شاعري

چوٿين اَکِ

مٺل جسڪاڻيءَ جو هيءُ مجموعو ’چوٿين اک‘ بلاشڪ مختلف قسم جي اظھارن سان سلھاڙيل آهي، جن کي مٺل شاعريءَ واري پيرايي ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ھن مجموعي ۾ غزل، وايون ۽ نظم شامل آھن. مٺل جي شاعريءَ ۾ هر رنگ موجود آهي. آئينو بہ خوب ڏيکاري ٿو. مزاح، مزاح ۾ خوبصورتيءَ سان طنز ڪري وڃي ٿو. رومانيت کي شائستگيءَ سان سينگاري ٿو، فطرت جي رنگن کي، مصور جيان نِکاري ٿو، پَني تي سُکن، کي ڏُکن سان سنواري ٿو.

Title Cover of book چوٿين اَکِ

2019ع جي،

2019ع جي،
ويندي ويندي جا ڌڪ،
۽ 2020ع جي،
ايندي ايندي ۽
گذرندي گذرندي جون چوٽون،
چَوِرائين پيون:
ٻِيائِيون ڇڏيو،
وَيرَ ڇڏيو،
نفرتون نه وڌايو،
محبتون ونڊيو،
ھڪ ٻئي جا ڀرجهلا ٿيو،
ھڪ ٻئي لاءِ سونھان بڻجو...


مون کي
منھنجو ڪم
منھنجي محنت
منھنجي ڪارڪردگي
مون کي مليل نتيجا
ٻڌائيندا آھن ته
مون متعلق رايو ڏيندڙ
ڪيتري پاڻيءَ ۾ آھي




پاڻي سڀني کي گهرجي
ڪن کي پيئڻ لاءِ
ڪن کي من جي ميرَ ڌوئڻ لاءِ
ڪن کي جيئرو رھڻ لاءِ
ڪن کي ٻُڏي مرڻ لاءِ
پاڻي سڀني کي گهرجي








ڪڏھن ڪو پاڻ جھڙو سمجهي،
پاڻ ئي ويجهو آيو،
ڪڏھن ڪو پاڻ جھڙو نه سمجهي،
ڀڄي پاسي ٿيو،
پوءِ به اڪيلائي نه آھي،
جيئڻ تائين جا،
صرف مٽ مائٽ ئي نه،
ججهي عمر کان،
گڏ ھجڻ واري،
سنگت ساٿ به آھي،
ايندڙن جو به خير،
ويندڙن جو به خير،
مون آھي سڀني جو خير گهريو.


ھجين ويجهو،
اڇڙا پير ڏئي،
پُڄي وڃان.
آھين پرڀرو،
سواري آھي،
وڏي خواري،
بنا سواري،
ڪيئن اچان؟