ماڳ مڪان / شھر / ڳوٺ

سکر تاريخ جو گلدستو

هن ڪتاب ۾ سکر جا اهم تاريخي ماڳ: ”اروڙ“، ”ڪالڪا مندر“، ”مومل جي ماڙي“، ”بکر جو قلعو“، ”سَتِين جو آستان“، ”معصوم شاھ جو منارو“، ” آدم شاھ ڪلھوڙو“، ”ساڌ ٻيلو“ شامل آهن. ان کان علاوه سنڌو درياھ، سنڌوءَ جي پھرين تھذيب، سکر جي قديم تاريخ، روهڙيءَ جي تاريخ، سکر جي نئين تعمير ۽ سکر جي يادگيرين بابت پڻ ليک پڻ ڏنا ويا آهن.

Title Cover of book سکر تاريخ جو گلدستو

معصوم شاھ جو منارو ۽ ٻيا تاريخي ماڳ

سونهاري سنڌ جي هر شهر جي پنهنجي اهميت آهي، ليڪن سکر شهر تاريخي ماڳن جي ڪري خاص حيثيت رکندڙ آهي، سکر شهر جي خوبصورتي وڏو سبب سنڌو درياهه ۽ ان تي ٺھيل بئراج ۽ ٻيون پليون به آهن. جنهن ڪري ھن شھر جا منظر تمام خوبصورت ۽ دلڪش آهن. سکر / بکر جي اهيمت سنڌو درياهه جي اروڙ کان رخ مٽائڻ کان پوءِ وڌي وئي ۽ خوش قسمتيءَ سان سنڌو درياهه اڄ به سکر کان وهي رهيو آهي، جنھن ڪري سکر شھر جي اھميت ۽ خوبصورتي ان به قائم آهي.
آءٌ پهريائين سکر/بکر جي شروعاتي دور جو ذڪر ڪري آيو آهيان، جنهن ۾ بکر جي قلعي جي اهميت ۽ مشهوريءَ جو به ذڪر ٿيل آهي، ۽ هن قلعي کي سنڌ جو اهم دروازو سڏيو ويندو هو، اروڙ جي ڦٽڻ کان پوءِ بکر قلعي جي اھميت وڌي وئي ۽ اڳتي هلي اتر سنڌ جي گادي جو هنڌ بڻجي ويو، ته آبادي وڌڻ لڳي ۽ بکر جو قلعو ۽ ٻيٽ محدود ھئو، جنھن ڪري سندس سامھون سکر پاسي به سرڪاري ۽ ٻيون پڪيون جايون ٺھڻ شروع ٿيون ۽ شھر آباد ٿي ويو، جنهن کي ھاڻي پراڻو سکر سڏيو وڃي ٿو. مغل شهنشاهي دور ۾ سکر واري پاسي تي تاريخي عمارتن جي اڏاوت شروع ٿي، پھرين مير ابو قاسم نمڪين جڏهن بکر جو حاڪم مقرر ٿيو، ته هن تعيراتي ڪم ڪرايا، ھن مسجدون ۽ عيد گاهه ٺھرايا جيڪي هاڻي بلڪل مٽجي چڪا آهن، ليڪن سندس اهم يادگار ”صفه صفا“ ستين جو آستان اڄ به روھڙيءَ پاسي درياھ جي ڪناري موجود آهي. ابوالقاسم نمڪين ۽ ستين جي آستان جو الڳ تفصيلي احوال لکبو، ھن مضمون ۾ مير معصوم شاهه ۽ سکر جي سڀن کان نمايان ۽ اھم تاريخي ماڳ مير معصوم شاهه جي مينار، مير صاحب ۽ سندس اڏايل ٻين تاريخي عمارتن جو زڪر اوھان جي سامھون رکجي ٿو.

* مير معصوم شاهه
سکر جي معصومي سيد گهراڻي جو فرزند مير معصوم شاھ بکري جنهن جي پيدائش 944ھ.(1) سندس والد جو نالو سيد صفائي بن سيد مرتضيٰ ترمنذي هئو، جن جي نسبت مشهور اولياءُ ”حسن ابدالي“ سان ٻڌائي وڃي ٿي.
مير معصوم شاهه پھريان بکر جي حاڪم سلطان محمود خان وٽ سرڪاري عهدي تي مقرر ٿيو ۽ پوءِ شهنشاهه اڪبر جي درٻار ۾ اميريءَ جو منصب ماڻيائين. ھن 1595 ۾ مغل فوج جي ڪمان ڪندي بلوچستان جي سبيءَ وارو علائقو فتح ڪري مغل سلطنت ۾ شامل ڪيو. ان بعد 1598ع ۾ اڪبر بادشاهه پاران کيس سنڌ جو نواب مقرر ڪيو ويو ۽ هن پنهنجي شهر سکر کي ترقي ڏيارڻ لاءِ وڏا تعميراتي ڪم ڪرايا ۽ 1014هه/ 1605ع ۾ وفات ڪيائين.(2)
پير علي محمد راشدي لکيو آھي ته: ”سکر ۽ روهڙيءَ ۾ مير محمد معصوم گهڻيون عمارتون تعمير ڪرايون آهن. مسجدون ۽ مذهبي عمارتون تعمير ڪرائڻ هن جو مشغلو هو. عمارتن ۾ جيڪو پٿر استعمال ٿيندو هو، انهن کي پنهنجي نقاشي نمونن تي ٺهرائيندو هو. تاريخ ڪڍڻ جي فن ۽ ڪتبا ٺهرائڻ ۾ يگانه عصر هو. ان کان سواءِ خوشخطي جو وڏو ماهر هو. هڪ دفعي اڪبر پاران شاهي سفارت سان ايران ويو هو، ۽ هندوستان کان وٺي تبريز تائين ۽ اصفهان تائين پنهنجي سفر جا حالات مسجدن ۽ خاص عمارتن تي نقش ڪندو ويو. آگره جي قلعي جي دروازي، فتح پور سيڪري جي جامع مسجد ۽ ٻين مسجدن تي هن جا ڪتبا لڳل آهن. بکر جي آسپاس هن گھڻيون عمارتون جوڙايون. سندس منارو اڃا به موجود آهي. هن گھڻا ڪتاب نثر توڙي نظم ۾ لکيا. ”تاريخ معصومي“ سنڌ جي احوال بابت مشهور آهي. شعر ۾ سندس تخلص ”نامي“ سندس خلاصو ”طب نامي“ اڃا موجود آھي.(3)
* مولائي شيدائي تاريخ سکر ۾ لکي ٿو ته: ”مير محمد معصوم صاحب سيف و قلم هو فنِ شاعري ۾ سندس تخلص ”نامي“ هو ۽ صاحب ديوان هو. ديوان نامي کان سواءِ هن عالم فاضل سنڌ جي مشهور افساني ”سسئي پنهون“ کي پارسي ۾ منظوم ڪري مٿس ”ناز و نياز“ نالو رکيو. مختلف لڙاين ۾ بهادريءَ جا جوهر ڏيکاري، نوابي جو لقب ۽ عهدو حاصل ڪيائين ۽ درٻار اڪبري کان جاگير حاصل ڪيائين. پنهنجي وقت جو باڪمال معمار هو ۽ سندس خوش نويسي جي ثبوت لاءِ سندس ڪتبا دکن، آگره کان اصفهان ۽ تبريز تائين پکڙيل آهن. هن کي پنهنجي وطن سکر سان بيحد محبت هئي، سر زمين وطن کي پنهنجن هٿن سان سينگاري، صنعت گري ۽ هنرمندي، صدق ۽ اخلاص جو مثال پوين لاءِ ڇڏي ويو. سندس صناعي هٿن جيڪي عمارتون تعمير ڪيون، تن جي وجود ڪري سکر سياحن لاءِ آماجگاه آهي. سکر جي قدرتي نظارن ۽ لافاني حسن ۽ رعنائيءَ کي مناري تي چڙهي ڏسي سگهجي ٿو. مير صاحب پنهنجي وقت جو مؤرخ ۽ محقق به هو، سندس ”تاريخ معصومي“ جا هن پنهنجي فرزند مير بزرگ جي تعليم لاءِ لکي آهي، سنڌ جي وچين زماني جي تاريخ اڪبري دور تائين آهي. مؤرخن ۽ محققن لاءِ ماخذ آهي. انگريزي راڄ جي شروعات 19 صديءَ ۾ منشي نيوندرام سيوهاڻيءَ ان کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، بعد ۾ شمس العلماء مرحوم عمر بن محمد دائود پوٽي صاحب، جڏهن انڌيري ڪاليج بمبئي ۾ پروفيسر هو، تاريخ معصومي کي اهتمام سان قلمبند ڪري پارسي نسخو تيار ڪيو، جنهن کي ”ڀنڊارڪر اورينٽل انسٽيٽيوٽ پونا“ 1938ع ۾ مطبع قيمه مان شايع ڪرايو، تنهن کان پوءِ سنڌي ادبي بورڊ، تاريخ کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرايو. مير محمد معصوم صاحب پنهنجي وقت جو حڪيم به ٿي گذريو آهي. طب ۾ سندس ڪتاب ”طبِ نامي“ آهي، جنهن جو نسخو سندس پوين مان سيد منور علي شاهه صاحب سکر پراڻي وٽ موجود آهي ۽ ”مفردات - نامي“ جا چند اجزا شيخ عبدالرحيم روهڙائي وٽ آهن.(4)
مير معصوم شاهه بکر جو نواب/ گورنر مقرر ٿي اچڻ کان پوءِ سکر جي اھم تاريخي عمارتن جي تعمير ڪرائي جنهن ۾ معصوم شاهه جو منارو ۽ ھن جي ڀرسان گنبذ جنھن نالو فيض محل آهي ۽ ھن کي آرامگاهه به سڏيو ويندو آهي، ان کان سواءِ پراڻي سکر ۾ مسافر خانو، مسجد منزل گاهه جون عمارتون باغ باغيچا ، شاد ٻيلي ۾ ”ستياسر“ نالي هڪ وڏي گنبذ واري عمارت مشهور آهن ۽ روهڙيءُ ۾ وڏو عيد گاهه پڻ تعمير ڪرايو.

** معصوم شاهه جو منارو.
مير صاحب هي منارو سکر جي اونچيءَ ٽڪريءَ تي 1003هه ۾ تعمير شروع ڪرائي جنهن جو ڪم اڌ ۾ هئو ته مير صاحب فوت ٿي ويو ۽ سندس وفات کان تيرھين سال پوءِ سندس پٽ مير بزرگ مناري کي 1027ھجري ۾ مڪمل ڪرايو.(5)
هن مينار جي تعمير جو مقصد هڪ يادگار ۽ اونچائيءَ کان پري پري تائين نظرداري ڪري شهر جي دفائي حڪمت عملي کي قائم رکڻ هئو.
آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا نمبر 2 جي دوران ۾ مناري جي ماپ وغيره ڪرائي وئي آهي، ۽ ان رپورٽ مان معلومات ملي ٿي ته "هي مينار ٽڪري تي واقع آهي، هن مينار تي پڪيون سرون ۽ چوني جي پٿر جو استعمال ٿيل آهي. هن مينار جو بنياد وٽ 84 فٽ ويڪرو آهي، ۽ ھن جي اونچائي به 84 فٽ آهي ۽ مينار جي اندران گولائي ۾ ٺھيل ڏاڪڻ جي ڏاڪن جو تعداد به 84 آهي.“(6)
ھن شاندار مينار جي چوٽي تي هڪ هوادار گنبذ جڙيل آھي جنهن تي اندرين ڦيردار ڏاڪڻ رستي پهچي پري پري تائين جو خوبصورت نظارو ڏسي سگهبو هئو. بعد ۾ چوٽيءَ واري گنبذ جي چوڌاري ميونسپالٽي چوڌاري پنڃرو هڻائي ڇڏيو آهي، ورنه اڳ ڪيترا ماڻهو مٿان ٽپ ڏئي خودڪشي ڪندا هئا، ۽ ھن حفاظتي پنڃري لڳڻ سبب مينار جي خوبصورتي ۾ پڻ وڏو اضافو ٿيو آهي۔
مينار بابت اي ڊبليو هيوز صاحب سنڌ گزيٽئر ۾ لکي ٿو ته ”تعجب انگيز ڳالهه هيءَ آهي ته منارو سڌائي کان ڪجهه مڙيل آهي، اها خبر نه ٿي پئجي سگهي ته اهو ان جي تعمير ۾ ڄاڻي واڻي پاڻ ڪيو ويو آهي، يا پوءِ سندس پيڙهه جي هڪ پاسي جهڪي وڃڻ ڪري مڙي پيو آهي،“ يا ڪنهن ڪاريگر جي غلطي سبب ٿيو آھي، يا وري پوءِ ڪنهن وقت زمين جي ڌڏڻ ڪري اهو فرق ٿي پيو آهي. سنڌ ۾ گهڻائي دفعا نهايت شديد نموني ۾ ڌرتي ڌٻڻ جا واقعا ٿيندا رهيا آهن، 1828ع ۾ به ڌرتي اهڙي ڌٻي هئي جو ڏکڻ سنڌ جي طبعي جاگرافي تبديل ٿي وئي هئي.(7)
اڄ به هي شاندار منارو سکر جي تاريخ جو دنيا ۾ ڳاٽ اونچو ڪيون بيٺو آهي. سنڌو درياهه مان يا سکر بئراج کان روھڙيءَ ويندڙ رستي کان سکر کي ڏسبو ته شھر جي وڏين عمارتن جي باوجود ھي مينار نمايان نظر اچي ٿو ۽ سکر شھر جي منظر کي دلڪش بڻائي ٿو.
هاڻي هن مينار تي مٿي چڙهي وڃڻ جي اجازت نه آهي، ليڪن آءٌ ننڍي هوندي ۽ نوجوانيءَ ۾ ڪيترائي ڀيرا هن ميناري تي مٿي چڙهي وڃي سکر شهر ۽ سنڌو درياهه جي دلڪش منظرن جو نظارو پسيو آهي، ۽ مٿي چوٽيءَ واري ھوادار گنبذ ۾ ڪافي دير ويھي سڪون وٺندو ھئس ڇو سکر جي گرم موسم ۾ به ھتي سنڌو درياهه کي ڇھي ايندڙ جي ٿڌڙيون ھوائون لڳنديون ھيون جن جو لطف اڄ به ياد آهي. ڪجھ عرصو اڳ 2018ع ۾ سکر ويس ته صبح جي وقت مهربان دوست آغا غلام نبيءَ سان هن مينار جي دلڪشي پسڻ لاءِ پهتاسين مٿي چڙهڻ واري ڏاڪڻ جي دروازي کي مستقل بند ڪيو ويو آهي جنهن ڪري مٿي چڙهي سکر ۽ سنڌوءُ جو نظارو پسڻ جي حسرت اداس ڪري ڇڏيو ۽ پراڻين يادگيرن جي گهري ۾ هجڻ باوجود مناري- فيض محل ۽ مير معصوم جي مزار تي ڪجهه فوٽوگرافي ڪري واپس ٿياسين.

** فيض محل (آرامگاھ)
ميرصاحب 1003هه ۾ مناري جو بنياد رکيو ۽ پوء 1004هه ۾ منار جي ڀرسان اٺن فوٽن جي فاصلي تي هڪ خوبصورت اٺ ڪنڊو حال ۽ مٿان گنبذ واري خوبصورت عمارت جوڙائي وئي، جنهن جو اصل نالو ”فيض محل“ آهي، مگر عام طور تي هن کي آرامگاهه سڏيو وڃي ٿو. اٺ ڪنڊو گنبذ زمين کان پنجاه فوٽ کن اونچو آهي. جنهن ۾ ونگن سان چار دروازا آھن ۽ زمين کان 14 فوٽ کن مٿي اندرين پاسي ڏانهن هڪ گيلري اٿس، جنهنڪري چار دريون آرپار آهن. چارئي دريون چئني دروازن جي مٿان آهن، ۽ ٻن درين جي مٿان پٿر جي ڇڄهري آهي. ڇڄهري جي ڇتين تي ڪي نصيحت آميز رباعيون پٿر تي اُڪريل آهن، جي چوڌاري ڦري آيون آهن. عمارت سهڻين پڪين سرن جي آهي ۽ زينت جي خيال سان ڪاشيءَ جون سرون ڪثرت سان منجهس استعمال ڪيل نظرن اچن ٿيون، جنھن ڪري ھي جاءِ رنگا رنگي ٿي پئي آهي. ان جاءِ جي ويڪرائي اندرين پاسي کان سترهن فوٽ کن آهي. ذڪر ڪيل رباعيون گهڻيون آهن، پر هڪ رباعي مان جاءِ جو نالو ۽ تعمير جو سال ملي ٿو.

** روھڙي جو عيدگاھ
سکر (بکر) ۾ مير صاحب جون ٺهرايل عمارتن ۾ قدامت جي لحاظ سان روهڙيءَ وارو عيدگاه سڀ کان پھرين نمبر تي آهي، جيڪو مير صاحب 1002هه ٺھرايو. روهڙيءَ جو عيدگاهه روهڙي شهر جي اولھ ڏکڻ جي ڪنڊ طرف ٽڪريءَ تي اهو عيدگاهه آهي. ٻن ايڪڙن کن زمين جي چوڌاري ديوار نڪتل آهي، ٽن طرفن کان ننڍي ديوار ۽ اولاهين طرف کان وڏي ديوار آهي، جنهن جي ٻنهي ڪنڊن ۽ وچ تي ننڍا ننڍا گنبذ ٺهيل آهن. اهي گنبذ فقط اولاهين ديوار ۾ آهن. وچين گنبذ هيٺان محراب آهي، جنهن جي مٿان ٻاهرين طرف ڏانهن هڪ سفيد پٿر لڳل آهي، جنهن تي ٽن سٽن ۾ ڪتبو اُڪريل آهي. هي عيد گاھ اڄ به موجود آھي جنهن جي مرمت ۽ واڌارو سرڪاري خرچ تي ٿيو آھي.(8) باقي ٻيا مير معصوم شاھ جا تعمير ڪرايل تاريخي ماڳ مٽجي چڪا آھن جنهن جو بيحد افسوس آھي.

** مسافر خانو
پراڻي ۽ نئين سکر جي وچ ۾ موجود جيل خانه جي ڀر ۾ هڪ سٽ ڪنڊي گنبذ نما جاءِ آهي، ان جي اوساري پڪسري ۽ ٻاهران سفيد پڪو چونا گچ چڙهيل اٿس. چون ٿا ته ان جاءِ جي چوڌاري ست کوهه هوندا هئا، جن مان ڇهه کوهه لٽجي ويا آهن، باقي هڪ کوهه ان جي اولاهين پاسي ڏانهن اڃا تائين سلامت آهي. جنهن مان ماڻهو عام جام پاڻي وٺي رهيا آهن. کوهه جي سڄي اوساري پٿر جي آهي. ذڪر ڪيل هشت پهلو جاءِ لاءِ روايت آهي، ته مير محمد معصوم مسافر خاني طور عام ماڻهن ۽ واپارين جي آسائش لاءِ جوڙائي هئي.

** روھڙي ۾ مير معصوم حويلي
مير صاحب سکر ۽ بکر کان سواءِ، روهڙيءَ ۾ به پنهنجي هڪ حويلي جوڙائي هئي، جا ”حويلي مير محمد معصوم“ جي نالي سان سڏي ويندي هئي. اها حويلي روهڙي شهر ۾ بکر جي مغل نواب فتح خان جي تعمير ڪرايل مسجد جي ڏکڻ اولھ ۾ واقع هئي، ۽ اھا 1 اپريل 1811ع تي مرزا سهراب خان افغان خريد ڪئي هئي. انهيءَ حويليءَ جي سامهون بکر قلعي جو ھڪ برج نظر ايندو هو. ھو.

** پخته پل
مير صاحب پراڻي سکر ۾ ”لالڻ واھ“ تي عام ماڻهن جي سهولت لاءِ هڪ پــُـل تعمير به ڪرائي هئي. هڪ قلمي ســَـندَ مان پتو پوي ٿو ته اها پــُـل سن 1750ع تائين موجود هئي. هن پــُـل جي محل وقوع جي سلسلي ۾ اهو معلوم ٿئي ٿو ته اها پــُـل سکر پراڻي جي مشهور ”دٻن واري زمين“ جتي سيد تقي الدين محمد پــُـورانيءَ جي زمين جي جي ڀرسان هئي.

** ستياسر
سيد حسام الدين راشديءَ هن عمارت جو ذڪر ”سيتاسر يا ستياسر“ جي نالي سان ڪيو آهي. چوڻ ۾ اچي ٿو ته هيءَ هڪ بي مثال وڏي ۽ خوبصورت گنبذ واري عمارت هئي. ھي عمارت سکر شھر سامھون ھڪ ننڍڙي ٻيٽ جي ٽڪريءَ تي ٺھرائي وئي ھئي، ۽ ھن ٻيٽ کي دين ٻيلو سڏيو ويندو هو، جيڪو ھاڻي سادو ٻيلي سان ملحق آهي، اڳ ھن کان ڌار ھو. راشدي صاحب، انهيءَ عمارت جي تعمير جو سن ”گنبذ دريايي“ مان 1007هه وضع ڪيو آهي. سيد مرتضيٰ ميرڪ، انهيءَ مٿئين عمارت جو نالو”سيتاسر يا ستياسر“ جي بجاءِ ”سيت سر“ يعني سفيد سر يا گنبذ دريائي ڄاڻايو آهي.(9)
** منزل گاهه تي جايون. سکر جو بندرگاهه ھتي ھو ۽ ھتي لاھور ۽ لاڙ جي لاھڙي بندر کان غوراب جھاز لنگر انداز ٿيندا هئا، ۽ سکر ٻنهي جو مرڪزي وڏو بندرگاهه ھو، ان کان سواءِ سامونڊي رستي کان سنڌو درياهه رستي آيل سامان ھتان کان ڪوئيٽا ۽ افغانستان ويندو ھو. جنھن ڪري واپارين ۽ مسافرن جي سھولت لاءِ مير معصوم شاهه منزل گاهه تي جايون تعمير ڪرايون. سندس پٽ اتي وڏو باغيچو پڻ ٺھرايو ھو.
مير صاحب سکر ۾ شاندار عمارتون تعمير ڪرائي سکر کي خوبصورت بڻايو، سندس يادگار اڄ به سکر جي خوبصورتي، ۽ تاريخي اھميت جا نمايان اھڄاڻ آهن. مير معصوم شاهه بکري 1605ع ۾ وفات ڪئي ۽ شھنشاھ اڪبر به انهيءَ سال ۾ وفات ڪئي. اهو مير معصوم شاهه جي پٽ جو نالو مير بزرگ هو ۽ چيو وڃي ٿو ته انهيءَ جو اولاد گھڻو ٿيو ۽ اڃا تائين معصومي سيد بکر ۽ سکر ۾ رهندا اچن ٿا.

روزاني ايڪتا 23 جنوري 2020ع

حوالا

(1)- ”تاريخ معصومي“، مير معصوم شاهه بکري
(2)- ”تاريخ سکر“، رحيمداد خان مولائي شيدائي، صفحو 107
(3)- ”سکر ۽ روھڙيءَ جا آثار قديمه“، (اخبار الوحيد ۾ ڇپيل مضمون)، پير علي محمد راشدي
(4)- ”تاريخ سکر“، رحيمداد خان مولائي شيدائي، صفحو 117
(5)- ”ساڳيو“، صفحو 118
(6)- “ساڳيو“، صفحو 109
(7)- ”ساڳيو“
(8)- ”ساڳيو“
(9)- ”ساڳيو“، صفحو114