شاعري

چوٿين اَکِ

مٺل جسڪاڻيءَ جو هيءُ مجموعو ’چوٿين اک‘ بلاشڪ مختلف قسم جي اظھارن سان سلھاڙيل آهي، جن کي مٺل شاعريءَ واري پيرايي ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ھن مجموعي ۾ غزل، وايون ۽ نظم شامل آھن. مٺل جي شاعريءَ ۾ هر رنگ موجود آهي. آئينو بہ خوب ڏيکاري ٿو. مزاح، مزاح ۾ خوبصورتيءَ سان طنز ڪري وڃي ٿو. رومانيت کي شائستگيءَ سان سينگاري ٿو، فطرت جي رنگن کي، مصور جيان نِکاري ٿو، پَني تي سُکن، کي ڏُکن سان سنواري ٿو.

Title Cover of book چوٿين اَکِ

اداري پاران - غير روايتي شاعر جي غير روايتي شاعري

اداري پاران - غير روايتي شاعر جي غير روايتي شاعري

سائين مِٺل جسڪاڻي، جيتوڻيڪ پنهنجي نالي جيان مٺڙو ضرور آهي، پر آهي پنهنجي رمز جو راڻو..! جنهن ڪري هن لاءِ ڪابه هڪ راءِ حتمي طور گهٽ ۾ گهٽ آءٌ نٿو ڏيئي سگهان... هُن جي طبيعت نرالي آهي. هُو ملنسار آهي ۽ منجهس نوڙت و نياز وارو وکر به نمايان آهي. مون هُن منجهه ’سهپ‘ سرس ڏٺي آهي، هُو گهڻو ڪجهه برداشت ڪري سگهڻ واري قوت سان سرشار آهي. ان سبب جي ڪري ئي هُو هڪڙي ئي وقت ۾ پاڻ کان مختلف طبيعتن وارن ماڻهن سان گڏ گهارڻ وارو هُنر بخوبي ڄاڻي ٿو. ساڳئي وقت هُو اُن ڀوڳنا کي اظهارڻ جو به ڪاريگر آهي ۽ ان لاءِ هُن کي فنونِ لطيفه جي ڪنهن به فن جي يا گهاڙيٽي جي گهرج واري محتاجي به ناهي. هُن کي مالڪ سائينءَ اهڙو نوازيو آهي، جو هُو لکت جي مختلف نمونن ۾ پنهنجي ڀوڳنا يا پنهنجي اندر جو اظهار ڪرڻ واري غير معمولي سگهه رکي ٿو.
مٺل سائينءَ جو هيءُ مجموعو ’چوٿين اک‘ بلاشڪ مختلف قسم جي اظهارن سان سلهاڙيل آهي، جن کي سائينءَ شاعريءَ واري پيرايي ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. توڙي جو کيس ڪير به شاعر کڻي نه مڃي، ان جي به کيس پرواهه ڪونهي، ڇاڪاڻ جو هُو پاڻ ئي پاڻ کي شاعر نٿو مڃي، پر هُن پنهنجن خيالن کي فن جي محتاجيءَ کان بچائيندي فڪر جو دانُ ڏنو آهي.
’چوٿين اک‘ ۾ شامل ڪي خيال انوکا آهن ته ڪي وري حيرتناڪ پڻ ۽ ڪي وري اَڇُهيل پڻ آهن، جن تي ڪنهن شاعر به ڪڏهن طبع آزمائي ڪونه ڪئي هوندي... مٿان سونَ تي سُهاڳو اهو آهي جو سائين مِٺل هن مجموعي ۾ پنهنجي پاڻ تي به قلم کنيو آهي ۽ پاڻ کي يا پنهنجي طبيعت کي، هلت چلت کي به کُلي اظهاريو آهي ۽ پنهنجي پاڻ تي راءِ زني بلڪل اهڙي ريت ڪئي آهي، جيئن ڪو حقيقي نقاد پنهنجي راءِ جو ڪڙو اظهار، بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي ۽ دوستين توڙي واسطيدارين کي ڌار ڪري يا پاسيرو رکي ڪري. ائين پنهنجي پاڻ لاءِ کُليو اظهارڻ اڳ به ڏکيو هو ته هاڻ مرڳو بنهه ڏکيو ٿي پيو آهي، ڇاڪاڻ جو هتي هرڪو پاڻ کي پڏائيندي تيس مار خان يا سوا سير ٿو سمجهي، اهڙي صورتحال ۾ ۽ اهڙي زماني ۾ ائين پاڻ کي پاڻ ئي وائُکو ڪرڻ ڪنهن جهڙي تهڙي جي وس جي ڳالهه قطعي ڪونهي.
هن مجموعي کي اشاعت کان پهرين مُسودي جي صورت ۾ پڙهندي، مون کي ڪيترين ئي جاين تي سائين مِٺل جي همٿ کي داد در داد به ڏيڻو پيو، ڪيترن ذهنن ۾ سوال اُڀري سگهي ٿو ته ڀلا داد در داد ڇو؟ رڳو داد ئي ڇو نه! پر جوابن عرض ڪريان ته داد بدران، مون داد در داد ڏيڻ، پنهنجي پاڻ تي ان ڪري واجب سمجهيو، جو عمر جي جنهن حصي ۾ سائين مِٺل آهي، ان عمر ۾ خاص ڪري ۽ هونئن عام طور به ماڻهو ائين، اهڙو ۽ اهڙي رِيت برملا اظهار ڪرڻ کان ڪِيٻائينِ ٿا، پر سائين مِٺل پنهنجي عمر جي اُهڃاڻن کي بنهه پراهون ڇڏي، پنهنجي سوچ، لوچ، فڪر ۽ مشاهدي کي حقيقي روپ ۾ پيش ڪيو آهي. ادب جي دنيا ۾ ائين ڪرڻ وارا ماڻهو ٿورڙائي ٿيندا، جن پنهنجو پاڻ کي سڀني جي آڏو سينه سپر ٿي پيش ڪري ڇڏيو هجي.
هيءُ ڪتاب منهنجي راءِ موجب هڪڙو غير روايتي مجموعو آهي، جنهن ۾ جيڪو ڪجهه شامل ڪيل آهي، سو به غير روايتي آهي ۽ هن مجموعي جو تخليقڪار به غير روايتي آهي. تڏهن ئي ته هُو اهو سڀ تخليق ڪري ۽ پيش ڪري سگهيو آهي. ماڻهو جيئن جيئن عمر جا ڏاڪا مٿي چڙهندو ويندو آهي، تيئن تيئن هن جا تجربا وسيع ٿيندا ويندا آهن ۽ انهن آڌار هُو حياتيءَ کي گهارڻ چاهيندو آهي، اهڙن ئي تجربن جو اظهار هن ڪتاب جي ڪُک ۾ سمايل آهي. اچو ته توهان کي سائين مٺل جا اهڙا ٻه چار اظهار ڏيکاريان، جن ۾ هُن پاڻ تي ڳالهايو آهي ۽ پنهنجو تجربو، پنهنجي سوچ لوچ، فڪر ۽ مشاهدو پيش ڪيو آهي:
آئون پنھنجو تعارف پاڻ آھيان،
تون منھنجو ڪھڙو تعارف ڪرائيندين؟
ائين ئي درست آھي،
يا ھيئن درست رھندو:
تون پنھنجو تعارف پاڻ آھين،
آئون تنھنجو ڪھڙو تعارف ڪرايان؟
-
ڦَٽن تي پَھا رکڻ سکو،
لُوڻ ٻُرڪڻ،
اڪثريت کي اچي ٿو.
-
خلوص ۽ محبت جو سڳو ٽوڙائي،
ڪيترو وڌيو آھين تون،
قد بت جي ماپ تور ته ڪرائي!
-
کريون ڳالهيون ڇو ٿا ڪريو،
سچيون ڳالهيون نه ڪريو،
زوراور زور اٿوَ،
پهرين کاريندا، پوءِ کَليندا،
سڌري وڃو، سڌري وڃو...
-
پاڻ ۾ ھڪ معاھدو ڪريون،
ڪڏھن تون اچي نڪر،
ڪڏھن آئون ھليو اچان.
-
مٺل کي به جي،
مٺل جي خبر نه ھوندي،
ٻئي ڪنھن کي ڀلا،
مٺل جي خبر ھوندي؟
-
تو تائين اچڻ،
خطري کان خالي ناھي،
تون پاڻ اچ.
-
لاڪ ڊائون،
۽ تنھنجي يادن،
چانهه جو،
موالي ڪري ڇڏيو آھي.
-
آگم،
پاڻ کان بيزار جي موسم،
آ مل،
ٿي پوي پيار جي موسم.
-
تنھنجون مُرڪون پھتيون آھن،
ڇيھه ڇڄي پيا آھن!
اوهان جي ۽ ڪتاب جي وچ ۾ وڌيڪ حائل ٿيڻ نٿو گهران، اوهان ڪتاب پڙهو ۽ پنهنجي راءِ جو برملا اظهار ڪريو، اهڙي اظهار جي به اوهان کي اجازت آهي. ساڳي آس اٿئون ته ’امرتا‘ پبليڪيشنس پاران پيش ڪيل هيءُ ڪتاب به اوهان جي بُڪ شيلف ۾ سهڻو لڳندو.


فقير محمد ڍول
خميس 23 ڊسمبر 2021ع
امرتا ڇاپ گهر - حيدرآباد