ماڳ مڪان / شھر / ڳوٺ

سکر تاريخ جو گلدستو

هن ڪتاب ۾ سکر جا اهم تاريخي ماڳ: ”اروڙ“، ”ڪالڪا مندر“، ”مومل جي ماڙي“، ”بکر جو قلعو“، ”سَتِين جو آستان“، ”معصوم شاھ جو منارو“، ” آدم شاھ ڪلھوڙو“، ”ساڌ ٻيلو“ شامل آهن. ان کان علاوه سنڌو درياھ، سنڌوءَ جي پھرين تھذيب، سکر جي قديم تاريخ، روهڙيءَ جي تاريخ، سکر جي نئين تعمير ۽ سکر جي يادگيرين بابت پڻ ليک پڻ ڏنا ويا آهن.

Title Cover of book سکر تاريخ جو گلدستو

سنڌ: اوائلي دور کان عرب دؤر تائين

سڀ کان پهرين سنڌ تي اوئلي وقت کان حڪومتن جا مختلف دور ۽ انهن جي وقت جو مختصر وچور سمجهڻ ضروري آھي، ته ڪهڙي وقت ۾ ڪنهن جي حڪومت هئي ۽ ڪيترو وقت قائم رهي، ته جيئن پوءِ مختلف دور ۽ انهن جي ٽٽل سلسلن واري اوئلي تاريخ کي سولائي سان سمجهي سگهجي ٿو.
* قديم سنڌو سلطنت، 7000 ق- م کان.
* عظيم سنڌو سلطنت، (اوائلي دور) 2500 ق- م 1600 ق- م
* عظيم سنڌو سلطنت، جو زوال 1600 ق- م کان.
* قديم سنڌو سلطنت (آريا دور)1000 ق- م کان 579ق-م تائين221 سال
* ايراني هخامنشي بادشاهي، 579 ق- م کان450 ق- م تائين 129سال
* جدا جدا حڪومتون، هيون 450 ق- م 330 ق- م 125 سال
* سڪندر اعظم يوناني، 329 ق- م 323 ق- م 07 سال
* موريا خاندان، 323 ق- م 187 ق- م 137 سال
* بيڪٽريا يوناني، 187 ق- م 70 ق- م، 114 سال
* سٿين جو دور، 70ق- م، 46ع، 116 سال
* پارٿين جو دور، 46ع، 78ع، 32 سال
* ڪشن دور، 78ع، 175ع، 113 سال
* جدا جدا، 176ع، کان 283ع. 107 سال
* ايراني ساساني دور، 284ع، 367ع، 83 سال
* گپت ۽ وهليڪا دور، 324ع، 367ع، 470ع، 103 سال
* هوڻ، 475ع، 499ع، 24 سال
* راءِ خاندان 499ع، 632ع، 137 سال
* برهمڻ خاندان، 632ع، 711ع، 79 سال
* عربن جو سنڌ تي حملو، 711ع
* سنڌ تي آريا، حاڪمن جو دور، 1000 ق- م کان 579، ق- م تائين 221 سال

* جيئن ته هن کان پهرين مضمون ۾ اوائلي دور جو تفصيلي ذڪر ڪري آيا آھيون، ان دور جي سنڌين کي دراوڙ سڏيو ويو آهي. ھنن موهن جو دڙو، هڙپه، ڪوٽ ڏڄي ۽ مهر ڳڙھ واري اوائلي عظيم تھذيب (انڊس ويلي) جوڙي ھئي. تاريخي طور چيو وڃي ٿو ته هنن جو زوال آرين جي اچڻ ڪري ٿيو، جن دراوڙن سان جنگيون ڪري هنن کان شھر، مال دولت ۽ زمين کسي کين داس/غلام بڻايو ۽ گهڻن کي هڪالي ٻاهر ڪڍيو، انهن کان پوءِ آرين جو دور شروع ٿيو. آرڪيالاجي جا ماھر چون ٿا ته اوائلي سنڌو تھذيب جي بربادي جو سبب درياهن جي اٿل پٿل ۽ خاص ڪري ھاڪڙي درياھ جو رخ مٽائڻ آهي، جنھن جو تفصيل ۽ حوالو ھن کان پھرين مضمون ۾ ذڪر ٿيل آهي.
تاريخي طور چيو وڃي ٿو ته آريا سنڌ ۾ وچ ايشيا ۽ اوڀر يورپ کان وارد ٿيا. سندن ملڪ ۾ تمام گهڻي سردي ۽ سنڌ جو سرسبز ۽ مالامال هجڻ سندن ڪاهن جا سبب ٻڌايا وڃن ٿا. سندن دؤر 1500ق- م ٻڌايو وڃي ٿو. آرين مقامي ماڻهن سان جنگيون ڪري کين ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ رهيلن کي غلام ۽ هيٺئين درجي جو شهري قرار ڏنو. آرين جي دور ۾ سنڌ ۽ هند جو اوائلي پهريون ڪتاب رگ ويد (Ragg Ved or Rug Veda) سنڌو جي ڪنارن تي لکيو ويو، هندو ڌرم جي هن تمام وڏي ڪتاب ۾ بيتن جي صورت ۾ ان وقت جا رواج رسمون ۽ تاريخ لکي ويئي آھي. سنسڪرت ٻولي ۾ لکيل آھي، هن ڪتاب کي مستند سمجهندي اڄ جي ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويو آھي. هن ڪتاب مان ڄاڻ پوي ٿي ته آڳاٽا آريا ستن ندين جا ڪنارا پاڻيءَ جي سھنج ڪري والاري ويٺا هئا، جنهنڪري سندن والاريل ملڪ ”سپت سنڌو“ يعني ست درياهو سڏبو هو. ڪن عالمن کي رگ ويد مان ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته انهن ستن ندين مان پنج نديون پنجاب واريون هيون، ڇهين سرسوتي ۽ ستين سنڌو، جنهن ۾ سنڌونديءَ جون ڀرتي ڪندڙ نديون (Tributaries) يعني ڪابل ندي، گومتي (گومال)، سوات ۽ ڪرم به ليکيون وڃن ٿيون، جي تنهن وقت وهنديون هيون ۽ سنڌو نديءَ سان اچي گڏبيون هيون. ندين جا اهي سڀ نالا رگ ويد جي منڊل ڏهين ۾ ڏنل آهن. ان ۾ گنگا ۽ جمنا ندين جا نالا به ڄاڻايل آهن، پر اهي گهڻو پوءِ نامياريون ٿيون، ۽ پوتر ليکجڻ ۾ آيون. اول رڳو سرسوتي ندي پوتر ليکبي هئي ۽ سنڌو ندي وڏي ۽ مکيه هئي، تنهنڪري رگ ويد ۾ گهڻي ساک رڳو انهن جي لکيل آهي. انهن ندين جي ڪنارن تي آرين جون جيڪي بيٺڪون هيون، تن ۾ سنڌ، پنجاب، ڪشمير ۽ گنڌار (قنڌار) يعني هاڻوڪو پشاور ۽ ان جي آسپاس وارو ملڪ (هاڻوڪو افغانستان ۽ بلوچستان جي حدن تائين) اچي ٿي ويا. آرين جي انهن بيٺڪن کان ئي گهڻو اڳي، سور جونسي گهراڻي وارا ايوڌيا ۾، ۽ جندر ونسي گهراڻي وارا پرتيسٿان( الهه آباد) ۾ راڄ ڪندا هئا، ليڪن اهي پاسا رگ ويد واري هندستان ۾ نه ليکيا اٿن، جو ان وقت شايد اڏهين اڻ آريه لوڪ گهڻا هئا. بنگال، بهار ۽ ٻين هنڌ به اڪثر اڻ آريه قومون رهنديون هيون، جي پڻ پوءِ آرين جي دفعي ۾ ليکجڻ ۾ آيون. سپت سنڌوءَ ۾ رهڻ ڪري آرين جو ملڪ ”سنڌو“ نالي مشهور ٿيو. سنڌ جو پرڳڻو به ”سنڌو“ سڏبو هو، جنهن جو اچار پوءِ ڦري ”هندو“ ٿيو، ۽ آهستي آهستي سڄو علائقو هندستان سڏجڻ ۾ آيو.
سرسوتي نديءَ ۽ سنڌونديءَ جي وچ وارو ملڪ رگ ويد جي منڊل ٽئين (4،33) ۾ ديو ڪرت يوني (Davkrta yoni) سڏيو ويو آهي، جنهنجي اکري معنيٰ آهي ”ديويا ڀڳوان جو جوڙيل ملڪ“(God fashioned Country)، مطلب ته اهو ملڪ اهڙو سرسبز ۽ ڀريو ڀاڳيو هو، جو ڄڻ ته واليءَ خاص طرح ساڻس پنهنجو وڙ ڪيو هو، جنهنڪري آرين کيس اهو نالو ڏنو.
چندر ونسي آرين جا ڪل يا خاندانن بابت رگ ويد ۾ ڄاڻايل آھي ته چندرونسي گهراڻي وارا آريه لوڪ جدا جدا ڪلن ۾ ورهايل هئا، جن مان پنجن ڪلن يا خاندانن وارا مکيه هئا، جنهنڪري ”پنج جن“ يعني پنج ڄڻا يا پنجن نياتن وارا (Five folds or five peoples) رگ ويد ۾ گهڻا گهمرا ڪمآيل آهي. مطلب ته چندرونسي گهراڻي وارن جون پنج مکيه شاخون هيون، ۽ هر شاخ وارا پنهنجي ڪنهن وڏي ڏاڏي جي نالي پٺيان سڏبا هئا. انهن پنجن شاخن يا نياتن مان هڪڙا سڏبا هئا يدو (يادؤ يا جادؤ ونسي)، ٻيا تروسو، ٽيا پُرو، چوٿان آنُو ۽ پنجان درهيون. اهي ڪير هئا، سا ڳالهه رگ ويد ۾ ڄاڻايل ڪانهي؛ پر اتهاسن ۽ پراڻن مان سندن سربستو احوال ملي ٿو. راجا پروروس، جنهن بابت مٿي اڳي ئي چيو ويو آهي ته چندرونسي گهراڻي جوبنياد وڌو هئائين، تنهن جو پڙ پوٽو راجا يياتي هو، جنهن کي ٻه راڻيون هيون: هڪڙيءَ جو نالو ”ديويائي“ هو، جا آسرن جي گرؤشڪر آچاريه جي نياڻي هئي، ۽ ٻيءَ جو نالو ”سرمشٺا“ هو، جا دئتن، دانون ۽ اسرن جا راجا ”ورس پرون“ (Varsparuan) جي نياڻي هئي. راجا يياتيءَ کي راڻي ديويائيءَ مان ٻه پٽ، يڊو ۽ تروسو ۽ راڻي سرمشٺا مان ٽي پٽَ، درهيو، انو ۽ پرو هئا. انهن پنجن پٽن جو اولاد سندن ئي نالن پٺيان سڏبو هو. مطلب ته اهي ”پنج جن“ اصل هڪڙي ئي ڏاڏي جو اولاد هئا، پر پوءِ وچ ۾ گهڻيون پيڙهيون پئجي ويون هيون، جنهنڪري رگ ويد ۾ اهي علحديون علحديون شاخون هيون. ڪي پنهنجي ويجهي ڏاڏي تي ڪي ڪنهن ڏورانهين ڏاڏي جي نالي پٺيان پاڻ کي سڏائيندا هئا. ائين جملي چاليهن کن خاندانن جا نالا رگ ويد ۾ ڄاڻايل آهن؛ پر منجهانئن مکيه وري به ”پنج جن“ هئا. اهو ”پنج جن“ وارو خيال هن وقت ”پنچات“ لفظ ۾ سمايل آهي، جنهن جي اصل معنيٰ هئي ”پنجن ڄڻن جو ميڙ“(1)
سنڌ ۾ سورج ونسي آرين ۾ هڪڙا سورج ونسي ٻيا چندر ونسي هئا. سورج ونسي گهراڻي مان پهريون راجا اڪشو اَڪو هو، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ ايوڌيا هو، جو نالو هاڻ ”ائوڌ“ تي پيل آهي. اڪشو اڪو جي ڀيڻ جو نالو ”اِلا“ هو، جا ٻڌ سان پرڻيل هئي. ٻڌ جي پيءُ جو نالو ”سوم“ (چنڊ) هو، تنهنڪري انهيءَ خاندان وارا چندرونسي سڏبا هئا. چندر ونسي گهراڻي مان پهريون راجا پروروس هو، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ ”پرتيسٿان“ (Partisthana) هو، جو هاڻ الهه آباد سڏجي ٿو. راجا پورس ۽ سندس اولاد ”آئل“ (Aila) يعني ”اِلا“ سڏيا ويا آهن. ميرو پربت کان وچ هماليه جبل واري واٽ وٺي اتر هندستان ۾ آيا هئا، جا ڳالهه پراڻن ۾ ڄاڻايل آهي. اها هڪ وڏي سند آهي، جنهن جي آڌار تي اسان چيو آهي ته آريه اصل هندستان جا رهاڪو نه هئا، ليڪن ميرو پربت کان آيا هئا.(2)
سنڌ جو واسطو ٻنهي گهراڻن وارن سان آهي. هتي اول ايترو ڄاڻائجي ٿو ته سورجونسي گهراڻي وارا، جن مان راجا اڪشو اڪو، کان گهڻو گهڻو پوءِ راجا دسرٿ ۽ سري رامچندر ڇيدا ٿيا. سي قديم زماني ۾ سنڌ ۾ به هئا. (3)
هن دور کي رامائڻ ۽ مهاڀارت وارو دور به چيو وڃي ٿو. اصل ۾ آرين جڏهن سنڌ ۽ هنڌ جي پوري سرزمين تي قبضو ڪري ورتو ته هنن جي طاقتور قبيلن مختلف پرڳڻن تي پنهنجون الڳ الڳ رياستون قائم ڪيون، جن ۾ وڏو مذھبي اثر هئو، جنهن ڪري طبقاتي اونچ نيچ جو به وڏو فرق قائم رکيو ويندو هئو. جنهن ڪري مختلف رياستن جي راجائن جن کي برهمڻن ۽ پنڊتن جي پٺڀرائي پڻ حاصل هئي. انهن وچ ۾ جنگيون لڳيون هنن ۾ ڪوروئن ۽ پانڊوئن جا نامور خاندان هئا، جن وچ ۾ ڪئي سال وڏي جنگ هلي ۽ ٻين رياستن جا راجا هنن ٻنهي ڌرين الڳ الڳ حمايتي ۽ مدد گار رهيا، هن جنگ ۾ هندو مت جا نامور نيتا (پيشوا) رام ۽ ڪرشن به شامل هئا، جنهن ڪري هن جنگ واري دور کي مهاڀارت ۽ رامائڻ وارو دور چيو وڃي ٿو.
مها ڀارت واري دور ۾ سنڌ به مختلف رياستن ۾ ورهايل هئي. جن مان هڪڙي رياست ”ڪيڪيه راڄ“به هئي، جيڪا موجوده کيرٿر جبلن کان پريان هئي. سندس گادي جو هنڌ راڄ ڳڙھ سڏبو هو ۽ راجا جو نالو اسواپتي هو. هي رياست فوجي لحاظ طاقتور سلطنت هئي. هتان جا گهوڙا تمام گهڻو مشهور هئا. ساڳي وقت دولت مند ۽ خوشحال راڄ هو. راجا اسواپتي جي ڀيڻ راڻي ڪيڪئي ايوڌيا جي راجا ۽ شري رام جي پيءَ راجا دسرٿ جي ٽيون نمبر زال هئي. جنهن مان هن کي ڀرت نالي پٽ هو. راڻي ڪيڪئي جي نيڪي، وفاداري ۽ عمدہ مزاج جي رامائڻ وڏي تعريف ڪئي وئي آهي. پر ساڳي وقت کائنس شري رام کي ڊنڊڪ ڍنڍ ڏانهن بنواس ( جلاوطني) ڪرائڻ واري به ڪيڪئي هئي. (4)
اڳوڻو ڪيڪيا جو پرڳڻو، هاڻوڪي ديري اسماعيل خان ۽ ديري غازي خان کان وٺي ملتان جي حدن تائين هو. ملتان وارو پاسو’سؤوير‘ سڏبو هو ڪيڪيه ۽ سؤوير ٻئي ڀائر هئا، تنهنڪري سندن انهن ٻنهي پرڳڻن جي ٻولي ساڳي هئي. انهن پرڳڻن ۾ پئشاچن بيٺڪون وڌيون، ته اتي جي پراڪرت ’ڪيڪيه پئشاچي‘ سڏجڻ ۾ آئي، جنهن مان هاڻوڪي ’لهندا‘ٻولي يعني پنجاب جي الهندي طرف جي ٻولي پيدا ٿي آهي، جا پنجاب جي اتر- الهندي ڏي ديري غازي خان، ديري اسماعيل خان ۽ ميانوالي تائين، ۽ پنجاب جي اتر-اڀرندي ڏي بهاولپور رياست جي حدن کان وٺي مانٽگومري (ساهيوال)، پنجاب واري گجرات ۽ ڪشمير طرف پيرپنجل واري گهاٽ تائين ڳالهائڻ ۾ اچي ٿي. اها ملتان ڏي ’ملتاني‘ ۽ بهاولپور ڏي ’بهاولپوري‘ سڏجي ٿي. اهو سڄو علائقو هن وقت سرائڪي بلوچن جو علائقو آهي، ۽ ايڏانهين ڪيترا پنجابي هندو به اها ٻولي ڳالهائيندا آهن، تنهنڪري پٺاڻ ۽ ٻيا ’لهندا‘ کي ’هندڪي‘ يعني هندن جي ٻولي به سڏيندا آهن
مهاڀارت جي زماني ۾ سنڌ جي ٻي وڏي رياست سيوهڻ (سيوستان) جو ذڪر ملي ٿو ته هيءَ وڏي خودمختيار رياست هئي، جنهن تي راجا جئدرٿ نالي هڪ طاقتور بادشاہ حڪومت ڪندو هو. هن مهاڀارت ۾ حصو ورتو هو ۽ ڪورون جي طرف کان وڙهندي مارجي ويو هيو.(5)
آرين جو مذھب هندو ڌرم ئي سرڪاري مذھب ھو، جنهن ۾ طبقاتي اونچ نيچ جي روين کان بيزاري وڌي ويئي جنهن جي اظھار تي سخت سزائن ڏيڻ تي هنن ظلمن کان نفرت ڪندڙن جين ڌرم جو بنياد وڌو هن ڌرم جي وڏي واڌ ويجھ ٿي، خاص طور راجستان ۽ سنڌ ۾ ٿر پارڪر ۾ جين ڌرم جا شاندار اوائلي تاريخي مندر موجود آھن ۽ جين مت جو دور هلندي ئي ٻڌ مت جي پرچار به شروع ٿي ويئي ۽ هن مذهب کي پوري برصغير خاص طور سنڌ ۾ وڏي پزيرائي ملي.
سنڌ تي هميشه کان غيرملڪين جون ڪاهون ٿينديون رهيون آهن. قديم دؤر ۾ سنڌ ڌرتي تي آرين، مصرين، عراقين، ڪلدانين، يمنين ۽ يونانين جي ڪاهن جا واقعا ملن ٿا.
ٻڌ ڌرم واري زماني کان اڳي ئي سنڌ جو پرڳڻو سڀيتا ۽ شاهوڪاريءَ سبب ملڪان ملڪ مشهور هو. انهيءَ تي ايران جي بادشاهه دارا (پهرئين) جو وات پاڻي ٿيو، سو عيسوي سن کان 516 کن ورهيه اڳي پنجاب، گنڌار (قنڌار) ۽ سنڌ تي ڪاهي آيو. انهن ٽنهين هنڌن جا رهاڪو سندن ڏن ڀرو ٿيا. ۽ ٽي سؤ سٺ (360) ٽڻلينٽ، يعني اٽڪل ٻه سؤسٺ (260) مڻ، سون خالص جا سالياني ڍل طور کين ڏيندا هئا ۽ ايتري ڍل ٻئي ڪنهن به هنڌان ڪا نه ملندي هيس. انهن ٽنهي هنڌن جا نالا ايران جي هڪ ڪتبي (اُڪريل نوشتي) ۾ اڄ تائين لکيل آهن. دارا بادشاهه جي پوئينرن به ڪي سال اهو ڏن پئي اڳاڙيو. ايران جي ڪياني بادشاهن جو زور، عيسوي سن کان 330 ورهيه اڳي سڪندر اعظم ڀڳو. ان وقت پنجاب، سنڌ ۽ گنڌار (قنڌار) ايراني حاڪمن جي هيٺ هئا، تنهنڪري سڪندر اعظم اهي به اچي هٿ ڪيا. (6)

* سڪندر يوناني جي سنڌ تي ڪاھ.
327 ق- م ۾ سڪندر مقدوني سنڌ تي ڪاهه ڪري ڏني ۽ سنڌي راجائن مان راجا پورس ۽ راجا سامبس ساڻس دليري سان مقابلو ڪيو.

*راجا پورس جو سنڌ تي راڄ
سڪندراعظم جي وڃڻ بعد سنڌ جو وڏو حصو راجا پورس جي حڪمراني ۾ ڏنو ويو هو، ۽ چندرگپت موريا جي اچڻ تائين ان جي قبضي ۾ رھيو. راجا پورس پنجاب جو تاريخي حڪمران، جنھن جي رياست جھلم درياھ ۽ چناب درياھ جي وچ ۾ قائم ھئي. جھلم جي پار ٽيڪسلا تي راجا امڀي حڪمران ھو. پورس ۽ امڀي ھڪ ٻي جا دشمن ھا. سڪندر اعظم ھندستان تي 327 ق.م. ۾ حملو ڪيو ته امڀي رڳو پورس سان دشمنيءَ جي ڪري سڪندر جي فرمانبرداري قبول ڪئي ۽ ست سو هٿياربند ۽ ٽي ھزار پيادا فوج انجي ڪمان ۾ ڏئي ڇڏي. تمام گهڻا جواھر به نذر ڪيا. پورس سڪندر جي اطاعت قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ فوج وٺي جھلم جي ڪناري پھتو. رات جي اونداھ ۾ سڪندر جي فوج درياھ ٽپي، اوچتو حملو ڪري ڇڏيو. پورس جا جنگي ھاٿي وڦلجي ويا ۽ انھن پنھنجي ئي فوج کي چيڀاٽي ڇڏيو. پورس کي شڪست ٿي، ھن کي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ سڪندر جي سامھون پيش ڪيو ويو ته سڪندر پڇيو: ”ھاڻي توسان ڪھڙو سلوڪ ڪيو وڃي؟“ پورس وڏي بھادری سان جواب ڏنو: ”جيڪو سلوڪ ھڪ بادشاھ کي ٻي بادشاھ سان ڪرڻ گھرجي. سڪندر ان جواب مان خوش ٿيو ۽ پورس جي رياست ان کي واپس ڪري ڇڏي. سڪندر اعظم پنهنجي پاران پنجاب ۽ سنڌ ۾ ڪي گورنر مقرر ڪري، پاڻ بئبلان ڏي موٽيو ۽ عيسوي سنه کان 323 ورهيه اڳي گذاري ويو. سندس مرڻ جي خبر ٻڌي، ماڻهن يوناني لشڪر کي تڙي ڪڍيو ۽ پنهنجي پرڳڻي جا پاڻ والي ٿيا.
انهن ڏينهن ۾ مگڌ، يعني بهار جي ڏاکڻي ڀاڱي ۾، نند گهراڻي جي حاڪمن راج ٿي ڪيو. سندن لشڪر جو سپهه سالار چندر گپت نالي هڪ جوڌو جوان هو، جنهن ڪيترا همراهه ساڻ ڪري پنجاب مان يونانين کي لوڌي ڪڍيو. انهيءَ ڳالهه ۾ سوڀارو ٿيو، ته سنڌ به پنهنجي قبضي ۾ ڪيائين بلڪ نند گهراڻي وارن جو به زور ڀڃي، پاڻ سڄي اتر هندستان جو والي ٿيو ۽ مؤريا گهراڻي جو بنياد وڌائين.
سڪندر اعظم کان پوءِ سندس بادشاهت جو ڪجهه ڀاڱو سيليوڪس نڪيٽر کي مليو هو. پوءِ پنجاب ۽ سنڌ کي هٿ ڪرڻ لاءِ هو عيسوي سن کان 305 ورهيه اڳي، پنجاب تي ڪاهي آيو. ان وقت تائين مهاراجا چندر گپت اهڙو زور آور ٿي اڀريو هو جو سيليوڪس جي ساڻس پڄڻ جي جاءِ نه هئي. مهاراجا چندر گپت اهڙو ته سوڙهو گهٽيس، جو سيليوڪس پنجاب ۽ سنڌ تان ته هٿ کنيو، پر پنهنجي ڌيءُ جو سڱ مهاراجا کي ڏيئي، ساڻس صلح ڪيائين ۽ افغانستان ۽ بلوچستان جا ڪي پاسا کيس ڏاجي ۾ ڏنائين. (7)

** موريا خاندان 323ق. م، 187 ق. م، 137 سال
موريا گھراڻي جو راڄ
عيسوي سن کان 184 ورهيه اڳي، جڏهن موريا گهراڻي جو زور ٽٽو، تنهن کان وٺي اٽڪل 320ع تائين. يعني ڀريا پنج سؤ ورهيه ساندهه، سنڌ پرڳڻي گهڻا لاهاچاڙها ڏٺا. انهيءَ کان پوءِ 320ع ڌاري مڌيا ديش جي پنچالن جي ڪل وارن پنهنجو نالو ڪڍيو. يجرويد واري زماني کان وٺي اهي پنچال، ڪانيا ڪبج (ڪنوج) ۾ راڄ ڪندا هئا، سندن ڪل وارن گپت گهراڻي جو بنياد وڌو ۽ سنڌ جي سٿين حاڪمن کي پنهنجو ڏن ڀروُ ڪيائون؛ پر سنڌ جي حڪومت جون واڳون وري به سٿين لوڪن جي هٿن ۾ ڇڏيائون.
گپت گهراڻي جي راڄ شروع ٿيڻ سان برهمڻن لاءِ ڄڻ ته سونو سج اڀريو ڇاڪاڻ ته گپت گهراڻي وارا سڀ ڪريا ڪرم برهمڻن کان ڪرائيندا هئا. ٻڌ ڌرم جاري ٿيڻ ڪري برهمڻن ٺوڪر کاڌي هئي، سي هينئر چيتي هلڻ لڳا ڪن لنگ جي پوڄا ٿي ڪئي ۽ ٺاڪردوار ٿي ٺاهيا، ته انهن ڳالهين تي اعتراض ڪونه اٿاريائون. ائين ماڻهن جي ڀيت تي هلڻ لڳا ته ٻڌ ڌرم هوندي به، برهمڻي ڌرم وري پاڻ کڻڻ لڳو. راجا سمدر گپت جو پٽ راجا چندر گپت (ٻيو)، جو عام طرح وڪرماجيت (وڪرمادنيه) سڏجي ٿو، تنهن جي جاکوڙ سان وديا پکيڙ چڱي ٿيي. سندس دربار ۾ جيڪي عالم ۽ فاضل هئا، تن مان نوَ ڄڻا ’نوَ رتن‘(Nine gems) سڏجڻ ۾ آيا، جن مان هڪڙو ناميارو ڪوي ڪاليداس هو، جنهن جا سنسڪرت ناٽڪ مشهور آهن ۽ ٻيو وررچي هو. گپت گهراڻي وارن جي صاحبيءَ ۾ ماڻهو سک سانت ۾ گذارڻ لڳا. گهرن ۾ ڪٿائون ٿيڻ لڳيون ۽ ماڻهو پراڪرت لفظن بدران ڪيترا نج سنسڪرت لفظ ڪم آڻڻ لڳا. (8)
اهو پوري طرح معلوم نه ٿو ٿئي ته سنڌ چندرگپت جي هٿ هيٺ ڪڏهن آئي. عين ممڪن معلوم ٿئي ٿي ته پورس جي مرڻ تي چندرگپت هڪ اهڙي صوبي جي مٿان بالادستيءَ جي دعويٰ ڪئي هجي، جيڪو پرڏيهي فاتحن طرفان سندس حليف ۽ ساٿي جي حوالي ٿيل هو. سال 305 ق- م ڌاري، نڪيٽور سيليوڪس، پاڻ کي بابل ۾ مستحڪم ۽ اعليٰ طاقت جي مالڪ بنائڻ ۽ هندستاني سرحد تائين واقع ملڪن تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ، سڪندر واريءَ هندستان جي فتح کي تازو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. چندر گپت موريا انهيءَ ڪاهه کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ وڏو لشڪر ڪٺو ڪيو. سيليوڪس سنڌوندي پار ڪئي، پر اهو معلوم نه ٿو ٿئي ته ڪا وڏي جنگ لڳي يا نه پر اھا تصديق آھي ته ٻنھي بادشاھن ۾ نيٺ ٺاھ ٿيو، ممڪن آهي ته هندستاني راجا جنگ ڪرڻ لاءِ سهولت واري هنڌ تي قبضو ڪري ورتو هجي، جنهن سيليوڪس کي مفيد شرطن جي آڌار تي اتحاد جي ٺاهه ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو هجي ۽ اهو پڻ امڪان آهي ته عين انهيءَ موقعي تي سيليوڪس کي شام کان امداد لاءِ سڏ ٿيو هجي، جن کيس پنهنجين فوجن کي فوراً جنگ جي ميدان کان علحده ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو هجي. ۽ سيليوڪس سڪندر جي سلطنت جي وڃايل ڪنهن علائقي تي ٻيهر قبضي ڪرڻ جي بدران، چندرگپت کي گنڌارا ۽ آرڪوسيا ۽ گيڊروسيا جي مغربي حصن جي مٿان بالادستيءَ جا حق سپرد ڪري هليو ويو. اهو سرحدي علائقو جلال آباد کان ڪوئيٽا، قلات ۽ عربي سمنڊ ڏانهن پورالي نديءَ کان ڪڍيل سرحد تائين پکڙيل هو. ممڪن آهي ته انهيءَ علائقي ۾ اڳي ئي هندستاني داخل ٿي چڪا هئا، ۽ عملي لحاظ کان اهو سندن قبضي ۾ هو، جنهن ڪري ٻنهي شهنشاهتن جي سرحد اڳي ئي ائين واضح ٿي چڪي هئي. گهٽ ۾ گهٽ انهيءَ سرحدي صورتحال ۾ ٻي ڪا ڦيرگهير آيل نه ٿي معلوم ٿئي ۽ ٻنهي ملڪن جي درميان ڪيترن نسلن تائين تعلقات خوشگوار رهيا. سيليوڪس کي سندس طرفان ڏنل علائقي جي بدلي ۾ پنج سو جنگي هاٿي مليا، ۽ صلح جي ٺاهه ۾ ٻنهي شاهي گهراڻن ۾ دوستانه تعلقات قائم ڪرڻ سان گڏ شادي ذريعي مائٽاڻا لاڳاپا پڻ استوار ڪيا ويا.
اهڙيءَ طرح سنڌ ۽ لس ٻيلي کي عهد نامي جي ذريعي ايران جي شهنشاهت کان جدا ڪري، هندستان جي شهنشاهت ۾ شامل ڪيو ويو. هن ڳالهه جو وڏو امڪان آهي ته اهي ٻيئي مگڌ بادشاهيءَ جون ڏن ڀريندڙ ماتحت رياستون بڻجي ويون ۽ سندن حڪمران اتان جا مقامي ماڻهو هئا ۽ اندروني انتظام انهن جي پنهنجي هٿ ۾ رهندو آيو، جيتوڻيڪ اهو به امڪان آهي ته چندر گپت پنهنجي طرفان انهن ايراضين تي پنهنجا شاهي وائسراءِ به مقرر ڪيا هجن. اسين اهو به اندازو ڪري سگهون ٿا ته سنڌو نديءَ جي الهندي طرف وارا هي علائقا ۽ ٻيون اهڙيون ايراضيون هن جي پوٽي اَشوڪ جي هٿ ۾ هيون جيڪي گپتا شهنشاهت جون ”سرحدي رياستون“ هيون.
مهاراجا اشوڪ جي وقت ۾ سنڌ ۾ ڪن هنڌ تي ٻڌ ڌرم جا پرچارڪ مرڪز ”سٽوپا“ (Stupa) ٺهيا، جيڪي ٻڌ ڌرم جا عبادتگاھ آھن۔ ۽ ان وقت ۾ ٻڌ ڌرم وڌيڪ زور ورتو ۽ پالي ٻوليءَ به ترقي ڪئي. مهاراجا اشوڪ، عيسوي سنه کان 227 ورهيه اڳي گذاري ويو. کانئس پوءِ عيسوي سنه کان 180ع کن ورهيه اڳي، بختر (بئڪٽريا) طرف جا ڪي يوناني لوڪ پنجاب تي ڪاهي آيا ۽ پوءِ سنڌ جي به فتح ڪيائون.(9)

** سنڌو سلطنت ۽ راءِ گهراڻو
سنڌو سلطنت تي راءِ خاندان جي حڪومت 499ع کان 632ع تائين لاڳيتا 137 سال قائم رهي.
عيسوي سن کان 184 ورهيه اڳي، جڏهين موريا گهراڻي جو زور ٽٽو، تنهن کان وٺي اٽڪل 320ع تائين. يعني ڀريا پنج سؤ ورهيه ساندهه، سنڌ گهڻا لاهاچاڙها ڏٺا. جنهن کان به گهڻي عرصي کان پوءِ راءِ گهراڻي وارن جي هڪ مضبوط حڪومت جڙي جن سنڌ کي مضبوط ڪيو ۽ واپار کي هٿي ڏيئي ملڪ کي معاشي ترقي وٺرائي.
سنڌ جو راءِ گهراڻو سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ طاقتور، وڏي عرصي تائين حڪومت ڪندڙ، جاگرافيائي طور هڪ وڏي ۽ مضبوط، سياسي طور مستحڪم، معاشي طور خوشحال ۽ فوجي لحاظ کان هڪ طاقتور ملڪ ”سنڌو سلطنت“ مٿان حڪومت ڪندڙ گهراڻو ٿي گذريو آهي.
سنڌ جو هيءُ حاڪم گهراڻو شروع ۾ سنڌ تي ايراني سلطنت جي ساساني حڪمرانن جي ماتحت ٿي حڪومت ڪئي، پوءِ پاڻ کي مضبوط ۽ طاقتور ڪري سنڌ کي ساساني ايرانين جي قبضي مان ڇڏايو ۽ سنڌ جون سرحدون اتر ۾ ڪشمير تائين اولهه ۾ مڪران تائين ڏکڻ ۾ ديبل تائين ۽ اوڀر ۾ گجرات ۽ مالوا تائين واڌائي سنڌ جي مضبوط سلطنت قائم ڪئي.
ڪاڪا ڀيرومل جي لکت موجب گپت گهراڻي وارن جي راڄ شروع ٿيڻ کان پوءِ، ڏيڍ سؤ کن ورهيه ساندهه، هندستان جي ماڻهن امن امان ۾ گذاريو، پر پوءِ'هون‘ لوڪ هندستان تي ڪاهي آيا، جي ’هُون‘ به سڏبا هئا. انهن مان ڪي گورجر، ڪي اهير(اڀير) ۽ ٻين ذاتين وارا هئا، پر سڀني کي گڏي ’هوڻ‘ (Huns) سڏيو ويو. سندن اڳواڻ ’مهر گل‘ نالي هو، ھنن گنڌار (قنڌار) طرف ڦرلٽ ڪري ماڻهن جي گهرن کي باهيون ڏنيون. هندن ۾ اهڙو هراس پيدا ٿيو، جو اهو سمورو پاسو خالي ڪري ويا ۽ پنجاب جي الهندي طرف ڪيڪيا جو پرڳڻو هو سو به هنن هون لوڪن باهيون ڏيئي ساڙيو ۽ اتان جي هندن کي به لڏڻو پيو. اڄ اهو علائقو ديرو اسماعيل خان ۽ ديرو غازي خان سڏجي ٿو. اهي ئي هون لوڪ هئا، جن گپت گهراڻي جو خاتمو ڪيو ۽ سنڌ ۾ اچي راءِ گهراڻي جو راڄ قائم ڪيو. اهي ئي لوڪ پهريائين شودر ليکيا ويندا هئا، پوءِ برهمڻي ڌرم کي مڃڻ لڳا، ته برهمڻن گهڻي خوشيءَ سان سندن شڌي ڪري، کين کتري بنايو. ڀانئجي ٿو ته اگني (باهه) ٻاري، هون هوم ڪري، سندن شڌي ڪيائون، جنهنڪري سندن اولاد ’اگني ڪل‘ يعني باهه جي خاندان مان پيدا ٿيل راجپوت (راجا جا پٽ) سڏجڻ ۾ آيو. هندستان جي تازين جڙيل تاريخن ۾ راجپوتن جو زمانو سن 650ع کان وٺي ليکيو وڃي ٿو. (10)
اسلام کان اڳ جن گهراڻن سنڌ تي حڪمراني ڪئي هئي. انهن ۾ هڪ راءِ گهراڻي جي حڪومت اهم آهي. هن گهراڻي جو مذهب ٻڌمت هو. سندن دؤر سنڌ ۾ امن، خوشحالي ۽ ترقيَ جو دؤر آهي.

راءِ گهراڻي جي راجائن جو حڪومتي عرصو
* راءِ ڏياچ نامعلوم
* راءِ ديواجي، 489ع تائين
* راءِ سھارس پھريون، 535ع تائين
* راءِ سھاسي پھريون، 565ع تائين
* راءِ سھارس ٻيون، 595ع تائين
* راءِ سھاسي ٻيون 632ع تائين (11)
راءِ گهراڻي ڇهين عيسوي پوري صدي ۽ ستين صدي جي اڌ تائين حڪومت قائم رکي. ان دور جي دنيا جي نقشي تي ننڍي کنڊ جون ٻه مکيه طاقتور سلطنتون هيون، هڪ سنڌو ۽ ٻي هرشا، ٻئي پاسي ايرانين جي ساساني سلطنت هئي ۽ چوٿين ان جي پريان رومن سلطنت موجود هئي.
راءِ گهراڻي جي تاريخ بابت احوال مختلف ڪتابن مان ملي ٿو، جن ۾ هڪ چيني سياح ”يُئان چوانگ“ جي لکت به آهي، جيڪو 640ع ۾ سنڌ آيو هو. ان کان سواء ٻيو وڏو ڪتاب چچنامو ۽ عربن جون لکيل ٻيون تاريخون به آهن. ليڪن هن دور جي سنڌو سلطنت جي سرحدن ۽ حڪومتي سالن بابت تاريخن ۾ گهڻا مونجهارا آهن. ان جو اهم سبب سنڌ جي اصلوڪن تاريخي دستاويزن جو سڙي ۽ گم ٿي وڃڻ آھي، ٻيو ته عرب تاريخ نويسن تاريخ ۾ رومانويت، هٿ ٺوڪيا عربن جي سورهيائي جا حوال ۽ ڌرتي ڌڻين جي مخالفت ڪندي بھتان بازي به گهڻي آھي، ۽ چچمنامي ۾ ڪافي ڌڪا پڻ لکيل آهن. انهن کان سواءِ تحفته الڪرام به آهي، ليڪن اهو به چچنامي تان جيئن جو تيئن نقل ڪيل آهي.
جنت السنڌ ۾ مولائي شيدائي لکي ٿو ته راءِ گهراڻو- ايوڌيا جي سورج ونسي خاندان جي راجائن مان رامچندر جي اولاد مان راجا بليڪا جي پوڻن يارنهن سئو ورهيه قبل مسيح ۾ اروڙ تي حڪومت قائم ڪئي هئي، جنهن کان پوءِ چندر ونسي راجائن دکن کان وٺي گهرات، سنڌ، بلوچستان، رابلستان ۽ قابل تائين هنن حڪومتون کڙيون ڪيون جن جو تفصيل هن ريت آهي.
1. ’آنو‘ هنن جي پنجاب تي حڪومت هئي، 2. ’پارواز‘، هنن جي اتر اولهه هندستان تي حڪومت هئي، 3. ’دروهي‘ هنن جي اولهه هندستان جي هڪ ڪنڊ تي حڪمت هئي، 4. ’يادو‘، هنن جي گجرات، سنڌ ۽ مڪران تائين حڪومت هئي، 5. ’ترواسو‘، هنن جي هسناپور تي حڪومت هئي، هنن کي مختلف لقبن سان سڏيو ويندو هو، ۽ يادو جيڪي سنڌ تي حڪومت ڪندا هئا، انهن کي ”راءِ“ سڏيو ويندو هئو ۽ جيڪي ڪابل ۽ رابليستان تي حڪومت ڪندا هئا انهن کي ”رتبيل“ سڏيو ويندو هئو ۽ مڪران تي حڪومت ڪندڙن کي ”راشل“ لقب سان سڏيو ويندو هو.(12)
سنڌ تي يادو حڪومت جو پايو وجهندڙ ”سمبا“ هو جو دوارڪا جي راجا ڪرشن جي ستين راڻيءَ ماموتيءَ جو وڏو پٽ هو جنهن جي اولاد مان ”سامبس“ هو جنهن سڪندر اعظم سان مقابلو ڪيو هو.
راءِ گهراڻي جا پنج راجا مشهور ٿيا، جن سنڌ سلطنت تي حڪومت ڪئي جن جو تخت گاهه ”اروڙ“ هئو، 1. راءِ ديواجي، 2. راءِ سهارس پهريون، 3. راءِ سهاسي پهريون، 4. راءِ سهارس ٻيول، 5. راءِ سهاسي ٻيو، هي سڀ ٻڌمت جا پوڄاري هئا، سندن حڪومت جون حدون اتر ۾ ڪشمير، قنڌار ۽ هيلمند تائين هوين، اولهندي ۾ ڪرمان ۽ واديءَ بنور منشور تائين ڏکڻ ۾ سورت ۽ اوڀر ۾ چتور ڳڙهه به سندن ماتحت هئو، هنن جي سلطنت ۾ اروڙ اُچ ماٿيلو، سيوستان نبروز ڪوٽ، برهمڻ آباد ۽ ديبل مخمور قلعا هئا ۽ سندن پاران چار نائب صوبن تي مامور هئا جيڪي ”ملڪ“ سڏبا هئا.(13)

راءِ گهراڻي وارا جيتوڻڪ پاڻ ٻڌ ڌرم وارا هئا، ليڪن ان جي باوجود پنهنجي گاديءَ جي هنڌ اروڙ ڀرسان هڪ شِو جو هڪ وڏو مندر ۽ ڪالڪا مندر پڻ ٺهرايو هئائون. هنن جي اهڙين حڪومتي رواداري وارين پاليسين ڪري سڄو دور سنڌ جو امن ۽ ترقي وارو دور رهيو. انڪري ان دور جي چيني سياح ”يُئان چوانگ“ لکيو ته ان وقت سنڌ جو ڪو به سرڪاري مذهب نه هو. عورتون ۽ مرد ٻوڌي طريقي سان زندگي گذاريندا هئا. وار ننڍا رکندا هئا ۽ هيٺ گوڏ ٻڌندا هئا. ان چيني ياتريءَ کي سنڌ ۾ ٻُڌ ڌرم زوال جو شڪار نظر آيو هو. چچنامي ۾ راءِ گهراڻي جي باري ۾ تمام وڏا قصا بيان ڪيا ويا آهن، جڏهن ته چچ واري برهمڻ گهراڻي کي ڏاڍو نيچ ڏيکاريو ويو آهي. جنهن کي بعد ۾ عربن 712 عيسوي ۾ ختم ڪيو. راجا سهاسي راءِ ٻيئن ايرانين جي عربن سان جنگ وقت وڏي مدد ڪئي هئي. ايرانين کي لشڪر ۾ هاٿي ۽ جت فوج ۾ موڪلي ڏنا هئائين. اهو عمر رضه جي دور ۾ 637ع ڌاري جو واقعو آهي. جڏهن ايرانين جي ساساني سلطنت عربن ڊاهي پٽ ڪئي ته پوءِ انهن سنڌ تي حملا ڪرڻ به شروع ڪيا. سنڌ تي راجا سهاسي ٻئين جي دور ۾ هارشا سلطنت جي هندو راجا پڻ ڪافي حملا ڪيا پر سنڌ تي قبضو نه ڪري سگهيو. عمر رضه کي به ڪمانڊرن اها رپورٽ ڏني ته سنڌ فتح ڪرڻ ڏکي آهي. پوءِ ان سنڌ ڏانهن پيش قدمي روڪرائي ڇڏي هُئي. جنهن ڪري عربن راسل واري جنگ کٽڻ باوجود اڳتي نه وڌيا. هن گهراڻي جي دور ۾ خاص طور تي راجا سهاسي ٻئين 600 عيسوي کان 640 عيسوي تائين هرشا سلطنت، عربن جا حملا ۽ وائٽ هُونن جا حملا ناڪام ڪيا ۽ سنڌ جو بچاءُ ڪيو. جنهن ڪري ”يُئان چوانگ“ به لکيو آهي، ته سنڌ جا ماڻهو ڏاڍا ويڙها ۽ بهادر، بردبار ۽ سٺي اخلاق وارا آهن.
”يُئان چوانگ“ اهو به لکيو آھي، ته ان وقت ۾ سنڌ جو ڪو به سرڪاري مذهب نه هو. عورتون ۽ مرد ٻڌ مت طريقي سان زندگي گذاريندا هئا. وار ننڍا رکندا هئا ۽ هيٺ گوڏ ٻڌندا هئا. ان چيني ياتريءَ کي سنڌ ۾ ٻُڌ ڌرم زوال جو شڪار نظر آيو هو. چچنامي ۾ راءِ گهراڻي جي باري ۾ تمام وڏا بيان لکيا ويا آهن، ۽ راجا چچ جي برهمڻ گهراڻي کي ڏاڍو نيچ ڏيکاريو ويو آهي. ان جو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته چچنامو عربن جو لکيل آھي، عربن جڏنهن سنڌ تي ڪاھ ڪئي ته سنڌ تي برهمڻن جي حڪومت هئي جن عربن سان مقابلو ڪيو ۽ ٻڌ ڌرم وارن برهمڻن جي دشمني ۾ عربن جي هرهنڌ آجيان ڪئي. چچنامي ۾ راءِ گهراڻي جي حڪومت جي ختم ٿيڻ بابت بيان ڪيل آهي، ته سيئلاج جو پُٽ چچ جيڪو راجا ڏاهر جو پيءُ هو، سو راءِ سهاسي ٻئين جي دور ۾ ننڍو ملازم بڻيو ۽ پوءِ ترقي ڪندو وزير بڻجي ويو ۽ حڪومتي اختيارن ۾ تمام گهڻو اثر رسوخ پيدا ڪري ويو. چچ جو راجا سهاسي ٻئين جي زال سُهندي راڻيء سان عشق ٿي ويو هو. جڏهن راجا سهاسي ٻيون مرڻ ڪنڌيءَ تي اچي پهتو، تڏهن ان کي ڪمري ۾ واڙي بستري ڀيڙو ڪيو ويو جتي هو مري ويو. سندس موت جي خبر کي حڪمت عملي تحت لڪايو ويو. سڀ کان اڳم راجا سهاسي ٻئين جي سڀني مائٽن کي بشمول راجا جي ڀاءَ کي قتل ڪيو ويو. پوءِ چچ ۽ راڻي سُهندي شادي ڪئي ۽ ان ريت چچ بادشاهه بنجي ويو ۽ راءِ گهراڻي جو خاتمو ٿيو ۽ سنڌ ۾ برهمڻ گهراڻي جي حڪومت جو دور شروع ٿي ويو. جنهن کي بعد ۾ عربن 712 عيسوي ۾ ختم ڪيو.
سنڌ جي اوائلي عروج واري دور کان پوءِ لاڳيتو رساڪشي ۽ ٻاهرين جي حملن ۾ لٽ مار جو شڪار ٿيندي رهي، جنهن کان پوء رائي گهراڻي جي حڪومت جو دور ئي پائدار امن ۽ ترقي جو دور رهيو. هن دور ۾ سنڌ ۾ شاندار شهر آباد ٿيا، ڪوٽ ۽ قلعا جوڙايا ويا، جنهن ڪري سنڌ جون سرحدون مضبوط ٿيون ۽ ٻاهرين حملي آورن سان مقابلا ڪري کين شڪستون ڏنيو ويون، جنهن ڪري امن ۽ انصاف قائم ٿيو، اناج جي اپت ۽ وڻج واپار وڌيو. مجموئي طور هي سنڌ جو امن ۽ ترقي وارو دور رهيو، جنهن کي برهمڻن به قائم رکڻ جي ڪوشش ڪئي، ليڪن هندو ڌرم ۽ ٻڌ ڌرم جي مذھبي تضاد جي واڌاري سبب ملڪ اندروني طور ڪمزور ٿيو جنهن جو فاعدو عربن وٺي سنڌ تي وڏو حملو ڪري سنڌ جي مال دولت ڦري سنڌ کي برباد ڪيو.

روزاني ايڪتا 26 اپريل2022ع

حوالا:
(1) ”قديم سنڌ“، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي
(2) ”قديم سنڌ“، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي
(3) ”قديم سنڌ“، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي
(4) ”قديم سنڌ“، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي
(5) ”قديم سنڌ“، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي
(6) ”قديم سنڌ“، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي
(7) ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“، ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي، پهريون ڇاپو، 1956ع
(8) ساڳيو
(9) ساڳيو
(10) ساڳيو
(11) ”جنت السنڌ“، رحيم داد خان مولائي شيدائي
(12) ”جنت السنڌ“رحيم داد خان مولائي شيدائي، (ص 76)
(13) ”جنت السنڌ“ رحيم داد خان مولائي شيدائي (ص 77)

مددي ڪتاب:
(1) ”مهاڀارت جو شانتي پرو“، موکش ڌرم، 255
(2) ”جنت السنڌ“، رحيم داد خان مولائي شيدائي
(3) ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“، ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي، پهريون ڇاپو 1956ع.
(4) ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“
(5) ”تاريخ ريگستان“ (ڀاڱو پهريون)، رائچند هريجن.
(6) ”وڪيپيڊيا“