شاعري

چوٿين اَکِ

مٺل جسڪاڻيءَ جو هيءُ مجموعو ’چوٿين اک‘ بلاشڪ مختلف قسم جي اظھارن سان سلھاڙيل آهي، جن کي مٺل شاعريءَ واري پيرايي ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ھن مجموعي ۾ غزل، وايون ۽ نظم شامل آھن. مٺل جي شاعريءَ ۾ هر رنگ موجود آهي. آئينو بہ خوب ڏيکاري ٿو. مزاح، مزاح ۾ خوبصورتيءَ سان طنز ڪري وڃي ٿو. رومانيت کي شائستگيءَ سان سينگاري ٿو، فطرت جي رنگن کي، مصور جيان نِکاري ٿو، پَني تي سُکن، کي ڏُکن سان سنواري ٿو.

Title Cover of book چوٿين اَکِ

صورت کي خوبصورت،

صورت کي خوبصورت،
خوبصورت کي بدصورت،
ڪا ٻي مخلوق نه،
اشرف المخلوق بنائي ٿي!

ڪنهن کي جيئدان ڏيڻ،
ڪنهن کان جيئڻ جو حق کسڻ،
ڪنهن ٻئي جو نه،
اشرف المخلوق جو ڪم آهي!

ماڻهو نه هجڻ باوجود،
خود کي ماڻهو سڏائي،
اهو ڪو ٻيو نه،
اشرف المخلوق آهي!

شين کي استعمال ڪرڻ سکو،
ماڻهن مان فائدا ماڻڻ سکو.


بي سمجھه کي،
سمجھائڻ بدران،
ھيسائڻ سٺو نه آھي!

پُڇڻ واري کي،
ماٺ ڪرائڻ لاءِ،
پاڻ وٽ،
ھر اٽڪل ڪبي آھي!؟

جيئن مان چاھيان،
جيئن مان لکان،
جيئن مان ڪيان،
اعتراض نه ڪريو،
اختلاف نه رکو،
مان نثر نويس آهيان،
مان شاعر آھيان.

واندو تون به نه آهين،
واندو آئون به نه آهيان،
صرف تون ۽ آئون ئي نه،
واندو ته ڪير به ڪونهي،
ته پوءِ!!!؟؟؟