اروڙ
مسجد کان ٿوروئي اڳتي هلياسين ته هڪ وڏي مٿاهين دڙي تي چڙهياسين جتي اروڙ جي قلعي جي آثارن جي نالي ۾ پڪين سرن جا ٽڪڙا هڪ دڙي جي صورت ۾ نظر آيا جن تي ڪو به ديوار جو بنياد نظر نه ٿو اچي، سرن جي ٽڪڙن جي ڀر ۾ هڪ کوهه جا آثار نظر اچن ٿا جنهن جي اندرين ديوار پٿرن جي ٺهيل آهي، ۽ ڀرسان هڪ پٿريلي دڙي جي تري ۾ ٽي غار نما وڏا سوراخ نظر اچن ٿا جيڪي به پورجي ويا آهن. هنن آثارن جي ڀر پاسي ۾ به قبضا ٿي ويا آهن، گهر ۽ ديوارون ٺهي ويا آهن. هن تاريخي ورثي جي ڪا به مالڪي نظر نه آئي مقامي ماڻهن ٻڌايو ته اروڙ جي قلعي ۾ سرن جا به رڳو اهي ئي آثار بچيا آهن.
درڙي تان لهي واپس اچي گاڏي ۾ ويٺاسين ۽ ڪالڪا مندر لاءِ اڳتي روانا ٿياسين. ڪالڪا مندر تقريبن 3 ڪلو ميٽر اڳتي آهي ان کان پهريان هڪ ٻي عمارت جا آثار ٽن ونگدار دروازن جي صورت ۾ موجود آهن. هن کي به مغل دور جي مسجد جا آثار چيو وڃي ٿو. ليڪن هن ونگدار دروازن لاءِ هڪ ٻي راءِ به آهي ته هي هڪ پراڻي محل جا آثار آهن ڇو ته مغل دور ۾ اروڙ برباد ٿي چڪو هئو ۽ هن علائقي جو اهم حڪومتي مرڪز بکر بڻجي چڪو هئو ۽ ارغونن ۽ ترخان دور ۾ اروڙ جون پڪيون سرون پٽرائي کڻي بکر جي قلعي ۾ لڳرايون ويون هيون ته پوءِ هتي حڪومتي طور تي اهڙي وڏي جامع مسجد ٺهرائڻ جو سبب سمجهه ۾ نه ٿو اچي. ٻيو ته محمد بن قاسم واري جامع مسجد به هن کان ٿوري ئي مفاصلي تي موجود هئي ۽ ان کان سواءِ ته مغل دور ويجهو دور آهي ان دور ۾ مسجد ٺهي ها ته موجود هجي ها ان دور جون عمارتون اڄ به بهتر حالت ۾ موجود آهن ، ان ڪري هنن آثارن کي ڪنهن محل جي باقيات واري راءِ صحيح ٿي سمجھ ۾ اچي.
ڪتاب جنت السنڌ ۾ مولائي شيدائي لکي ٿو ته: ”راءِ گهراڻو -ايوڌيا جي سورج ونسي خاندان جي راجائن مان رامچندر جي اولاد مان راجا بليڪا جي پوڻن يارنهن سئو ورهيه قبل مسيح ۾ اروڙ تي حڪومت قائم ڪئي هئي، جنهن کان پوءِ چندر ونسي راجائن دکن کان وٺي گهرات، سنڌ، بلوچستان، رابلستان ۽ قابل تائين هنن حڪومتون کڙيون ڪيون.(1)
۽ ٻئي ھنڌ ساڳئي ڪتاب ۾ اروڙ بابت شيدائي صاحب ذڪر ڪري ٿو ته: ”اروڙ سنڌ جو قديم تختگاهه آهي، جنهن جي قدامت آرياورت جي قديم شهرن هستاپور، اندرپرسا ( دهلي) ۽ پتاليپترا (پاٽنا) جي برابر هئي. يوناني جاگرافي دانن اروڙ کي ’موسيڪانوين‘ نالو رکيو هئو ۽ هوئن ٽسانگ هن شهر کي پيشاپوپولو ۽ جنرل اليگزينڊر ڪننگهام هن کي رورپورا (رورانگر) جي نالن سان لکن ٿا.“ شيدائي صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته: ”هن شهر کي چئو طرف مضبوط عالم پناهه ڏنل هئي ۽ باغات ۽ محلاتن ڪري تمام مشهور هئو، شهر جي وچ ۾ ٻڌ ڌرم جو مشهور مندر هئو، هن شهر جو اصل نالو هنديءَ ۾ اروڙ آهي. ڇاڪاڻ جو هتي جا راءِ گهراڻي جا راجا اروڙ ونسي خاندان جا سڏبا هئا، هي شهر ڪنهن وقت ۾ واپار جو اهم مرڪز هئو جيڪو ڏيهان ڏيهه مشهور هئو، سنڌو درياءُ جي رخ مٽجڻ ڪري هي زوال پذرير ٿي ويو.(2)
ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ اروڙ بابت لکي ٿو ته اروڙ جو شهر جيڪو سنڌ جي ٻڌ حڪمرانن جو صدين تائين گاديءَ جو هنڌ رهيو آهي، سو سڪندر اعظم جي سنڌ ۾ اچڻ وقت ميوميڪانس راجا جي گاديءَ جو هنڌ هٿو هن شھر ۾ عاليشان جايون، مندر، باغ ۽ نهرون پڻ هيون ۽ انهن جي چوڌاري ٻيڻي ديوار ڏنل هئي ۽ اڳوڻي وقت ۾ ملتان جيڏو وڏو شهر هئو.ليڪن هن جي آدمشماري ملتان کان به وڌيڪ هئي. جيئن ته هي شهر سنڌ جي اترين سرحد تي هئو، انڪري هن جي حفاظت لاءِ چوڌاري ٻن ديوارن وارو مضبوط قلعو هئو، سنڌو درياهه جي رخ مٽجڻ ڪري هتي جي رهواسين اچي روهڙي شھر آباد ڪيو ۽ روهڙي جو نالو به اروڙ جو ننڍڙو فارم آهي، اروڙ پنهنجي عروج ۾ واپار جو مرڪز ي شهر هئو.(3)
راءِ گهراڻي جي دور ۾ سنڌ سلطنت هئي جنهن جون حدون اتر طرف کان ڪشمير، قنڌار ۽ هيلمند تائين، الهندي طرف کان ڪرمان جي وادي نورمنشور تائين، ڏکڻ ۾ سورت ۽ ديو بندر کان ديبل ۽ مڪران تائين، اوڀر ۾ چتور ڳڙھ تائين هيون. ملڪ کي چئن صوبن ۾ ورهائي هر هڪ حصو هڪ نائب جي حڪومت ھيٺ هوندا هئا، جيڪي ”ملڪ“ جي لقب سان سڏبا هئا،(4) ۽ سنڌ سلطنت جو اروڙ شهر تختگاھه هو.
(اروڙ بابت وڌيڪ تحقيقي تفصيل)
** هندو ڌرم جي اهم ڪتاب مهاڀارت ۾ راجا جئدرٿ کي سنڌ جو زبردست ۽ زورآور حاڪم ڄاڻايو ويو آهي. هن جي حڪومت هيٺ سنڌو، سوي (سبي) ۽ سويا (ايراني دور وارو سيوستان ۽ هاڻوڪو سيوهڻ ۽ قلات وارو علائقو) اچي پئي ويا. ان بابت مهاڀارت مان هڪ ٽڪرو ڏجي ٿو. جڏهن جئدرٿ دروپديءَ کي ڀڄائي سنڌ ۾ آڻي ٿو ۽ ساڻس محل ۾ ملڻ وڃي ٿو، تڏهن دروپدي کيس چوي ٿي: ”ڇا تون ئي اهو اڪيلو راجا آهين، جنهن سنڌو، سوي ۽ سيوپا هٿ ڪيا آهن، ۽ ان آسودي ملڪ تي انصاف ۽ تدبر سان راڄ ڪرين ٿو؟“ پوءِ جڏهن دروپدي کيس پانڊون جي سگهه ۽ سلطنت جو ڀؤ ٿي ڏئي تڏهن جواب ۾ جئدرٿ وراڻي ٿو: ”دروپدي! اسان انهن دڙڪن ڀر ڊڄڻ وارا ڪين آهيون. اسان آريا نسل جي سترهين پيڙهي آهيون ۽ ڇه شاهي خوبيون اسان جي رت ۾ رهيل آهن، انڪري مان پانڊون کي پاڻ کان هيچ ٿو ڀانيا“.(5) انڪري به چئي سگهجي ٿو ته سنڌ، سري ۽ سيريا واري گذريل راڄ جي مهان راجا جي راڄڌاني به اروڙئي هوندو، جتان هو سڄي علائقي تي آسانيءَ سان نظر ۽ قبضو رکي پئي سگهيو.
** مهاڀارت کان پوءِ، هندن جي ٻي مشهور ڌرمي پستڪ ”رامائڻ“ ۾ به سنڌ جو ذڪر ملي ٿو. هي اهو دور هو جڏهن آريا سنڌو گنگا جي وادين ۾ باقاعدي بستيون ٺاهي ويٺا، ۽ مهاڀارت جي دور جيان ڇڙو ڇڙ ڪونه رهندا هئا. ”رامائڻ“ ۾ سنڌ ملڪ جو نالو ڪيڪان ڄاڻايو ويو آهي، جو اٽڪ جي اوريان شروع ٿئي ٿو ۽ سنڌوءَ جي ڇوڙ تائين هليو وڃي ٿو. ان ديس جي راجڪماري ڪيڪئي رامائڻ جي هيري رام جي پيءُ راجا دسرٿ جي زال هئي، جنهن مان کيس ڀرت پٽ هو. مهاڀارت جي دور جيان رامائڻ جي دور ۾ به سنڌ هڪ ملڪ هو،جو پوءِ يونانين جي ڪاهه وقت چئن ملڪن ۾ ورهائجي ويو ۽ وري عربن کان اڳ راءَ گهراڻي وقت هڪ ملڪ ٿي ويو.(6) انڪري اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته رامائڻ جي دور ۾ به هن ديس جي گادي اروڙئي هو، ڇو جوسنڌ جو هيءُ پراڻو شهر ۽ تختگاهه به قدامت جي لحاظ کان آريه ورت جي ٻين شهرن هستناپور، اندر پرستا (دهلي) پتاليپترا (پاٽنا) ۽ ايوڌيا (اؤڌ) جو ثاني آهي.(7)
رامائڻ واري دور کان پوءِ ايوڌيا جي سورج ونسي راجپوتن مان راجا بليڪا جيپٽن 1100 ق م، هن شهر تي راڄ ڪيو ۽ ان کي وڌايو ۽ويجهايو.(8) راجپوتن مان سورج ونسي راجا رام جي اولاد آهن، جي سنڌ ۾ ايوڌيا کان آيا ۽ چندرونسي ڪرشن مهاراج جي اولاد ٿين جي گجرات کان آيا،(9) اهي سورج ونسي راجپوت پاڻ کي اروڙ ونسي سڏيندا هئا، جنهنڪري سندن راڄڌانيءَ تي نالو ئي اروڙ پئجي ويو.(10) وڌيڪ ممڪن ائين ٿو لڳي ته جيئن ٻيا راجپوت ۽ کتري پاڻ کي شهر جي نالي پٺيان سڏائيندا آهن، تيئن اروڙ جا کتري به پاڻ کي اروڙ ونسي سڏائيندا هوندا.(11) سورج ونسين کانپوءِ سنڌ تي چندر ونسين جو راڄ ڪيو ٿو نظراچي ٿي. ان راڄ جي پيڙهه چندر ونسي راجپوتن جي يادو ونسي قبيلي وڌي ۽ پايي وجهندڙ جو نالو ”راجا سمايا“ هو، جنهن جي پٺيان سنڌ کي ”سنڌ سمه“ به سڏيو ويندو هو.
** سلطنت جا چار صوبا هئا، جن تي الڳ الڳ وائسراءِ مقرر ٿيل هئا. آريه ورت جي قديم شهرن جيان انهن جي راڄڌانيءَ جو هي شهر به دولت سان مالامال هو. سندس ڀروارين ٽڪرين ۾ سون ۽ چانديءَ جون کاڻيون هيون. هوئن تسانگ هن شهر کي ”پيشان يو چولو“ سڏيو آهي ۽ ٻين مؤرخن سورج ونسي ڪلن جي هن راڄڌانيءَ جي آسودگيءَ ۽ شاهوڪاريءَ جي ساراهه ڪندي کيس ”رورايور“ يا ”رونگر“ سڏيو آهي.
** مولائي شيدائي اروڙ بابت ”تاريخ سکر“ ۾ لکي ٿو ته: ”موجوده اروڙ هينئر هڪ ڳوٺ جيان آهي، روهڙيءَ کان پنج ميل کن ڏکڻ اوڀر طرف ٽڪريءَ تي. ليڪن جنهن زماني ۾ اروڙ سنڌ جو تختگاهه هو، انهن ڏينهن ۾ شهر جي الهندي کان مهراڻ ۽ اڀرندي کان هاڪڙي جي وجود ڪري هي شهر باغات، نخلستانن، حوضن ۽ واهن ڪري سرسبز ۽ شاداب هو. شهر کي ٻٽي عالم پناهه ڏنل هئي ۽ ڪيتريون ئي ڪاٺ جون ماڙيون ۽ محلات ٺھيل هئا. شهر جي وچ ۾ ٻڌ ڌرم جو عظيم الشان مندر هو، منجھس گوتم ٻڌ جو وڏو بت (مجسمو) رکيل هو، جنهن جي ٻانهن ۾ سونا ڪنگڻ هوندا هئا. هٿيارن جا گدام هئا. گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ زمين دوز ناليون هيون. اروڙ پنهنجي باغن ۽ تفريح گاهن ڪري مشهور هو ۽ ملتان جيڏو وڏو شھر هو. راءِ گهراڻي جا راجائون انصاف پسند ۽ رعايا پرور هئا. ڪابل، چين، ڪشمير، پنجاب ۽ هندستان جو مال ٻيڙين وسيلي ديبل ڏانهن ويندي، هِتي لنگر انداز ٿيندو هو. حڪومت کي محصول مان وڏي آمدني هئي. شاهي خزانا دولت سان مالا مال هئا. راءِ گهراڻي جي راجائن جي حڪومت سڄي هندستان ۾ سياسي ۽ اقتصادي نقطهءِ نظر کان مضبوط هئي. سنڌ جي راجائن جي راجپوتانا ۽ ڪشمير جي راجائن سان مائِٽي هئي.
** اسلام کان اڳ سنڌ تي راءِ گهراڻي جي حڪومت هئي، جيڪا 137 سالَ هلي. هن گهراڻي جا پنج راجا ٿي گذريا آهن جن جو ٻڌ ڌرم سان واسطو هو. هنن مان پهريون راجا راءِ ڏيوائچ هو. جن ڏينهن ۾ حضور صلم جن مڪي کان مديني هجرت فرمائي ته انهن ڏينهن ۾ اروڙ جو حاڪم راءِ سيهرس بن ساهسي هو. راجا راءِ سيهرس لاءِ چون ٿا ته هو بيحد دولتمند ۽ اخلاق ۽ سيرت جي اعتبار کان تمام نيڪ انسان هو. جنهن بابت ڪتاب تاريخ سنڌ ۾ اعجاز الحق قدوسي لکي ٿو ته، هن پنهنجي حڪومت کي چئن صوبن ۾ ورهائي هر هڪ تي صوبيدار مقرر ڪيو جيڪو گورنر سڏيو ويو ٿي. پاڻ راجا الور (اروڙ) ۾ ئي رهيو ٿي. راجا راءِ سيهرس ثاني جي فارس (هاڻوڪي ايران) جي حاڪم نمروز سان لڙائي ٿي، جنهن ۾ راءِ سيهرس کي ڳچيءَ ۾ تير لڳڻ ڪري مري ويو. هن بعد راءِ ساهسي ثاني سنڌ جو حاڪم ٿيو. هو بي اولاد هو. هن جي راڻي سونهندي (سونهن ديوي) نهايت حسين هئي. چچ نالي هڪ ڪشميري نوجوان برهمڻ جيڪو بيحد خوبصورت ۽ زبان جو چتر هو، هن کي چارئي ويد ياد هئا، وڏي وزير رام جي آفيس ۾ محرر مقرر ٿيو. گورنرن جا خط جيڪي درٻار ۾ پهچندا هئا، سي هي وزير (رام) راجا کي پڙهي ٻڌائيندو هو ۽ راجا جي حڪمن موجب انهن جا جواب لکي گورنرن ڏي روانا ڪندو هو. هڪ دفعي رام وزير موڪل تي ويو ۽ چچ کي هدايت ڪري ويو ته سندس غير حاضري ۾ ٻاهران آيل خط راجا کي احتياط سان پڙهي ٻڌائي ۽ راجا جي چوڻ مطابق انهن جا جواب ڌيان سان لکي روانا ڪري. وزير جي غير حاضري ۾ چچ شاهي محلات جي در تي پهتو ته ان وقت راڻي به موجود هئي. جيئن ته چچ برهمڻ هو ان ڪري راجا اهو ضرورر ي نه سمجھيو ته راڻي هن کان پڙدو ڪري ۽ چچ کي راڻي اڳيان روبرو گهرايو. هن ترتيب وار خط راجا اڳيان اهڙي موزون انداز سان پڙهي ٻڌايا جو راجا هن نوجوان برهمڻ جي لياقت جو قائل بنجي حڪم ڏنو ته آئيندي رام جي غير حاضري ۾ چچ ڪم هلائي. ليڪن راڻي برهمڻ نوجوان جي حسن کي ڏسي مٿس عاشق ٿي پئي. ڪجهه وقت ڳجھن راز و پيامن جو سلسلو جاري رهيو. آخر هڪ ڏينهن راجا بيمار ٿي پيو ۽ ڪجهه ڏينهن علالت ۾ رهي انتقال ڪيو. راڻيءَ راجا جي موت کي لڪائي، چچ سان واعدو ڪري راجا جي مائٽن ۽ اهلڪارن کي گهرائي سڀني کي قيد ڪري مارائي چچ سان شادي ڪئي. راءِ گهراڻي جو راڄ ختم ٿيو ۽ برهمڻن جو راڄ شروع ٿيو. چچ 643ع کان 682ع تائين سياڻپ سان حڪومت ڪئي. جن جن راجائن ۽ قومن بغاوتون ڪيون تن کي مات ڪيائين. هر سال ملڪ جو دورو ڪري حالتن جو جائزو وٺي جوڳو انتظام ڪندو رهيو. حضرت عمر الفاروق رضه جي ڏينهن ۾ عربن پوئين ساساني ايراني شهنشاهه يزد گرد سوم کي شڪست ڏئي ايران تي قبضو ڪيو. هن موقعي تي چچ ايران کي هاٿين ۽ جنگي سامان جي امداد ڪئي. اهڙي طرح هو سياسي توازن قائم رکندو رهيو. سنڌ جا رهاڪو سهتا، لوهاڻا، لاکا ۽ جاٽ جيڪي ٻڌ ڌرم جا پوئلڳ هئا، سي چچ جي برهمڻ حڪومت جي خلاف هئا. هونئن به چچ جي برهمڻ حڪومت ٻڌن تي خاص ڪري لوهاڻا ۽ جاٽ قومن تي ڪجهه سختيون مڙهيون هيون. جهڙوڪ: گهوڙي تي هني رکڻ کانسواءِ سواري ڪن. ريشمي ڪپڙن پائڻ کان پرهيز ڪن. چيلهه سان ڪاٺ جي ترار ٻڌي نڪرن. ٻاهر نڪرڻ وقت ڪتو پاڻ سان کڻن. مندرن جي لنگر خانن کي ڪاٺيون پهچائين. مٿي تي پٽڪي رکڻ بدران رومال ٻڌن. حڪومت جي حفاظت ڪرڻ لاءِ جاسوسي ڪن.
چچ جي 682 ۾ وفات بعد هن جو ڀاءُ چندر تخت تي ويٺو جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن 8 سال حڪومت ڪئي. جنهن بعد چچ جو وڏو پٽ ڏاهر سنڌ جو راجا ٿيو، جنهن جي ڏينهن ۾ عرب محمد بن قاسم سنڌ تي حملو ڪري سنڌ فتح ڪئي. ان کان اڳ به عربن هن پاسي حملا ڪيا. خاص ڪري 644 ۾ جڏهن عربن ايران فتح ڪيو ته هنن جا سپاهي مڪران تائين پهچي ويا ۽ مڪران ۽ بلوچستان جو اوڀر وارو حصو عربن حوالي ٿي ويو، پر انهن ڏينهن جي خليفي حضرت عمر رضه (644 ـــ 634) کين سنڌو ندي کان اڳتي وڌڻ کان روڪيو. پوءِ حضرت عثمان رضه (656 ـــ 644) جي ڏينهن ۾ عربن راءِ خاندان جي حڪومت جو اتراهون شهر قترابيل فتح ڪيو جيڪو 662 ۾ سنڌين وري حاصل ڪري ورتو. راجا ڏاهر جي ڏينهن ۾ دمشق تي بنو اميه گهراڻي جو خليفو وليد بن عبدالمالڪ هو. سندس پاران حجاج بن يوسف ثقفي بصري جو حاڪم هو جنهن جي حڪم سان محمد بن قاسم سنڌ تي حملو ڪيو. ان وقت محمد بن قاسم جي عمر 17 سال ٻڌائين ٿا. سکر (سنڌ ۽ پنجاب جي ڏاکڻي حصي سميت) اميه خلافت جي ڪنٽرول ۾ اچي ويو.
** اروڙ راءِ گهراڻي (494ع کان 622ع) ۽ برهمڻ گهراڻي (622 کان 712ع) جي دور ۾ سنڌ سلطنت جو تختگاهه ھيو. ھي شھر سنڌ جو قديم تخت گاهه/ قلعو /بندر روھڙي ضلعي سکر کان پنج ميل پري ڏکڻ اوڀر ۾ ٽڪريءَ تي ٺهيل ھو. ھي ماڳ اتر ’27◦40 ۽ اوڀر‘68◦ 50 ڊگرين ڦاڪ تي آهي. ھن ماڳ جو دور پراچين تاريخ کان چوٿين صدي ھجريءَ تائين آهي. ٻڌ ڌرم وارن جو ھتي گهڻو زور ھو. هتي ئي ان کان اڳ واري نئين پٿر جي دور جا آثار به ملن ٿا. ويدن واري زماني ۾ به ھي شھر چڱو آباد ھو.
** اروڙ تي چندر ونسي راجائن حڪومت ڪئي. جن کي راءِ گھراڻو سڏيو وڃي ٿو. چندر ونسي گھراڻي 1100 قبل مسيح ۾ به ھن شھر تي حڪومت ڪئي. سڪندر جي ڪاهه وقت ھتي جو راجا موسيڪانوس ھو. راءِ ساھسي جي وقت ۾ نيمروز ايرانيءَ ڪاھيو. ھي ھڪ وڏو بندرگاهه ھو، جنھن کي مضبوط حصار ڏنل ھو. عربن جي وقت به ھي شھر اوج تي ھو. عربن جي وقت ۾ توڙي جو ھي شھر تختگاهه نه رھيو، پر وڏو بندرگاهه ضرور ھو. ھي سنڌوءَ جي ھاڪڙي ڪپ تي ٻڌل ھو. چوٿين صدي عيسويءَ ۾ ھاڪڙي جي رخ مٽائڻ ڪري ھي بندر ڦٽڻ لڳو. ھاڻي ھي بندر، تختگاهه، قلعو، ھڪ ننڍي ڳوٺ جي صورت ۾ موجود آھي. اروڙ ماضيءَ جو بهشت برين ھو، جنھن جي ساراهه ابن خردازبه، مسعوديءَ، ابن حوقل ۽ ٻين تاريخ نويسن به ڪئي آھي.
** اروڙ سنڌ جي هن قديم تختگاهه کي سنڌي ڳوٺاڻن, ڪن روايتن ۽ تاريخن اروڙ سڏيو آهي، جو ستين صدي عيسويءَ ۾ برهمڻن جي راڄڌاني هو. هيءَ ڳالھ تحقيق طلب آهي ته اروڙ جو پايو ڪڏهن پيو؟ پر جئن ته مسلمانن جي آمد (96ھ: 811ع) بعد به هي شهر هڪ- ٻن صدين لاءِ آباد رهيو، سو هي اندازو ڪري سگهجي ٿو ته اهو شهر ڇهن صدين جي عرصي لاءِ هن فاني دنيا جي پردهءِ سمين تي وجود ۾ رهيو، ۽ سندس بناءَ هڪ سؤ ۽ ٻن سؤ عيسوي سنن جي وچ ۾ ٿي هوندي. تختگاهه اروڙ بابت چچنامه جو بيان هن طرح آهي ته: ”هن شهر ۾ هر ڪنهن قسم جون شاهاڻيون محلاتون، ٿنڀا، باغ، چشما،نهرون، پارڪ ۽ وڻ هئا، ۽ مهراڻ جي ڪناري تي واقع هو. تاريخ معصومي مطابق:اروڙ مهراڻ نديءَ جي ڪناري تي هڪ نهايت وڏو شهر هو، جنهن ۾ بلند عمارتون، مضبوط محلاتون، ميويدار وڻن سان ڀريل باغ ۽ تمدن ۽ شهرت جو اهو سڀ سامان موجود هو، جنهن جي مقيم، خواه مسافر کي خواهش ٿي سگهي ٿي.(12)
** هيءُ قديم شهر هندو راجائن جي ڏينهن ۾ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو ۽ منجهس وڏو ڪوٽ هو. راجا ڏاهر انهيءَ ۾ رهندو هو ۽ محمد قاسم به انهي کي گهيرو ڪري ورتو. پوءِ اتي ابو عاف بن قيس اسديءَ کي حاڪم مقرر ڪيائين ۽ پاڻ ملتان ويو ۽ اتان پوءِ قنوج ڏي ٿي ويو، پر حڪم ملڻ تي بغداد ڏي موٽيو. بني اُميه خليفن جي وقت ۾ هندو راجا دلو راءِ اروڙ جو حاڪم هو، ۽ اروڙ کي دلوُر به سڏيندا هئا. اُهو ڏاڍو ظالم هو ۽ انهيءَ جي ڏينهن ۾ شهر غرق ٿيو ۽ ناس ٿيو. ڄام فتح خان سمي جي ڏينهن ۾ جڏهن مرزا پير محمد بکر جي ماڻهن کي سزا ڏيڻ لاءِ آيو، تڏهن اتي جي سيد ابوالغيث جي منت آزيءَ تي ماڻهن کي معافي ڏنائين ۽ اروڙ جو پرڳڻو(صوبو) سيد کي جاگير ڪري ڏنائين. جڏهن مرزا شاهه بيگ سکر ورتو ۽ اتي جو قلعو جوڙائڻ لڳو، تڏهن اروڙ جي ڪوٽ جون سرون کڻائي انهيءَ ڪم ۾ آندائين. وري سنه 930هه (سنه 1523ع) ۾ سلطان محمود خان مبارڪ خان کي اروڙ جو حاڪم مقرر ڪيو، جو اڳي ماٿيلي جو حاڪم هو.(13)
** عربن جي سنڌ تي ڪاهه وقت اروڙ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ھو، محمد بن قاسم اروڙ قلعي جو گهيرو ڪيو، ۽ شھر جي معززين سان علافي جي معرفت ڳالھيون ڪيون، ان وقت اروڙ جي ھڪ مندر ۾ هڪڙي سوار جو بت (مجسمو) رکيل هئو، جيڪو سڄو جواهرن سان جڙيل هو، شهر جي ٻاهران محمد بن قاسم لشڪر سميت گهيرو ڪيو ته شهر واسين سندس آڻ مڃڻ لاء جيڪي شرط رکيا انهن ۾ هن بت جي سلامتيجو به شرط رکيو ويو هو جيڪو محمد بن قاسم مڃيو ۽ ان کان پوءِ قلعي جا دروازا کوليا ويا.(14)
** عرب جاگرافي نويس اروڙ کي ”الرور“ ڏيکاريو آهي، جنھن ۾ ”ال“ عربي علت آهي ته باقي ”رور“ وڃي بچندو. اروڙ پوءِ ”روهڙيءَ“ جي نالي سان سڏيو ويو. عربن ھن شھر کي ”لوهري“ به ڄاڻايو آهي. قديم هندستان ڪتابن ۾ ھن شهر کي اروڙ پورا، روڙ نگرا سڏيو ويو آھي. يوناني جاگرافي دانن جي دستاويزن ۾ ھن شهر کي ”موسيڪانوس“ به لکيو آهي.
** عرب جغرافيدانن اروڙ کي ”الرور“ ڏيکاريو آهي. جيڪڏهن ال عربي علت آهي ته باقي رور وڃي بچندو. هن مان اندازو لڳايو ويو آهي ته اروڙ جي باشندن رڙهي اچي نئون ”رور“ آباد ڪيو، جنهن کي ”الرور“ نالو ڏنو ويو، ۽ بعد ۾ روهڙيءَ جي نالي سان معروف ٿيو. عربن هن کي لوهري به ڄاڻايو آهي. نديءَ جي وهڪري مَٽائڻ بعد به پراڻي پيٽ ۾ پاڻي رهيو، ان ڪري اروڙ جي اردگرد بستيون آباد رهيون. هڪ سجد جا آثار آهن، جا غازي محمد بن قاسم ڏانهن منسوب ڪئي وڃي ٿي. هندستان جي قديم آثار وارن ۽ ڊاڪٽر سورلي هن مسجد کي اورنگزيب عالمگير جي نالي منسوب ڪيو آهي، پر هي صحيح نه آهي. اتي ٻن بزرگن جون مزارون به آهن. هڪ شاھه شڪر گنج، لعل شهباز قلندر جي معاصر جي، ۽ ٻي حضرت مخدوم جھانيان جي مريد، شيخ مخدوم قطب جي. هن شيخ صاحب جي ويجهو بي ننڍي مسجد ٺهيل آهي، جا شايد اورنگزيب عالمگير جي جوڙايل هجي. ان کان سواءِ هندن جي ڪالنڪا ديويءَ جو وڏو مندر به آهي.
** ڊاڪٽر سورلي پنهنجي شهره آفاق گزيٽيئر ۾ ٿامس پيننٽ جي قديم هندستان جي نقشي 1798ع ڏانهن اشارو ڪيو آهي، جنهن ۾ سنڌو نديءَ کي هماليه جبل مان نڪري، ستلج جي اُڀرندي کان وهي، هيٺ عمر ڪوٽ کي عبور ڪري، ڪَڇ جي نار ۾ ڇوڙ ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. اتي هن کي گهاگهر ندي سڏيو ويو وڃي ٿو، جا ڊاڪٽر جي راءِ مطابق هاڪڙا لفظ جي بگڙيل صورت آهي. اروڙ واريءَ پراڻي نديءَ کي هاڪڙا جي نالي سان سڏجي ٿو. ڪافي وقت گذرڻ بعد هيءَ ندي هڪ نارو ٿي وهي، ۽ سنڌو نديءَ جي اٿل جو پاڻي ان ذريعي پراڻي ڍوري ۾ پوندو هو ۽ ڪورِي ڇوڙ ۾ وڃي ڇوڙ ڪندو هو. اروڙ جا کنڊرات روهڙيءَ کان پنج ميل پَري ڏکڻ اوڀر طرف، اڀرندي ناري، ناروا واهه يا هاڪڙو درياھ جي پيٽ مٿان آھن.
** اروڙ جا قديم آثار- عربن جي فتح وقت اروڙ راجا ڏاهر جي مهاراڄڌاني هو. عربن پنهنجي گادي منصوره ۾ شروع ڪئي، ته به اروڙ هندن جي حڪومتگاهه جي صورت ۾ ٻن صدين کان وڌيڪ رهيو ۽ پوءِ ناپيد ٿيو. هن جي ناس ٿيڻ جي حڪايت برهمڻ آباد جي راجا دلوراءِ جي ڏاڍ سان لاڳياپيل آهي. پر ان ۾ ايتري حقيقت نه آهي، ڇو ته اٺين صدي عيسويءَ جي وچ ڌاريءَ جڏهن سنڌو نديءَ پنهنجو وهڪرو ڦيرايو ته هي شهر اجڙي ويو. نديءَ جي وهڪري ۾ ڦيرو 341ھه : 962ع ڌاري آيو، جڏهن سنڌ ۾ هڪ وڏو زلزلو آيو ۽ ڌرتي ڌُٻي هئي.
** تحفته الڪرام مطابق، هندو راجائن اروڙ ۾ 130 سال حڪومت ڪئي. ان وقت تائين، جڏهن چچ، برهمڻ ۽ اروڙ جو رهواسي، جو راءِ سهاسي ٻئي وٽ نوڪريءَ ۾ گھڙيو، ۽ هُشياري سبب سندس وزير بنيو، ۽ راجا جي مهاراڻيءَ، سُهاندي (سونهن ديوي) جي زلفن جي پيچ ۾ ڦاٿو ۽ راجا کي قتل ڪرايو، بعد ۾ پاڻ زوريءَ اروڙ جو حاڪم بنيو. ”تحفته الڪرام“ مطابق، هي 1ھہ : 622ع جو سمو هو. چچ نامو ۾ سنڌ جي قديم تاريخ جو احوال ان وقت کان وٺي هندو حڪومت جي زوال تائين آهي.
** جنت السنڌ مطابق- الور سنڌ جي قديم تختگاه، روهڙيءَ کان ستن ميلن جي مفاصلي تي، مهراڻ جي هڪڙيءَ شاخ جي اولهندي ڪپ تي، هڪ وسيع شهر هو، جو قدامت جي لحاظ کان آرياورت جي قديم شهرن هستناپور، اندر پرسا (دهلي) ۽ پتاليپترا (پاٽنا) جو ثاني هو. يوناني جاگرافي دانن مٿس ’موسيڪانوس‘ نالو رکيو هو. سندس ڀروارين ٽڪرين ۾ سون ۽ چانديءَ جون کاڻيون هيون. هوئن ٽسانگ شهر کي ’پيشان پوپولو‘ ۽ جنرل اليگزينڊر ڪننگهام ’رور پورا‘ (رورانگر) جي نالن سان لکن ٿا.(15) هن شهر کي چؤطرف مضبوط عالم پناه ڏنل هئي ۽ باغات ۽ محلاتن ڪري مشهور هو. شهر جي وچ ۾ ٻڌ جو مشهور مندر هو. عرب سياح ۽ جاگرافي دان پنهنجي پنهنجي لهجي ۾ هن شهر جا جدا جدا نالا لکن ٿا؛ مثلا: مسعودي، جنهن هن شهر کي 942ع ۾ مهراڻ جي اوڀرندي واريءَ شاخ تي ڏٺو هو، سو ’الرور‘ لکي ٿو. ابن خردازبه سنه 250هه ڌاري ’رور‘ سڏيس ٿو؛ ابن حوقل واري نقشي ۾ سندس نالو ’الرور‘ ڏنل آهي، سيوطي پنهنجي ڪتاب ’مراصدالاطلاع‘ ۾ هن کي اهو ساڳيو نالو ڏنو آهي. شريف ادريسي، مشهور جاگرافي دان، سنه 560هه (1165ع) ۾ الور کي ’رور‘ لکي ٿو. هن شهر جو هندي نالو ’اروڙ‘ آهي. ڇاڪاڻ جو هتي جا راجائون اروڙ ونسي خاندان مان هئا. مهراڻ جي شاخ جي مٽجڻ کان پوءِ، هي شهر، جو ڪنهن وقت واپار ڪري ديسان ديس مشهور هو، ان جو زوال شروع ٿي ويو، اڄ سندس کنڊر ھن شھر جي عظمت جي شاهدي ڏين ٿا.
** نديءَ جي پيٽ ۾، اروڙ جي ڀر ۾، ٻه پٿر ڏسجن ٿا، جي شايد مهراڻ جي قديم وهڪري جا نشان ڏيکارين ٿا. جيتوڻيڪ اروڙ صدين تائين هندو راجائن جي گاديءَ جو هنڌ رهيو، پر اُتي هندو صنعت ۽ ڪاريگريءَ جا اهڃاڻ بلڪل ڪين ٿا ملن.
** عربن سنڌ تي محمد بن قاسم اڳواڻي ۾ حملو ڪري اروڙ تي 711ع قبضو ڪيو، ۽ ان کان پوءِ اُتي ابو عاف بن قيس اسدي کي حاڪم مقرر ڪيائين. ڄام فتح خان سمي جي ڏينهن ۾، مرزا پير محمد بکر جي ماڻهن کي سزا ڏيڻ لاءِ آيو، تڏهن اتي جي هڪ سيد ابوالغيث جي منٿ آزيءَ تي ماڻهن کي معافي ڏنائين ۽ اروڙ جو پرڳڻو سيد صاحب کي جاگير طور ڏنائين. جڏهن مرزا شاھه بيگ سکر تي قبضو ڪيو اتي بکر جي قلعي کي اونچو ۽ مضبوط ڪرڻ لاءِ اروڙ جي ڪوٽ جون سرون کڻائي انهيءَ ڪم ۾ آندائين. وري سن 930ھه: 1523ع ۾ سلطان محمود بکري مبارڪ خان کي اروڙ جو حاڪم مقرر ڪيو، جو اڳ ماٿيلي جو حاڪم هو.
** اروڙ جي باري ۾ سفرياتي رپورٽون.
مسٽر اين. جي. مجمدر، سال 1929 - 1930ع جي قديم آثارن جي رپورٽ (Explorations in Sindh) ۾ لکيو آهي: ”اروڙ جي اتر- اوڀر پاسي، ڏاکِڻيو روڊ تي، ننڍڙن دڙن جو جھڳٽو آهي، جنهن کي ”ڳڙهي گور“ سڏين ٿا. انهن جي اوچائي اٺن فوٽن کان مٿي نہ آهي. جڏهن هڪ دڙي کي کوٽيو ويو ته ان مان ستينءَ يا اٺينءَ صديءَ جي سمي جون ڪيئين منقش سرون نظر آيون، جن هن حقيقت جي ترجماني ڪئي ته عربن کان اڳ اروڙ ۾ هندو حڪومت رائج هئي. روهڙيءَ جي ڏکڻ ۾، ساڍن ٽن ميلن جي مفاصلي تي هاڪڙي جو ڳوٺ آهي، جنهن جي ۽ اروڙ جي وچ ۾ ناري کي پيارڻ لاءِ کاري آهي.
** 1855ع ۾، ڪيپٽن ڪربي هن ناري کي کوٽيندي لکيو آهي ”وڏي ناري کي کوٽيندي اسان کي سرن جي ڪم جو وڏو مقدار نظر آيو ۽ ڏهن فوٽن جي سطح هيٺان گهڻن گهرن جي بنياد جا آثار نظر آيا. انهن ڦٽل آثارن مان ٺڪر جي نموني نموني جو سامان نظر آيو، جنهن ۾ پاڻي پيئڻ جا پيالا، کجيون، پاڻي لاءِ پاٽيون ۽ ٻارن جا رانديڪا هئا. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي جو اڃا به ڪنهن ويجھيءَ ڇڪ ۾ اهڙي کوٽائي ٿئي جا ڪنهن قديم اوائلي تواريخي بيٺڪ جو نمونو پيش ڪري.
** ڊاڪٽر سورلي به 1956ع ۾ اروڙ ويو ڊاڪٽر سورلي اروڙ ۾ ور وڪڙ ڏنگا دڙا ڏٺا، جن ۾ برتنن جا بيشمار ذرا ۽ ڪي ٽامي جا سڪا مليا. پاڪستان جي قديم آثارن واري کاتي اروڙ جي باري ۾ پنهنجي 1964ع جي شماري ۾ هيئن لکيو آهي. ”قديم منارو ۽ اروڙ جا آثار روهڙي شهر جي ڏکڻ - اوڀر، چئن ميلن تي، سنڌو نديءَ جي اڀرندي ڪناري پسجن ٿا. اهي ديبل، نيرون، منصوره، محفوظه وغيره وانگر اسلامي سرزمين جو منظر ڏيکارين ٿا، جو عربن اٺين صدي عيسويءَ ۾ قائم ڪيو. سرزمين کي خزاني جي مهوسين ۽ مٽيءَ جي کوٽيندڙن ڏاڍو ولوڙي ڇڏيو آهي، ۽ هر هنڌ کڏون آهن، جن مان سڙيل سرون پسجڻ ۾ پيون اچن. اهو بنياد، جنهن تي مسلمانن پنهنجو شهر ٺاهيو، سو ڪچين سرن جو ٺهيل آهي ۽ ان جو گارو ٺڪرن جي ذرن ۽ ٻين شين جو ٺهيل آهي. جو اسلامي دور جو مواد هٿ ڪيو يو آهي سو ڀنڀور جي اوائلي اسلامي سطح سان برابري ڪري ٿو.
** اروڙ وٽان سنڌو درياهه تي بند چوٿين صدي هجريءَ ۾ سنڌو درياهه، هاڪڙي وٽان وهندو هئو. جڏھن اروڙ وٽان مٿس ٻنڌ ٻڌائون ته رخ مٽائي ويو. هاڪڙي واري پاسي بدران، ٺٽي واري پاسي ڏانھن وهڻ لڳو. درياھ جي رخ مٽائڻ سبب درياھ جي پاڻيءَ تي ٿيندڙ سموريون رونقون اوڏانھن ڦري ويون. خاص طور تي بھ، مڇي ۽ لوڙھ وغيره ٺٽي طرف ٿيڻ لڳا. اڳي اھي اروڙ وارن وٽان کين تحفي طور ملندا ھيا، جنھنڪري موٽ ۾ پاڻ به اروڙ وارن جي مزماني ڪندا ھيا. ان ڪري ماموئين هن بيت اندر پيشن گوئيءَ طور چيو آهي ته، شال اروڙ جو بند ٽٽندو ۽ درياءُ وري هاڪڙي واري پاسي ڏانھن سير ڪري وهندو. پوءِ ٺٽي واري پاسي، جتي سمن جي حڪومت آهي، پاڻي نه وڃڻ سبب بھه، مڇي ۽ لوڙهه نه ٿيندا، جيڪي حاصل ڪرڻ لاءِ، کين وري هاڪڙي وارن ڏانھن، واجھائڻو پوندو ۽ لاڳاپا وڌائڻا پوندا.(16)
** اڄ تائين راءِ گھراڻي جا پونئير پاڻ کي اروڙ ونسي سڏائيندڙ موجود آھن، جن بابت ڪتاب ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“ ۾ لکيل آهي ته عربن جي ڪاھ وقت اتي اروڙ ونسين ۾ ڀاڄ پئي، ڪجھ وقت کان پوءِ ٿورا موٽي اچي آباد ٿيا، سندن ونش وارا وري زلزلي سبب شھر جي اجڙڻ ڪري اتان لڏي ويا، جن مان گهڻا اڄ تائين بهاولپور ۽ ان جي پريان سنڌو نديءَ جي ٻنهي ڪنارن تي ۽ پنجاب جي پنجن ئي ندين جي ٻنهي ڪنارن تي پنهنجا ماڳ جوڙي ويٺا آهن. انهيءَ مان ائين سمجهجي ٿو ته الور ۾ جڏهن لڏ پلاڻ ٿي تڏهن اتان جا ڪيترائي رهاڪو، ٻيڙين ۾ چڙهي نڪتا، پوءِ جن کي جتي بهتر لڳو اتي آباد ٿيا، هن وقت تائين اهي وڌي ويجهي اٽڪل پندرهن لک ٿيا آهن. منجهائن گهڻا گروءَ جا سک، ۽ ٿورا آريا سماجي، برهمو سماجي ۽ ديو سماجي آهن، پر سڀ اڄ تائين پاڻ کي ”اروڙونسي“ يعني اروڙ جي رهاڪن جو اولاد سڏائين ٿا. ڪي راجپوتانا ويا، ڪي سنڌ ڏي موٽيا ۽ شڪارپور کان قلات طرف ويا. وڌيڪ حقيقتون ۽ تفصيل اردو ٻوليءَ ۾ لکيل ڪتاب ”تواريخ اروڙ ونسي“ ۾ موجود آهن، جنهن موجب شربيت لالا رامچند وڪيل، لاهور ۽ مهتا ٽيڪچند بجاج وڪيل، چيف ڪورٽ ملتان جي اهي ٻئي صاحب پاڻ به اروڙ ونسي آهن.
** اوائلي آريا دور کان اروڙ شهر جي آسودگي جي شاندار تاريخ ملي ٿي، ۽ محمد بن قاسم جي سنڌ تي ڪاهه وقت به اروڙ سنڌ جي گادي جو هنڌ هئو، جنهن مان عربن کي وڏو خزانو مليو. عربن به پنهنجي دور ۾ ڪافي سال هن شھر کي گادي جو هنڌ رکيو ۽ پوءِ برھمڻ آباد ڀرسان منصوره شهر آباد ڪري، ان کي گاديءَ جو هنڌ بڻايائون، راءِ گهراڻي جي راجائن ۽ برهمڻن گهراڻي جي حڪومتن دوران هي شاندار شھر پنهنجي عروج ۾ هئو افسوس جو هيڏي وڏي شاندار ۽ پراڻي تاريخ رکندڙ شهر هن وقت نه صرف سرزمين تان مٽجي ويو آهي، ليڪن ان جي مضبوط ٻٽي قلعي جا ڪي آثار به نه ٿا ملن، ۽ نه وري هن جي قلعي جي پکيڙ بابت ڪا ڄاڻ ملي ٿي. تاريخدانن ۽ محققن هن شھر جي عروج ۽ زوال جي تاريخ کي اڳتي وڌائيندا رهيا آهن، ليڪن هن قلعي جي بيهڪ ڪيئن هئي، ڪيتري اراضي تي ٺھيل ھو، ھن قلعي جا ڪيترا دروازا هئا ۽ ڪيترا مورچا هئا، سندن اڏاوت ڪيئن ھئي ۽ اونچائي ڪيتري هئي، ان جي ڪا خبر پئجي نه ٿي سگهي. مون کي خاص افسوس آھي ته آرڪيالاجي جي ماھر محترم اشتياق انصاري صاحب کي سنڌ جي ڪوٽ ۽ قلعن جي تحقيق ۽ سروي لاءِ سرڪاري طور تي پراجيڪٽ مليو ھو، جنھن ٻين سڀني ڪوٽن ۽ قلعن جا تفصيل پنھنجي ڪتابن ۾ لکيا آھن، پر اروڙ بابت پراڻن تاريخي ڪتابن جي لکيل مواد کي ئي ورجايو ويو آھي. اشتياق صاحب ھن قلعي بابت پنھنجي تحقيق موجب ڪا به سروري نه لکي آھي. جنھن ڪري قلعي جي ايراضي مورچن جو تعداد ۽ بناوٽ وغيره بابت ڪا به ڄاڻ نه ٿي ملي.
حڪومت کي اپيل ٿي ڪجي ته هن شهر اروڙ ۽ ان جي قلعي بابت جديد تحقيق ڪرائي وڃي ۽ سنڌ جي هن تاريخي ماڳ تي ڪو ميوزم قائم ڪري هن جا انگ اکر گڏ ڪري اتي رکيا وڃن، ته جيئن تاريخ سان دلچسپي رکندڙ ملڪي ۽ غير ملڪي ماڻهن کي ھن تاريخي شھر ۽ قلعي بابت پوري ڄاڻ ملي سگهي.
---------
روزاني يڪتا 29 نومبر 2019ع
حوالا۔
(1)- ”جنت السنڌ“ صفحو 76، رحيمداد خان مولائي شيدائي.
(2)- ”جنت السنڌ“ صفحو 78، رحيمداد خان مولائي شيدائي.
(3)- ”سنڌ عرب دور“ صفحو 746، ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ.
(4)- ”جنت السنڌ“ صفحو 77، رحيمداد خان مولائي شيدائي.
(5)- ”مھاڀارت“ انگريزي ترجمو (پي. سي. راءِ) جلد 02، صفحو 562.
(6)- ”دي اٺنلس ائنڊ ائنٽيڪئيٽز آف راجستان“ (جي. ٽاڊ) جلد پهريون، صفحو 61.
(7)- ”جنت السنڌ“، مولائي شيدائي صفحو 71.
(8)- ”دي ائنلس ائنڊ ائنٽيڪئيٽز آف راجستان“ (جي. ٽاڊ) جلد 01، صفحو 61.
(9)- ”ايشيئٽڪ ريسرچ“ (سر ڊبليو. جونس) جلد 02، صفحو 128.
(10)- ”تاريخ تمدن سنڌ“، رحيمداد طان مولائي شيدائي، صفحو 73.
(11)- ”پراچين سنڌو سڀيتا جو نظارو“ دوار ڪا داس رو جيرام، صفحو 101.
(12)- ”تاريخ مَعصُومي“، مير محمد معصوم بکري، ايڊيشن ٽيون 2006ع، ڇپائيندڙ، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي.
(13)- ”قديم سنڌ- ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو“ مرزا قليچ بيگ، ايڊيشن: چوٿون 1999ع، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.
(14)- ”جنت السنڌ“، صفحو 74، رحيمداد خان مولائي شيدائي.
(15)- ”جنت السنڌ“ باب ٻيون، رحيمداد خان مولائي شيدائي.
(16)- ”ماڳن مڪانن جي نالن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون“ انجنيئر عبدالوھاب سھتو.