ڪالڪا مندر
مون برهمڻ کان پڇيو ته سائين آءٌ مڪليءَ جي شنگهه ڀواني مندر به ويو آهيان، ۽ اسان دوستن ۾ هڪ بحث هتي ايندي ٿيو آهي، جنهن ۾ منهنجو رايو آهي ته ڪالي ماتا، ڪالڪا ۽ شنگهه ڀواني ماتا هڪ ئي ديوي جا نالا آهن، جڏهن ته سليم مهر صاحب جي راءِ آهي ته اهي الڳ الڳ ديويون آهن. اوهان اسان کي ان بابت ٻڌايو ته حقيقت ڇا آهي پوڄاريءَ جواب ڏنو ته اصل ۾ هڪ ئي ماتا جا هي ست روپ آهن، ماتا هڪ آهي، جيڪا مختلف علائقن ۽ مختلف وقتن ۾ مختلف نالن سان سڏي وڃي ٿي ۽ سندس پوڄا ڪئي وڃي ٿي، هن جا نالا ماتا ديوي، ديوي مان، مھا ڪالي، ڪالي مان، ڪالي ماتا، ڪاليڪا، ماتا شنگهه ڀواني به آهن، ۽ اسان جي ڌرم جو سڀ کان وڏو ديوتا شِو ديوتا کي مڃيو وڃي ٿو، جيڪو ڪالي ماتا جو مڙس هئو، هنن کي وڏو ديوتا ۽ وڏي ديوي مڃيو وڃي ٿو. پوڄاريءَ ٻڌايو ته هن مندر تي نوراتڙيءَ ۾ وڏو ميلو لڳي ٿو ۽ ديوي کي هزارين ناريلن جي ڀيٽا ڏني ويندي آهي. هتي ماتا شنگهه ڀواني مندر (مڪليء) جو ذڪر به ڪندو هلان ته ڪراچيءَ کان ٺٽي ويندڙ رستو جڏهن مڪليءَ جي ٽڪريءَ تان هيٺ ٺٽي شهر ڏي لهي ٿو ته بلڪل اُن هنڌ سڄي هٿ تي هي مندر آهي. هيءُ مندر هندو ڌرم جو وڏو ۽ قديمي مندر آهي. هن مندر جو اصل نالو ”ماتا شنگهه ڀواني مندر“ آهي. ماتا شنگهه ڀواني جيڪا ڪالي ديويءَ ۽ ڪالي ماتا جي نالي سان به مشُھور آهي. هن مندر ۾ به ماتا شنگهه ڀوانيءَ جي قُدرتي مورتي آهي، جنهن ڪري هيءُ مندر قديمي دور کان هندو ڌرم جو هڪ اهم زيارت گاهه آهي. هتي پري پري کان زيارتي اچن ٿا. هن مندر جي هڪ ٻي به خاص اهميت آهي ته هنگلاج وڃڻ وارا ياتري هن مندر تي پهچي پوءِ هتان پنهنجي ڌرمي ياترائن لاءِ پنهنجو سفر شروع ڪن ٿا. سڄي برصغير خاص ڪري رڻ ڪڇ ۽ راجستان کان هنگلاج لاءِ وڃڻ وارا ياتري پھرين هن مندر تي پهچندا آهن. هتي قُدرتي مورتيءَ کان سواِء ڪالي ماتا ديوي ۽ هندو ڌرم جي ٻين اهم اوتارن ۽ ديوتائن جون مورتيون به رکيل آهن ۽ هيءُ مندر ڪالڪا جي مندر طور به مشهور آهي. هن مندر جي ڀر سان هڪ غار به آهي. جنهن لاء مُختلف وقتن جون مُختلف ڏند ڪَٿائون موُجود آهن. هن غار لاءِ چيو وڃي ٿو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي هن غار ۾ اندر داخل ٿيو ۽ سڌو وڃي هنگلاج نڪتو. اهڙيءَ طرح جون ڏند ڪٿائون ڀٽائي صاحب کان اڳ جي هندو سامين ۽ ساڌوئن لاءِ به مشُھور آهن. رحيمداد خان مولائي شيدائي اروڙ جي ڪالڪا مندر بابت لکي ٿو ته عربن جي ڪاهه وقت اروڙ سنڌ سلطنت جي گاديءَ جو هنڌ هئو، ۽ هي مندر تمام وڏو مندر هئو، هتي هڪ سوار جو مجسمو رکيل هئو. جيڪو سڄو هيرن ۽ جواهرن سان جڙيل هئو ۽ شهر وارن محمد بن قاسم سان آڻ مڃڻ لاءِ جيڪي شرط رکيا هئا انهن ۾ هڪ شرط هن بت جي سلامتيءَ لاءِ به هئو، جيڪو محمد بن قاسن سڀن شرطن سميت قبول ڪيو هئو ۽ پوءِ اروڙجي قلعي جا دروازا سندس لاءِ کوليا ويا هئا.(1)
مندر جي مک پوڄاريءَ سان اسان جي جيڪا ڪچهري ٿي ان ۾ هن اسان کي هندومت ۽ ڪالي ماتا بابت ڪافي ڄاڻ ڏني باقي مندر يا اروڙ جي قلعي بابت ڪا تاريخي ڄاڻ هن کي به نه هئي ۽ نه وري اروڙ جي آثارن بابت ڪا هن کي خاص خبر هئي. هن مذهب بابت پنهنجي وڏڙ کان ٻڌل ڳالهيون ئي ٻڌائيون، اسان هن کان موڪلائي مندر کان ٻاهر نڪتا سين، مندر ننڍي ٽڪريءَ تي آهي جنهن جي پويان وڏو پهاڙ نظر اچي ٿو ۽ آسپاس ننڍيون وڏيون ٽڪريون آهن، جن سڀن جي وچ ۾ هي مندر پري کان تمام خوبصورت منظر پيش ڪري رهيو آهي. خاص طور مندر پويان وڏي پهاڙ جو سڀن کان منفرد حسين نظارو آهي، مندر جي سامهون به پهاڙ آهي جنهن جي دامن ۾ سرڪاري اسڪول قائم آهي.
حوالا: ”جنت السنڌ“، رحيمداد خان مولائي شيدائي، صفحو 74.