ماڳ مڪان / شھر / ڳوٺ

سکر تاريخ جو گلدستو

هن ڪتاب ۾ سکر جا اهم تاريخي ماڳ: ”اروڙ“، ”ڪالڪا مندر“، ”مومل جي ماڙي“، ”بکر جو قلعو“، ”سَتِين جو آستان“، ”معصوم شاھ جو منارو“، ” آدم شاھ ڪلھوڙو“، ”ساڌ ٻيلو“ شامل آهن. ان کان علاوه سنڌو درياھ، سنڌوءَ جي پھرين تھذيب، سکر جي قديم تاريخ، روهڙيءَ جي تاريخ، سکر جي نئين تعمير ۽ سکر جي يادگيرين بابت پڻ ليک پڻ ڏنا ويا آهن.

Title Cover of book سکر تاريخ جو گلدستو

مومل جي ماڙي

سال 2018ع نومبر جي مهيني ۾ سکر جي تاريخي ماڳن کي ڏسڻ لاءِ ويس ته هڪ ڏينهن تاريخ 15 جي صبح تي مانوارو دوست آغا غلام نبي مون کي ”الفرقان ليبرري“ تي وٺي هليو، جيڪا محترم فقير امان الله ماڪا پنهنجي مدد پاڻ تحت قائم ڪئي آھي. هتي مختلف قسمن جا سوين قرآن شريف- تفصير ۽ ترجما موجود آھن ۽ ديني تعليم سائنسي انداز ۾ مفت ڏني وڃي ٿي. فقير امان الله ماڪا ۽ سندس ڀاءُ ڊاڪٽر محمد اسماعيل صاحب سان سٺي ڪچھري ٿي ۽ موڪلائيندي فقير سائين قران شريف جو ترجمي سان مڪمل آڊيو سيٽ مونکي تحفي طور ڏنو ۽ مون پنهنجو ڪتاب ”سنڌ سڀيتا“ امان الله ماڪا صاحب کي پيش ڪيو. هن فقيري شخصيت جي مالڪ هڪ جديد ۽ خوبصورت ليبرري قائم ڪئي آھي کيس لک شابسون.
ماڪا ڀائرن کان موڪلائي مومل جي ماڙي (ماٿيلو) روانا ٿياسين، سکر کان نيشنل هاءِ وي رستي روهڙي کان گهوٽڪي پهتاسين، شھر کان پهريان ميڪڊونلڊ جي خوبصورت پارڪنگ تي آغا صاحب ڪار بيھاري چيائين ته سائين مانجهاندو ڪيون ته پوءِ ٿا اڳتي هلون. پوءِ اندر حال ۾ آياسين ته حال به تمام خوبصورت سينگاريل ۽ صاف سٺو هو بلڪل بر ۾ بھاري لڳي پئي هئي، هتي ڪجھ دير ۾ کائي پي اڳتي روانا ٿياسين ۽ گهوٽڪي شهر مان گذري ماٿيلو ويندڙ رستي سان تقريبن 12 ڪلوميٽر سفر ڪري ماٿيلو پهتاسين. ماٿيلو هڪ ڳوٺ يا ننڍڙو شهر چئي سگهجي ٿو، جتي مک رستي تي ڪافي دوڪان آهن جن کان سواءِ هڪ بازار به آهي، جنهن مان گذري پڇائيندي پڇائيندي وڃي مومل جي ماڙيءَ (نند ڪوٽ) تي پهتاسين. ڪوٽ کان پهرين ئي ”مومل جي ماڙي“ نالي هڪ ننڍو ليڪن خوبصورت ميوزم به ٺهيل آهي جيڪو عام طور تي بند رهي ٿو، ان وقت سرڪاري طور اتي ڪو به ملازم مقرر ٿيل نه هيو جنهن ڪري ميوزم جي سنڀال پاڙي ۾ رهندڙ ڳوٺاڻا ڪري رهيا هئا ۽ ميوزم جي تالي جي چاٻي به انهن وٽ ئي هئي، چاٻي وارو ماڻهو موجود نه هئو جنهن کي فون ڪري گهرايو ويو، جيستائين هو اچي، اسين هڪ ٻئي پاڙيسريءَ جنهن کي ڪوٽ ۽ ماڙيءَ بابت ڪافي معلومات هئي، ان کي ساڻ ڪري ڪوٽ تي وياسين، ڪوٽ مٿاهين دڙي تي آهي، جنهن جي اڳيئين ديوار، مورچا ۽ هڪ پاسي واري ديوار جو ڪجهه حصو زبون حالت ۾ موجود آهن. مک دروازي کان مٿي چڙهڻ لاءِ هڪ ڊگهي ڏاڪڻ آهي، جنهن تان چڙهي اسين مٿي ڪوٽ جي اندر پهتاسين. ڪوٽ جو وڏو حصو ڊهي پٽ ٿي ويو آهي، جنهن جي زمين تي قبضا ڪري گهر ٺاهيا ويا آهن ۽ هڪ ڪنڊ تي سرڪاري اسپتال پڻ ٺهيل آهي، باقي بچيل حصي کي بچائڻ لاءِ ثقافت کاتي پاران لوهي کاردار تارن جو لوڙهو لڳايو ويو آهي. جنهن ڪري هي اڳيون حصو محفوظ ٿي سگهيو آهي مک درواي جي سامهون ڪوٽ اندر ثقافت کاتي پاران ڪجهه سال اڳ کوٽائي ڪرائي وئي هئي جنهن هنڌ مومل جي ماڙيءَ جا بنياد ظاهر ٿيا آهن کوٽائيءَ مان پڪيون سرون ۽ انهن جو ٺڪراٺو نڪتل آهي، جنهن مان هڪ پڪي سر موجود هئي جيڪا اسان کي ڏيکاري ويئي، جنهن کان پوءِ اسين ڪوٽ جي پوئين پاسي کان ڦري اچي ميوزم تي پهتاسين.

قلعي جي تاريخ
هي قلعو سنڌ جي راءِ گهراڻي جي حڪومت ۾ ٺهرايو ويو هئو، اڳوڻي دور ۾ هن طرف اروڙ (جيڪو سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هئو) کان ملتان (سنڌ جي هڪ صوبي جي گاديءَ وارو شهر) ويندڙ شاهي رستي تي هي هڪ وڏو ۽ مضبوط قلعو هئو، جنهن ۾ هميشه وڏي تعداد ۾ سوار ۽ پيدل فوج رهيل هوندي هئي، جيڪا ٻاهرين حملي آوورن کي اروڙ تي ٿيندڙ حملي کان پهريان ئي رستا روڪ ڪندي هئي ۽ امن جي ڏينهن ۾ واپارين ۽ مسافرن جي حفاظت ڪندي هئي.
هن قلعي بابت رحيمداد خان مولائي شيدائي لکي ٿو ته راءِ گهراڻي جي ڪل پنجن راجائن سن 450ع کان سن 662ع تائين اروڙ ۽ سنڌ تي حڪومت ڪئي. سندن حڪومت جون حدون اتر ۾ ڪشمير، قنڌار، هيلمند تائين الهندي ۾ ڪرمان جي وادي نور مٿسور تائين ڏکڻ ۾ سوت ۽ اوڀر ۾ چتور ڳڙهه به سندن ماتحت هو. هن سلطنت اندر اچ، ماٿيلو، سيورا ۽ مائو، سيوستان، نيرون ڪوٽ، اروڙ، برهمڻ آباد ۽ ديبل مشهور قلعا هئا.(1)
** عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ بعد سنڌ تي سومرن جي حڪومت جي آخري دور دوران ماٿيلو آزاد رياست ھئي، جنھن تي راجا نند (گجر) جي حڪومت ھئي ۽ سندس گاديءَ جو هنڌ ھي قلعو هئو، جنھن ڪري ھن کي نند ڪوٽ سڏيو ويندو آهي. هيءَ رياست سنڌ جي درياهه جي کاٻي پاسي موجوده گهوٽڪي ضلعي کان بدين ۽ راجستان تائين ڦهليل هئي، ۽ انوقت ۾ ڦٽي ويل اروڙ به هن رياست جو حصو هئو. راجا نند کي 9 ڌيئرون هيون جن ۾ ٻيو نمبر ڌيءَ جو نالو مومل هئو، جيڪا سڀن ڀينرن کان سياڻي ۽ خوبصورت هئي ۽ راجا نند جي حڪومتي وهنوار ۾ صلاحڪار ۽ مددگار به هئي.
** محمدصديق ميمڻ (ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر سکر جنهن 23 مارچ 1982ع تي ماٿيلي جي قلعي جو معائنو ڪيو هو. تنهن پنهنجي هڪ ماٿيلو جي قلعي بابت مضمون ۾ لکيو آهي ته راءِ سهاسي سن 630ع ۾ هن شهر وارن تي ڍل انهيءَ شرط تي معاف ڪئي ته اتي هڪ مضبوط قلعو اڏي تيار ڪري ڏيندا. ماٿيلو ته مٿي هجڻ ڪري مشهور ٿيو ليڪن هن شهر کي مومل جي ماڙي ان لاءِ چيو وڃي ٿو ته مومل جي چوڻ تي راجا نند ڪوٽ اندر مومل لاءِ هڪ عاليشان ماڙي ٺهرايائين.(2)
** مومل راڻي جي عشق تمام گهٽي مشهوري ماڻي جنهن ڪري راجا نند جو هي ڪوٽ جيڪو رياست جي گاديءَ جو هنڌ ۽ سندس گهراڻي جي مستقل رهائش هئو، انڪري ظاهر آهي ته سندس سڀئي ڌيئرون هتي ئي ڄايون هونديون ۽ هتي ئي وڏيون ٿيون هونديون ۽ ٻيو نند ڪوٽ جيڪو موجوده بدين ضلعي جي شهر جاتيءَ کان 9 ڪلو ميٽر جي پنڌ تي آهي، جتي راجا نند سخت گرمين جا ڏينهن گذاريندو هئو، ڇو ته اتر سنڌ جي علائقي ۾ سخت گرمي ٿئي ٿي ۽ لاڙ ۾ سمنڊ جي ڪري آبهوا گهٽ گرم ۽ سرد رهي ٿي انڪري راجا نند گرميون لاڙ ۾ گذاريندو هئو، مومل راڻي جي عشق ڪري هي ٻئي نند ڪوٽ مومل جي ماڙي سڏجڻ لڳا. هنن ٻن ڪوٽن کانسواءِ مومل پاڻ به (ان وقت ۾ راجستان به سنڌ جو حصو هئو جيڪو هن وقت هندستان ۾ آھي) راجستان ۾ ڪاڪ نديءَ ڪناري هڪ طلسماتي ڪاريگريءَ سان محل جوڙايو هو، جتي ويهي اعلان ڪرايائين ته جيڪو به راجا راڻو يا شاهوڪار هن ڪاڪ محل جي طلسم کي پار ڪري اچي مون تائين پهچندو ته ان سان شادي ڪندس ۽ نه پهتو ته سندس سڀ دولت منهنجي ٿي ويندي. اهڙي، اعلان ڪري ڪيئي شاهوڪار آيا جيڪي مري ۽ لٽيجي ويا پر راڻي سڀ طلسم پار ڪري وڃي مومول ماڻي، جنهن ڪري ڪاڪ محل به مومل جو ماڳ آهي ۽ جڏنهن راڻي کي همير سومري قيد ڪري ڇڏيو ۽ مومل سندس تلاش ۾ آمرڪوٽ ٻاهران اچي راڻي کي ريجهائڻ لاءِ ماڙي جوڙائي اتي رهي ۽ نيٺ راڻي جي واپس نه ورڻ ڪري باهه جي مچ ۾ پاڻ ساڙي پنهنجو انت آندائين ته هي ماڳ به مومل جي ماڙي سڏجي ٿو مطلب ته راجا نند جي ڪوٽن ۽ ماڙين جي مشهوري مومل جي نالي سان مشهور ٿي وئي.
** ماٿيلي وارو نند ڪوٽ (مومل جي ماڙي) راءِ گهراڻي جي دور حڪومت ۾ ٺهيو جيئن ته راءِ سهاسي ٻئي پنهنجي حڪومت دوران مختلف ڇهن علائقن ۾ قلعا جوڙائڻ تي ڍل جي معافي جو اعلان ڪيو، جنهن ڪري ماٿيلي ۾ آمر راجپوت هي قلعو جوڙايو هئو راءِ گهراڻي جو دور 450ع کان 632ع تائين رهيو. هن گهراڻي جا پنج راجا رهيا، جنهن کان پوءِ برهمڻ دور شروع ٿيو جيڪو پڻ سنڌ تي امن ۽ ترقيءَ وارو دور رهيو، راجا ڏاهر جي دور ۾ محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪئي ۽ اروڙ جي فتح کان پوءِ جڏهن اچ ۽ ملتان کي فتح ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو ته شاهي رستي تي هن کي نند ڪوٽ مان سخت مزاحمت ٿي، جنهن ڪري کيس خندقوون کوٽائي ڇاوڻي هڻي هتي رهڻو پيو. نند ڪوٽ تي منجنيڪن سان حملو ڪري فتح حاصل ڪيائين ۽ سندس سپاهه جو هتي وڏو قبرستان به آھي.(3)
** جنهن کان پوءِ وري سومرا دور جي مشهور جنگ جيڪا چنسير جي چرچ تي ٿي ۽ هندستان جي بادشاهه علاوءُ الدين خلجي جي فوج جيڪا سلار خان جي سرداري ۾ سنڌ تي ڪاهي آئي، اها جنگ به ماٿيلي جي ميدان تي لڳي جيڪو هن نند ڪوٽ کان 10 ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي آهي. جنهن کان پوءِ سمن جي دور ۾ به هي قلعو پنهنجي شان شوڪت سان قائم رهيو، پوءِ ارغونن جي دور ۾ شاھ حسن ارغون هن قلعي کي بغاوت جي خدشي کان ٽوڙايو ۽ مغلن به هن ڪوٽ تي حملو ڪيو هو جن کي پڻ مزاحمت کي منهن ڏيڻو پيو هو. انگريزن ۽ ميرن جي آخري معرڪن ۾ مير شير محمد ٽالپور، انگريزن سان وڙهندي ماٿيلي طرف روانو ٿيو جتي انگريزن اڳئي هن قلعي جي قلعا بندي ڪري ڇڏي هئي، مير شير محمد راولو بند وٺي ڇاندڻ ۾ پنهنجا خيما کوڙيا ۽ انگريزن سان جنگ ڪرڻ جي حڪمت عملي جوڙڻ لاء مصلحت ڪرڻ لڳا. ڇاندڻ اصل ڇانو يا ڇنو هيو جيڪو لغارين ٺاهيو هيو ان بعد هن ڇني ڳوٺ جي شڪل اختيار ڪئي جيڪو اڄ جي دور ۾ به هڪ تمام وڏي ڳوٺ جي شڪل ۾ ميرپور ماٿيلي تعلقي ۾ موجود آهي. مير شير محمد، مير عبدالله خان ۽ ٻيا ٽالپر پنهنجي بچيل کچيل لشڪر سان هن قلعي تي هڪ زوردار حملو ڪيو جنهن ۾ هو سوڀارا ٿيا. هن جنگي معرڪي ۾ مير شير محمد ٽالپر جا ٻه گهوڙي سوار جنگي جوڌا دريا خان لغاري ۽ غلام حسين لغاري شهيد ٿيا ۽ ان ئي غلام حسين لغاري جي نالي تي قائم ٿيل ڳوٺ، داد لغاري ۽ ميرپور ماٿيلي جي وچ تي اڄ به موجود آهي.(4)

ماٿيلي جي قلعي کي وڏي ۾ وڏو نقصان انگريزن جي دور ۾ ٿيو، جو هن علائقي ۾ تعمير ٿيندڙ ريلوي جي پٽڙي ۾ ماٿيلي جي قلعي جي پڪين سرن کي ڪنڪريٽ طور استعمال ڪيو ويو.
جنهن کان پوءِ هي تاريخي قلعو برباد ٿي ويو ۽ لاوارث رهڻ ڪري هتي قبضا ٿي ويا.(5)
** مشهور محقق ڊاڪٽر گربخشاڻي به شاهه جي رسالي ۾ لکيو آهي ته ماٿيلو جي ڪوٽ جو بنياد پهريائين راءِ گهراڻي سال 495ع ڌاري وڌو هو.(6)
هن قلعي بابت هڪڙو بيت ماٿيلي جا ماڻهون اڪثر ٻڌائين ٿا، ھن مان پڻ تاريخي ڄاڻ ملي ٿي.


پهرين سر ڪوٽ ۾ هنئين ڄام پڙن،
ٿورا ورهيه ٿهيم هئا، آيو وارو وريامن،
ڪوٽ اسري تيار ٿيو نو سئو ويهه ورهين،
تهان پڄاڻان ٿا چون بادشاهي راجا نند جي.

هن بيت مان معلوم ٿئي ٿو ته قلعي تي بالترتيب ڄام پڙن، ٿهيمن ۽ وريامن جو ڪنٽرول 920 ورهين تائين رهيو آهي ۽ پوءِ راجا نند جي قبضي هيٺ آيو هوندو ۽ بيت مان اهو به محسوس ٿئي ٿو ته قلعي جي اڏاوت جو آغاز ڄام پڙن ڪيو.
** ھتي جي ميوزيم ۾ ٽي وڏا حال ٺهيل آھن، جن مان هڪ حال ۾ ڪوٽ مان مختلف وقتن تي مليل ٿانون جا ٽڪڙا ۽ سڪا رکيل آهن، ٻيو حال آفيس طور استعمال ۾ آهي ۽ ٽيون به ادبي گڏجاڻين لاءِ مخصوص آهي، هن ڪوٽ جي سائنسي تحقيق ٿيڻ گهرجي، هتي صدين جي تاريخ دفن ٿيل آهي ۽ صدين تائين سنڌ جو مضبوط دفائي قلعو رهيو آھي، انڪري ھي سنڌ جو وڏو تاريخي ورثو آهي. سنڌ حڪومت کي اپيل ڪجي ٿي ته هن تاريخي ڪوٽ جي حدن مان قبضا ختم ڪرائي ڪوٽ کي اصل حالت ۾ بحال ڪرڻ گهرجي ڇو ته ھي ھڪ اھم تاريخي ورثو آهي.
واپسي تي گهوٽڪي شھر ۾ اديب ۽ سماجي اڳواڻ رئوف پارس دايو سان سندس گهر ملاقات ڪئي سون هن جاکوڙي دوست نند ڪوٽ بابت ڪافي معلومات ونڊ ڪئي هي هڪ همدرد ۽ پرخلوص انسان آھي. دايو صاحب کان موڪلايوسين ته رات ٿي وئي هئي، جنهن ڪري واپس سکر روانا ٿياسين ۽ سڌو سينئر ايڊوڪيٽ امان الله ملڪ جي جاء تي پھتاسين جتي منھنجي مان ۾ امان الله صاحب پاران دعوت رٿيل هئي. جتي سکر شھر جا سينئر وڪيل ۽ ٻيا معزز شھري پڻ مدعو هئا جن سڀن سان ڀرپور ڪچھريون ٿيو.

===========

** مومل راڻي جو قصو
سنڌ جي ماٿيلي واري ڀاڱي تي، گجر ذات جو راجا نند حڪومت ڪندو ھو. کيس دولت ڪٺي ڪرڻ ۽ شڪار ڪرڻ جو ڏاڍو شوق ھوندو ھو. ھڪ ڀيرو ڪنھن جانور جو شڪار ڪري، آن جوڏند ھٿ ڪيائين، ۽ ان جي مدد سان پنھنجو سمورو خزانو درياء جي پيٽ ۾ لڪائي ڇڏيائين.
راجا نند کي نوَ نياڻيون ھيون. منجھائن مومل سڀني کان وڌيڪ سھڻي سياڻي ھئي. راجا به کيس ڏاڍو ڀائيندو ھو. انڪري اھو جادوئي ڏند کيس سنڀالي رکڻ لاءِ ڏنائين، پر ڏند جي اصلي راز جو نه ٻڌايائين.
ھڪڙي جادوگر کي ڪنھن طرح راجا جي لڪايل خزاني جي پروڙ پئجي ويئي، سو ھڪ ڏينھن جڏھن راجا شڪار تي ويل ھو ته ھو مومل ساڻ ٺڳي ڪري اھو ڏند وٺي، درياهه مان سمورو خزانو ڪڍي غائب ٿي ويو. راجا جڏھن شڪار تان موٽيو ته کيس ڏند وڃائڻ جي خبر پئي. ھو مومل تي ڏاڍو ناراض ٿيو، پر سندس ڌيءُ آٿت ڏنس ته ايترو خزانو آئون اوھان کي گڏ ڪري ڏيندس.
مومل پيءُ کان موڪل وٺي، ڪاڪ ڪنڌ تي ھڪڙي ماڙي اڏائي ۽ پنھنجي ڀيڻ سومل ۽ نوڪرياڻين کي ساڻ وٺي اتي رھڻ لڳي، ھن پنھنجي چالاڪيءَ سان ماڙي جي چوڌاري جادوءَ جو باغ تيار ڪرايو ۽ ان تي رھڻ لڳي ۽ ان جي وچان لنگھندڙ سوڙھي رستي تي خوفناڪ جادوئي جانور بيھاري ڇڏيا. جن جي ڊيڄاريندڙ رڙين تي وڏا وڏا بھادر به ڏڪي ويندا ھئا. ان کان سواءِ ڪيترائي گمراھ ڪندڙ ۽ خطرناڪ جادوئي کيل پڻ تيار ڪرائي رکيائين.
جڏھن ڪاڪ محل جي ڪناري تي اھو جادوئي محل تيار ٿي ويو ته مومل عام اعلان ڪرايو ته جيڪو شھزادو باغ مان لنگھي مومل وٽ سلامتيءَ سان پھچندو، اھو ساڻس شادي ڪندو. ٻي حالت ۾ کيس پنھنجي مال ۽ سامان تان ھٿ کڻڻو پوندو.
مومل جي سونھن جي ھاڪ ٻڌي ڪيترائي شھزادا آيا، پر پنھنجو ڌن دولت ڦرائي ويا. ان وقت عمرڪوٽ جو بادشاھ ھمير سومرو ھو. ھڪڙي ڏينھن ھو پنھنجي ٽن وزيرن سان گڏجي شڪار تي نڪتو. راڻو مينڌرو سوڍو انھن سڀني ۾ بھادر ۽ عقلمند هو ۽ ھمير سومرو جو سالو به ھو. رستي تي ھڪ فقير مليو، مومل ۽ ان جي ڪاڪ محل بابت پنھنجي روئيداد ٻڌائي. انھيءَ ڳالھ چئني يارن جي دل ۾ مومل حاصل ڪرڻ جو شوق پيدا ڪري ڇڏيو. پوءِ ته چارئي ڄڻا پنھنجو ڀاڳ آزمائڻ لاءِ ڪاڪ محل ڏانھن روانا ٿيا. اتي پھچي ماڙيءَ جي ٻاھر رکيل ڀير تي ڏونڪو ھنيائون ته سيکاريل نوڪرياڻي ناتر ٻاھر آئي ۽ سندن اچڻ جو اطلاع وڃين اندر ڪيائين.
ٿوري دير کان پوءِ ناتر طعام کڻائي اچي سندن اڳيان رکيو. راڻي مينڌري پنھنجي ٽنھي ساٿين کي اھو کائڻ کان منع ڪئي ۽ ان مان ذرو کڻي ڪتي کي ڏنو. جيڪو کائڻ سان ئي مري ويو. ناتر پوءِ ٻيون به اٽڪلون ڪيون. پر سندس ڪابه اٽڪل ڪامياب نه ٿي. آخر ۾ کين چيائين ته، مومل سان ملڻو اٿو ته مون سان ھڪ ھڪ ڪري ٿي ھلو. پوءِ ته اھي ھڪ ھڪ ٿي ناتر سان گڏجي ويا. پر ھو رستي تي گوھي ڏئي نڪري ٿي ويئي. پڇاڙيءَ ۾ جڏھن راڻي مينڌري کي ساڻ ڪري، ھن رستي تان ڀڄڻ واري ڪئي ته راڻي کڻي وارن کان ورتس ۽ ڇڪي سڌو ڪيائينس. اڳيان ھلي جڏھن ھڪ تلاءَ تي پھتا ته ناتر وري به اٽڪل ڪري ڀڄي وئي ۽ راڻو اڪيلو رھجي ويو. راڻو پاڻيءَ جي اونھائيءَ کي ڏسڻ لاءِ سوپاري ڪڍي پاڻي ۾ اڇلائي، پر اھا آواز ڪندي پري وڃي پئي تڏھن راڻو سمجھيو ته تلاءُ رڳو ٺڳي جو ٺھيل آھي. پوءِ ته گھوڙي کي ڊوراڙي اچي مومل جي ماڙي وٽ پھتو، جتي ناتر اڳيئي بيٺي ھئي. ھوءَ کيس انھي ڪمري ۾ وٺي آئي، جتي ھڪجھڙيون کٽون ۽ ست بسترا ھڪجهڙن ھنڌن سان پيل ھيا. راڻي جڏھن بسترن کي آزمائڻ لاءِ پنھنجي لڪڻ سان مٿن زور ڏنو ته ڇھن بسترن جا ھنڌ ھيٺ وڃي کوھن ۾ ڪريا، پوءِ راڻو ستين کٽ جي بستري تي ويٺو. جيڪو صحيح ۽ سلامت ھو. جڏھن اھا اٽڪل به ڪامياب نه ٿي ته ناتر کيس ھڪڙي ٻئي ڪمري ۾ وٺي آئي، جتي ھڪجھڙين سھڻين شڪلين واريون ڪيتريون ئي ناريون بيٺيون ھيون. سندن ھٿن ۾ گُلن جا ھار ھئا. ناتر راڻي کي چيو ته ھنن نارين ۾ مومل به بيٺل آھي، پر تون جنهن کي ٻانھن ۾ ھٿ وجھندين، ان سان تنھنجي شادي ڪرائي ويندي.
راڻو پھرين ته مُنجھي پيو، پر پوءِ ھڪڙي عورت جي وارن جي مٿان ڀوئنر ڀرندي ڏٺائين. راڻو سمجھي ويو ته خوشبودار وارن واري ئي مومل ٿي سگھي ٿي. ھن اڳتي وڌي وڃي کيس ھٿ کان ورتو ته مومل پڻ گُلن جو ھار سندس ڳچيءَ ۾ وجھي ڇڏيو. پوءِ ته خوشيون ٿي ويون ۽ ٻنھي جي شادي ٿي وئي.
راڻي جا ٽئي دوست ڪاوڙجي، پنھنجي علائقي ڏانھن روانا ٿي ويا. ٿورن ڏينھن کان پوءِ ھمير سومرو ڪنھن بھاني سان راڻي کي پاڻ وٽ گھرائي ورتو ته جيئن ھو مومل سان ملي نه سگھي. پر راڻي کان رھيو نه ٿيو، ھو روز جو ڦڙتيلي اُٺ تي چڙھي ڪاڪ محل ھليو ويندو ھو ۽ مومل سان ملي تُرت ئي واپس ايندو ھو.
ھڪ ڀيري راڻي مومل سان ملڻ ۾ گھڻا ڏينھن ٿي ويا ته سندس جدائيءَ ۾ مومل اداس رھڻ لڳي ۽ پنھنجي ۽ پنھنجي وڏي ڀيڻ سومل کي مرداڻو لباس پھرائي، پاڻ سان گڏ سمھاري ڇڏيندي ھئي. ھڪ رات راڻو جيئن ماڙي تي پھتو ته اونداھ ۾ سومل کي مرد سمجھي، ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويو ۽ پنھنجو لڪُڻ نشاني طور مومل جي ڀرسان رکي واپس امرڪوٽ ھليو ويو.
صبح جو جڏھن مومل ننڊ مان اٿي ته سمجھي وئي ته راڻو ڪاوڙجي واپس ھليو ويو آھي. پوءِ ته کيس اچڻ لاءِ ڪيترائي نياپا موڪليائين، ھو نه آيو. پوءِ مومل به ڪاڪ محل ڇڏي اچي امرڪوٽ ٻاهران ماڙي ٺھرائي ان ۾ رهائش ڪئي ۽ راڻي کي پرچائڻ لاءِ وس ڪيائين ليڪن راڻو ڪين آيو، مومل بيزار ٿي باھ جو ھڪ مچ تيار ڪرائي پاڻ کي ان ۾ اڇليائين. راڻي کي جڏھن اھا خبر پئي ته ھو به ڊوڙندو اتي پھتو. پر تڏھن گھڻي دير ٿي وئي ھئي، انڪري پاڻ به ان مچ ۾ ٽپي پيو ۽ مومل سان گڏ سڙي امر ٿي ويو. سوين سال گزڻ باوجود اڄ به مومل راڻو کي ياد رکيو وڃي ٿو ۽ سنڌ جي سرتاج شاھ ڀٽائي به پورو سر مومل راڻي تي لکي هنن جي ڪردار کي امر ڪري ڇڏيو آھي.

حوالا

(1)- ”جنت السنڌ“، رحيمداد خان مولائي شيدائي، صفحو 77.
(2)- تحقيقي مضمون، محمدصديق ميمڻ
(3)- تحقيقي مقالو، رئوف پارس دايو
(4)- تحقيقي مقالو، رئوف پارس دايو
(5)- تحقيقي مقالو، رئوف پارس دايو
(6)۔ ”شاهه لطيف جو رسالو“، ڊاڪٽر گربخشاڻي، صفحو 635