شاعري

چوٿين اَکِ

مٺل جسڪاڻيءَ جو هيءُ مجموعو ’چوٿين اک‘ بلاشڪ مختلف قسم جي اظھارن سان سلھاڙيل آهي، جن کي مٺل شاعريءَ واري پيرايي ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ھن مجموعي ۾ غزل، وايون ۽ نظم شامل آھن. مٺل جي شاعريءَ ۾ هر رنگ موجود آهي. آئينو بہ خوب ڏيکاري ٿو. مزاح، مزاح ۾ خوبصورتيءَ سان طنز ڪري وڃي ٿو. رومانيت کي شائستگيءَ سان سينگاري ٿو، فطرت جي رنگن کي، مصور جيان نِکاري ٿو، پَني تي سُکن، کي ڏُکن سان سنواري ٿو.

Title Cover of book چوٿين اَکِ

تون ۽ مان...

تون ۽ مان...

آئون روز گهرڻ چاهيندو آهيان،
توکان تنهنجي تصوير پرين،
ڪڏهن گهري نه سگهيو آهيان!
-
آئون روز کڻي ايندو آهيان،
کيسي ۾ وجهي تصوير منهنجي،
تو ڪڏهن گهري نه آهي،
پاڻهي توکي ڏئي نه پيو سگهان!
-
تنهنجي ۽ منهنجي حوالي سان،
ڪافي آهيون تون ۽ مان،
پر قصو ٺهي نه پيو،
وچ ۾ آڻڻ جهڙو،
ٽيون ماڻهو اچي ڪٿان!؟
-
مون تو کي سمجهڻ جي،
ڪوشش ڪئي آهي گهڻي،
تو ڪڏهن ويچاريو آهي:
منهنجي لاءِ پرين!؟
-
جڏهن به توکي ياد اچان،
مون کي تون نه ڳولجان،
پاڻ سان گڏ ئي ڀانئجان.
-
منھنجو ٿئين ھا،
ته ٻنھي لئه سٺو ھو،
ھاڻي ڏسبو ته،
ڪيئن ٿي تنھنجي گذري؟
ڪيئن ٿي منھنجي گذري؟
-
ڇڏبو ڪو نه توکي،
توسان ڳالھيون ڪبيون،
سڀ چِٽايون ڪبيون،
وضاحتون ڏبيون وٺبيون،
معاملا سمجهبا سمجهائبا،
مونجهارا سُلجهائبا.
-
اڄ کان به جيڪر،
تون ھمٿ ڪرين،
سنورجي پوندو،
مستقبل پنھنجو.