پيش لفظ - مٺل پنهنجي رمز ۾ ڀلو
مون ناچيز لاءِ پروفيسر مٺل جسڪاڻي جِي شاعريءَ جَي ڪتاب ’چوٿين اک‘ جي آڳر تي لکڻ جو شرف، ڪنهن سعادت کان گهٽ نه آهي، ڇو ته مٺل جسڪاڻي هن وقت ڄاتل سڃاتل ادب جي دنيا جو سنڌ ڌرتي مٿان ’جرڪندڙ ستارو‘ آهي.
هر ماڻهوءَ جو پنهنجو نظريو، پنهنجو مزاج هجي ٿو، اهڙي طرح صورت به پنهنجي هجي ٿي ۽ سيرت به پنهنجي هجي ٿي.
منهنجي، سائين مٺل جي نظريي ۽ مزاج سان، موافقت کڻي نه هجي پر، گهڻو فاصلو به نه آهي. صورت قدرت واري کان، هر ڪنهن کي پنهنجي مليل آهي. سيرت جي مشابهت، اچرج جهڙي ڳالهه نه آهي، ڀل نه هجي پر، هتي مزي واري ڳالهه اها آهي ته، منهنجي مون کي، مٺل سائينءَ جي سيرت، يعني لڇڻن سان، موافقت نظر نه آئي!
هُو وقت تي پهچڻ وارو، آئون هميشه دير ڪرڻ وارو، هُو سَوير سُمهڻ ۽ طلوعِ سحر جاڳڻ وارو، آئون رات جاڳڻ ۽ دير سان اُٿڻ وارو، هُو سرگرم ايترو جو رشڪ ڪجي، آئون سُست انتها درجي جو، بمشڪل ڪنهن کي اهڙن جي دوستي نظر ايندي، پر اسين سٺا دوست آهيون ۽ دوستيءَ جو سفر طئه ڪري رهيا آهيون. اهو سفر ان ڪري جاري آهي، جو مون کي مٺل سان مٺل جهڙو، سجاڳ ٿيڻو پوندو آهي ۽ مٺل کي ڪڏهن ڪڏهن، مون سان مون جهڙو نِڪمو سُست ٿيڻو پوندو آهي.
بس اهڙي طرح چندر وارو گاڏو هلي رهيو آهي. نه مون ڪڏهن، مٺل جي لکڻين تي، لکڻ لاءِ ڏوڪڙن جي فرمائش ڪئي آهي، نه وري مٺل جون لکڻيون، مٺل لاءِ ذريعهءِ معاش آهن.
ماسٽر چندر واري گاڏَي تان ڳالهه ياد آئي ته، جيڪڏهن چندر ’رُٺائي رهن پر هُجن حياتي‘، اها شاعري هِن ’اسان واري‘ دور ۾ ڪري ها ته، هن دؤر جا ناقدين چون ها، جيڪي رُسي وڃن، تن کي زندگيءَ جي دُعا ڇو ڏجي!؟ دُعا اُن کي ڏجي، جيڪي اوهان سان، مرڻ گهڙيءَ تائين گڏ هجن، اگر نقادن جي ڳالهه کي درست به سمجهجي، ته پوءِ شاعرن کي دُعائون فقط گڏ رهڻ وارن لاءِ مختص ڪرڻيون پونديون. ان سان شاعريءَ جو تخيل محدود ٿي ويندو. ان ڪري خيال جو پسمنظر سمجهڻ ضروري آهي.
افسوس جهڙي ڳالهه آهي، اسان وٽ نقاد گهٽ، بلڪه نه هُئڻ برابر آهن. هِتي تصنيف مان چُڪ ڪڍڻ کي ئي نقاد سمجهيو وڃي ٿو. تخيلات جي اُڏار، ان جي خوبصورتيءَ تي ڳالهائڻ کي پُن سمجهيو وڃي ٿو.
جيڪي نقاد، نه هُئڻ برابر آهن، انهن کي همٿائڻ، وقت جي اشد ضرورت آهي.
شاعري هڪ اهڙو سحر انگيز اظهار آهي، جيڪو افسردگيءَ ۾ به راحت ڏئي ٿو ۽ خوشيءَ ۾ به درد محسوس ڪرائي ٿو. سموري جِيوَن جِي ڪٿا کي ٻن مصراعن ۾ سمائي ڇڏي ٿو.
لفظن کي قوتِ گويائي ڏيڻ لاءِ شاعر کي فني دسترس سان گڏ، فڪري ڪُن ۾ داخل ٿيڻو پوي ٿو.
شاعر کي نظامِ زندگي سمجهڻو آهي. گرد و پيش جي حالتن کي جاچڻو آهي. صرف مطالعو، مشاهدو ڪافي نه آهي. ان سان گڏ جدوجهد ۽ محنت به درڪار آهي. ان جي بغير شاعر ته ٿي ويندو، مگر ’شاعر‘ سليقه شعار نه ٿيندو.
پروفيسر مٺل جسڪاڻيءَ جِي شاعري جو ڪتاب ’چوٿين اک‘ کي آئون پنهنجي ٻنهي اکين سان پڙهي ويٺو آهيان.
مون جڏهن به مٺل جسڪاڻيءَ کي شاعر چيو آهي، تڏهن پاڻ مُرڪي چوندو آهي ته، ”آغا! مون کي شاعر ڪري ڇڏيئي!“ جيئن هِن مجموعي جي ’چوٿين اک‘ ۾ هڪ هنڌ چوي پيو:
شاعري جو آ پنڌ پري،
ڪهاڻيون ڪوهين ڏور،
مضمون مُور نه ويجهو،
ناول جو به نبيرو ڏکيو،
وات هڻڻ جنهن سکيو،
مٺل کي اوهان ڇڏيو،
مٺل پنهنجي رمز ۾ ڀلو.
حالانڪِه مٺل، شاعري، مضمون، ڪهاڻيون، ناول ۽ ادب جي انيڪ صنفن تي عبور رکي ٿو، پر سائينءَ جي طبيعت ۾ جيئن انڪساري آهي، تيئن ئي اها انڪساري، مٿئين نظم مان عيان ٿي نڪتي آهي.
سائين مٺل ’متفرق نگار‘ آهي، ماضي، حال ۽ مستقبل تي گهري نظر رکي، هر موضوع کي پنهنجي شاعريءَ ۾ سجايو آهي.
گذريل ٻن سالن کان سڄي دنيا ڪورونا جهڙي موذي وبا ۾ ورتل آهي. ان بيماريءَ سان پيوسته جيڪي خدشات آهن، انهن کي مٺل سائين پنهنجي شاعريءَ جي ذريعي پهچائيندو رهيو آهي ۽ احتياط جو سڏ ڏيندو رهندو آهي. ان سان گڏ ماڻهن ۾ جيڪو خوف هو، ان کي ختم ڪرڻ لاءِ، مزاح واري انداز ۾ مٺل صاحب لکي ٿو:
لاڪ ڊائون،
۽ تنهنجي يادن،
چانهه جو،
موالي ڪري ڇڏيو آهي.
ڪورونا جي ڪري، سماجي تعلقات مختصر ٿي ويا هئا ”اڃان تائين به ...“ اهڙي دور جِي بيوسي تي، ڪيڏيون نه اُڪير سان هي سِٽون لکيل آهن:
جدائي جهوري پئي،
منهنجا مٺل موچارا،
ڪورونا لاڪ ڊائون ۾....
مٺل جسڪاڻي جيئن پاڻ گهڻ رُخي شخصيت آهي، تيئن سندس شاعريءَ جا انيڪ پاسا آهن. سندس شاعريءَ جي فڪري وسعت تمام گهري آهي. ’چوٿين اک‘ جي مجموعي کي سمجهڻ لاءِ، گهٽ ۾ گهٽ ٻن اکين جو هئڻ ضروري آهي، هڪ اک سان شعر جي ذومعنيت تائين پهچي نٿو سگهجي، سائينءَ جو شعر آهي ته:
جيئن روئي ڪري ٿو رڙيون ڪو،
ڄڻ منهنجي اندر ڪو ٻار آهي!
سائين مٺل جا تمام گهٽ اهڙا غزل ملندا، جيڪي بحر و وزن جي بندهن (ٻنڌڻن) ۾ ٻڌل آهن، پر سائين پنهنجن غزلن ۾ خيال کي وزنائتو رکيو آهي.
هن مختصر نظم ۾ تمام وزنائتي ڳالهه ٿيل آهي:
وزن وارا،
وزندار هوندي،
بي وزن،
گهٽ وزن وارن کان،
ڊڄن ڇو ٿا؟
اڪثر ماڻهو، ڪنهن ردِعمل ۾ چوندا آهن ته، ”تون ڇڏي ويندين ته تو جهڙو ڪونه ڪو ملي ويندو...“ پر هتي مٺل ڳالهه ئي ٻي پيو ڪري. محبوب کان شڪايت باوجود محبوب کي ڪنهن ٻئي جهڙي جو مثال به نٿو ڏيئي:
تُون جي ساٿ نه ڏيندين، ته ڇا ٿي پوندو؟
تو جهڙو نه سَهي، ڪو ته ملي پوندو!
هن مجموعي ۾ هڪ نظم آهي ’ٽنڊي ڄام کي ڇڏي نه وڃبو‘. اها پنهنجي شهر، پنهنجي ڳوٺ، پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت آهي. سو شاعر ٿي نٿو سگهي، جنهن کي پنهنجي ديس سان محبت نه هجي.
مٺل جسڪاڻي، سڄي عمر جدوجهد ۾ گذاري آهي. زندگيءَ کي تمام ويجهي کان پرکيو اٿس. زندگيءَ کان گهڻو ڪجهه سِکيو اٿس. خزائون به سَٺيون اٿس، بهارون به گُهليون اٿس.
درد کي محسوس ڪرڻ لاءِ دردناڪ منظر ڏسڻ ڪافي نه آهي. احساس کي اُڀارڻ لاءِ، خود درد بڻجي وڃڻو آهي، پوءِ وڃي شاعري کي زبان ملي ٿي. اها زبان، وڻن، ٻوٽن، دريائن، دشتن، ديارن، جانورن ۽ انسانن جي ترجمان بڻجي وڃي ٿي.
مون مٺل سائينءَ جي شاعريءَ ۾ هر رنگ ڏٺو آهي. آئينو به خوب ڏيکاري ٿو. مزاح، مزاح ۾ خوبصورتيءَ سان طنز ڪري وڃي ٿو. رومانيت کي شائستگيءَ سان سينگاري ٿو، فطرت جي رنگن کي، مصور جيان نِکاري ٿو، پَني تي سُکن، کي ڏُکن سان سنواري ٿو.
’چوٿين اک‘ تي لکبو ته ڪئين ڪتاب لکجي ويندا، مٺل سائين چيو آهي نه:
لکڻ کان رهجي ويل،
ڳالهيون آهن ڳچ......
سو آخر ۾ هي ڳالهه ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهان ته، مٺل سائينءَ جي ٻن ڪتابن جي مهورت جو اعزاز ’سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان‘ کي مليو آهي. ٻنهي جِي جدا جدا مهورت ٿي هُئي. پهرِين جنهن ڪتاب جي مهورت ٿِي، سو سفرنامي جو ڪتاب ’سفر بخير‘ آهي. ٻئي دفعي جنهن ڪتاب جي مهورت ٿي هئي، سو ڪتاب ’برسات ۽ ٻوڏ‘ ڪهاڻين ۽ نظميه ڪهاڻين تي مشتمل آهي. اهي ٻئي ڪتاب پروفيسر مٺل جسڪاڻيءَ جا تمام گهڻي پذيرائي ماڻي چُڪا آهن.
آغا جان آغا