17
جميل کيس ڏسي چوي ٿو،
”واهه يار يڪو سمهي پيو آهين، اڄ ته مان وڃان پيو دل ڀري ڪچهري ڪيون ها. هن جي چهري کي غور سان ڏسندي، ڇا ڳالهه آ رات سهي ننڊ نه ڪئي اٿئي ڇا.... ها يار نئين شادي آ ڪٿي ٿي ننڊ اچي.“
”اها ڳالهه ناهي......“
”ڇا ڳالهه آ سنڌيا ميم اڪيلي آفيس هلي وئي.....“
”اڄ مان آفيس ڪونه ٿو وڃان، توسان گڏ هلان پيو ڪراچي.....“
”ڪراچي.... پر اچانڪ پروگرام ڪيئن ٺهي ويو.... شادي کي اڃان عرصو ئي ڪيترو ٿيو آهي.... اهو مناسب ته نه ٿو لڳي.... تمام ضروري آ ته سنڌيا ميم کي به وٺي هل.“
”نه يار، رات تنهنجي وڃڻ کان پوءِ ثمينه جي فون آئي هئي، توکي ته سندس نيچر جي خبر آهي ته هوءَ ڪيڏي نه شڪي مزاج آهي، بس وڙهي پئي ته ايترا ڏينهن لڳائي ڇڏيا اٿئي، فورًا اچ نه ته ٻار وٺي مان ٿي ايڏانهن اچان.“
”اهو ته ٺيڪ آهي پر جي سنڌيا هلندي ته هوءَ ته مائٽن ڏي هلي ويندي تون ڳوٺ هليو وڃجانءِ.“
”نه ان سان گڏ مون کي اخلاقن هڪ اڌ ڏينهن اتي رهڻو پوندو، ان دوران ثمينه سڌو پهچي ويندي اسلام آباد، ان ڪري مان سڌو ڳوٺ وڃڻ ٿو چاهيان.“
”يار تون به عجيب آهين، ٻي شادي ڪرڻ همٿ وارن مردن جو ڪم آهي. تنهنجو ته هينئر ئي ساهه ٿو وڃي، اڳتي الائي ڇا ڪندين.“
حنان ٻڌو اڻ ٻڌو ڪندي،
”بس يار جلدي وڃي رليو ٿي اچ ته نڪرون.“
جميل هن جي اٻهرائپ ڏسي حيران ٿي وڃي ٿو ۽ کيس ياد ڪرائي ٿو ته گاڏي ته شام جو ملندي هينئر کان اتي وڃي ڇا ڪرڻو آ. هو کيس سمجھائي ٿو ته اهو مناسب ناهي، هو آفيس وڃي، ڪجهه دير کان پوءِ مان به رليو ٿي اوڏانهن ميم کي خدا حافظ چوڻ ويندس اتي لنچ ڪري پوءِ نڪري هلنداسين. اهو ٻڌي هو ڪجهه رليڪس ٿي وڃي ٿو، ناشتو ڪري ٻئي ٻاهر نڪرن ٿا.
ڪجهه دير کان پوءِ حنان سنڌيا جي ڪيبن جو در ناڪ ڪري اندر اچي ٿو ته سنڌيا کيس ڏسي حيران ٿي وڃي ٿي، هن جي چهري جي تاثرات کي سمجهندي سندس ڪجهه چوڻ کان پهرين ئي حنان چوي ٿو،
”مان موڪل تي آهيان، توهان سويل ئي آفيس لاءِ نڪري آيوَ، ان ڪري سوچيم ته وڃڻ کان پهرين توهان سان ملندو وڃان، توهان به ته نه پڇيو ته اچانڪ ڇو پيو وڃان.“
”حنان....! مونکي خبر آهي ته ضرور ڪا اهڙي ڳالهه هوندي تڏهن توهان اچانڪ تيار ٿي ويا..... هونئن به اسان ٻنهي لاءِ بلڪه توهان لاءِ اهوئي بهتر رهندو جو هتي هجو ته هتي جا ٿي رهو ۽ اتان جي ڪا ڳالهه نه ٿئي ۽ اتي هتان جي ڪا ڳالهه نه ٿئي، ائين توهان به خوش رهندا ۽ ٻئي گھر به ٽينس نه ٿيندا.“
”پوءِ ته مونکي ٻٽِي شخصيت جئڻي پوندي.... خيرجيئن توهان جي مرضي.“
”حنان....! مان پنهنجي محبتن کي شيئر ڪرڻ جي سگهه پاڻ ۾ نه ٿي ڀانيان ان ڪري مان ان خوشفهمي ۾ رهڻ چاهيان ٿي ته مان ئي اڪيلي توهان جي جيون ۾ آهيان.“
ان وقت جميل به اندر اچي ٿو حنان کي ڏسندي،
”هي توهان جو حنان صاحب پهچي ويو نه... هي ته اتان ئي وڃڻ جو ارادو ڪيو ويٺو هو وس نه پڳس ته صبح ساڻ وڃي اسٽِيشن تي ويهي ها.“
”اڇا ته توهان مجبور ڪيو اٿس، مان پاڻ هن کي ڏسي حيران ٿي وئي هئس. چڱو ڇڏيو انهن ڳالهين کي لنچ ٽائيم ٿي ويو آهي، هتي ڪندا يا ٻاهر هلون.
” هتي ئي گھرايون ٿا.“
ٻئي لنچ ڪري موڪلائي هليا وڃن ٿا، ته سنڌيا کين ويندو ڏسي اداسي مان سوچي ٿي ته، اهي اٺ ڏهه مهينه ته ائين پر لڳائي گذري ويا جو خبر ئي نه پئي.
•
شام جو سنڌيا جڏهن گهر موٽي ته گهر جا در ديوارون ڄڻ ته کيس کائڻ ٿي آيا، هوءَ ته سالن کان هنن اڪيلاين ۽ تنهاين جي هريل هئي ته پوءِ اڄ کيس ڇو ائين محسوس ٿي رهيو هو ته ڪا خاص شيءِ هن کان جدا ٿي وئي آهي، اندر جو خالي پڻو هن کي پريشان ڪري رهيو هو، هوءَ پنهنجو پاڻ کان سوال ڪري رهي هئي ته حنان واقعي رت بنجي هن جي نسن ۾ ڊوڙي رهيو هو؟ ڇا هو هن جي وجود ۾ سمائجي ان جو حصو بنجي ويو هو، ڇا هوءَ هڪ دفعو وري محبت ۾ مبتلا ٿي وئي هئي. اهو احساس هن جي موجودگي ۾ ڪڏهن به هن کي نه ٿيو هو، هوءَ ته بس حادثاتي طور هن جي جيون ۾ شامل ٿي وئي هئي، ته پوءِ ڪڏهن کان هو هن جي لاءِ ايترو اهم ٿي ويو هو جو هوءَ هن جو هتي نه هجڻ شدت سان محسوس ڪري رهي هئي. سست قدمن سان هوءَ پنهنجي ڪمري ۾ هلي وئي ۽ پاڻ کي بيڊ تي ڇڏي ڏنائين، وهاڻي کي ٽيڪ ڏئي ڏور خلائن ۾ گهوريندي رهي،
زندگي به ڪهڙي ٻه واٽي تي آڻي کيس بيهاريو آهي، هڪ دفعو پهرين سورهن سترهن ورهين جي عمر ۾ هڪ غلط فيصلي ڪرڻ ڪري جيون جا پنجويهه سال ساندهه پيِڙائن جي نذر ٿي ويا، هر روز هڪ نئون درد هنجو پيڇو ڪندو رهيو، مس مس هتي اچي زندگي ڪجهه سيٽ ٿي هئي، خوف ۽ اذيت مان جان آجي ڪرڻ جو موقعو مليو هو. گذري رهي هئي جهڙي تهڙي. هن کي ڪهڙي کُٽيءَ کنيو جو هي شادي جو جھنجھٽ کڻي ڳچي ۾ وڌائين، اهو به هڪ اهڙي شخص سان جنهن جي پهرين ئي گهر گرهستي هئي، ۽ پاڻ سان گڏ هن کي به مشڪلاتن ۾ ڦاسايائين.“
شاديءَ کان پوءِ ڪيتري نه خوبصورت زندگي گذاري هئي هنن. يقين نه پئي آيو ته زندگي ۾ ايتريون خوشيون به ڪنهن کي ملي سگهن ٿيون، ڪجهه عرصي کان پوءِ محبت جا رنگ به جهڪا ٿيڻ لڳا، هوءَ ٽاريندي رهي ليڪن اها ڪا آسان ڳالهه نه هئي ان لاءِ درياءَ جهڙي دل کپي، ليڪن سمنڊ جا طوفان جڏهن به ايندا آهن قيامت خيز هوندا آهن، گهڙي پل ۾ سڀ ڪجهه تباهه وبرباد ڪري ڇڏيندا آهن.
•
هوڏانهن حنان جي حويلي نما گهر ۾ رات جي وقت سڀ حنان جي اوسيئڙي ۾ ويٺا هئا، حنان جو وڏو پُٽ مصطفيٰ پنهنجي ڏاڏيءَ جي ڀرسان ويهي ڏاڏيءَ کان پڇي ٿو ته بابا کي هتان اسلام آباد وئي ڪيترا ڏينهن ٿيا آهن، ڏاڏس حيران ٿي پڇي ٿي اهو ڇو پيو پڇين، ٿيو هوندو سال ڏيڍ، پُٽ هن جو ٻن سالن جو مدو آهي اچي ويندو، ڇو ياد پيو اچئي ڇا.
”دادي ياد ته ڏاڍو ٿو اچي پر ابو روزانو امي کي موبائيل تي فون ڪندو آهي ۽ اسان سان به هفتي ۾ ڳالهائيندو آهي، دادي منهنجي هڪ دوست جو پيءُ سعودي ۾ رهندو آهي، هو ٻڌائيندو آهي ته هو مهينو مهينو فون ناهي ڪندو ۽ ٻن سالن کان پوءِ صرف پندرهن ڏينهن لاءِ ايندو آهي.“
ڏاڏس حيران ٿي پڇيس ٿي ته هو اهو سڀ ڇو پيو چوي. ان تي هو کيس ٻڌائي ٿو ته امي ڪالهه بابا سان فون تي سختي سان پئي ڳالهائيو بلڪه جھيڙو پئي ڪري ته سندس طبيعت سخت خراب آهي. صبحاڻي تائين نه پهتو ته هوءَ ٻارن سوڌي اوڏانهن هلي ايندي.
ڏاڏس مٿي تي هٿ هڻندي، ”ابا تنهنجي ماءُ سان ڀلا ڪو پڄي سگهي ٿو، هاڻي ڇا ٿيو اٿس جو مڙس کي اسلام آباد مان ڊوڙايو اٿائين، بس ابا مائي اسان کان زور آهي.“
”بابا اڄ شام جو اتان نڪتو آهي.“
”چڱو ٿيو گهڻا ڏينهن ٿي ويا آهن، نئون سنئون ٿي ويندو، نازي شازي به ياد ڪنديون اٿس.“
”دادي ياد ته مونکي به ڏاڍو ايندو آهي پر انجو اهو مطلب ته ناهي ته طبيعت ڏاڍي خراب هجڻ جو بهانو ڪري پرديس ۾ هن کي پريشان ڪجي.“
اهو ٻڌي ڏاڏس کلندي چويس ٿي ته هو اڃان ننڍڙو آهي، شادي ڪندو ته خبر پوندس ته زالون ڪيئن مڙسن سان نخرا ٿيون ڪن. هو شرمائي چپ ٿي وڃي ٿو.
ٻئي ڏينهن زرينه بيگم (حنان جي ماءُ) صبح جو نيرن ڪرڻ لاءِ ٻاهر اچي ٿي ته ٻار اسڪول لاءِ تيار ٿي نيرن پيا ڪن، سيما به ڪمري مان تيار ٿي ٻاهر آئي آهي، ثمينه ٻارن کي نيرن ڪرائي رهي آهي ته زرينه بيگم پڇيس ٿي،
”ثمينه توکي ڇا ٿيو آهي، رات مصطفيٰ پئي ٻڌايو ته تنهنجي طبيعت ٺيڪ ڪونهي.“
”اوهيو پيءُ جو همدرد.....! اچي رپورٽ ڏنائين..... ماسي تون ئي انصاف ڪر، هيترو وقت گذري ويو اٿس، آهيس ڪا پوئتي جي ڳڻتي، گهرڪيئن پيو هلي، بس مهيني سر پئسه بينڪ ۾ موڪلي ٿو ڇڏي، پوئتي مئاسين، جيئرا آهيون. ان جو ڪو اونو ڪونهيس.“
”پر ٻچا..... اهڙو اُٻهرو ٿوروئي ٿي چئبو آهي ته اچين ٿو نه ته مان ٿي اچان، الائي موڪل اٿس الائي نه .“
”بس ماسي تون به رڳو پنهنجي دادلي جو طرف کنيو بيٺي آهين.“
”تنهنجي مرضي امڙ..... اسان ڪير ٿيندا آهيون توکي سمجهائڻ وارا، تون ڄاڻ تنهنجو مڙس ڄاڻي.“
رات جا نو پيا ٿين، حنان اڃان ڳوٺ نه پهتو ته ثمينه جو پارو چڙهي وڃي ٿو ۽ هروڀرو ٻارن کي دڙڪا ڏيڻ لڳي ٿي انهي وقت ٻاهر گاڏي جو آواز اچي ٿو ته هوءَ سڀ ڪم اتي ڇڏي اندر هلي وڃي ٿي. حنان بيگ کڻي اندر اچي ٿو. سڀئي ٻار ڀاڪر پائي ملنس ٿا سندس ڀيڻ سيما به اٿي مليس ٿي. ثمينه انهي دوران مٿو ٻڌي اچي کٽ تي منهن سُڄائي ويهي رهي ٿي.
حنان هن جي عادت کان واقف آ، سڀني سان ملي سندس ويجهو اچي مسڪرائي پڇي ٿو،
”ثمينه بيگم...! لڳي ٿو ته مٿي ۾ ڏاڍو سور آ... ڊاڪٽر کي ڏيکاري اچين ها نه.“
”توکي ڇا... ڪو مري ڪو جيئي، توکي ته اسلام آباد ۾ عياشيون ڪرڻيون آهن نه....“
”الائي ڇا پئي چوين....؟ ڪهڙيون عياشيون.... اتي مان نوڪري ڪرڻ ويو آهيان، چڱو هاڻي ڇڏ ڪاوڙ کي اٿي ڪا دوا کاءُ صبحاڻي هلون ٿا ڊاڪٽر ڏي.“
ننڍڙي ڌيءُ نازي کلندي چوي ٿي،
”بابا، امي هينئر ته بلڪل ٺيڪ هئي الائي ڪيئن جهٽ ۾ مٿي ۾ سور پئجي ويس.“
ٻي ڌيءُ شازي ڀيڻ کي سُر وٺرائيندي،
”چري..... هو هروڀرو ڀائوءَ کي دڙڪا ڏنائين نه تڏهن......“
حنان ٻارن کي ڇينڀيندي،
”ڇڏيو.... امي لاءِ ائين ناهي چئبو. سيما، امان ڪٿي آ.“
”ادا پنهنجي ڪمري ۾ آهي.“
”ٺيڪ آ مان امان سان ملي اچان ٿو.“
حنان هڪ طرف وڌي وڃي ٿو ته مصطفى سندس بيگ کڻي پنهنجي ڪمري ۾ رکڻ وڃي ٿو.
حنان ماءُ سان ملي ٿو هوءَ سندس نرڙ چمي کلي چويس ٿي،
”پُٽ خوش ته آهين نه، ثمينه ته مٿو ٻڌيو ويٺي هوندي.“
”امان توهان به نازي شازي واري ڳالهه پيا ڪيو.“
ان وقت ٽئي ٻار اچي چون ٿا ته بابا امي سڏي پئي، هو ماءُ کي صبح جو ملڻ جو چئي موڪلائي ٻاهر وڃي ٿو.
ڪمري ۾ ثمينه جو موڊ هاڻي ڪجهه بهتر آهي، ڏوراپو ڏئيس ٿي،
”ايڏا ڏينهن وڃي لاٿئي، پوئتي جو به ڪو فڪر هيئي.
”روز ته فون ڪندو هيس، حال احوال وٺڻ لاءِ...... ڪالهه سائينءَ جو حڪم ٿيو ته هليو آيس وڌيڪ ڇا ڪيان، ڪيئن فڪر ڪيان.....“
”مصطفى امي کي مٿي جي سور جي ٽيبليٽ ڏنئي پُٽ......“
”بابا ڏني مانس پوءِ کاڌائين الائي نه.....“
”ڏس سمجهاءِ پنهنجي لاڏلي کي جيئن وڏو ٿيندو پيو وڃي، دماغ خراب ٿي ويو اٿس، ننڍ وڏائي جو نه ادب ٿس نه لحاذ.“
”مصطفى يار.... امي کي تنگ نه ڪندا ڪيو.... ڏسو هاڻي توهان وڏا پيا ٿيو. بس هاڻي خوش... ماني واني به ڪا ملندي يا اڄ روزو رکرائيندينءَ.“
ثمينه اٿي ٿي هن جو موڊ ٺيڪ ٿي وڃي ٿو، هوءَ حنان کي هٿ منهن ڌوئڻ جو چئي پاڻ بورچي خاني ۾ ماني ڪڍڻ لاءِ اٿي ٿي.
صبح جو جڏهن ٻار تيار ٿي اسڪول وڃن ٿا ته حنان اٿي ماءُ ڏي هليو وڃي ٿو ۽ ثمينه اندر وڃي بيگ کولي حنان جا ڪپڙا ڪڍي الماري ۾ رکي ٿي ۽ ٻيو سامان ٻارن لاءِ آندل شيون جدا ڪندي رکندي وڃي ٿي ته اچانڪ تري مان اخبار هٽي وڃي ٿي ۽ ڪنڊ ۾ پيل هڪ گولڊ جو ڪنگڻ ظاهر ٿئي ٿو، پهرين ته ڏسي حيرت ۾ پئجي وڃي ٿي پر پوءِ ڪاوڙ ۾ منهن ڳاڙهو ٿي وڃيس ٿو. ڪنگڻ هٿ ۾ کڻي غور سان ڏسي ٿي سندس دماغ ۾ شڪ جا ڪيڙا چُرڻ لڳن ٿا، ان وقت حنان به ڪمري ۾ اچي ٿو. زال جو منهن ڏسي حيران ٿئي ٿو ته منهن تان ٿيندي سندس نگاهه ڪنگڻ تي ۽ پوءِ وکريل بيگ تي پوي ٿي ۽ ڪجهه ياد ڪري پريشان ٿي وڃي ٿو ته هي بيگ ته سنڌيا جي آهي، اهو ڇا ٿي ويو، ڳالهه کي سلجهائڻ جي ڪري ٿو. پهرين ته پاڻ کي نارمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ ائين محسوس ڪرائي ٿو ڄڻ هن ڪجهه ناهي ڏٺو،
”وري تنهنجي موڊ کي ڇا ٿيو، جو اهڙي شڪل ٺاهيو بيٺي آهين، ڪنگڻ کي ڏسندي، ڏيکار ته نئون ڪنگڻ ٺهرايو اٿئي ڇا، منهنجي پرپُٺ ڏاڍي شاپنگ ڪئي ٿئي، حق تي ٻار ٿا چون ته امي اسان کي ڪجهه نه وٺي ڏيندي آ سڀ پئسا بچائي سون پئي ٺهرائين.“
ثمينه ڪاوڙ مان،
”هي وٺ ڏس.... هي منهنجو ڪنگڻ ناهي.“
حيران ٿيندي، ”تنهنجو ناهي......! ته پوءِ ڪنهن جو آهي.“
”اهو ته مان توکان ٿي پڇان ته تنهنجي بيگ ۾ هي ليڊيز ڪنگڻ ڪنهن جو آهي.“
حنان سوچ ۾ پئجي وڃي ٿو:
”منهنجي بيگ ۾، بئگ کي ڏسندي، اوهه ياد آيو هي بيگ ئي منهنجي ناهي اچانڪ حڪم ٿيو ته جلدي اچان، تڪڙ ۾ پيڪنگ پئي ڪيم ته بيگ جي زپ ٽُٽي پئي ان ڪري جميل چيو ته منهنجي بيگ کڻي وڃ، مون به چيڪ نه ڪيو. ٿي سگهي ٿو ان جو ڪڙو هجي.“
اهو ٻڌي هوءَ غور سان بيگ کي ڏسي اطمينان جو ساهه کڻي چوي ٿي،
”مان به چوان بيگ ته تنهنجي ناهي، سوچيم متان نئين ورتي هجئي.
”مان هينئر ئي جميل کي فون ٿو ڪيان متان هو ڪنگڻ نه ڏسي پريشان ٿئي. هو فون ڪرڻ لڳي ٿو ته ثمينه جو شڪ وقتي طور دور ٿي وڃي ٿو ۽ حنان به اطمينان جو ساهه کڻي ٿو.
حنان مجهند ڌاري تيار ٿي ٻاهر وڃڻ لڳي ٿو ته جيئن سنڌيا کي فون ڪري حال احوال وٺي پر ثمينه ٽوڪيس ٿي ته هينئر ٽاڪ منجهد جو ڪاڏي پهريو سهريو پيو وڃي، ان وقت سيما ۽ ٻار اسڪول مان اچن ٿا ۽ پنهنجي شين لاءِ پڇن ٿا. حنان کين ٻڌائي ٿو ته سڀني جون شيون توهان جي امي وٽ آهن، ۽ پاڻ ماءُ جي ڪمري ڏانهن وڌي وڃي ٿو. زرينه بيگم کيس ايندو ڏسي پري سرڪي کيس کٽ تي جاءِ ڏئي ٿي، حال احوال ڪندي کيس ٻڌائي ٿو ته هو واپس ڪراچي موٽڻ لاءِ پيو سوچي، سندس پراڻي کاتي وارا کيس پروموشن پيا ڏين. سرڪاري نوڪري آهي گهر جي ويجھو آهي، سوچيان پيو ته باقي ڪجهه مهينا ڪم ڪيان پوءِ ساڳي نوڪري جوائن ڪيان گهر ۾ ثمينه به پريشان ٿي ٿئي.
”ابا هوءَ به توکان سواءِ ويڳاڻي ٿي ٿي پوي.“
حنان سوچي ٿو ته سنڌيا جي متعلق ماءُ کي ٻڌائي يا نه، هوءَ ناراض ته نه ٿيندي. پر جي ٻاهران ڪٿان خبر پئي ته ثمينه ته آسمان کڻي مٿي تي کڻندي، اها ڳالهه گهڻو وقت لڪائي به نه ٿي سگهجي، اڄ به ذري گهٽ پڪڙجي پيو هوس، امان کي اعتماد ۾ وٺبو ته هوءَ ڪجهه نه ڪجهه سنڀالي وٺندي، پر جي امان کي اها ڳالهه ڏُکي لڳي ته.... پوءِ به ماءُ آ هن کان ڪجهه لڪائڻ مناسب ناهي....
”ڪهڙي سوچ ۾ پئجي ويو آهين. واپسي ڪڏهن جي اٿئي.“
”هفتي جي موڪل وٺي آيو آهيان، دل جهلي... امان توهان سان هڪ ڳالهه ڪرڻي آهي، ڊپ ٿو لڳيم ته ناراض نه ٿي وڃو.“
”اهڙي ڪهڙي ڳالهه آ جو مان ناراض ٿينديس.“
”امان ڳالهه ته ناراض ٿيڻ کان به وڏي آ، پر توهان کي ٻڌائڻ کان سواءِ رهي به نه ٿو سگهان.“
اهو ٻڌي زرينه بيگم پريشان ٿي وڃي ٿي ۽ سوچي ٿي ته پڪ هن ڪا اهڙي ڳالهه ڪئي آ جيڪا تمام وڏي آهي. ان وقت ئي سيما ۽ مصطفى اندر اچن ٿا ته حنان ٻڌائيندي ٻڌائيندي خاموش ٿي وڃي ٿو. سيما چويس ٿي ته ڀاڄائي چوي پئي ته ماني اچي کائو. حنان اٿي پُٽ سان گڏ ٻاهر نڪري وڃي ٿو ته زرينه بيگم سوچ ۾ پئجي وڃي ٿي.
•
رات جو هو ٻارن سان ڳالهيون ڪري رهيو هو ته سندس موبائيل جي رنگ ٿئي ٿي. حنان ڇرڪجي وڃي ٿو ته پڪ سنڌيا جي فون هوندي، کڻي نمبر ڏسي ٿو ۽ پيٽ ۾ ساهه پويس ٿو، فون کڻي ٿورو پرڀرو وڃي فون اٽينڊ ڪري ٿو،
”آصف ڪهڙو حال آ، وئين ته وري فون به نه ڪيئي.“
”بس يار، ڏي خبر جميل ٻڌايو ته ايمرجنسيءَ ۾ ڳوٺ آيو آهين.... اهو ته تو ٺيڪ نه ڪيو پوئتي جو ته خيال ڪرين ها.“
”بس دوست... هتي ثمينه جي طبيعت ٺيڪ نه هئي ان ڪري اچڻو پيو.“
”ٺيڪ آ پوئتي جي پارت هجئي، اسان وچ ۾ آهيون اسان جي عزت جو مڙئي خيال ڪجانءِ ۽ سنڌيا ميم کي پنهنجي خيريت سان پهچڻ جو فون ڪري ٻڌائي ڇڏجانءِ، مان به هينئر کيس فون ڪيان ٿو.“ خدا حافظ چئي فون بند ڪري ٿو. ثمينه يڪو سندس چهري جي بدلجندڙ رنگن کي غور سان ڏسي ٿي ۽ جڏهن هو واپس اچي ٿو ته،
”ڪنهن جي فون هئي يڪو پئي ڳالهايئي.“
” آصف جي.....“
”آصف.....! تنهنجي يونيورسٽي وارو دوست.“
”ها هو به ڪم سان اسلام آباد آيو هو ڪجهه ڏينهن اسان سان رهيو ۽ پوءِ واپس ڪراچي هليو ويو.“
”ٺيڪ آ، هن دفعي جڏهن وڃين ته اسان کي به ساڻ وٺي هلجانءِ پوءِ جڏهن تو موٽندين ته اسان به گهمي ڦري توسان گڏ موٽي اينداسين.“
”چري ته نه ٿي آهين، مونکي اڃان کوڙ سارو ٽائيم پيو آهي جڏهن پروموشن ٿئي، هن نوڪريءَ جو ڪانٽريڪٽ پورو ٿئي، ايستائين ٻارن جي پڙهائي خراب ڪبي ڇا. ۽ مون وٽ اڪيلو فليٽ ٿوروئي آهي. ان ۾ ٽي ٻيا پارٽنر به رهندا آهن.“
ثمينه چپ ٿي وڃي ٿي، حنان سندس موڊ ڏسي دل رکڻ خاطر چوي ٿو،
”دل نه لاهه، جڏهن آخر ۾ پيرڊ پورو ٿيڻ وارو هوندو ته پوءِ هفتي ڏهن ڏينهن لاءِ توهان کي گهرائي وٺندس.“
”ٺيڪ آ ڪونه ٿا هلون، ڀلا صبحاڻي حيدرآباد ته وٺي هلندين نه شاپنگ ڪرڻي آهي.“
”ها ها هلنداسين، هاڻي هلي آرام ڪيو.“
ٻئي ڏينهن ناشتو ڪري سڀئي حيدرآباد لاءِ تيار ٿين ٿا ۽ حنان گاڏي ڪڍي ٿو، سيما ٻار ۽ ثمينه وڃي رهيا آهن ته رستي ۾ موبائيل جي رنگ ٿئي ٿي. حنان نمبر ڏسي فون ڪٽي ڇڏي ٿو. ڪجهه دير کان پوءِ ٻيهر گهنٽي وڄي ٿي ته وري لائين ڪٽي ٿو.
”ڪنهن جي فون آ کڻي ڇو ڪونه ٿو.“
”آفيس مان فون آ کڻندس ته ڪونه ڪو ڪم چوندا.“
”پر تون ته موڪل تي آهين نه.“
حنان ٿورو چڙ مان،
”مان اتي آفيسر آهيان، صرف درخواست ڇڏڻ سان موڪل ناهي ملي ويندي. هي ڪو ڳوٺ جو اسڪول ناهي جو درخواست موڪلي ته منظور ٿي وئي، پهرين موڪل منظور ڪرائبي آهي.“
ماءُ کي بحث ڪندو ڏسي مصطفى کيس چوي ٿو،
”امي توهان ڊرائيونگ ۾ بابا کي ڊسٽرب پيا ڪيو ۽ ابو ايترو سامان اسلام آباد مان وٺي آيو آ، اهڙي ڪهڙي ضروري شاپنگ ڪرڻي هئي توهان کي اهو به حيدرآباد مان، ڪراچي ويجهو آهي يا حيدرآباد.“
”تون وچ ۾ نه ڳالهائيندو ڪر.... توکي خبر آ نه ته ڪراچي ۾ رش هوندي آ، ۽ مونکي ٺُپ اتي خريداري ڪندي مزو ناهي ايندو. حيدرآباد ۾ ماڻهو سڪون سان شاپنگ ڪري گهمي ڦري.“
حنان سوچي ٿو ته سنڌيا ڇا سوچيندي هوندي، ٽيون ڏينهن آ ته کيس فون ناهيان ڪري سگهيو، گهران نڪرڻ جو به ٽائيم نه ٿو ملي جو کيس فون ڪيان، هو بار بار هن جو فون ڪٽڻ تي ندامت محسوس ڪري ٿو.
شام جو سج اچي لاهو پاهو ٿئي ٿو پر حنان وارا اڃان واپس ناهن ٿيا، زرينه بيگم کي اچي ڳڻتي ورائي ٿي. ملازمه پڇيس ٿي ته هوءَ چانهه رکي، پر زرينه بيگم منع ڪري ٿي ته بس اچڻ وارا هوندا، ان وقت ٻار شاپر هٿن ۾ کنيو اندر اچن ٿا. انهن جي پويان سيما ۽ ثمينه به ڪجهه شاپر کڻي اندر اچن ٿيون ۽ سيما سڌو پنهنجي ڪمري ۾ هلي وڃي ٿي.
ماڻس پڇيس ٿي ته ڏاڍي دير ٿي ويوَ. ان تي سيما مسڪرائيندي چوي ٿي ته، ”ڀاڄائي کي ڊاڪٽر کي ڏيکارڻو هو ان ڪري دير ٿي وئي، امان توهان کي ته ڀاڀي جي خبر آهي ته حيدرآباد هلندي آ ته ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ کانسواءِ ناهي موٽندي، ڊاڪٽر به چيس پئي ته ڪا خاص ڳالهه ڪانهي طاقت جون گوريون لکي ڏنائين. مڙئي ادا کي پريشان ڪرڻو ٿيو.“
ماڻس ان تي ڪوبه تبصرو نه ڪيو ۽ مائي کي چانهه ٺاهڻ جو چئي پاڻ ليٽي پئي.
•
سنڌيا ڪئي دفعا حنان کي فون ڪئي پر هر دفعي فون بند مليو پريشان ٿي آصف کي فون ڪئي ته هو ڪانٽيڪٽ ڪري ڏسي، ٿوري دير کانپوءِ آصف کيس ٻڌايو ته هو صبح جو توهان سان ڳالهائيندو.جو هن کي موقعو نه پيو ملي، ان تي سنڌيا کي ٿورو افسوس ٿئي ٿو ۽ کيس چوي ٿي ته اهو ته ڪو جواب ناهي موبائيل فون آ، جيڪڏهن ڪو چاهي ته ڪٿي ٻاهر نڪري ڳالهائي سگهي ٿو، ائين ٿوروئي ٿيندو آ ته اڳيون ماڻهو پريشان پيو ٿئي. ”اٽ از ناٽ فيئر.“
اهو چئي اداس ٿي فون رکي ڇڏي ٿي. کيس پنهنجي ڪمتر هجڻ جو شدت سان احساس ٿئي ٿو.
•
صبح جو حنان تيار ٿي ٻاهرنڪري ٿو ثمينه پڇي ٿي ته وري ڪيڏانهن وڃڻ جي تياري ڪئي اٿس، هو کيس ٻڌائي ٿو ته ڪراچي جي پراڻي آفيس مان فون آئي آهي اوڏانهن وڃڻو آهي، ان تي هوءَ ڪاوڙ جي پئي ٿي ته هڪڙي هفتي لاءِ آيو آهي، اهو به هنن سان گڏ نه ٿو گذاري سگهي. هو کيس تسلي ڏئي ٿو ته ٽن چئن ڪلاڪن ۾ موٽي ٿو اچي پوءِ اچي سندس ڪاوڙ جو ازالو ڪندو ائين. چئي کلندو هليو وڃي ٿو.
گاڏي ڊرائيو ڪندي حنان کي سنڌيا کي فون ڪرڻ جو خيال اچي ٿو ته نمبر ڊائل ڪري ٿو، ٻئي طرف سنڌيا فون کڻي ٿي ته پهريون سوال ڪري ٿي ته هو ڪٿي آهي، گاڏي ته ڊرائيو ڪونه پيو ڪري، جي ائين آهي ته پهرين گاڏي سائيڊ ڪري پوءِ ڳالهائي، هو فورًا گاڏي سائيڊ ڪري ٿو، کيس ٻڌائي ٿو ته هو مجبوري ۾ فون نه ڪري سگهيو ته هوءَ به شڪايت ڪندي چوي ٿي ته اگر اها ڳالهه هئي ته هڪ ايس ايم ايس ئي ڪري ڇڏي ها گهٽ ۾ گهٽ پريشاني ته نه ٿئي ها، هروڀرو آصف کي وچ ۾ آڻڻ ڪو سٺو ٿوروئي ٿو لڳي.
هو سوري چئي ٿو ته آئينده ائين نه ڪندو. هو کيس ٻڌائي ٿو ته ڪراچي آفيس وارن وري فون ڪئي هئي ته پروموشن کان پوءِ مونکي جوائن ڪرڻو آهي يا نه. ان ڪري هينئر اوڏانهن پيو وڃان، سنڌيا به کيس ٻڌائي ٿي ته سندس ٽرانسفر جي سمري به منسٽري مان اوڪي ٿي آئي آهي، جيئن ئي ڪراچي برانچ ۾ ويڪنسي ڪليئر ٿيندي ته هن جو ٽرانسفر ٿي ويندو. اهو ٻڌي حنان خوش ٿي وڃي ٿو ۽ چوي ٿو ته هو صبحاڻي جي بڪنگ ڪرائي ايندو. سنڌيا کيس تاڪيد ڪندي چوي ٿي ته خيال سان گاڏي ڊرائيو ڪري. هو کلندي سندس دل رکڻ لاءِ چوي ٿو ته ڪو ته سندس خيال ڪرڻ وارو ٿيو، ۽ فون بند ڪري ڇڏي ٿو.
شام جو حنان گهر موٽي اچي ٿو ته ٻار راند ڪري رهيا آهن، ثمينه شڪايت ڪندي چوي ٿي ٿه هن جا ٻار ڏاڍا ڏنگا ٿي ويا آهن. هن جو چوڻ نه ٿا ڪن.
حنان کي ثمينه جي نيچر جي خبر آهي ٿوري ٿوري ڳالهه تي پريشان ٿي ويندي آهي، ان ڪري کلندي چويس ٿو.
”ثمينه بيگم مصطفى خير سان نائين ڪلاس ۾ پيو پڙهي. هو ماشاالله وڏو پيو ٿئي. هڪ جيڏن سان ٻاهر نڪرندو، تنهنجا ٻار پڙهائي ۾ سٺا آهن ايتري سختي نه ڪندي ڪرين.“
”تو ته دماغ خراب ڪيو اٿن، ڇوڪرو آ ته منهنجي ٽڪي جي نه ٿو ٻڌي.
کلندي،
”ٿڌي ٿي، اچي ته چوانس ٿو ته ماءُ جي پيرن هيٺان جنت اٿس، اسان وٽان ڀلا ڇا هڙ حاصل ٿيندس.“
”توکي ته هر ڳالهه ڀوڳ لڳندي آ، ڪڏهن ته سنجيدو به ٿيندو ڪر.“
”بس هاڻي ڪوبه مذاق نه، هاڻي هتي منهنجي ڀرسان اچي ويهه، مان صبحاڻي اسلام آباد وڃان پيو سيٽ بڪ ٿي وئي آهي.“
اهو ٻڌي وري سندس منهن سُڄي وڃي ٿو،
”ايڏو جلدي.....“
”ڏس ناراض نه ٿي مان جلد ٽرانسفر ٿي موٽي ايندس، ائين پريشان نه ٿيندي ڪر، نوڪري به ته ڪرڻي آهي نه..“
ٿوري دير آرام ڪري ماءُ جي ڪمري ڏانهن وڃي ٿو، ماءُ کي سلام ڪري ٿو، ماڻس سلام جو جواب ڏئي پڇيس ٿي ڏاڍي دير ڪيئي.
”بس امان ڪراچي آفيس پهتس ته آرڊر نڪتو پيو هو چين ته جوائن ڪري وڃ.“
”۽ اسلام آباد واري نوڪري.....؟“
”في الحال ته پندرهن ڏينهن جي موڪل ڏئي آيو آهيان.... نئين پوسٽنگ تي ايترو جوائننگ ٽائيم ملندو آهي..... تيستائين سنڌيا......“
ايترو چئي چپ ٿي وڃي ٿو:
ماڻس پڇي ٿي ته ڪالهه هن ڪا ڳالهه پئي ڪئي پوءِ خاموش ٿي ويو هو، هو ٻي کٽ تي ويٺل سيما کي بهاني سان ٻاهر موڪلي ٿو ته زرينه بيگم حيران ٿي چويس ٿي ته اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي جو هو سيما جي اڳيان نه پيو ڪري.
”امان وعدو ڪر ناراض نه ٿيندين، بلڪه منهنجي مدد ڪندينءَ. مون هڪ غلطي ڪئي آهي پر هاڻي ان کي نڀائڻو آهي اهو منهنجو ڪنهن سان واعدو آهي.“
”ڪهڙي غلطي.... ڇا ڪيو اٿئي....؟
”امان... مون اُتي پنهنجي آفيسر عورت سان شادي ڪري ڇڏي آهي.“
”اهو ڇا پيو چوين...... دماغ ته خراب نه ٿيو اٿئي.“
حنان کيس الف کان ي تائين هڪ هڪ ڳالهه ٻڌائي ٿو.
زرينه بيگم جو منهن ٽامڻي هڻي وڃي ٿو،
”حنان تو اهو ڇا ڪيو، تڏهن ته هيءَ ڇوري حق تي هئي، مان چوندي هئس ته هروڀرو ٿي منهنجي ٻچي تي شڪ ڪري. اهو ته ٻڌاءِ، تو ته ثمينه سان به پنهنجي پسند سان شادي ڪئي هئي ٻار به ذري گهٽ اچي جوانڙا ٿيا آهن، پوءِ توکي ڪهڙي گھرج پئي جو وڃي پاڻ کان وڏي عمر جي عورت سان نيهن جو ناتو اٽڪايئي، ايترو ئي نه، جھٽ وڃي ان سان شادي به ڪري ويٺين، نه محبت ڪرڻ واري زال جو سوچيئي نه ٻارن جو. انهن کي خبر پوندي ته گھر ۾ الائي ڪهڙو طوفان ايندو.“
”امان توهان ته پرسڪون ٿيو، مون توهان کي ٻڌايو نه ته سنڌيا ميم سان صرف همدردي ۾ شادي ڪئي آهي، هوءَ نه منهنجي زال جي، نه ٻارن جي ڪنهن حق تي ڌاڙو هڻڻ آئي آهي، هوءَ ته پاڻ دردن جي ماريل هڪ مظلوم عورت آهي، هوءَ پڙهيل لکيل ۽ سمجھدار عورت آهي ۽ ڪڏهن به منهنجي گھريلو زندگي ۾ دخل نه ڏيندي، هڪ ڳالهه ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجھان ته جيڪو ڪجهه ٿي ويو آهي اهو واپس ٿي نه ٿو سگھي، بس صرف توهان منهنجو ساٿ ڏيو ۽ وقت پوڻ تي هر ڳالهه کي سنڀالڻ ۾ منهنجي مدد ڪجو. باقي جيڪا رب جي رضا.“
”ابا ڳالهه ته ڏاڍي ڳري آ، تو واري جوءَ کي جي خبر پئي ۽ ضرور پوندي...... منهنجو ته هينئر کان ئي ساهه ٿو نڪري. الائي ڪهڙن دوستن جي چوڻ تي تو اهو ثواب ڪمايو.... ويچاري هُن پرائي ڄائي جي حياتي به ڪيئي نرڳ حوالي، مونکي پنهنجي ننهن جي چڱي طرح خبر آ.“
حنان وڌيڪ ڪجهه چئي بنا اٿي ٿو ۽ ماءُ جا پير ڇهي،
”امان مونکان جيڪو ڪجهه ٿيو آ، ان لاءِ معافي طلبگار آهيان پر وعدو ٿو ڪريان ته مان ڪنهن به رشتي سان بي انصافي ٿيڻ نه ڏيندس. بس هاڻي دعائن سان گڏ اجازت ڏي صبحاڻي مان اسلام آباد لاءِ نڪري ويندس.“
•