روهڙي شھر جي مختصر تاريخ
روهڙي شهر جو بنياد سنڌ تي عربن جي حڪومت دوران وڏي زلزلي سبب سنڌو درياهه جو هڪ ٻيو وڏو وهڪرو جيڪو اروڙ ڀرسان وهندو هو، اهو بند ٿي ويو ، ٻنهي وهڪرن جو پاڻي گڏ ٿي روهڙي ۽ سکر جي وچان وهڻ لڳو۔زلزلي وارو واقعو 962ع ۾ ٿيو.(1) جنهن ڪري درياءِ سنڌ جو وھڪرو بدلجي ويو، ته اروڙ شهر جيڪو واپار جو وڏو مرڪز هئو، ان جو بندر ڦٽي ويو ۽ اروڙ جي واپارين روهڙي جي بندر کان واپاري سامان جي آمد رفت شروع ڪئي، جنهن ڪري روهڙي جي بندر ڀرسان پنهنجا گدام ۽ واپاري مرڪز قائم ڪيائون ته هي شهر ٺهي پيو ۽ پوءِ ترقي ڪندو رهيو ۽ پوءِ تيرھين صدي عيسويءَ ۾ روھڙي درياهه سنڌ جو ھڪ مصروف بندر ۽ زرعي جنسن جي واپار جو مرڪز ھيو.
روهڙي شھر جي اوڀر ۾ 10 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اروڙ جو قديم شھر واقع ھيو، جنهن جا آثار اڄ به موجود آھن. عربن جي اٺين صدي عيسويءَ ۾ سنڌ ۾ آمد کان اڳ واري تاريخ جي باري ۾ ڪن علائقي متعلق رڪارڊ تمام گھٽ آھي، ليڪن اروڙ ان وقت اتر سنڌ جو وڏو شھر ۽ واپاري مرڪز هئڻ سان ڳڏ پوري مضبوط سنڌو سلطنت جو راءِ گهراڻي جي دور ۽ پوءِ برھمڻ گهراڻي جي گاديءَ جو هنڌ رھيو آھي، ۽ 711ع ۾ محمد بن قاسم ان تي قبضو ڪيو ۽ عربن جي پهرين دور ۾ به سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ رهيو.(2)
روهڙي شهر جي نالي بابت تاريخ جي ڪتابن ۾ مختلف ويچار آهن، ڪنهن هن شهر کي لوهڙي سڏيو آهي ته ڪنهن لوهر ڪوٽ، روڙا ننگر ۽ روڙپرا به سڏيو آهي. اصل ۾ روڙي سنسڪرت ٻولي جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، ننڍو پهاڙ يا ٽڪري. ٻئي پاسي روهه جي معنيٰ جبل به سنڌيءَ ۾ آهي، اڄ تائين پنجاب ۽ هندستان ۾ هن شهر کي روڙي چون ٿا جو هن جو اصل نالو آھي ۽ مختلف دور جي مختلف مرحلن ۽ لهجن مان گزري اڄ ”روهڙي“ مشھور آھي. هي اوائلي دور جو درياهه ڪناري ٽڪريءَ تي ننڍو ڳوٺ اروڙ جي بندر ڦٽڻ ڪري هي بندر ۽ ان سان گڏ شهر آباد ٿي ويو، هن جي جي تعمير ۽ ترقي مختلف دورن ۾ ٿيندي رهي آھي. روهڙي جي تاريخ، تعمير، ترقي ۽ اهم ماڳن جو زڪر هن مضمون ۾ اوهان کي پيش ڪجي ٿو. هن مضمون ۾ اوهان کي پيش ڪجي ٿو.
روهڙي شهر جنهن ٽڪريءَ تي آباد آهي اها درياهه جي پاڻيءَ کان 50 فوٽ بلند آهي، اڳ ٻوڏ جي وقت ۾ پاڻي ٽڪريءَ سان لڳي وهندو هئو جنهن جا نشان اڄ تائين موجود آهن. هي شهر درياهه ڪناري هئڻ ڪري تڪڙي ترقي ڪئي، روهڙي جي آس پاس سٺي زراعت ۽ ميون جا باغ پڻ هئا، جنهن ڪري ھتي جي خوشھالي ڏسي وڏي تعداد ۾ پير ۽ بزرگ هتي اچي آباد ٿيا، هن شهر ۾ سوا لک پير دفن آهن جنهن ڪري هن کي ”روهڙي شريف“ چيو وڃي ٿو، هي علم هنر ۽ روحاني فيض وارو شهر مشھور آهي.
شاھ بيگ ارغون، سنڌ جي فتح کان پوءِ بکر جي قلعي کي مضبوط ڪرڻ وقت، بکر جي سيدن ۽ قاضين کي ھن شھر ۾ زمين ڏيئي آباد ڪيو، ان کان پوءِ ھي شھر وڌيڪ وڌڻ لڳو. ابن ھوقل، ادريسي، ٻين عرب مورخن، ابوالفضل ۽ يورپي سياحن، روھڙي جي باغن، ميون، گلن، کارڪن، درياءُ جي مڇي، خاص ڪري پلي، ۽ بندر جي وڻج واپار جي پڻ ساراھ ڪئي آھي.
رحيمداد خان مولائي شيدائي تاريخ سکر ۾ لکي ٿو ته: ”خلجين جي يادگار طور رضوي سيدن جو روهڙي اسٽيشن ويجهو ڪچو قلعو آھي، جنهن ڪري کين ڪوٽائي سيد چيو وڃي ٿو. رضوي سيدن کي سلطان علاءُ الدين خلجي روهڙي جي آسپاس جاگيرون ڏنيون هئائين، ۽ ڪوٽ جي ڏکڻ اولھ پاسي هڪ ٽن قبن ۽ بلند مينارن واري شاندار مسجد به جوڙائي ھئائين جيڪا زبون حال ۾ موجود آھي.“ (3)
* هن شھر جي قديم هئڻ جي باري ۾ ڪي شيون درياه جي پيٽ مان 1875ع ۾ هٿ لڳيون، اهي شيون پٿر واري دور سان تعلق رکندڙ هيون. اهڙو بيان رائل انجنير مسٽر ٽويملو ۽ مسٽر جان ٽيٽ جي ٻن مضمونن مان معلوم ٿيو جيڪي جرنل ايشياٽڪ سوسائٽي ۾ بيان ڪيل سال ۾ شايع ٿيا هئا. ائين معلوم ٿو ٿئي ته ٽڪريءَ تي پنجاه فوٽن جي بلنديءَ تي هي شهر ڪيترا دفعا آباد ٿي ۽ پوءِ مٽندو رهيو آھي.(4) سنڌ گزيٽئر ۾ شهر جو نالو ”لوهڙي“ ڄاڻايل آهي. ڪپتان اي- ويسٽ ميڪاٽ 1841ع ۾ جرنل ايشياٽڪ سوسائٽي بنگال ۾ شهر جو نالو ”لوهر ڪوٽ“ لکندي ڄاڻايو هئائين ته اهو شهر جو قديم نالو هيو. ريوٽي صاحب ”مهراڻ “ ۾ روهڙي جو قديم نالو ”روڙپورا“ يا ”روڙا ننگرا“ لکيو آهي.(5)
* روهڙي شھر سنڌ جي قديمي تاريخي شھرن مان ھڪ آھي ھتي تمام جھونيون، وڻندڙ ۽ تاريخي عمارتون آھن، جن ۾ ڪنھيا لال ڪاٽيج تمام مشھور ۽ ڏسڻ وٽان آھي ۽ لئنسڊائون پُل تان لھندي سامھون تمام خوبصورت ڏيک ڏيندي آھي. ھي شھر، بکر ٻيٽ کان ھڪ دلڪش نظارو پيش ڪري ٿو. ھن جي ڀر سان درياءُ جي ٻيٽن ۽ ٽڪرين مان قديم زماني جون شيون ھٿ آيون آھن، جن کي ڏسي قديم آثارن جي ماھر ليفٽيننٽ ٽيوملر اندازو لڳايو آھي ته ھي شھر تمام قديم ۽ پٿر واري دور ۾ بہ آباد ھيو. قديم آثارن جي ھڪ ٻئي ماھر ڊاڪٽر بلئم فورڊ انھن شين کي ڏسي اندازو لڳايو ھو ته ھندوستان جي ٻين علائقن مان لڌل شين جي ڀيٽ ۾ ھتان جون شيون وڌيڪ سھڻيون آھن.(6)
* روهڙي شهر بابت سنڌ جي پهرين گزيٽيئر ۾ مسٽر اي ڊبليو هيوز صاحب ڄاڻايو آهي ته 1297ع ۾ سيد رڪن الدين هي شهر تعمير ڪرايو يعني سلطان علاوالدين خليجي جي حڪومتي دور ۾ جڏهن علاو الدين خلجي رضوي سيدن لاءِ هتي ڪوٽ تعمير ڪرايو. (7)
ھي شھر زماني جي لاھين چاڙھين سبب ڪيترا ئي دفعا آباد ۽ غير آباد ٿيندو رھيو آھي. جيتوڻيڪ ھي قديم شھر آھي، پر ھاڻوڪو شھر عربن جي دور جو آھي، جيڪو مٿي زڪر ڪيو آھي، ۽ پوءِ ترقي ڪندو رهيو آهي.
ھن شھر کي خاص اھميت، حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جي وار مبارڪ جي ڪري آھي. وار مبارڪ، ھڪ سوني جواھرن سان جڙيل دٻليءَ ۾ رکيل آھي. جنهن جي مون به ننڍپڻ ۾ والد صاحب سان ڳڏ هڪ کان وڌيڪ ڀيرا زيارت ڪئي آھي.
مرزا قليچ بيگ لکيو آهي ته ”لوهري يا روهڙيءَ جو شھر اروڙ جي ڦٽڻ ڪري اتي جي ماڻهن اچي اهو شهر ٻڌو ۽ آن جو نالو به گهڻو ڪري رور مان پيو ۽ هاڻ سڏجي به روهڙي ٿو. اهو وار مبارڪ ۽ ان جي قديم مسجد جي ڪري مشهور هو. اها مسجد سنه 954 هجري (1545ع) ڌاري جڙي ۽ وار مبارڪ به تڏهين آيو. اهو وار حضرت صلعم جن جي سونهاري جو چوڻ ۾ ٿو اچي ۽ عبدالباقي نالي شخص اتي آندو. جو شيخ نظام الدين جو ناٺي هو ۽ اهو شيخ حضرت ابوبڪر جي اولاد مان هو ۽ لوهريءَ ۾ اچي رهيو هو. اهو هڪ انچ جو چوٿين پتي جيترو مس آهي ۽ سوني قلمدان ۾ رکيل آهي ۽ حج جي ڏينهن ماڻهو انهيءَ جي زيارت ڪندا آهن. (8)
** وار مبارڪ وارو روضو، ايران جي بادشاھ نادر شاھ ٺھرايو ھو. وار مبارڪ جي روضي جي ڀر سان ھڪ عاليشان مسجد پڻ ٺھيل آھي، جا سن 1545ع ۾ جڙي راس ٿي. روھڙي ۾ ھڪ ٻي تاريخي مسجد به آھي. جيڪا شھنشاھ اڪبر جي گورنر فتح خان 1583ع ۾ تعمير ڪرائي، اھا مسجد وڻندڙ ڳاڙھين سرن سان ٺھيل آھي، جنھن تي ٽي عاليشان گنبذ آھن، پر اھا ھن وقت زبون حالت ۾ آھي. ٽين عاليشان مسجد عيدگاھ آھي جنھن کي ٽي قبا آھن، جا سن 1593ع ۾ مير معصوم بکري ٺھرائي، انھن کان سواءِ ھڪ ٻي مسجد به آھي جيڪا مير يعقوب علي شاھ جي آھي ۽ 1677ع ۾ جڙي راس ٿي. ھي مسجد تمام وسيع آھي ۽ قلعي وانگر اڏيل آھي.(9)
روھڙي شهر جي ڏکڻ پاسي هڪڙيءَ ٽڪري تي درياھ جي ڪناري تي هڪڙو مقام آهي. جنهن کي ستين جو آستان چوندا آهن، هن ماڳ جو تفصيلي احوال اڳتي الڳ ڏبو. روهڙي شھر جي سامنھون روهڙي ۽ بکر جي وچ تي درياھ ۾ هڪڙو ننڍڙو ٻيٽ آهي، جتي هڪ ننڍڙي مسجد به آهي. انهي کي خواجه خضر جو آستان چوندا آهن. جتي پوءِ هندو اچي ڏيو ٻاري پوڄا ڪندا هئا ۽ چوندا هئا ته زنده پير آهي. يعني درياھ شاھ يا اڏيرو لعل ۽ مسلمانن جي وري الڳ ڏند ڪٿا آھي. جنهن موجب شاھ حسين نالي دهلي جو هڪڙو سوداگر پنهنجي نياڻي سميت ٻيڙي تي چڙهيل اچي درياهه تان لنگهيو ۽ حج تي ٿي ويو. اروڙ وٽ دلوراءِ بادشاھ هن کي روڪيو ۽ زور سان سندس ڌيءَ کسڻ ٿي گهريائين. پر انهي خدا کي مدد لاءِ سوال ڪيو. خواجه خضر هڪدم اچي حاضر ٿيو ۽ درياه اروڙ ڇڏي بدلجي اتان روهڙي وٽان وهڻ لڳو ۽ ٻيڙي صحيح سلامت لنگهي ويئي. انهيءَ جي يادگيري لاءِ شاھ حسين اتي هڪڙي مسجد جوڙائي، جيڪا تاريخ اتي اڪريل آهي ۽ جا لفظ” درگاھ اعليَ“ مان ٿي نڪري، سا سنه 341ھ آهي، يعني 952ع، پر شڪ آهي ته اهو پهڻ پوءِ ٺاهي اتي هنيو ويو آهي، جن ٻين پهڻن کان پوءِ جو ٿو ڏسجي. مسجد تي تاريخ سنه 1011ھ (=1602ع) جي آهي.(10)
**روهڙي جا ٻه صوفي شاعر بيدل ۽ بيڪس
قادر بخش ”بيدل“ 1230هه ۾ ڄائو. چوڏهن سالن جي عمر جي تحصيل ڪيائين. روحانيت جي خيال سان قلندر تي ويو. اتان موٽڻ بعد، مير صوفي جان الله شاهه جو مريد ٿيو، جنهن جي طريقت جو سلسلو صوفي شاه عنايت شهيد سان ملي ٿو. بيدل فقير سنڌ جو عظيم شاعر، وڏو عالم ۽ فاضل ٿي گذريو آهي. سندس علم ۽ فضل سندس تصنيفن مان معلوم ٿئي ٿو. جيڪي فارسي نثر ۽ نظم، عربي نظم، سنڌي سرائيڪي ۽ هندي تي مشتمل آهن، فارسيءَ ۾ سندن ٻه ٽي ديوان آهن. بيدل جي 1814 ڪلام ۾ هر هنڌ تصوف ۽ وحدت الوجود جي اپٽار آهي. سندس ڪلام جي ٻولي سادي آهي. بيدل جي سنڌي ڪافي جا ڪجھ بند.
ڪانگ لنوي مٺي لات، محبت مسافر ڄاڻ ڪي ايندا،
ايندا جوُءِ ۾ جانب جائي، وائي جنين جي اٿم وات،
دوست دلاسو دل ڏيندا، بيدل بلڪل ٿي نه ماندو،
سمجهه صبح ڪي رات، توسان هڪ ٿين.
* حضرت محمد محسن قريشي المعروف ”بيڪس“ سن 1275 هجري مطابق 1859ع ۾ تولد ٿيو. سندس والد بزرگوار جو اسم گرامي حضرت قادر بخش بيدل رحه هو.سندن تعلق ملتان شريف جي قريشي خاندان سان هو.حضرت قادر بخش رحه جون ٻه شاديون ٿيل هيون.هڪ شادي پنهنجن ئي مائٽن مان ۽ ٻي شڪارپور جي مغل خاندان مان ڪئي هئائين، بيدل کي شڪارپور واريءَ گهر مان تولد ٿيو. محمد محسن عرف ”بيڪس“ جو ننڍپڻ کان ئي حسين شين ۽ خوبصورت چهرن ڏسڻ سان ڏاڍو شوق هو، ۽ ساڳئي وقت پاڻ به خوبصورت هو ۽ رنگت پڻ دلڪش سفيد هوندي هئس. جڏهن سندن والد حضرت قادر بخش بيدل رحه 16 ذوالقعد 1289هجريءَ تي وفات ڪئي ته سندن عمر فقط 14 سال هئي. بيدل سائين جي رحلت جو صدمو بيڪس تي وڏي شدت سان اثر انداز ٿيو. جنهن سبب پاڻ هر وقت بيدل جي مزار جي ڀر ۾ ويٺو هوندو هو. ڪجھ وقت کان پوءِ بيڪس ڪجهه فقيرن سان گڏجي درگاهه جهوڪ شريف وارن بزرگن ڏانهن بيدل سائين جون امانتون کڻي روانا ٿيا. ۽ ان وقت جي سجاده نشين پير زاهد شاههرح ٻئي جي خدمت ۾ پهتا ته هن صاحب سندن وڏي عزت ۽ محبت سان آجيان ڪئي.جنهن بعد بيڪس سائين طرفان آندل تبرڪات جنهن ۾ هڪ دستار(تاج) هڪ خرقو(جُبو) ۽ هڪ عصا شامل هئي خدمت ۾ ڏيڻ لاءِ عرض ڪيو. جنهن تي پير زاهد شاهه فرمايو”اوهان درويش بلڪل وڏا امانت وارا آهيو، هي تبرڪات اوهان کي لائق ڄاڻي ڏنا ويا آهن. جيڪي اوهان جي عشق ۽ ادراڪ جو انعام آهن. ادا! ڏنل ڏاڻ واپس نه وٺبا آهن“ اهڙي طرح ذڪر ڪيل تبرڪات سرڪار بيڪس رح جي تحويل ۾ ئي رهيا. درگاهه جهوڪ شريف ۾ ڪجهه ڏينهن رهڻ کان پوءِ صوفي بيڪس ٻيڙي ذريعي سيوهڻ شريف روانو ٿيو.جڏهن سرڪار بيڪس رح سيوهڻ شريف پهتا ته هڪڙا چار درويش اچي ساڻس مليا جن جي رفاقت سان حضرت قلندر لال شهباز رح جي بارگاهه ۾ وڃي پهتو. پاڻ حضرت عثمان مروندي المعروف قلندر شهباز جي به وڏي سوز ۽ عشق سان ثنا ڪئي اٿائون مثال طور:
قلندر ماڙ ڪر منهنجي اچي ٿي راهه ۾ رهبر. يا قلندر شاهه سيوهڻ جا سدا ڪرنظر بيڪس بندي تي لڳ خدا.
جڏهن صوفي بيڪس ڦوهه جوانيءَ ۾ 5 رمضان 1298 هه مطابق 01 اگسٽ 1881ع تي وفات ڪيائين. کيس سندس والد بزرگوار جي ڀرسان روهڙيءَ ۾ ئي دفنايو ويو ۽ هرسال هتي ميلو به لڳندو آھي.
* سکر ۽ روهڙي ٻئي شھر پلين جي ذريعي پاڻ ۾ ڳنڍيل آھن، ھڪ پل جو نالو لئنسڊائون پل آھي جيڪا 1888ع ۾ ٺھي راس ٿي ۽ ٻي ايوب پل جيڪا 1962ع ۾ تعمير ٿي، ٻنھي پلين جا ٻه ٻه حصا آھن ڇاڪاڻ تي وچ تي بکر قلعي ورو ٻيٽ آھي. روھڙي طرف واري طرف کان ٻنھي پلين کي ڪو بہ ٿنڀو ڪونھي، ليڪن سکر واري پاسي کان ٻنھي پلين کي ٿنڀا آھن. لئنسڊائون پل تان اڳ ۾ ريل گاڏيون لنگھنديون ھيون، پوءِ ايوب پل کي ريلوي پل جي حيثيت سان تعمير ڪري لئنسڊائون پل تان ريل جي پٽڙي ختم ڪئي وئي. لئنسڊائون پل اڄڪلھ ھلڪين گاڏين جي اچ وڃ لاءِ مخصوص ڪئي وئي آھي. ٻنھي پلين جا سکر طرف وارا حصا سادا آھن پر روھڙي طرف وارا حصا انجنيئرنگ جو شاھڪار آھن ۽ ستين جي آستان کان ھڪ دلڪش نظارو پيش ڪن ٿا. ايوب پل پاڪستان جي واحد (Semi Suspension Bridge) يعني جزوي لڏندڙ پل آھي، ۽ ھڪ اڌ گول ڪمان تي رسين جي ذريعي لٽڪيل آھي. هنن ٻن پلين کان سواءِ سکر بيئراج واري پل ۽ ان جي ئي ڀرسان سنڌو درياھ تي موجودھ دور ۾ ٺھيل نئي پل به ٻنهي شھرن جي وچ ۾ آمدرفت جي ڪم اچن ٿيو.
انگريز دور ۾ ريلوي جي قيام ڪري روهڙي ۽ سکر کي ملائڻ لاءِ لينس ڊائون پل ۽ وڏي ريلوي جنڪشن اسٽيشن ٺهي، جيڪا اڄ به پاڪستان جي وڏين اسٽيشنن مان هڪ آهي. ۽ هن جي پليٽفارم کي پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو پليٽفارم چيو وڃي ٿو. هتي ٻين صنعتن سان گڏ هڪ وڏي سيمنٽ فيڪٽري پڻ آھي.
سنڌ جي ٻين شھرن وانگر، آبادي جي واڌ جي ڪري روھڙي شھر ۾ به رھائش، تعليم، صحت ۽ صفائي جا مسئلا موجود آھن.
حوالا
(1)- ”سنڌ عرب دور“
(2)- ساڳيو
(3)- ”تاريخ سکر“،رحيمداد خان مولائي شيدائي، صفحو40
(4)- ”جي- ايڇ ڪزنس: سنڌ جا آثار قديمه بيان روهڙي ڪلڪتو“ 1929ع.
(5)- ساڳيو
(6)- ساڳيو
(7)- ”تاريخ سکر“، رحيمداد خان مولائي شيدائي، صفحو 47
(8)- ”قديم سنڌ، ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو“، مرزا قليچ بيگ.
(9)- ساڳيو
(10)- ساڳيو