پنهنجي پاران - شاعريءَ جو پنڌ پري ۽ ڏاڍو ڏکيو آهي...
حال حيات شاعرن ۾ ڪي چند شاعر ڳپل پنڌ پٽي سگهيا آھن، ڪي پنڌ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن، اڪثريت جي ڳالهه ڪانه ڪبي...
مون ڪڏھن به شاعر ھجڻ جي دعويٰ نه ڪئي آھي، پر ڪي چند مون کي شاعر سمجهن ٿا. انھن مان نسيم بلوچ اھڙو نِڪتو، جنھن اھو خفو نه صرف ھٿن ۾ کنيو، پر سندس وت ۽ وس آھر پڄاڻيءَ تي به پھچايو، جيڪو مون کان نه ٿي سگهيو، ھن ڪري ورتو...
جي ھا... آئون نسيم بلوچ جو تمام گهڻو ٿورائتو آھيان، جنھن منھنجا ڪچا ڦڪا خيال سھيڙي ھي مجموعو ترتيب ڏنو. سندس اھو ٿورو املهه ته ھن منھنجي سٽن ۾ ھٿ چراند نه ڪئي، ڦيرڦار نه ڪئي، جيئن به لکيم، تيئن ئي کڻي، ترتيب ڏني...
عبدالرسول عباسيءَ جي مھرباني، جنھن ھن مجموعي جو سرورق آچر 09 آگسٽ 2015ع تي ٺاھي موڪليو، دير مون کان ٿي!
آغا جان آغا جا قرب، جنهن مسودو پڙهي، پنهنجي خيالن جي ونڊ ڪئي. جعفر جانيءَ جا به قرب، جنھن پڻ ٻه اکر لکي موڪليا.
انھن سڀني جا ٿورا نه ٿورا، جن ھي مجموعو پڙھندڙن تائين پھچندڙ ڪم ۾ ھٿ ونڊايو، پنھنجي حصي جو ڪم اڪلايو.
جيڪو جيڪو به ھي مجموعو پڙھي، پنھنجي دل گهُري راءِ مون تائين ۽ منھنجي پڙھندڙن تائين پھچائيندو، انھن سڀني جا آئون اڳواٽ ٿورا مڃي ٿو ڇڏيان.
مٺل جسڪاڻي
لياقت ٽائون - ٽنڊوڄام
صبح 6.51 وڳي
اربع 18 نومبر 2020ع