شاعري

چوٿين اَکِ

مٺل جسڪاڻيءَ جو هيءُ مجموعو ’چوٿين اک‘ بلاشڪ مختلف قسم جي اظھارن سان سلھاڙيل آهي، جن کي مٺل شاعريءَ واري پيرايي ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ھن مجموعي ۾ غزل، وايون ۽ نظم شامل آھن. مٺل جي شاعريءَ ۾ هر رنگ موجود آهي. آئينو بہ خوب ڏيکاري ٿو. مزاح، مزاح ۾ خوبصورتيءَ سان طنز ڪري وڃي ٿو. رومانيت کي شائستگيءَ سان سينگاري ٿو، فطرت جي رنگن کي، مصور جيان نِکاري ٿو، پَني تي سُکن، کي ڏُکن سان سنواري ٿو.

Title Cover of book چوٿين اَکِ

ماڻھن جي،

ماڻھن جي،
حالت ڏسو،
ڪورونا ۾ به،
چون ٿا،
اسڪول کوليو!
انھن ماڻھن جا،
آئون ڀانيان ٿو،
ٻار نه آھن يا،
گهر ۾ ٻار،
تنگ ڪن ٿا،
ڪم ڪار ۾،
دخل ڪن ٿا!



آگم،
پاڻ کان بيزار جي موسم،
آ مل،
ٿي پوي پيار جي موسم.


پنهنجو ماضي ساڳيو،
پنهنجو حال ساڳيو،
پنهنجو مستقبل به،
سُجهي پيو ساڳيو،
اهڙي صورت ۾،
منهنجون دانهون،
منهنجون ڪوڪون،
منهنجا سڀ سک ۽ سُور،
ساڳيا نه هوندا ته پوءِ...
تبديلي ڪا اچي،
جدت پاڻهي ايندي سائين، سانئڻ...


ھڪڙي ڳالھه تو سان،
آئون ڪري ڇڏيان،
جيئن تون مون کي پڙھي،
خاموش رھندو آھين،
آئون به توکي پڙھي،
خاموش رھندو آھيان.