ماڳ مڪان / شھر / ڳوٺ

سکر تاريخ جو گلدستو

هن ڪتاب ۾ سکر جا اهم تاريخي ماڳ: ”اروڙ“، ”ڪالڪا مندر“، ”مومل جي ماڙي“، ”بکر جو قلعو“، ”سَتِين جو آستان“، ”معصوم شاھ جو منارو“، ” آدم شاھ ڪلھوڙو“، ”ساڌ ٻيلو“ شامل آهن. ان کان علاوه سنڌو درياھ، سنڌوءَ جي پھرين تھذيب، سکر جي قديم تاريخ، روهڙيءَ جي تاريخ، سکر جي نئين تعمير ۽ سکر جي يادگيرين بابت پڻ ليک پڻ ڏنا ويا آهن.

Title Cover of book سکر تاريخ جو گلدستو

سَتِيُن جو آستان

نومبر 2018ع ۾ سکر جي تاريخي ماڳن جي دوري ڪرڻ دوران سليم مهر جونيئر سان آءُ ۽ ايڊوڪيٽ رفيق چاچڙ مشهور تاريخي ماڳ ”ستين جو آستان“ ڏسڻ لاءِ روانا ٿياسين. سکر کان بئراج رستي سنڌو درياھ پار ڪري روھڙيءَ پاسي روانو ٿياسين، ستين جو آستان روهڙيءَ کان ٿورو پھرين روڊ جي کاٻي پاسي تي سنڌوءَ درياهه جي ڪناري ھڪ ننڊي ٽڪريءَ جي مٿاڇري تي ٺھيل پڪي ٿلھي تي ٺھيل ھڪ ننڍو ۽ خوبصورت قبرستان آهي. ٽڪريءَ جي ھيٺاھين کان مٿي وڃڻ لاءِ پٿر جي ڏاڪڻ ٺھيل آھي. ٽڪريءَ جي ٽن پاسن کان درياهه آهي، مٿي چڙھڻ واري ڏاڪڻ واري پاسي اڳيان به درياهه جي پاڻيءَ تي ڪوسٽ گارڊ وارن جي مسلح لانچ بيٺل نظر آئي، اسين ڏاڪڻ تي مٿي چڙھياسين ته وچ تي ٻنهي پاسن کان ھجرا ٺھيل نظر آيا، ليڪن جڳاڙي مجاور گھرن ۾ وڃڻ کان روڪيو ته ھيڏي پاڪن جون قبرون آھن ۽ مردن جو وھڻ منع آهي. مجاور جي ڀرسان ھڪ فقيراڻي ويس ۾ عورت بيٽي ھئي مون کي ٻئي منشيات فروش محسوس ٿيا. اسين مري ٽڪريءَ تي ھليا وياسين، مٿي ابوالقاسم نمڪين جو خوبصورت تاريخي قبرستان گھڻي عرصي کان پوءِ ويجھڙائيءَ کان ڏسي رهيو ھيس، قبرستان جي ٿلھي ۽ سندس چئني ڪنڊن تي ٺھيل خوبصورت مينارن جي تازي مرمت ٿيل نظر آئي، پراڻي ئي ڊزائين جون نيون ٽائلون وڏي نفاست سان لڳل ھيون، جنهن ڪري ھي تاريخي ماڳ تمام خوبصورت نظر اچي رهيو هيو. ابوالقاسم نمڪين ۽سندس خاندان جي قبرن ۽ ڪتبن جي به بحالي ڪئي وئي هئي جنهن ڪري اھي صاف ۽ سٺيو نظر اچي رهيون هيون، مون قبرن جي ڪتبن پڙھڻ جي ڪوشش ڪئي ليڪن سمجهي نه سگهيس ته سڀن ڪتبن جون تصويرون ڪڍيون.
* ھن ٽڪريءَ کي عام طور تي ”ستين جو آستان“ سڏيو ويندو آهي. ان جو سبب هڪ روايت آهي، ته ھتي ست ھندو عورتون ستيون ٿيون ھيون. ٻيءَ روايت آھي ته اتي ستن درويشن پنھنجو آستانو قائم ڪيو ھو، تاريخي ڪتابن ۾ انھن ٻنهي ڳالھين جو ڪو به ثبوت نه ٿو ملي، ۽ نه وري ڪائي وزندار تصديق ٿي ٿئي.
* تاريخ ۾ ھن ٽڪريءَ جو ذڪر مير ابوالقاسم نمڪين جي قبرستان واري ٽڪري طور ملي ٿو، جنھن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن ٽڪريء کي قبرستان ٺھڻ کان اڳ به ”ستين جو ٿان“ سڏيو ويندو ھو، يعني ستين جو آستان۔ هي قبرستان روھڙي جي سول ڪورٽ جي ويجھو، اتر ۽ اولھ جي ڪنڊ تي درياهه جي ڪپ تي ھڪ بلند ٽڪري مٿان ٺھيل آھي. اوڀر کان ٻن فرلانگن جي پنڌ تي لئنسڊائون پل ۽ ايوب پل آھن. سامھون اتر کان درياهه جي ٻي ڀر سکر جو شھر آھي ۽ ڏکڻ اوڀر ڪنڊ تي ٻن ٽن فرلانگن جي فاصلي تي روھڙي جو شھر آھي. اوڀر کان بکر جي قلعي جون ديوارون ۽ برج ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ساڌ ٻيلو اتر کان درياهه جي وچ تي سامھون موجود آھي. جاءَ وقوع جي لحاظ کان ھي ٽڪرو بي مثال آھي. چارئي طرف کليل ڪوھن تائين نظر پوي ٿي، قدرتي مناظر صبح شام پري پري تائين ڏسي سگھجن ٿا. سڄو ڏکڻ طرف انبن ۽ کجين جي باغن سان ڀريو پيو آھي، سکر کان ايندڙ رستو (پراڻو قومي شاھراھ) درياهه جو ڪپ ڏيو، انھي ٽڪري جي پھلو کي ڇھندو روھڙي ڏانھن وڃي ٿو.
تاريخي طور سنڌ جي ھڪ مضبوط ڏند ڪٿا آھي، ته جڏھن مسلمانن بکر تي حملو ڪيو ھو تڏھن شاهي گهراڻي جي عورتن پنھنجي ست بچائڻ لاءِ انھي جڳھ تي پاڻ کي باھ ۾ ساڙي آپگھات ڪيو ھو، جنھن ڪري ان تي ستين جو ٿان نالو پيو آھي، پر پوء مسلمانن ان جاءِ تي قبرون ٺھرائي ان جاءِ کي پنهنجي شناخت ڏني، ليڪن هن ماڳ کي اڄ بي ستين جي آستان سڏيو وڃي ٿو.

* مير ابوالقاسم نمڪين
جو ذڪر برصغير تي مغل دور جي حڪومت دوران جي تاريخن ۾ شھنشاھ اڪبر ۽ جهانگير جي دور جي هڪ امير ۽ نواب طور ملي ٿو. مير ابوالقاسم نمڪين بابت ڄاڻ ملي ٿي ته پاڻ حسيني هروي (هرات جو) سيد هو. سندس والد جو نالو مُلا مير سبزواري هو. جيتوڻيڪ ميرابوالقاسم نمڪين برِصغير سطح تي مختلف ماڳن ۽ جدا جدا عهدن تي ڪم ڪيو، تڏهن به اسان وٽ سندس اهميت، بکر، سبي ۽ سيوهڻ جي حاڪم طور نمايان ملي ٿي.
رحيمداد خان مولائي شيدائي لکيو آهي ته: ”ميرابوالقاسم نمڪين نه رڳو سياست ۽ تلوار ۾ مڃيل ڪردار هو. جنھن ڪري شھنشاھ اڪبر کيس پھرين خوشاب ۽ ڀيري جا پرڳڻا کيس جاگير طور ڏنائين ۽ پوءِ 1003ھجري ۾ بکر کيس جاگير طور ڏنائينس.“(1)
مير ابوالقاسم نمڪين بھادر سپھ سالار ھجڻ سان گڏ ساڳئي وقت بطور مصنف ۽ اهل قلم جي به هن کي وڏي مڃتا ملي آهي، سندس مشهور تصنيفن ۾ منشئات النمڪين ۽ جوامع الجواهر شامل آهن. ”تاريخ مظهرشاهجهاني“ جو مصنف يوسف ميرڪ سندس فرزند هو. هن جو ٻيو پٽ امير خان به مشهور هو، انهيءَ جو اولاد ٺٽي ۾ وڃي رهيو. مير نمڪين اڪبراعظم ۽ جهانگير جي دور ۾ پورا اٺٽيهه سال مختلف عهدن ۽ مرتبن تي رهي، 1018 هجري ڌاري قنڌار کان موٽندي واٽ تي انتقال ڪيائين ته سندس لاش سکر آندو ويو ۽ روهڙي جي هن ٽڪريءَ تي سندس پاران جوڙايل صفحه صفا/ستين جي آستان تي سندس وصيت مطابق دفنايو ويو.(2)
مير ابوالقاسم نمڪين جڏھن بکر ۾ حاڪم ٿي آيو ته بکر کي ئي پنھنجي رھائش لاءِ پسند ڪيائين ۽ اتي ئي پنھنجا يادگار ٺھرائڻ شروع ڪيائين. تڏھن انھي ٽڪري جو ماحول، جاءِ وقوع ۽ ڀرپاسي جا ڏيک کيس پسند آيا ۽ ھن انھي ٽڪري جي چوٽي کي صاف ڪرائي، ھموار ڪري، چوڌاري ديوار ڏئي، پڪين سرن جو فرش ٻڌرائي، چئني ڪنڊن کان چار منارا ۽ گوشا ٺھرائي، ان کي پنھنجي خاندان جي قبرستان طور ڪتب آڻڻ جو ارادو ڪيو، مگر ان کان اڳ جو فوتين کي اتي دفن ڪيو وڃي، مير صاحب ان جاءِ کي چانڊوڪين راتين ۾ مجلسن لاءِ ڪتب آندو ۽ ان جو نالو ”صفه صفا“ رکيائين.(3)

لب تاريخ جي مصنف انھي پھاڙي کي ”قاسم خواني“ جي نالي سان سڏيو آھي، انھي پھاڙي جي ايترن جدا جدا نالن جي ھوندي اڄ به ھن ماڳ کي ستين جي آستان سڏيو وڃي ٿو. ”ھن ٽڪريءَ کان ڏکڻ طرف چند ڪلوميٽرن تي سنڌ جو تمام پراڻو گادي جو ھنڌ اروڙ آھي، جنھن کي عربن فتح کان پوءِ الور سڏيو، مير ابوالقاسم جي زماني ۾ اھو مير صاحب جي جاگير ۾ شامل ھو.“(4)
مير ابوالقاسم سنگتين ساٿين عالمن ۽ اديبن کي چانڊوڪين راتين ۾ انھي ٽڪري تي گڏ ڪري مجلسون ڪري قدرتي نظارن مان سڀ لطف اندوز ٿيندا هئا. انھيءَ صحن تي چانڊوڪين راتين جون مجلسون مير صاحب جي زندگي تائين قائم رھيون. 1018ھ ۾ مير نمڪين پھريون پاڻ ان ٽڪري تي آرامي ٿيو ۽ بعد ۾ اصلي مقصد مطابق اھو سندن خاندان جو قبرستان ٿي ويو. ڏکڻ کان مٿي پھچڻ لاء جيڪا ديوار آھي، ان جي ٻنھي پاسن کان خوبصورت صحرا ٺھيل آھن، جيڪي ڏينھن ۾ آرام جي لاءِ ڪتب ايندا ھئا، اھڙي طرح اتر جي طرف کان اوڀر ۽ اولھ جي ڪنڊن تي ٻه حجرا آھن جن جو رخ درياهه طرف آھي، جيڪي صبح شام درياهه جي نظاري ڪرڻ لاء نشيمن جو ڪم ڏيندا ھئا. ”فرش جي سطح کان پنج فوٽ چار انچ اوچائي تي ھڪ ٿلھو ٺھيل آھي جنھن جي ڊيگھ 48 فوٽ 6 انچ ۽ ويڪر 38 فوٽ آھي. ڏھ قبرون آھن، جن مان مکيه مير ابوالقاسم نمڪين جي آھي. انھي ٿلھي تي چئني ڪنڊن تي چار منارا ترڪي منارن جي نموني تي آھن، جيڪي پنج فوٽ کن اوچا ٿيندا. نمبر 9 ۽ 10 قبرون چوني جي پلاسٽر جون آھن باقي سڀ پٿر جون آھن، جن تي اڪر جو ڪم ٿيل آهي، ھي قبرون اڪر جي بھترين ڪم جو شاھڪار آھن.“(5)

ھن شاندار شاھي قبرستان ۾ سڀ کان نمايان قبر بکر جي حاڪم ابو القاسم نمڪين جي آهي، جيڪو اڪبر اعظم جي وقت ۾ بکر ۽ سيوهڻ جو جاگيردار هو ۽ پوءِ جهانگير جي دور ۾ قنڌار لڳ هڪ لڙائيءَ ۾ 1018 هجريءَ (1609ع) ۾ مارجي ويو هو. سندس لاش سکر آندو ويو ۽ پوءِ روهڙيءَ لڳ ٽڪريءَ تي دفن ڪيو ويو. ٻيون قبرون سندس ويجهن مائٽن جون آهن. ستين جي آستان جا ٻيا نالا قاسم خاني ۽ صفن صفا آهن، جتي پهرين قبر ابو القاسم جي ٺهي ۽ پوءِ ھي ماڳ شاهي خاندان جي قبرستان ۾ تبديل ٿيو آهي. قبرستان ۾ موجود قبرون 1018 هه کان 1301 هه جون آهن.
گھڻي وقت گذرڻ ۽ مرمت نه ٿيڻ ڪري، ھي مير ابوالقاسم جو ٺهرايل قبرستان زبون ٿي ويو ھو، منارا ڊھي اچي پٽ پيا ھئا، قبرون ڊھي ويون ھيون ۽ ڪتبا منتشر ٿي چڪا ھئا، ليڪن ھن ماڳ جي خاص اھميت ۽ ٽڪريءَ جي چوڌاري جي خوبصورت نظارن محڪمه آثار قديمه کي متاثر ڪيو، جنھن ڪري محڪمي ھن ماڳ کي پنھنجي حفاظت ۾ وٺي، ان جي نئين سر تعمير ۽ مرمت ڪري قبرستان کي اصلي حالت ۾ آندو منارا ٺاھيا ويا، قبرن جي مرمت ڪري مٿن اصلي ڪتبا لڳايا ويا فرش لڳايو ويو ۽ حدبندي واري ديوار ٻيھر مضبوط ڪئي وئي ۽ حجرن کي به مرمت ڪري استعمال لائق ڪيو ويو جن تي هاڻي جڳاڙي فقيرياڻن جو قبضو آھي. ليڪن سنڌودرياھ ڪناري ”ستين جو آستان“ تمام خوبصوت منظرن وارو ماڳ آهي، جيڪو درياھ جي هر طرف کان پاڻ به خوبصورت ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽ هن ماڳ تي پهچڻ کان پوءِ هن جي چوڌاري دلفريب نظارا آھن، جن ۾ سنڌو درياھ جا خوبصورت منظر ۽ ماڳ جي سڄي هٿ تي لينسڊائونس پل ۽ ايوب پل، سامهون بکر جو تاريخي قلعو ۽ بکر جي قلعي ۽ ساڌ ٻيلي جي ٻيٽن پويان سنڌو درياهه جي ويڪري پيٽ جي پريان سکر شھر جون خوبصورت اوچيون عمارتون ۽ انھن جي وچ ۾ معصوم شاهه جو منارو، کٻي هٿ تي ساڌ ٻيلو ۽ سکر بئراج ۽ ٻئي پاسي نيشنل هاءِ وي پريان انبن ۽ کجين جي خوبصورت باغن جا منظرن آھن، ۽ ھنن سڀن منظرن جو هيءَ ٽڪري مٿاھون خوبصورت مرڪز آھي. هن ٽڪريءَ جي چوڌاري نظر ڦيرائڻ سان جيڪي خوبصورت منظرن نظر اچن ٿا، انھن جي خوبصورتي لفظن ۾ بيان نه ٿي ڪري سگهجي. هن خوبصورت ماڳ جي هر طرف جا منظر اکين مان اوتجي دل جي گهراين ۾ پهچي ذھن کي سڪون بخشين ٿا.

حوالا

(1)- ”تاريخ سکر“، رحيمداد خان مولائي شيدائي، صفحو94
(2)- ”ساڳيو“، صفحو95
(3)- ”ساڳيو“
(4)- ”ساڳيو“ صفحو96
(5)- ”ساڳيو“، صفحو97

روزاني ايڪتا 2 جنوري 2020ع