شاعري

چوٿين اَکِ

مٺل جسڪاڻيءَ جو هيءُ مجموعو ’چوٿين اک‘ بلاشڪ مختلف قسم جي اظھارن سان سلھاڙيل آهي، جن کي مٺل شاعريءَ واري پيرايي ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ھن مجموعي ۾ غزل، وايون ۽ نظم شامل آھن. مٺل جي شاعريءَ ۾ هر رنگ موجود آهي. آئينو بہ خوب ڏيکاري ٿو. مزاح، مزاح ۾ خوبصورتيءَ سان طنز ڪري وڃي ٿو. رومانيت کي شائستگيءَ سان سينگاري ٿو، فطرت جي رنگن کي، مصور جيان نِکاري ٿو، پَني تي سُکن، کي ڏُکن سان سنواري ٿو.

Title Cover of book چوٿين اَکِ

ٽنڊي ڄام کي ڇڏي نه وڃبو،

ٽنڊي ڄام کي ڇڏي نه وڃبو،
ٽنڊي ڄام مان لڏي نه وڃبو.
ٽنڊي ڄام کي جيڪي ڇڏي ويا،
ٽنڊي ڄام مان جيڪي لڏي ويا،
جتي جتي به ويا آھن،
ٻُڌو آھي خوش نه آھن.
ٽنڊي ڄام کي سارين ٿا،
لڙڪن پٺيان لڙڪ ھارين ٿا.
ٽنڊي ڄام کي ڇڏيو نه آھي،
ٽنڊي ڄام مان لڏيو نه آھي،
ٽنڊي ڄام ۾ ئي جيئبو،
ٽنڊي ڄام ۾ ئي مربو.
مُئي پڄاڻان ٽنڊي ڄام کي ڇڏبو،
مُئي پڄاڻان ٽنڊي ڄام مان لڏبو،
جيئرو جيسين ھوندو ’مٺل‘،
ٽنڊي ڄام ۾ ئي ملندو ’مٺل‘.