ماڻھوءَ جي وس ۾ ڇا آھي؟
ٿورڙو به ايمانداري سان سوچيون،
پنھنجي ئي حوالي سان سوچيون،
پنھنجي وس ۾ ڪجهه نه آھي...
پنھنجي وس ۾ ڪجهه نه آھي.
ٻئي کي تنگ ڇو ڪريون؟
ٻئي جو گس ڇو روڪيون؟
جڏھن پنھنجي وس ۾ ڪجهه به نه آھي...
صرف پنھنجي ۽ پنھنجن لاءِ ڇو سوچيون،
صرف پنھنجي ۽ پنھنجن لاءِ ڇو چاھيون؟
آئون
مشھور
معروف
گهڻو ڇپجندڙ
وڏو ليکڪ آھيان
منھنجون تحريرون
ذاتي واسطن
منٿ ميڙ
چئو چواءَ سان
ڇپبيون آھن
اھا ٻي ڳالهه آھي
شعوري طور،
نفرت جو ٻج ڇٽڻ،
ٻج جي آبياري ڪرڻ،
ڦُٽل سَلي کي سنڀالڻ،
خواھش وري -
پيار جي فصل جي!
جيئن وڻيئي تون لِک،
ڀلي پڙھندڙن کي خبر پوي،
تون ڇا ٿو لکين؟
آئون،
سوچي سمجهي لکندو آھيان،
منھنجي لکئي تي،
مون کان تون،
پُڇي سگهين ٿو،
منھنجو لکيو ميسارڻ جو،
توکي حق نٿو پھچي.