سکر جي قديمي تاريخ
سکر جي پتڻ جو ذڪر عرب دور ۾ به ملي ٿو ۽ هن جا نالا مختلف وقتن تي مختلف رکيا ويا آهن، بکر جو قلعو ۽ روهڙي سکر جي پتڻ کان بعد ۾ ٺهيا آهن. سکر جو پتڻ پراڻو آهي، بکر جو قلعو فوجي مقصد لاءِ ٺهيو ۽ ڪم آيو شهري آبادي درياهه جي ڪپ تي ۽ ٽڪرين تي سکر جي هئي، پر بکر قلعي جي فوجي اهميت ڪري ۽ درياهه جي وچ ۾ هئڻ ڪري تاريخ ۾ بکر جو ذڪر وڌيڪ آيو آهي. هن وقت سکر ۾ تمام گهڻيون تاريخي عمارتون ۽ اڏاوتون آهن جنهن ڪري سکر شهر جي سنڌ جي شهرن ۾ هڪ منفرد حيثيت آهي: 1 بکر جو قلعو، 2 ستين جو آستان، 3 ساڌ ٻيلو، 4 معصوم شاهه جو منارو، 5 آدم شاهه جو مقبرو، 6 لينس ڊائون پل (روهڙي جي پل )، 7 سکر بئراج، 8 ايوب پل، 9 لب مهراڻ ۽ ٻيا ڪيترائي خوبصورت تاريخي ماڳ مڪان آهن جيڪي پنهنجي منفرد تاريخي حيثيت رکن ٿا ۽ ڏسڻ وٽان آهن.
تاريخ جي ڪتابن ۾ بکر ۽ سکر جو ذڪر اوائلي دور کان ملي ٿو، جنهن جا مختلف مثال ۽ رايا هن مضمون ۾ هيٺ ڏنا آھن، ته جئين پڙهندڙ سکر جي قدامت کي سولائي سان سمجهي سگهن.
** سنڌ جي سياسي تاريخ کان سواءِ سنڌ جي جاگرافي به نهايت اهم آهي سنڌ جي تاريخ تي ته ٿورو گهڻو ڪم ٿيو آهي ليڪن سنڌ جي جاگرافي ۽ معاشي يا معاشرتي تاريخ تي بلڪل نه هجڻ برابر ڪم ٿيو آهي، سنڌ جي جاگرافي تي يوناني سياحن ڪجهه لکيو آهي جن مان هڪ اهم جاگرافي دان بطلبوس بکر جو نالو بينا ننگر ڏنو ۽ لکيو آهي ته انهيءَ بکر ۾ بينا قوم رهندي هئي.(1)
** سکر ۽ بکر جي نالي بابت ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جي خيال موجب سکر ۽ بکر ٻن ميدن جا نالا هئا، جن جي نالي پٺيان هي وسنديون آباد ٿيون، ميدن تمام قديم زماني ۾ سکر ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ پنهنجي رياست قائم ڪئي هئي.(2) ميد سنڌ تي اوائلي چند قبيلين مان هڪ قبيلو هئو، جنهن جو ڪم مڇي مارڻ ٻيڙيون هلائڻ ۽ زراعت ڪرڻ هئو ۽ هن قبيلي مان اڳتي هلي ڪيتريون ئي ذاتيون ٺهيون جيڪي اڄ به سماٽ ذاتين جي اڪثريت جي صورت ۾ موجود آهن.
** سنڌ ۾ يونانين ۽ پورچوگيزن کان سواءِ ڪيترائي ٻيا به مغربي ماهر ۽ سياح آيا جن سنڌ جي ان وقت جي تاريخ، جاگرافي ۽ اقتصادي حالتن بابت لکيو آهي، انهن مان ميجر ريوٽي به سنڌو ۽ ان مان ڦٽندڙ شاخن بابت لکيو آهي هو لکي ٿو ته: ”’اڪر ۽ بڪر‘ ٻه شهر آهن، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته اسلام کان اڳ سکر کي ’اڪر‘ ۽ بکر کي ’بڪر‘ جي نالي سان سڏيو ويندو هئو.(3) ميجر ريوٽي ٻي هنڌ هي به لکي ٿو ته قديم زماني ۾ بکر کي بيهڪر جي نالي سان به سڏيو ويندو هيو، جو دنيا جي تمدن وارن ملڪن ۾ مشهور هئو.“(4)
** هن علائقي ۾ عربن پنهنجي حڪومت دوران سکر ڀرسان سنڌو درياهه تي هڪ پل به جوڙائي هئي جنهن جو اشارو “ لب تاريخ سنڌ“ ۾ هن طرح آهي ته: ”عربن سکر ويجهو ماڻهن جي آمد رفت لاءِ سنڌو نديءَ تي پل ٺهرائي هئي، جنهن کي سڪرالميد نالي سان سڏيندا هئا.(4) ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ان وقت به ايتري آبادي هئي جنهن لاءِ درياهه تي پل ٺهي ته اها شھري آبادي عربن جي اچڻ کان اڳ جي ئي هوندي ڇو ته ايتري آبادي جي واڌ ويجھ ۾ ڪئي سال لڳا هوندا.
** ابن بطوطه 733 هجري ۾ هن شهر جي عظمت جا ڳيچ ڳايا آهن. پنهنجي سفر نامي ۾ لکيو آهي ته: ”بکر بلڪل خوبصورت شهر آهي ۽ سنڌو نديءَ جي هڪ شاخ شهر جي وچ مان لنگهي ٿي هت هڪ خانگاهه آهي، جتي مسافرن کي کاڌو ملي ٿو انهيءَ شهر ۾ منهنجي ملاقات امام عبدالله حنفي ۽ شهر جي قاضي ابو حنيفه ۽ شمس الدين شيرازي سان ٿي جنهن جي عمر 120 سال هئي.(6)
** ”عجائب السفار“ جي تحقيق موجب سکر ۽ بکر کي هڪ ئي نالي سان ”بکر“ سان سڏيو ويندو هئو زماني گذرڻ کان پوءِ سکر ۽ بکر جدا جدا نالن سان سڏجڻ ۾ آيا.(7)
الوحيد ۾ لکيل آهي ته: ”قديم تاريخن جي بيانن مان معلوم ٿيو آهي ته انهن مورخن هتي عالمن ۽ بزرگن کي سکر سان منسوب ڪري ڳڻيو آهي ۽ سندن مدفن به بکر ڄاڻايو آهي، ليڪن تحقيق کان پوءِ واضح ٿيو آهي ته انهن جون مزارون پراڻي سکر جي لڳ نظر ايون آهن، جئين حضرت محمد مڪيءَ جي تربت بکر جي قلعي ۾ ڄاڻائي وئي آهي، ليڪن هن جي مزار سکر ۾ آهي. اهڙيءَ طرح مير معصوم شاهه کي بکري سڏيو ويندو آهي، پر سندس مزار ۽ حويليون سکر ۾ آهن.
** ايران جي آشڪاني فرمانروائن مان دارا جي حاڪميت وارن ڏينهن ۾ مهراڻ جو الهندو حصو اٽڪ کان وٺي ويندي سمنڊ تائين سکر سميت ايران جي ماتحت ھو، ۽ دارا کي هن حصي مان 178272 پائونڊ ساليانو آمدني ٿيندي هئي، ايرانين قندابيل ۽ بھمڻ آباد شهر تعبير ڪرايا، لاڙڪاڻي ضلعي جي دڙن مان جيڪي شيون مليون آهن سي ايراني ساخت جون آهن.(8)
دارا مهراڻ جي واپار کي ترقي ڏيارڻ لاءِ ۽ سامونڊي رستا معلوم ڪرڻ لاءِ پنهنجي اميرالبحر سائيڪلاس کي اٽڪ کان جهازن جو دستو ڏئي روانو ڪيو جنهن ٽن سالن ۾ مهراڻ جي ڊيلٽا جي ڳاڙهي سمنڊ کان مصر تائين جو رستو معلوم ڪيو هو، ۽ هي ڪم 480 قبل مسيح ۾ ٿيو آهي.(9)
ھنن مختلف حوالن مان ظاهر ٿئي ٿو ته سکر اوائلي دور کان آباد آهي، جيڪو مختلف وقتن تي مختلف نالن سان سڏيو ويو آهي، جن مان اهم نالا ”سڪر“، ”بکر“ ۽ ”بينا ننگر“، هن ئي اوائلي آبادي جا نالا آهن ۽ تحقيق مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته سکر ۽ بکر هڪ ئي شهر جا نالا آهن سکر اوائلي پتڻ رهيو آهي، جنهن جي حفاظت لاءِ بکر جو قلعو قائم ڪيو ويو، ڇو ته ٻيٽ تي ٺهرايل بکر قلعو انتهائي محفوظ فوجي ڇانوڻي ثابت ٿيو آهي ۽ تاريخي تحقيق مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته اروڙ جي ڦٽڻ کان پوءِ سکر جي پتڻ جي اهميت وڌي ويئي ۽ هن آباديءَ ترقي ڪرڻ شروع ڪئي ۽ جنهن ڪري روهڙي ۽ سکر جا شهر اڏجي ويا.
سکر جي تاريخ کي اجاڳر ڪرڻ لاء سکر جي خوبصورتي جا اھڃاڻن مختلف ۽ اھم تاريخي ماڳن بابت مون الڳ الڳ مضمون ھن ئي ڪتاب ۾ لکيا آهن، جن مان پڙھندڙن کي سکر شھر جي مختلف دورن جي تاريخ، تمدن، حاڪمن ۽ حڪومتن جي ظلم زيادتين يا تعمير ۽ ترقي جا وچور ملندا، ۽ تاريخي ماڳن جا تفصيل پڙھي، انھن جي اھميت کان به يقين واقف ٿيندا.
حوالا
(1)- ”سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا“ ڀاڱو ٻيو، اشتياق انصاري، مضمون بکر جو قلعو.
(2)- ساڳيو
(3)- ساڳيو
(4)- ساڳيو
(5)- ساڳيو
(6)- ساڳيو
(7)- ساڳيو
(8)- ”تاريخ سکر“، رحيمداد خان مولائي شيدائي)
(9)- ساڳيو