جيئڻ جو حق!
ڪاش!
پنھنجي پنھنجي ذميواري،
پاڻ سمجهي سگهون،
اُھا ئي قبول ڪري،
اُن سان ئي نڀائي،
اُن تائين ئي محدود رھڻ سکي پئون...
ڪاش!
جيڪو پنھنجو ڪم آھي،
اھو خوش اسلوبيءَ سان،
سليقي ۽ ساڃاھه سان،
اُڪلائيندا ھلون...
ڪاش!
جيڪو ڪم پنھنجو نه آھي،
جنھن ڪم سان پنھنجو،
پري جو ڪو تعلق نه آھي،
اُن کي ويجها نه وڃون...
ڪاش!
جيڪو ڪم جنھن جو آھي،
اُھو ڪم اُن لاءِ ڇڏيون،
اُن کي ئي ڪرڻ ڏيون...
ڪاش!
پنھنجي ذات تي،
ڪَک نه سَھڻ وانگر،
ٻئي جي ذات لاءِ پڻ،
نه ڪَک ٿيون،
نه مَک ٿيون...
ڪاش!
ڪنهن ٻئي جي،
ڪنھن ڪم اچي سگهون،
ڪم نه اچي سگهون،
ته ان لاءِ ڪو،
مسئلو به نه بڻجون...
ڪاش!
ڪنھن کي ٺُونٺون نه ھڻون،
ڪنھن جي رستي ۾،
رڪاوٽون نه وجهون،
پاڻ پنھنجي گس سان،
ھلندا رھون،
وڌندا رهون،
ٻئي کي سندس گس سان،
ھلڻ ڏيون،
وڌڻ ڏيون...
ڪاش!
ٻئي جو اڳ جهلي،
دڳ ماڻڻ بدران،
ٻئي جو ٻيڙو ٻوڙي،
پنھنجو تارڻ بدران،
ھر ڪنھن کي،
پنھنجي تُرھي تَرڻ ڏيون...
ڪاش!
ڪنھن سان ڀلائي،
ڪري نه سگهون،
ان سان بُرائي،
ڪڏهن ڪينَ ڪريون...
ڪاش!
ٻين کي پوءِ،
پھرين پاڻ کي،
پاڻ سڃاڻي سگهون،
پاڻ سمجهي سگهون...
ڪاش!
ڪاش!
پاڻ جيان ٻئي کي به،
جيئڻ جو حق ڏيون..!