شاعري

چوٿين اَکِ

مٺل جسڪاڻيءَ جو هيءُ مجموعو ’چوٿين اک‘ بلاشڪ مختلف قسم جي اظھارن سان سلھاڙيل آهي، جن کي مٺل شاعريءَ واري پيرايي ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ھن مجموعي ۾ غزل، وايون ۽ نظم شامل آھن. مٺل جي شاعريءَ ۾ هر رنگ موجود آهي. آئينو بہ خوب ڏيکاري ٿو. مزاح، مزاح ۾ خوبصورتيءَ سان طنز ڪري وڃي ٿو. رومانيت کي شائستگيءَ سان سينگاري ٿو، فطرت جي رنگن کي، مصور جيان نِکاري ٿو، پَني تي سُکن، کي ڏُکن سان سنواري ٿو.

Title Cover of book چوٿين اَکِ

چريا کريا به سمجهن ٿا

چريا کريا به سمجهن ٿا

ڪنھن کي،
ڪيئن،
ڇو نظر انداز ڪبو آھي؟
چريا کريا اھو به سمجهن ٿا،
بھانن ۽ بھتانن سان،
ڪنھن جو قد،
متاثر نه ٿيندو آھي.
چريا کريا ڄاڻن ٿا،
بُل ڏيندڙ گدڙ،
ڊاک کي نه پھچي،
ڇا چوندا آھن؟
چريا کريا اھو به ڄاڻن ٿا،
پنھنجي منھن مٿي،
لوڪ کان لڪي،
پنھنجي پاڻ کي به،
سچ چئبو آھي،
اٽڪلن سان،
نئين دفعي،
لفاظي ۽ لٻاڙ سان،
نيون اٽڪلون ڪبيون آھن.
ڪجهه نه ورندو،
اٽڪلين لاءِ،
ٻئي جو قد نه گهٽبو،
چريا کريا چون ٿا،
پنهنجو قد ڪونه وڌندو.




مرچ کي،
ھٿ لڳائڻ،
کائڻ سان،
مرچ لڳن ٿا،
اھا نئين ڳالهه ناھي،
مرچ تي،
ڳالھائڻ سان،
لکڻ سان،
مرچ لڳن ٿا،
اھا نئين ڳالهه آھي!



ڪٿي ائين ته ڪونھي،
پنھنجي جنم جو،
مھينو ساڳيو آھي،
پنھنجي ھر پسند ساڳي آھي،
تنھن ڪري ئي شايد،
مون کي تون ۽،
توکي آئون وڻان ٿو.