سڌري وڃو، سڌري وڃو...
کريون ڳالهيون ڇو ٿا ڪريو،
سچيون ڳالهيون نه ڪريو،
زوراور زور اٿوَ،
پهرين کاريندا، پوءِ کَليندا،
سڌري وڃو، سڌري وڃو...
ڪنهن ڪنهن کان-
انصاف ملڻ جو پڇندئو،
ڪنهن ڪنهن کان-
پڇڻ جي جُرعت ڪندئو،
اهڙو پڇڻ جو-
اوهان کي حق ڪنهن ڏنو،
پنهنجي سر جو خير گهرو،
سڌري وڃو، سڌري وڃو...
ڳالهيون ڪهڙيون پيا ڪريو،
پاڻ کي اڪابر پيا سمجهو،
قد سارُو ڪُڇو، پُڇو ۽ لُڇو،
هوش ۾ رهو، هوش ڪريو،
سڌري وڃو، سڌري وڃو...
هڪ ڪَنَ مان ٻُڌي،
ٻئي مان ڪڍي ڇڏيو،
ڏٺي کي اڻ ڏٺو ڪريو،
ڏٺا نه ٿيو، ڏٺا نه ٿيو،
سڌري وڃو، سڌري وڃو...
پڙهيو سڀ اڻ پڙهيو ڪيو،
جو پڙهيو سو وساري ڇڏيو،
سڌري وڃو، سڌري وڃو...
جنهن ماڻ ۽ ماپي سان،
تورڻ ۽ ماپڻ گهرن،
ان تي ئي پورا لهو،
نه ته پاڻ کي نااهل سمجهو،
سڌري وڃو، سڌري وڃو...
ارمانن جو قتل ڇو،
ڀلي ته قتلام ٿي وڃي،
قاتلن جا نه پيرا کڻو،
سڌري وڃو، سڌري وڃو...