شاعري

چوٿين اَکِ

مٺل جسڪاڻيءَ جو هيءُ مجموعو ’چوٿين اک‘ بلاشڪ مختلف قسم جي اظھارن سان سلھاڙيل آهي، جن کي مٺل شاعريءَ واري پيرايي ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ھن مجموعي ۾ غزل، وايون ۽ نظم شامل آھن. مٺل جي شاعريءَ ۾ هر رنگ موجود آهي. آئينو بہ خوب ڏيکاري ٿو. مزاح، مزاح ۾ خوبصورتيءَ سان طنز ڪري وڃي ٿو. رومانيت کي شائستگيءَ سان سينگاري ٿو، فطرت جي رنگن کي، مصور جيان نِکاري ٿو، پَني تي سُکن، کي ڏُکن سان سنواري ٿو.

Title Cover of book چوٿين اَکِ

وقت ۽ عمر،

وقت ۽ عمر،
موضوع الڳ،
معاملا الڳ،
سوچ مَٽبي،
ارادا بدلبا،
جيئڻ جي ڀلي،
آس نه ھجي،
ٻي ڀلي ڪا،
ھجي نه تمنا،
پيار،
ٿَڪندو نه آھي،
پوڙھو ٿيندو نه آھي.







توکي
تو کان سواءِ
ڪجهه نٿو سُجهي
مان ڇا ڪريان
تون ئي ٻُڌاءِ
عام طور چيو ويندو آھي:
”ٻئي سان ڳالهه نه ڪرين ته ٻُڌايان“،
آئون ائين نه چوندس ته:
”ٻئي کي نه پڙھايو ته لکان“،
آئون لکندس به ۽ چوندس به:
”پڙھو نه ته لکان“،
پر نه،
اوھان مُڙندؤ ڪونه،
ان ڪري،
نٿو لکان.


شاعريءَ لاءِ وڇوڙو گهرجي
ناڪامي گهرجي
مون سان
منھنجو محبوب
گڏ ھوندو آھي
خواب ۾ به ايندو آھي
مان شاعر نٿو ٿي سگهان

ٻار صرف ضدي نه ٿيندا آھن،
پرمتڙيا به ٿيندا آھن،
بي عقل جي آخري حد وارا به،
نپٽ چريا به ٿيندا آھن...
ٻار صرف ننڍي عمر وارا نه ھوندا آھن،
ٻارڙن جي پي ٿيڻ وارا به ٻار ھوندا آھن،
ڏاڏا پڙڏاڏا ٿي ويل به ٻار ٿيندا آھن،
ٻار صرف ضدي نه ٿيندا آھن،
صرف پرمتڙيا به نه ٿيندا آھن،
بي عقل جي آخري حد وارا به،
لاعلاج،
نپٽ چريا به ٿيندا آھن...