ٿو،
”پوءِ ڇا....؟
سنڌيا ڪجهه سوچي خاموش ٿي وڃي ٿي،
”ٺيڪ آهي... توهان مون کي هتي ڊراپ ڪيو، مان اڳتي هلي وينديس.“ رحمان گاڏي روڪي ٿو ته هوءَ ڪجهه چئي بغير لهي هڪ گھٽي ۾ داخل ٿي وڃي ٿي ته هو گاڏي اسٽارٽ ڪري سوچي ٿو،
”اڄ سنڌيا جي رويي ۾ عجيب بيگانگي هئي، ڇا واقعي سندس ڪو رشتو آيو آهي، جي ائين هجي ته پوءِ..... نه نه مان هن کي ڪنهن ٻئي جو ٿيڻ نه ڏيندس، پر کيس ڪيئن روڪجي...“ ڪجهه سوچي ڪنڌ لوڏي ٿو.
سنڌيا گھر پهچي پنهنجي ڪمري ۾ آرام ڪرڻ لاءِ هلي وڃي ٿي. بيڊ تي ليٽندي ئي رحمان جو خيال ۽ اڄ جي صورت حال ذهن ۾ اچيس ٿي. هي هن کي ڇا ٿي ويو هئو، مظفر کي ڏسي ڪترائي نڪري وڃڻ جي ڪوشش، هُن ته ڪڏهن به اهڙي ڪا ڳالهه، ڪو رويو مونسان ناهي رکيو، پوءِ هن کان ڪترائڻ جو ڪهڙو جواز هو، ۽ رحمان کي اتي ڏسي مون کي ڇاٿي ويو هو، خواه مخواه هن جي ذهن ۾ شڪ پيدا ٿيو، هاڻي هو هر وقت پيڇو ڪندو. آخر مون ڇو نه ٿي چاهيو ته مظفر مون کي رحمان سان ڏسي، منهنجي پنهنجي زندگي آ، مان ڪنهن سان ملان نه ملان مان ڇو ڪنهن ٻئي جي مداخلت برداشت ڪيان. پر اهو سڀ ڇو پئي سوچيان، ڪنهن منهنجي زندگيءَ ۾ مداخلت ڪئي.... لڳي ٿو ته منهنجو دماغ خراب ٿي ويوآ، اهو سڀ منهنجي ذهن جو فطور آهي، هروڀرو رحمان کي شڪ ڪرڻ جو موقعو ڏنم. ان وقت ٻاهران ڪومل جو آواز اچي ٿو ته اٿي ڪمري مان ٻاهر نڪري وڃي ٿي.
•
رحمان رات جو گھر اچي ٿو ته سڌو پنهنجي ڪمري ۾ هليو وڃي ٿو ۽ فريش ٿي ٻاهر اچي ٿو ته مريم دل ئي دل ۾ چوي ٿي ته اڄ وري پي آيو آ، هو سڌو مريم جي ڀرسان اچي ويهي ٿو ۽ کيس پيار ڀرين نظرن سان ڏسندي،
”اڄ مريم بيگم لاءِ خوشي جي خبر آهي.“
اهو ٻڌي مريم خوشيءَ وچان.
”واقعي....“
”بلڪل هي وٺ پئسن جي رسيد.....“
”سموري پيمينٽ ڪري آيا.....“
”ها.... تڏهن ته رسيد ڏيان پيو سنڀالي رکجانءِ.....“
رسيد تي هڪ نظر وجھندي حيران ٿي پڇي ٿي،
”پندرهن لک...! ايڏو مهانگو گھر.... توهان ته چيو هو ته ڏهن تائين ڪم ٿي ويندو..... هاڻي فرنيچر ڪٿان وٺبو.“
”مڙئي ٿي ويندو.... فصل لهڻ وارو آ ڪجهه پگھار ملندي.....“
اهو ٻڌي کيس ڪجهه اطمينان ٿئي ٿو، رحمان کي خوشي مان ڀاڪر پائيندي.
”منهنجو اڄ خواب پورو ٿيو، منهنجو پنهنجو گھر هوندو، ڪوبه روڪڻ ٽوڪڻ وارو نه هوندو.“
”چڱو هاڻي آرام ڪر.....“
”پر چاٻي ڪڏهن ملندي.....“
”ملي ويندي ڏينهن ٻن ۾، پر امان وارن کي ايستائين نه ٻڌائجانءِ.“
”ڇو نه ٻڌايان، چاچيءَ امان کي جڏهن کان ڏٺو آ سنئين منهن ڳالهائي نه ٿي. منهنجي ماءُ کان مٿي ڪو ٻيو آهي ڇا....؟ منهنجي ماءُ جي دل آزاري ٿئي ته ڀلي پئي ٿئي باقي....“
”بس هاڻي بس، ماٺ ڪري سمهي پئو....“
هوءَ ڪاوڙ مان منهن ڦيرائي سمهي رهي ٿي.
ڪجهه ڏينهن ائين گذري وڃن ٿا ته هڪ ڏينهن سنيتا ۽ نجمه لائونج ۾ ويٺيون آهن ته شمسه به ٻاهر اچي ويهي ٿي ۽ سنيتا کان سنڌيا وغيره جو حال احوال وٺي ٿي ان وقت فون جي گھنٽي وڄي ٿي ته نجمه اٿي فون کڻي ٿي.
”امي ڪو اسٽيٽ ايجنٽ هو، چيائين ته رحمان صاحب جيڪو بنگلو خريد ڪيو هو ان جي چاٻي ملي وئي آهي اچي کڻي وڃي.“
ماڻس ڪجهه ڪجهه سمجھي وڃي ٿي،
”مان به چوان ته چاچي شهرو لڏي پلاڻي هتي ڪيئن پهتي آهي، اسان سان گڏ رهڻ لاءِ ته ڪونه آئي هوندي، پر اندر ئي اندر اها کچڻي پئي پڪي....“
شمسه اندر هلي وڃي ٿي ته سنيتا به موڪلائي هلي وڃي ٿي انهيءَ وقت رحمان به ٻاهران اچي ٿو ۽ سڌو ماءُ جي ڪمري ۾ هليو وڃي ٿو جيڪا شهربانو جي اچڻ ڪري اڃان پُٽ سان ناراض آهي، رحمان کيس ناراض ڏسي سندس ڀر ۾ اچي ويهي ٿو،
”امان توهان چاچيءَ جي اچڻ تي اڃان تائين ناراض آهيو نه. مون توهان جي ناراضگي جي خيال کان کين هتان کان ٻه گھٽيون ڇڏي ننڍڙو گھر وٺي ڏنو آهي..... بس ڏينهن ٻن ۾ هو هتان شفٽ ڪري وينديون.....“
گل بانو سندس ڳالهه تي ڪو بحث ڪئي بغير مختصراً.“
”ٺيڪ آ....“
”پر..... پر.....“
گل بانو حيرت مان کيس ڏسي ٿي....“
”پر مان توهان کان اجازت وٺڻ آيو آهيان.“
ايتري ۾ شمسه ۽ نجمه اندر اچن ٿيون انهن کي ڏسي رحمان چپ ٿي وڃي ٿو. ته شمسه کانئس پڇي ٿي ته هو ڪهڙي ڳالهه جي ڪري ايڏو گھٻرايل پيو لڳي.
”نه آپا اهڙي ڪا ڳالهه ڪانهي، در اصل امان کي ٻڌائڻ پئي چاهيم ته....“
نجمه ڳالهه ڪٽيندي،
”ته ماميءَ وارن لاءِ نئون بنگلو خريد ڪيو آهي، توهان جي اچڻ کان ڪجهه پهرين ايجنٽ فون ڪري ٻڌايو هو ته چاٻي کڻي وڃو.“
اهو ٻڌي رحمان خاموش ٿي ماءُ ڏي ڏسي ٿو جنهن جو منهن ڏک ۽ ڪاوڙ وچان ڳاڙهو ٿي وڃي ٿو،
”ڇا جي اجازت وٺڻ آيو آهين. اندر ئي اندر اهو ٿيندو رهيو ۽ اسان تائين ٻاڦ به نه پهتي،... مون کي ته اهو ان ڏينهن ئي انديشو ٿي ويو هئو جڏهن مريم گھر ۾ پهريون قدم رکيو هو ته اها شهربانو جي طرفان منهنجي جگر ۾ آخري ڇري هڻڻ جي تياري آهي.... آخر منهنجي جگر جو ٽڪر مون کان ڌار ڪين....“
اهو ٻڌي شمسه کي به ڪاوڙ وٺي وڃي ٿي،
”پر هينئر ٻڌائڻ جي ڪهڙي ضررت هئي، گھر وٺڻ مهل ته اجازت جي ضرورت ڪونه محسوس ڪيئي،...... پوءِ هاڻي ماءُ جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ ڇو آيو آهين.... توکي جيڪو وڻي اهو ڪر..... ايترو ته سوچين ها ته امان ۽ اسان تنهنجي بغير اڪيلا هتي ڪيئن رهنداسين.“
رحمان خاموشي سان هنن جو ڳالهيون ٻڌي ٿو،
”امان جي ئي ته مرضي هئي نه ته چاچي هتي هڪ ڏينهن به نه رهي، هاڻي هوءَ اڪيلي ته ٻئي گهر ۾ نه رهندي نه.....“
”ها باقي تنهنجي ماءُ ڀلي هتي اڪيلي رهي، واه ٻچا واه.....“
”امان ان ڪري ته مون ٻه گھٽيون ڇڏي ويجھو گھر ورتو آهي جيئن ٻنهي گھرن ۾ ايندو رهان.“
هو وڌيڪ بحث نه ٿيون ڪن رحمان به هتان وڃڻ ۾ ئي عافيت سمجھي ٿو. هن جي وڃڻ کان پوءِ گل بانوءَ جي ضبط جو مادو ختم ٿي وڃي ٿو روئندي چوي ٿي ته هوءَ فواد جي بغير ڪيئن رهندي. ان تي شمسه ڪاوڙ مان چويس ٿي ته،
”بس امان هروڀرو پنهنجي طبيعت خراب نه ڪيو، پنهنجو اولاد ته پنهنجو نه ٿيو ان جو اولاد ڪهڙو اچي تاج پارائيندو.“
اهو چوندي پاڻ به روئي ڏئي ٿي،
•
سنڌيا پنهنجي ڪمري ۾ ڪنهن فائيل تي ڪم ڪري رهي هئي ته سنيتا پنهنجي مخصوص انداز سان سندس ڪمري ۾ وارد ٿئي ٿي،
”ڪهڙا حال ڪهڙا چال، ڇا پيو ٿئي.“
سنڌيا کيس ڏسي ڪم ڇڏي ڪرسي سرڪائي اٿي اچي بيڊ تي ويهي ٿي ۽ کيس ويهڻ لاءِ چوندي پڇيس ٿي،
”سڀ خير پر تون ڪيترن ڏينهن کان پوءِ پئي نظر اچين، لڳي ٿوته مصروفيت وڌي وئي آهي.“
”نه اهڙي ڳالهه ناهي، تون به هاڻي آفيس مان دير سان اچين ٿي، ان ڪري مناسب نه ٿو لڳي ته تون ٿڪل ٽُٽل اچين ۽ مان اچي توکي تنگ ڪيان.“
”نه اهڙي ڳالهه ناهي..... خير ڪا نئين خبر چار.....“
”نئين تازي خبر اها آهي ته مريم نئون گھر ورتو آهي ۽ ڏينهن ٻن ۾ اوڏانهن شفٽ ڪري ويندا.“
سنڌيا سوچ ۾ پئجي وڃي ٿي،
”تڏهن رحمان ان ڏينهن ايڏي شاپنگ ڪيو پئي ويو.“
سنيتا کيس سوچ ۾ ٻڏل ڏسي،
”ڇو ، ڇا ٿيو.....“
”نه ڪا خاص ڳالهه ناهي.....“
هوءَ نٽائڻ جي ڪري ٿي.
”رحمان توسان ضرور مليو هوندو، توکي نه ٻڌايائين ڇا......“
”مليو ته ڪونه هو، پر ان ڏينهن آفيس مان موٽيس پئي ته کوڙ سارا شاپر کنيو گاڏي ۾ پئي رکرايائين، شايد نئين گھر لاءِ شاپنگ ڪئي هوندائين.“
”واه سنڌيا واه..... هاڻي تون مونکان به لڪائڻ لڳي آهين، نجمه ٻڌائي پئي ته ماما کي الائي ڇا ٿي ويو آهي راتين جو به دير سان گھر اچي ٿو.....“ توسان ته ڪٿي نه ٿو ملي، خيال ڪجانءِ.....“
”نه، نه.... مان ڀلا رات جو ساڻس ڪيئن ملي سگھان ٿي..... “
” ناني ۽ رحمان جو ان ڏينهن جھيڙو ٿي پيو.... نانيءَ ته روئي روئي حال وڃائي ڇڏيا آهن.“
سنيتا کيس تفصيل سان حال احوال ڏئي ٿي، سنڌيا غور سان سندس ڳالهيون ٻڌي ٿي سندس چهرو غمگين ٿي وڃي ٿو دل اداس ٿي وڃي ٿي، جنهن گھر ۾ مستقبل ۾ وڃڻ جا هن خواب ڏٺا هئا اهي ڀورا ڀورا ٿي ويا هئا ۽ هوءَ ڪجهه به نه ڪري سگھي هئي.
ڪجهه وقت ائين بغير ڪنهن خاص واقعي جي گذري ويو، هڪ ڏينهن سنڌيا آفيس ۾ فون تي ڀيڻ سان ڳالهائي رهي هئي ته پٽيوالي کيس اچي چيو ته مظفر صاحب کيس ياد پيا ڪن. هوءَ ڀيڻ کي چوي ٿي ته ڊپٽي صاحب سڏايو آهي پوءِ ٿي ساڻس ڳالهائي، رابعه کيس چوي ٿي ته هوءَ ساڻس ناراض آهي، هن سندس دل ڏکائي آهي، سنڌيا ڀيڻ کي راضي ڪرڻ لاءِ چوي ٿي ته هوءَ جلد کيس پنهنجي فيصلي کان آگاهه ڪندي. في الحال اجازت ڏيو اهو چئي فون بند ڪري اٿي مظفر جي ڪيبن ڏانهن وڃي ٿي.
•
رحمان شهربانو ۽ مريم سان گڏ نئين گھر ۾ شفٽ ٿي وڃي ٿو، شهر بانو کي اهو گھر جيڪو مهانگي اگھه ۾ خريد ڪيو ويو آهي ڏسي سخت مايوسي ٿئي ٿي، ٿڌو ساهه ڀريندي چوي ٿي،
”هائي ڙي قسمت.....! هيڏي وڏي حاويلي ڇڏي اچي هن کُڏڙيءَ جهڙي گھر ۾ رهڻو پوندو..... ڪڏهن سوچيو به ڪونه هوم..... پر ابا رحمان....! هيڏا سارا پندرهن لک ڀريا اٿئون ۽ رڳو ٽن ڪمرن جو گھر، آڳند به ايترو ننڍڙو جو ٻن کٽون به مس پون..... ڪيئن ٿيندو گذارو....“
رحمان اهو ٻڌي ناگوار لهجي ۾،
”چاچي مون مريم کي پهرين ئي هي گھر ڏيکاريو هيو. ڪراچي ۾ ايترن پئسن ۾ ايترو ئي گھر ملندو. هي ڳوٺ ناهي جتي زمين مفت جي، جيترو وڻي ڪوٽ کڻي کڻايو. هونئن به هتان جي آبهوا اهڙي آ جو ماڻهو ٻاهر ناهن سمهندا. آڳند صرف گاڏي بيهارڻ لاءِ هوندو آهي.“
”شابس ٿئي پُٽ...! سڄو ڏينهن ڪمرن ۾ ويهي ته ساهه ئي ٻوساٽجي ويندو.“
مريم کان رهيو نه ٿو ٿئي هوءَ نه ٿي چاهي ته رحمان ماڻس جي ڳالهين تي چڙي پوي ماءُ کي سمجھائي ٿي،
”امان ڳڻتي نه ڪر، الله ڏنو ته وڏو گھر به وٺي وٺنداسين. هاڻي ڇڏيو ان ڳالهه کي، اچو ته سامان سهي ڪيون،“ مڙس کي چوي ٿي، ”سائين توهان مائي صغرا کي هيڏي وٺي اچو نه، فواد به ان سان هريل آهي.“
”نه، نه، صغرا امان جي خدمت لاءِ رکيل آهي ان کي هيڏي ڪيئن آڻبو..... تون هتي ٻي ڪنهن ماسي جو بندوبست ڪري وٺجانءِ.“
رحمان وارن جي گھر مان شفٽ ٿيڻ تي گھر جو ماحول ڏاڍو سوگوار ٿي وڃي ٿو، گل بانو روئي روئي پنهنجو حال وڃائي ڇڏيو آهي شمسه پنهنجي ڏک کي لڪائيندي ماءُ کي آٿت ڏيندي رهي ٿي هن کائڻ پيئڻ ئي وساري ڇڏيو آهي هر وقت فواد جي لوري لڳي پئي اٿس، شمسه ڪڏهن کيس دلداري ڏئي ٿي ته ڪنهن مهل چڙي به پوي ٿي. هوءَ بار بار اها ڳالهه ٻڌي ته ٽي ڏينهن ٿي ويا آهن نه پاڻ آيو نه ننڍڙي کي آندائين، چويس ٿي ته هو نوان نوان گھر شفٽ ڪري ويا آهن ڪجهه ڏينهن سيٽنگ ۾ لڳي ويندن، واندو ٿي اچي ويندو هنن سان ملڻ، ٻئي کين ساري رهيون آهن ته گھنٽي وڄي ٿي شمسه اٿي در کولي ٿي ته شايد رحمان آيو هوندو پر اهو ڏسي سندس چهرو حيرت گاڏڙ خوشيءَ سان ٻهڪي پوي ٿو در تي سنڌيا ۽ سنيتا آهن کين کيڪاري اندر اچڻ لاءِ چوي ٿي. هو ٻئي اندر اچن ٿيون ته سنڌيا کي ڀاڪر پائي ملي ٿي. سنڌيا سامهون ويٺل گل بانوءَ کي ڏسي ٿي ته وڌي ادب سان ساڻس ملي ٿي. گل بانو به وقتي طور تي پنهنجو ڏک وساري کيس ڏسي خوشيءَ مان ڳراٽڙِي پائي ملي ٿي، ۽ ڏوراپو ڏيندي چويس ٿي،
”منهنجي ڌيءُ ته عيد جو چنڊ ٿي وئي آهي، ماءُ کي ائين وساري ڇڏيئي ته امان جئري آهي يا مري وئي.....“
”نه، نه، ناني امان.....! اهڙي ڳالهه ناهي جاب جي ڪري شام تائين آفيس جي بلي، پوءِ ٿڪ ۾ ڪيڏانهن نڪرڻ جو موڊ ئي نه ٿو ٿئي.“
شڪايتي انداز ۾، ”ها امڙ ماءُ سان ملڻ لاءِ به موڊ جي ضرورت پوندي آهي.....“
”نه، نه، منهنجو اهو مطلب نه هو. ڏسو نه جيئن ئي سنيتا ٻڌايو ته مريم وارا توهان کان الڳ ٿي ويا آهن ۽ توهان پريشان آهيو ته رهيو نه ٿيو ۽ ملڻ هلي آيس.“
”ڏاڍو سٺو ڪيئي، امان ته ٻن ڏينهن کان نه ته ڪجهه کائي ٿي نه پئي ٿي رڳو پئي ٿي روئي.... هاڻي تون امان سان ويهه ته مان ڪجهه ٺاهي ٿي اچان، ڏسان ته امان جي هيءَ ڌيءُ ڪيئن ٿي ماءُ کي کارائي.“
شمسه اٿي ڪچن ڏي وڃي ٿي. ته سنڌيا گل بانوءَ کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪندي چوي ٿي،
”ڏسو ناني امان....! مريم هتي هونئن به سيٽ ڪونه هئي، ذميداري پونديس ته گھر سنڀالڻ جو شعور پيدا ٿيندس، روز روز جي ڪِر ڪِر کان بهتر آهي ته هوءَ پري رهي محسوس ڪري ته بزرگن جي دعائن جي ماڻهوءَ کي ڪيتري ضرورت هوندي آهي. توهان دل نه لاهيو اجھو ٿي لاڙڪاڻي مان نجمه توهان کي خوشخبري ٻڌائي، الله ڪندو ته توهان جو گھر به ڀرجي ويندو.“
ڳالهين ڪندي شمسه ٽري ۾ ڪجهه کائڻ پيئڻ جو سامان کڻي اچي ٿي ته سنيتا سندس مدد لاءِ اٿي ٿي. سنڌيا پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چويس ٿي،
”ڏسو آپا، ڪيتريون شيون کڻي آئي آهي.... آپا توهان ايڏي تڪليف ڇو ڪئي ڀلا مان ايترو ڪجهه ڪيئن کائينديس.“
”ڪيتري عرصي کان پوءِ آئي آ منهنجي ڌيءُ ۽ چوي ٿي ته ڪيئن کائيندس.“
سنڌيا چالاڪيءَ سان،
”شاباس ناني امان شاباس، ماءُ کائي نه، ۽ ڌيءُ کي چوي ته تون کاءُ.“
اهو ٻڌي گل بانو سنڌيا جي هن پيار ڀري چالاڪيءَ کي سمجھندي مسڪرائي ٿي،
”نوڪري ڪري ڏاڍي سياڻي ٿي وئي آهين، اڳ ۾ ته ائين ڳالهيون نه ڪندي هئينءَ، چڱو هاڻي کاءُ.“
سنڌيا پليٽ ۾ ڪجهه شيون وجھي ٿي ۽ ڪيڪ جو هڪ ٽڪرو سندس ڏانهن وڌائيندي،
”اوڪي ناني امان.... پهرين توهان کائو پوءِ مان کائيندس.“
زوري ڪيڪ سندس وات ۾ وجھي ٿي، ته گل بانو کانئس پليٽ وٺي کائڻ شروع ڪري ٿي ته سڀ پنهنجي پنهنجي پليٽن ۾ ڪجهه کڻن ٿيون، شمسه خوش ٿي وڃي ٿي ۽ دل ئي دل ۾ چوي ٿي، ڪاش! اڄ سنڌيا رحمان جي ڪنوار بنجي اسان وٽ هجي ها ته اسان جو گھرپيو ٻهڪي ها.
ڪجهه دير ڳالهيون ڪرڻ کان پوءِ هو موڪلائن ٿيون،
”چڱو ناني اسان هلون ٿيون، بابا انتظار ڪندو هوندو.“
گل بانو حسرت مان،
”ايندي ڪر... هاڻي هتي توکي پريشان ڪرڻ وارو ڪير ڪونهي.“
”ڪوشش ڪنديس.... توهان هاڻي رليڪس ٿيو سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.“
سنيتا ۽ سنڌيا موڪلائي ٻاهر نڪرن ٿيون، جيئن ڏاڪڻيون لهي ٻئي طرف مڙن ٿيون ته ان وقت رحمان فواد کي کنيو ڏاڪڻيون چڙهي ٿو. هوڏانهن سنڌيا جي وڃڻ کان پوءِ گل بانو کين حسرت سان ويندو ڏسي ٿي ۽ ٿڌو شوڪارو ڀريندي،
”ڪيڏي نه سُلڇڻي ۽ سٻاجھي ڇوڪري آهي، ورهين جي دردن، سورن تي پها رکڻ واري، هڪ مريم آهي جيڪا چڱي ڀلي روح کي ئي زخمي ڪيو ڇڏي. ڪاش! سنڌيا ننهن بنجي هن اڱڻ تي اچي ها ته گھر جنت بنجي پوي ها.“
”بس امان، اهي سڀ لکئي جا ليک آهن، مريم جو رحمان سان لکيو هو تڏهن ته ورهين کان پوءِ وڃي ڳوٺ نڪتو.“
ڳالهين ڪندي رحمان مٿي چڙهي اچي ٿو. ماءُ ۽ شمسه کي هشاش بشاش ڏسي حيران ٿي وڃي ٿو، سوچي ٿو ته اسان جي وڃڻ جو هنن تي ته ڪو اثر ئي ڪونهي. کانئس رهيو نه ٿو ٿئي،
”ڇا ڳالهه آ، امان اسان جي وڃڻ کان پوءِ اڄ ڏاڍي فريش پئي لڳي ۽ شام جي چانهه تي اڄ ته ڏاڍو اهتمام ڪيو اٿو. (ڪيڪ جو ٽڪرو کڻي فواد جي هٿ ۾ ڏئي ٿو ۽ ٽوڪ ڀرئي لهجي ۾ چوي ٿو) ڪو خاص مهمان آيو هو ڇا جو امان ايڏي خوش پئي لڳي.“
شمسه به هن جي ٽوڪ کي سمجھندي ساڳئي انداز سان چويس ٿي،
”ها واقعي....! امان جي لاڏلي ڌيءُ آئي هئي گھڻي وقت کانپوءِ.........“
”لاڏلي ڌيءُ....!
گل بانو فواد کي وٺندي، ”ها، سنڌيا آئي هئي.....“
”سنڌيا...!“
”ها سنيتا، سنڌيا کي ٻڌايو ته توهان جي وڃڻ ڪري امان سخت ڏکاري ٿي وئي آهي، اهو ٻڌي هن کان رهيو نه ٿيو ۽ امان سان ملڻ هلي آئي. توهان جي وڃڻ ڪري امان ٽن ڏينهن کان ڪجهه به نه کاڌو هو، سنڌيا زوري امان کي کارايو آهي.“
رحمان دل ۾ سوچي ٿو ته سنڌيا ڪيڏي نه چالاڪ ڇوڪري آهي امان جي دل ۾ جاءِ ٺاهڻ جي لاءِ جهد پئي ڪري، جيئن هوءَ مون تائين پهچڻ جو رستو ٺاهي وٺي.“
”ڇا پيو سوچين ٽن ڏينهن کان آيو ناهين، امان جو ذرو به خيال نه ٿيئي.“
”وڪيل ڏانهن چڪر پئي هيم، اٽارني پاور مامي مراد خان جي نالي کان پنهنجي نالي منتقل ڪرائڻا هئا.“
گل بانو سوچي ٿي ته انهن زمينن جي چڪر ۾ ته تو اسان کي ڇڏي ڏنو پنهنجي محبت کان منهن موڙي وئين، الله توکي ساڃاهه ڏيندو، مونکي ته هي جهان ڏاڍو ڏکيو پيو لڳي.
شمسه ماءُ جي دل جي ڳالهه نيٺ چئي ڏئي ٿي،
”خيال ڪجانءِ اٽارني پاور به هڪ امانت وانگر هوندو آهي، ان ۾ خيانت جو سوچجانءِ به نه.“
هوءَ اٿي سندس لاءِ چانهه ٺاهڻ وڃي ٿي ته رحمان دل ئي دل ۾ ڀيڻ جي سادگيءَ تي کلي ٿو ته هن جو انهن زمينن لاءِ ايڏا پاپڙ ويليا آهن سو ان لاءِ ته اٽارني پاور امانت جي طور ڳچي سان ٻڌي گھمندو وتندو، ڪيڏي نه سادي آ منهنجي ڀيڻ به.“
•