مُهاڳ - چوٿين اَکِ سان اَکِ ٽيٽَ
اکيون، اکين جو هجڻ، اکين ۾ روشني هجڻ، اکين جو اٽڪڻ، اکين جو ادراڪ، انهن جي هلچل، انهن جو چوڦير ڏسڻ، پسڻ، منظر نگاري ڪرڻ، ظاهري اکيون هڪڙيون، باطني اکين جي ڳالهه ئي ٻي. اک، هر اک، هر شئي تي اک، اک رکڻ وارا به گھڻا، ته اکين تي ويهارڻ وارو ڪو ڪو، اهڙو ڪو جنهن کي اکين تي ويهارجي، اکين ۾ ويهارجي، ٻيو ڪجهه به نه پسجي. پر جڏهن اکين جو جهان پنهنجا جلوا ڏيکاري ٿو ته نفيس جذبن جو اڀرڻ لازم ٿيو پوي. هي به ته اکين جو ئي ڪمال آهي، جو شاعري جهڙي لطيف ۽ ڪومل جذبن جي ڦُٽڻ جي شروعات ئي اکين جي اشارن سان شروع ٿي اکين جي انتظاري جي صورت ۾ رهندي ئي آئي آهي.
ڪي ڪم الاهي ڏکيا هوندا آهن، ڪي وري بنهه سولا، مونکي انتهائي ڏکيو لڳندو آهي جڏهن ڪنهن ڪتاب، شخصيت تي ويهي لکجي، سچ ته انتهائي ڏکيو، شروعات ڪبي آهي ته پار پوڻ مشڪل ٿي پوندو آهي، ائين لڳندو آهي ته شايد ٻي ڪناري تي پهچي نه سگھبو ۽ سهڻي وانگر لڙهي وڃبو.
سائين مٺل جسڪاڻي جي ڪتاب ’چوٿين اک‘ کي پڙهڻ شروع ڪيو ته سچ ته اکيون کليل ئي رهجي ويون. سندس غزل جو هي بند ته پڙهي ڏسو:
پيار جي پرڻ ۾،
درد سڀ ڇاڻ.
ڪيترن ئي شاعرن خاڪ ڇاڻڻ جي ڳالهه ته ڳڻي هوندي، پر معاشري ۾ وڌيڪ سهپ، سگھه، ويجھڙائي ۽ امن برقرار رکڻ جو نسخو هنن ستن لفظن تي مشتمل ڪيڏو نه اثرائتو آهي. اسان کي پختو يقين رکڻ گھرجي جن، جڏهن ۽ جتي به اهو نسخو استعمال ڪيو ته پڪ ڄاڻو ته اتي جي رهندڙ ماڻهن کان جنت وسري وئي هوندي.
قرب ڪونهي ڪو ڪٿي،
ڪيئن ٿيو ڪال پرين،
ڏي خبر خير جي.
ڏي خبر خير جي! هي وراڻي ڪيڏي نه ڀرپور انداز ۾ استعمال ڪئي وئي آهي، نج نبار ٻولي، عام واهپي ۾ ايندڙ لفظن کي سادي ۽ پر اثر انداز ۾ استعمال ڪرڻ جو ڏانءُ به ته ڪو ڪو ڄاڻي، وراڻيءَ کان اڳ جيڪو درد بيان ٿيل آهي، اهو ڪو اڄوڪو ڪونهي، ڪيترن ئي شاعرن قحط الرجال جي ڳالهه ڪئي آهي، پر هتي حيرت منجھان اهو پڇڻ ته جيڪو ٿيو آهي اهو ته اڻ ٿيڻو هو پنهنجي جُوءِ ۾، پو به ٿيو! ٻي پاسي ته هو ئي هو، حال احوال وٺڻ اسان جي ڳوٺن مان هاڻ جھڙوڪر موڪلائي ويو آهي. هن بند ۾ بيان ڪيل پيڙا تي جيترو سوچيون ٿا اوترو ئي وڌيڪ ٿيندي وڃي.
ڪچا سنگ نه لڻجان ڇوري... هي پوري وائي پڙهڻ، سمجھڻ ۽ حظ حاصل ڪرڻ جهڙي آهي، هن جي پڙهڻ سان من اسڪرين تي تري ايندڙ منظر، هر بند ۾ تبديل ٿيندا رهن ٿا ۽ انهن جي ماضي، مستقبل جا اولڙا ۽ خدشا ظاهر ڪندي گَھرو اثر ڇڏين ٿا، پوءِ جيڪا ڪيفيت پڙهندڙ جي ٿئي ٿي سچ ته ان منجھان نڪرڻ ساڻس لاءِ سولو نه هوندو آهي.
خوش ھوندي ڏک جو اظھار ڪر،
ڏک ۾ ھوندي خوش ھجڻ جو چئو،
ڪنھن کي به تون انت نه ڏي،
ظاھري طور شاعر ٿي گذار.
سڙي سارو ڏينهن ٻاهر ٻاڦُ نه نڪري جي سَولي نموني جي تشريح هن نظم کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي هوندي.
انسان کي ٻه اکيون قدرتي مليل هونديون آهن، جڏهن ڪو علم حاصل ڪندو آهي ته هن جي ٽئين اک به روشن ٿي ويندي آهي، ان اک عطا ٿيڻ جو سمورو سهرو اسان جي استادن جي سر سونهي ٿو، پر سائين مٺل جسڪاڻي ’چوٿين‘ اک جي ڳالهه ڪئي آهي، اها ڪيئن، ڪڏهن کلندي آهي، ان کي ڪير روشن ڪندو آهي، تنهن ڳالهه کي سمجھڻ لاءِ اچو ته سندس هي نظم پڙهون:
چوٿين اک
هر لمحو گذري پيو،
هڪ مڪمل ۽ ڪامل استاد بنجي،
جيڪو روشن ڪري پيو،
ماڻهوءَ جي ڄڻ،
اک چوٿين،
جيڪا نه کلندي آهي،
ڪنهن به روايتي استاد کان...
هن نظم کي پڙهندي آئون ته دم بيخود رهجي ويس، جڏهن مون اڌ دم جي نشانيءَ کي هٽائڻ شروع ڪيو ته حيرت ٿيندي رهي، صرف هڪ نشاني هٽائڻ سان مفهوم الائي ڪٿي جو ڪٿي پڄي ٿو. پوءِ خبر پئي ته ’نشانيون‘ ڪيتريون اهم آهن.
سٺائي ۽ خرابي هر هنڌ موجود آهي، هن نظم ۾ جتي گڻن ۽ اوگڻن جي ڳالهه ڪئي وئي آهي، هن جو پيرايو ايڏو ته مضبوط مگر سادو رکيو ويو آهي، جو سچ ته ماڻهو پڙهندو به ويندو، خوش به ٿيندو ويندو، سندس ذهن آس پاس ڏانهن ڏسندو به ويندو ۽ من تي الائي ڪيترا خيال تري ايندس. اهائي ته اصل خوبي آهي لکڻهار جي ته هو ڪهڙي انداز سان مخاطب آهي ۽ هو پنهنجو نياپو ڪيتري سولي ۽ اثرائتي انداز سان پهچائي سگھي ٿو. سندس هن نظم جون ڪجهه سٽون ئي ڪافي آهن:
سُٺا ماڻهُو سُٺيُون سوچون،
سُٺا سندن عمل،
سُهڻيون ڪن ڳالهيون،
سونهن وڌائين سُرهاڻ ڦهلائين...
’دعائون‘ نظم جتي هن معاشري جي پوري عڪاسي ته ڪري ٿو، پر سلام آهي سندس نالي وانگر مٺڙي شاعر مٺل جسڪاڻي کي جيڪو ڪبير جي واڻي ’ڪبيرا کڙا بازار ۾، سب ڪي مانگي خير...‘ جي مصداق سڀني جو خير گھري ٿو. اهو خير گھرڻ ئي انهن جي نشاني آهي جيڪي مڙيو سو جڙيو تي عمل ته ڪن ٿا پر جڏهن ڳالهه دنگن ۽ ننگن جي ايندي ته ‘هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين’ واري سٽ جي اوس تعبير ٿي پوندا آهن.
ڪنهن معاملي ڏانهن نفيس انداز ۾ متوجهه ڪرڻ، هڪ عالم ۽ ڏاهي استاد جو ڪم آهي، هن نظم ۾ جنهن سوال ڏانهن ڌيان ڇڪايو ويو آهي ان جو جواب هرڪو پڙهندڙ پنهنجي پنهنجي انداز سان ڏيندو ۽ سوچيندو. توهان نظم پڙهو ۽ حظ حاصل ڪريو:
ٻيلي ڏاهو ٿيءُ،
ادا ڏاهو ٿيءُ،
ڀاءُ ڏاهو ٿيءُ،
پيارا ڏاهو ٿيءُ،
پاڻ سڀ،
ڏاهو ٿيڻ جون،
منٿون ڪريون ٿا،
۽ لطيف سائين،
جيڪو سونهون سنڌ جو،
سو چوي ٿو:
”الا ڏاهي مَ ٿيان،
ڏاهيون ڏُک ڏسن“،
پاڻ سڀ چريا يا،
لطيف سرڪار ڇو،
ائين چيو!؟
هن ڪتاب جي آخري نظم کي مون، جيتري ڪوشش ڪئي آهي سمجھڻ جي اوترو ئي منجھندو ويو آهيان، سائين جن جو هي نظم سچ ته ڪڙو سچ آهي! اسان وٽ نام ڪٺيا اڪابرن جي کوٽ نه آهي.
منهنجو فهم، ادراڪ، منهنجي سوچ سمجهه ٻُڍڙيءَ جي سُٽ جي ڦوري جيتري آهي جنهن سان يوسف جي خريدارن جي قطار ۾ شامل ٿيو آهيان.
مون کي اميد آهي ته هن ڀري بزم ۾ منهنجو به دُڪو داخل ٿيندو، سائين جن جي شاعري گھڻو ڪجهه لهڻي ٿي، ان تي تمام گھڻو لکي سگھجي ٿو. هي ڪتاب گذريل سال ئي توهان جي هٿن ۾ هجي ها، پر افسوس جو ترتيب مون کي ڏيڻي هئي، حالتن جا طوفان ايترا ته تيز هئا، جو پنهنجي ئي خبر نه هئي. اسان هن سون سريکي ڪتاب کي هڪ سال اڳ اچڻ کان رهجي وياسين.
مڙيئي منجهه مون نه هڪڙي منجهه هوتن.
نسيم بلوچ