شاعري

چوٿين اَکِ

مٺل جسڪاڻيءَ جو هيءُ مجموعو ’چوٿين اک‘ بلاشڪ مختلف قسم جي اظھارن سان سلھاڙيل آهي، جن کي مٺل شاعريءَ واري پيرايي ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ھن مجموعي ۾ غزل، وايون ۽ نظم شامل آھن. مٺل جي شاعريءَ ۾ هر رنگ موجود آهي. آئينو بہ خوب ڏيکاري ٿو. مزاح، مزاح ۾ خوبصورتيءَ سان طنز ڪري وڃي ٿو. رومانيت کي شائستگيءَ سان سينگاري ٿو، فطرت جي رنگن کي، مصور جيان نِکاري ٿو، پَني تي سُکن، کي ڏُکن سان سنواري ٿو.

Title Cover of book چوٿين اَکِ

لالچ ھجي ته ’سائين سائين‘ ڪجي،

لالچ ھجي ته ’سائين سائين‘ ڪجي،
نه ھجي ته ’تون تون‘ ڪجي،
تون تون به ڪجي،
اديب ۽ شاعر به سڏائجي،
ڇا ته شعوري اڏام آھي،
ڇا ته سندر سوچ آھي،
ڇا ته تخليقي سگهه آھي،
اھڙي شعوري اڏام کي،
اھڙي سندر سوچ کي،
اھڙي تخليقي سگهه کي،
مٺل جو سلام آھي،
مٺل جو سلام آھي...


نٽائي نٽائي به،
’ڪاڻ ڪنين جي ڪاڻ‘،
وڃڻو ٿو پوي،
ڪنهن وقت ڪنهن وٽ،
ڪنهن مهل ڪنهن وٽ.


اکيون اڃا صحتمند آھن،
ڪَنَ به اڃا سَرلا آھن،
مسئلو اھو آھي ته:
گرمي تمام گھڻي آھي،
سمجھڻ جي صلاحيت،
گھڻي متاثر ٿي آھي!





ھر سوچ،
سوچيندڙ جي محتاج آھي.
تنھنجي لاءِ،
منھنجي لاءِ،
ھر ڪنھن لاءِ،
ڪو ڪيئن ته ڪو ڪيئن،
ھر ڪوئي،
پنھنجي مرضيءَ سان سوچيندو آھي.