آدم شاهه ڪلهوڙو
آدم شاھ ڪلھوڙو جي تاريخ
سنڌ ۾ سمان دور جي ختم ٿيڻ ارغونن ۽ ترخانن جي سنڌ تي قبضي ۽ ظلم خلاف سنڌ جي مختلف قبيلن جي مختلف هنڌن تي مزاحمت ھلندڙ ھئي ته مٿان اچي مغلن قبضو ڄمايو، ان دوران ڪلهوڙن جو خاندان جيڪي زميندار هئا، اهي به سنڌ جي ٻين پاڻ جھڙن، مُکيه قبيلن وانگر سنڌ ۾ ڌارين خلاف، پنھنجي مُنھن وڙھندا رھندا ھئا. سندن وڏو ميان چنو پڳدار ھو. ھن سيوھڻ کان ڇھ ڪوھه پري جهانگارا ۽ باجارا جا شھر ٻَڌايا. ھو ھڪ وڏو ڀاڳيو ۽ سجاڳ زميندار ھو ۽ وڄام چنو، ستن مُک قبيلن ڪوريجن، سھتن، چنن، سمن، مھرن، ٻلالن ۽ ڏھرن جو پڳدار ھو. ۽ وڏي ساک وارو، سخي، پھلوان مڙس ھو. ھن 1220ع ۾ لاڏاڻو ڪيو. (1)
ميان چنو جي قبيلي مان ميان آدم شاھ ڪلھوڙو پيدا ٿيو، ھن جا ڪيترائي مريد ٿيا ھئا، ھو الله وارو ۽ درويش صفت انسان ھو. تحفة الڪرام موجب سن 1592ع ۾ مغل ڪمانڊر عبدالرحيم خانخانان سنڌ جي فتح وقت ميان آدم شاھه وٽ دعا لاءِ آيو ھو، جنهن کان ميان صاحب جي خاص مريد کٻڙ ابڙي مريدن فقيرن جي لنگر لاء مدد جي گهر ڪئي ته خانخانان هن بزرگ جي لنگر خاني لاءِ چانڊڪي جو پرڳڻو کيس جاگير طور ڏنو ھئو، هن جاگير جون حدون مدئجي کان سيوڻ تائين هيون، جنهن ۾ لاڙڪاڻو، قنبر ۽ نصير آباد شامل هئا، ابڙن هن ۾ واھ کوٽائي فصل ۽ باغ آباد ڪيا، جنهن ڪري هن جاگير جي سالياني آمدني ٻارهن لک هئي.(2)
ھڪ راءِ آهي ته جاگير ملڻ سان سندس ميانوال تحريڪ زور ورتو ۽ مريدن ۾ به اضافو ٿيندو ويو، سندس مريد ٻين زميندارن کي آزارڻ لڳا، جن جون دانھون مغلن کي ملڻ لڳيون ۽ ٻيو سبب آدم شاھ جو مھدوي هجڻ ۽ ان فرقي جي پرچار ڪرڻ به هئو، جنهن ڪري آدم شاھه سان تصادم جو خطرو ٿيو بکر جي نواب ان معاملي کي ملتان جي گورنر تائين پھچايو ۽ ملتان جي گورنر نواب ميان صاحب کي پاڻ وٽ گهرايو ته ميان صاحب سان پنج سو کن مريد ڳڏ ملتان ويا، جتي کيس ڪافي وقت قيد ۾ رکيو ويو ۽ پوءِ 1598ع ۾ کيس شھيد ڪرايو ويو.
محمد ابراھيم جويو صاحب لکي ٿو ته: ”ڪلھوڙا سنڌ جي اصل رھاڪن جو ھڪ مُک قبيلو ھئا، جيڪي سنڌ جي ٻين پاڻ جھڙن، مُک قبيلن وانگر سدائين سنڌ جي ڌارين خلاف، پنھنجي مُنھن وڙھندا رھندا ھئا. سنڌن وڏو ڄام چنو، ستن مُک قبيلن ڪوريجن، سھتن، چنن، سمن، مھرن، ٻلالن ۽ ڏھرن جو پڳدار ھو. ھن سيوھڻ کان ڇھ ڪوھه پري جھانگارا باجارا جا شھر ٻَڌايا. ھو ھڪ وڏو ڀاڳيو ۽ سجاڳ زميندار ھو ۽ وڏي ساک وارو، سخي، پھلوان مڙس ھو. ھن 1220ع ۾ وفات ڪئي. ھن قبيلي مان ميان آدم شاھه ڪلھوڙو پيدا ٿيو، جنھن جا ڪافي مريد ھئا. ھو الله وارو ۽ درويش صفت انسان ھو. سندس ڏينھن ۾ خان خانان سنڌ تي ڪاھه ڪئي. ھن ترخانن ۽ مغلن جي تصادم جو فائدو وٺي، پنھنجي مريدن کي منظم ڪري، ڌارين فاتحن جي خلاف بغاوت جو جھنڊو بلند ڪيو. ان ڪري ملتان جي گورنر کيس شھيد ڪرائي ڇڏيو.“(3)
مقبرو
ميان آدم شاھ ڪلھوڙي پنهنجي مريدن کي وصيت ڪئي هئي ته کيس سکر جي ان ٽڪري تي دفن ڪيو وڃي، (ميان صاحب ملتان وڃڻ اڳ هن ٽڪري تي ترسيو هو) انڪري سندس وصيت موجب ملتان مان سندس مڙھ کڻي اچي هن ٽڪري تي دفن ڪيو ويو.
آدم شاھ جي ٽڪري سکر وارين ٽڪرين مان ھڪ مشھور ٽڪري آھي، ھيءَ ٽڪري سکر شھر جي اتر الھندي پاسي آھي ۽ ان تي ميان آدم شاھ ڪلھوڙي جي مزار جي ڪري آدم شاھ جي ٽڪريءَ جي نالي سان مشھور آھي.
ابراھيم جويو صاحب لکي ٿو ته: ”آدم شاهه کان پوءِ ھن جي پوٽي ميان الياس گادي سنڀالي. ميان الياس کان پوءِ شاھل محمد پنھنجي مريدن کي گڏ ڪري مغلن خلاف بغاوت جو جھنڊو بلند ڪيو، جنھن ڪري کيس شھيد ڪيو ويو. کانئس پوءِ ميان نصير محمد 1657ع ۾ شاھجھان جي ڏينھن ۾، گاديءَ کي زور وٺرايو، جنھن جي وفات کان پوءِ سندس پُٽ دين محمد گاديءَ تي ويٺو جنھن مغلن خلاف بغاوت کي زور وٺرايو، ان ڪري کيس قتل ڪيو ويو. ميان دين محمد کان پوءِ سندس ننڍي ڀاءُ ميان يار محمد پنھنجي اھل عيال ۽ ٻين پنھنجن ماڻھن سميت جابلو علائقن ۾ پناھه ورتي ۽ اتان مغل شھزادي معزالدين سان جنگ جاري رکي ۽ ان کي شڪست ڏني. ان کان پوءِ ھو جبلن تان ھيٺ لھي آيو ۽ نئينگ کان ٿيندي، منڇر ڍنڍ جي ڪناري وارا شھر سامتائي ۽ ڳاھن جي ايراضي، فتح پور، شڪارپور، گچيرو، کاري، ڪنڊيارو ۽ لاڙڪاڻو آزاد ڪرائي پنھنجي قبضي ۾ ڪيا. 1701ع ۾ مغلن پنھنجي اختيار جي سج جو زوال ڏسندي سبي، بکر ۽ سيوھڻ جي علائقن جا اختيار سندن حوالي ڪري خدايار خان جي لقب سان گڏ خلعت، سوني جڙت واري ڪَلنگي، ترار، گھوڙو ۽ ھاٿي به ھن جي پذيرائيءَ طور کيس ڏنا.“(4)
آدم شاھ جي مزار مٿان مقبرو ۽ ڀرسان مسجد ميان غلام شاهه ڪلھوڙي جو ٺھرايل آھي ۽ تعمير جو ڪم 1774ع ۾ مڪمل ٿيو مقبرو چوڪنڊو آھي.(5) ٻاھران سندس ماپ 29.8 x 29.8 فوٽ آھي، ۽ اوچائي 42.6 فوٽ آھي. مقبرو ڏکڻ منهن آھي. دروازي جي ماپ 8.5 فوٽ آھي.
انگريزن طرفان هتي دفائي مورچو قائم ڪيو ويو هئو، جنهن ڪري 1890ء کان 1914ع تائين ھن زيارتگاهه تي بندش پيل ھئي. ھن مقبري جي وقت به وقت مرمت ٿيندي اچي ٿي.
هن تاريخي مقبري تي اچڻ واري رستي تان قبضا ختم ڪرائي رستو صاف ڪيو وڃي ته هي زيارت گاھ سان ڳڏ هڪ سٺي تفريح گاھ به ٿي سگهي ٿي.
حوالا
(1)- پروفيسر غلام محمد لاکو.
(2)- ”تاريخ سکر“، رحيمداد خان مولائي شيدائي، صفحو91
(3)- ”شاھه سچل سامي“، محمد ابراھيم جويو، صفحو55
(4)- ”ساڳيو“
(5)- ”تاريخ سکر“، رحيمداد خان مولائي شيدائي، صفحو 92