ماڳ مڪان / شھر / ڳوٺ

سکر تاريخ جو گلدستو

هن ڪتاب ۾ سکر جا اهم تاريخي ماڳ: ”اروڙ“، ”ڪالڪا مندر“، ”مومل جي ماڙي“، ”بکر جو قلعو“، ”سَتِين جو آستان“، ”معصوم شاھ جو منارو“، ” آدم شاھ ڪلھوڙو“، ”ساڌ ٻيلو“ شامل آهن. ان کان علاوه سنڌو درياھ، سنڌوءَ جي پھرين تھذيب، سکر جي قديم تاريخ، روهڙيءَ جي تاريخ، سکر جي نئين تعمير ۽ سکر جي يادگيرين بابت پڻ ليک پڻ ڏنا ويا آهن.

Title Cover of book سکر تاريخ جو گلدستو

پنهنجي پاران:

شاھي رستو دور ڇڏي مون جھاڳيو پنڌ پھاڙن مان،
جو سوڙھو لڪ وڃي ٿو دور انڌيرن لاڙن مان.
(اياز)

سونهن ڀري سنڌ جي تاريخي ماڳن جي اهميت کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ پنهنجي جاکوڙ جاري رکندي، ”سنڌ سڀيتا“ سلسلي جو چوٿون تاريخي ۽ تحقيقي ڪتاب اوهان جي هٿن ۾ ڏيئي رهيو آهيان. پهريون ڪتاب ”سنڌ سڀيتا“ ٿر ۽ مڪليءَ جي تاريخي ماڳن تي لکيل مضمونن تي آڌاريل آهي، جيڪو 2017ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. ان کان پوءِ ان ڪتاب جو اردو ترجمو ”سنڌو تهذيب“ جي نالي سان 2019ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. جنهن بعد ٿر ۽ لاڙ جي پهرين ڪتاب کان پوءِ لکيل ۽ تحقيق ٿيل ماڳن جي مضمونن تي آڌاريل ڪتاب ”سنڌ سڀيتا“ ڀاڳو ٻيو 2021ع ۾ ”مرڪ پبليڪيشن“ ڪراچي ڇپائي پڌرو ڪيو.
اصل ۾ ننڍپڻ کان پنھنجي والد صاحب سان گڏ سير ۽ تفريح ڪندي تاريخي ماڳن سان شوق شروع ٿيو، وري نوجوانيءَ ۾ سنجيده قومي ڪارڪن جي حيثيت سان سنڌ جي تاريخ سان لڳاءُ رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو تاريخي ماڳن تي ويندو رهيو آهيان. تاريخ جا ڪتاب ۽ سفرناما شوق سان پڙهندو رھيو آھيان. سنڌ جي تاريخي ماڳن بابت سنڌ جي سيلاني قلمڪار نامور اديب حق، سچ ۽ اصول پرستي جي علمبردار علي بابا سان 1996ع کان ڪچھريون ٿيون ۽ ساڻس تاريخي ماڳن تي وڃڻ شروع ڪيو. اڳتي هلي 2000ع ۾ سنڌ جي تاريخي ماڳن بابت جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ علي بابا جي مشوري سان ”سنڌ هسٽري اويئرنيس فورم“ جوڙيوسين. ھن پليٽ فارم تان ڪراچيءَ جي مختلف آبادين ۾ سنڌ جي تاريخي ماڳن بابت ليڪچر پروگرام ڪرائيندا هئاسين، ۽ ”سنڌ سڀيتا“ نالي ٽماهي رسالو به جاري ڪيو. ان دوران علي بابا مون کي لکڻ تي اتساهيو ۽ سمجهاڻيون به ڏيندو رهيو. جنهن سبب مون سنڌ جي تاريخي ماڳن تي مضمون لکڻ شروع ڪيا. جيڪي مختلف اخبارن: ”عوامي آواز“ ۽ ٻين ۾ ڇپجندا رهيا. هاڻي به سلسو جاري آهي. منهنجا مضمون ۽ مقالا روزاني ”ايڪتا“ ۽ ٻين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندا رهن ٿا.
ڪتاب ”سکر تاريخ جو گلدستو“ سنڌ سڀيتا سلسلي جو چوٿون ڪتاب آهي، هي منهنجي پهرين ڪتابن کان وڏو ۽ جامع ڪتاب آهي، هن ڪتاب ۾ سکر جي تاريخي ماڳن جي تفصيلي ۽ تحقيقي مضمونن سان گڏ سنڌو درياهه جي اهم تاريخي ڄاڻ، سنڌوءَ ۾ ڇوڙ ڪندڙ ٻين درياهن ۽ نندين سميت سندن وهڪرن جو سمونڊ ۾ ڇوڙ تائين جو اهم تاريخي تفصيل قلمبند آهي.
هن ڪتاب ۾ سنڌو سڀيتا جي ابتدائي دراوڙ تهذيب ۽ ان کان پوءِ جي آرين تهذيب سميت سنڌوءَ تي ڌارين جا حملا، حڪومتون ۽ مقامي بادشاهتن جا سلسلا جڙڻ ۽ ٽٽڻ جي تاريخ جو تسلسل قلمبند ٿيل آهي، سنڌو سلطنت جي قديمي مرڪزي گاديءَ واري ھنڌ ”اروڙ“ جي اھميت ۽ اروڙ شھر جي اجڙڻ کان پوءِ سندس تسلسل طور روهڙي، بکر ۽ سکر جي اسرڻ جي تاريخ کان موجود دؤر جي ترقيءَ تائين جو پورو سفر شامل آهي.
”سکر تاريخ جو گلدستو“ ڪتاب منهنجي پهرين ڪتابن کان مقدار ۽ مواد ۾ وڌيڪ آهي، جامع تحقيق ۽ تاريخ کي مختصر ڪري ڄڻ ”درياهه کي ڪوزي ۾ بند ڪري“ اوهان جي هٿن تائين پهچايڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن ڪري باربار واڌارا ۽ سڌارا ڪرڻا پيا، جنهن ۾ مانواري مرتضى لغاريءَ جي ڀرپور تعاون ۽ محنت پڻ شامل آهي.
هن ڪتاب جي مضمونن لکڻ دوران مختلف تاريخي ڪتاب پڙهيا ۽ خريد ڪيا، تحقيق لاءِ انٽرنيٽ کان مدد پڻ حاصل ڪئي. وڏن تاريخي ڪتابن ۾ ساڳين ڳالهين جو وڌاءُ تمام گهڻو ۽ ورجاءُ به باربار ڪري ڪتابن کي وڌائي وڏو ڪيو ويو آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ جي دؤر ۾ وقت جي ڪميءَ سبب عام ماڻهو اهڙن غيرضروري ڊيگهه وارن وڏن ڪتابن پڙهڻ کان قاصر آهي. ٻيو ته انهن ڪتابن ۾ گهڻو مواد بادشاهن، نوابن، اميرن ۽ پيرن جي خوشامند، تعريف ۽ خانداني سلسلي کي وڌائي ڪنهن نه ڪنهن امام يا خليفي سان ملايو ويو آهي. انهن ۾ مقامي ماڻهن، قبيلن، ڪاريگرن ۽ پورهيتن جو ڪو خاص ذڪر نه ٿو ملي.
اهڙا تاريخي ڪتاب پڙهندي ائين محسوس ٿي رهيو آهي، ڄڻ سڄي ملڪ ۾ چند حاڪم، وزير ۽ مشير سندن ثناخوان، پير ۽ ملان رهندا هجن. زمين آباد ڪندڙ هاري، ناري ۽ زميندار ڪيڏانهن ويا؟ انهن جو ذڪر نه ٿو ملي. جيتوڻيڪ ڌرتيءَ جي وارثن جي پورهيي سبب وطن خوشحال رهيو آهي، ۽ اها خوشحاليءَ ئي ڌارين جي يلغارن جو سبب پئي بڻي، ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي دؤر ۾ بار بار بغاوتون ۽ مزاحمتون ٿنديون رهيون آهن، انهن کي ماضي جي تاريخدانن نظر انداز ڪيو آهي، ان ٽينيوئر ۾ سکر ۽ بکر جي ڀرپاسي جيڪي راڄ رهندا هئا، انهن ۾ ڌاريجا، مهر، ڏهر ۽ ماڇي وڏا ويڙاڪ رهيا آهن. انهن ڪئي ڀيرا بکر جي حاڪمن خلاف بغاوتون ۽ مزاحمتون ڪيون آهن، انهن بابت سکر جي سڄاڻ قلمڪارن کي تفصيلي تحيق ڪري پنهنجي تاريخ کي اجاڳر ڪرڻ گهرجي.
مون پنهنجي طور تي ڪوشش ڪئي آهي ته اضافي پٽار کان پاسو ڪري تاريخي ماڳن جي اهميت افاديت ۽ حقيقي تاريخ کي اجاڳر ڪيان ۽ انهن جي اڏيندڙن جو مختصر تعارف پيش ڪيان.
تاريخ جو تحقيقي سفر ڪندي 22 سال ٿي ويا آهن. مختلف ماڳن مڪانن تي وڃي مشاهداتي تحقيق سان گڏ مقامي ماڻهن جا رايا قلمبند ڪندو آهيان. پوءِ تاريخي ڪتاب پڙهي انهن مان مستند حوالا حاصل ڪري ان ماڳ جي تاريخي اهميت ۽ موجوده صورتحال تي لکندو رهيو آهيان، ڪوشش ڪئي آهي ته، تاريخي ماڳن کي مسارجڻ کان بچائجي ۽ انهن جي تاريخي اهميت کي اجاڳر ڪري نوجوانن ۽ ايندڙ نسلن کي ڄاڻ ڏجي ته اهي پنهنجي وطن جي تاريخ کان واقف ٿين ۽ پنهنجي تاريخ بچائڻ لاءِ مضبوط طريقي سان پنهنجو ڪرادر ادا ڪري سگهن.
محدود وسيلن آهر منهنجي جاکوڙ جاري آهي. ان اميد سان ڪتاب ”سکر تاريخ جو گلدستو“ اوھان جي تاريخي ڄاڻ ۾ اضافو ڪندو ۽ تاريخ جي ڳولا لاءِ نوان دڳ نروار ڪندو.
آئون ٿورائتو آهيان مان وارن دوستن ايڊووڪيٽ عبدالوهاب بلوچ صاحب، ايڊووڪيٽ ايم بي کٽياڻ صاحب، ايڊووڪيٽ آغا غلام نبي پٺاڻ صاحب، عبدالحميد جمالي صاحب، نند لال صاحب ۽ محمد صديق ملاح صاحب جو جن هن ڪتاب جي اشاعت ۾ سهڪار ڪيو، ۽ پنھنجي انهن پيارن دوستن جو به ٿورائتو آهيان، جيڪي تاريخ جي ڳولا ۽ جاڳرتا جي اڻانگي سفر ۾ مون کي اتساهه بخشين ٿا ۽ منھنجا مددگار آهن.

سونھن سنڌ لاءِ لکان ٿو قلمڪار آھيان،
ڌرتيءَ جي دنگن جو محافظ سالار آھيان.
(ضمير)

عنايت کٽياڻ
چيئرمين
سنڌ ھسٽري اويئرنيس فورم
03453343003