ماڳ مڪان / شھر / ڳوٺ

سکر تاريخ جو گلدستو

هن ڪتاب ۾ سکر جا اهم تاريخي ماڳ: ”اروڙ“، ”ڪالڪا مندر“، ”مومل جي ماڙي“، ”بکر جو قلعو“، ”سَتِين جو آستان“، ”معصوم شاھ جو منارو“، ” آدم شاھ ڪلھوڙو“، ”ساڌ ٻيلو“ شامل آهن. ان کان علاوه سنڌو درياھ، سنڌوءَ جي پھرين تھذيب، سکر جي قديم تاريخ، روهڙيءَ جي تاريخ، سکر جي نئين تعمير ۽ سکر جي يادگيرين بابت پڻ ليک پڻ ڏنا ويا آهن.

Title Cover of book سکر تاريخ جو گلدستو

سکر سان سندم يادگيريون

سکر سنڌ جو تاريخي ۽ خوبصورت شهر آهي. جنهن جي خوبصورتي ۽ ترقي جو اصل ڪارڻ سنڌو درياءُ آهي، جنهن جي ڪپ تي سکر شهر آباد آهي، سنڌو درياهه تاريخ جي اوائلي دؤر کان سکر ڀرسان موجود آهي، جنھن ڪري آسپاس جون زمينون سدائين آباد رھيون آھن، ۽ درياهه رستي وڻج واپار ٿيندو رهيو آهي، جنھن ڪري سکر ۽ آسپاس جو علائقو ھميشه خوشحال رھيو آھي. سکر ڀرسان سنڌو درياءُ جي وچ ۾ ٻيٽ به آهن، جنھن ڪري سنڌوءَ جي ڪنارن ۽ ٻيٽن جا خوبصورت نظارا ۽ دلڪش منظر ھر پاسي وکريا پيا آهن، تاريخي ماڳن ۽ عمارتن جي حوالي سان به سکر مالامال آهي، جن جا منظر پڻ تمام خوبصورت آهن، جن کي ڏسڻ سان سکر جي عظمت ۽ قدامت کي پرکڻ پروڙڻ جو گس ملي ٿو.
** منهنجي ننڍپڻ ۽ نوجوانيءَ جي وقت جون سکر جي سهڻي شهر سان ڪافي يادگيريون آهن، ليڪن انهن کي مختصر ڪندي سکر سان صرف پنھنجو لاڳاپو بيان ڪيان ٿو. ته ننڍپڻ ۾ 5 سالن جي عمر کان 11 سالن جي عمر تائين بابا سائين ڪيترائي ڀيرا مون کي اڪيلو ۽ ڪڏهن گهر ڀاتين سميت سکر وٺي ايندو هئو، ان وقت پنهنجي ڪار گاڏي جو رواج گهٽ هئو، اسان وٽ به ڪونه هئي، پير ڳوٺ کان سکر بسن تي سفر ٿيندو هئو، پر بابا سائين هر ڀيري لالي جبار جي ولز جيپ ڪرائي تي ڪرائي هلندو هئو. گهر ڀاتي هوندا هئا ته ڪنهن هڪ تاريخي ماڳ ۽ هڪ ڪنهن بزرگ جي درگاهه تي يا وار مبارڪ جي زيارت ڪري ۽ ڪنهن چنڱي جاءِ تي ماني کائي واپس ايندا هئاسين ۽ جيڪڏهن بابا ۽ آءٌ اڪيلا هوندا هئاسين ته بابا پنهنجي دوستن سان ملاقاتون ڪندو هئو، جن ۾ ڪي واپاري هوندا هئا، ته ڪي سرڪاري آفيسر انهن سان ملڻ کان پوءِ منهنجي پسند جي ماڳ معصوم شاهه جي مُناري تي وٺي هلندو هئو ۽ شام جو وري اچي ”لب مهراڻ“ تي ويهي سنڌو درياهه ۽ بئراج جو نظارو ڪندا هئاسين ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٻيڙيءَ تي چڙهي درياهه جو سير به ڪندا هئاسين، گهرڀاتين سان گڏ هوندي به لب مهراڻ تي ضرور ايندا هئاسين ۽ سنڌو درياھ جا خوبصورت منظر پسي پوءِ واپس ٿيندا هئاسين. آءُ ستين درجي ۾ پڙھندو هئس ۽ عمر 11 سال هئي ته بابا سائين وفات ڪري ويو ۽ سکر شهر مون کان پري ٿي ويو. پوءِ وري مون جڏهن 1976ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي ته مون سميت اسان ڇهن دوستن صلاح ڪري سکر ڊگري ڪاليج وڃي فسٽيئر ۾ داخلا ورتي، اسان جو ضلعي هيڊ ڪوارٽر خيرپور هئو ۽ ويجهو به هئو، ليڪن سکر جي ڪاليجن جو تعليمي معيار سٺو هئڻ ڪري اسان دوستن سکر جو رخ ڪيو ھو. ان وقت ۾ ڊگري ڪاليج سکر اپر سنڌ جو وڏي ۾ وڏو تعليمي ادارو هئو ۽ يونيورسٽيء جي برابر درجو رکندو ھو. ھتي اسان کان اڳ اسان جو سينئر سياسي اڳواڻ سيد غلام شاهه به ھن ڪاليج ۾ پڙھيو ۽ بھادري سان جساف جي قيادت به ڪيائين، مانوارو دوست سينئر ايڏوڪيٽ آغا صيف الله پٺاڻ به ھن ڪاليج ۾ ئي پڙھيو، ھتي ھميشه جساف جو ھولڊ رھيو.
اسان پنهنجي ڪلاسن ۾ توڙي ڪينٽين يا ڪنهن ٻئي هنڌ تي ڇهئي دوست گڏ هوندا هئاسين. ان وقت به ڪاليج جي شاگردن تي ڌاڪو جساف جو هوندو هئو، جنهن جو ان وقت ضلعي صدر عبدالوهاب ڏهر هئو (جنهن جو وڏو ڀاءُ غفار ڏهر سکر ڊگري ڪاليج ۾ جساف جو بھادر اڳواڻ ٿي رهيو هو) ۽ ان وقت ڪاليج ۽ ضلعي جو جنرل سيڪريٽري گل محمد جکراڻي هوندو هئو، بعد ۾ صدر ٿيو. سپاف ۽ جميعت به ڊگري ڪاليج ۾ متحرڪ ھئي ۽ سڀن اسان کي پنهنجي پنهنجي جماعت ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني، ليڪن اسان دوستن صلاح ڪئي ته في الحال ڪنهن سان به شامل نه ٿينداسين، پنهنجي طور تي ڪجهه وقت ايڪٽو ٿي رهجي ۽ سڃاڻپ ڪرائجي. اسين سڀ نظرياتي طور تي جيئيمسٽ هئاسين ۽ منهنجي اوطاق تي سائين جي ايم سيد جي فريم ٿيل تصوير 1973ع کان ئي لڳل هئي. جبار ميمڻ ۽ آءٌ هاءِ اسڪول پير ڳوٺ ۾ ئي اسڪول يونين ۽ جهيڙن ڪري مشهور هوندا هئاسين، ڪنهن ڪمزور شاگرد سان ڪنهن جي ڏاڍ مڙسي يا بدمعاشي برداشت نه ڪندا هئاسين، اسان جي اها گرم طبعيت به جساف سان ئي ٺهڪي اچي پئي ليڪن اسين ڪنهن سان به شامل نه ٿياسين، ۽ پوء ٻه ٽي مهينا گذريا ته اسان جي ھڪ ڪلاس فيلو شڪارپور جي ڪاڪيپوٽو اسان کي دانهن ڏني ته پنهنجي ڪلاس ۾ جتي 150 شاگرد هئاسين، انهن ۾ هڪ حبيب الله لنڊ آهي، جيڪو مون کي تنگ ڪري ٿو جنهن ڪري آءَ پريشان آهيان، اوهان منھنجي مدد ڪريو ۽ ھن کي سمجهايو. حيبب الله لنڊ ڪنڌڪوٽ جي وڏيرڪي گهر جو هئو، جيڪو اسان کان عمر ۾ گهڻو وڏو هئو، هن سان ٽي چار دوست به هميشه گڏ هوندا هئا ۽ هن وٽ هڪ ولز جيب هوندي هئي، جنهن تي دوستن سميت گهمندو ڦرندو هئو ۽ گل محمد جکراڻي به ڪاليج ۾ يا ٻاهر هن جي جيپ تي ئي چڙهي گهمندو هيو. جنهن ڪري اسان جي ڪلاس ۾ حبيب لنڊ طاقتور ترين سمجهيو ويندو هئو، ليڪن اسان به طئي ڪيوسين ته هن وڏيري کي طاقت سان ئي سمجهائڻ ضروري آهي ۽ پوءِ ٻه ٽي ڏينهن گذري ويا ته اسين سڀ ڪلاس روم ۾ وڃي رهيا هئاسين، ته ڪاڪيپوٽو سان حبيب هٿ چراند ڪئي جيڪا ڏسندي ئي منهنجو مڪو هن جي منهن تي ٺڪاءُ ٿي ويو پوءِ منهنجي دوست جبار ميمڻ به ٻه ٽي وهائي ڪڍيس هن جا ساٿي جن کي اسان سڃاڻو پيا انهن تي به ٺونشن ۽ فلائنگ ڪڪن جو وسڪارو ٿي ويو ۽ پوءِ بس سڀن کي سبق مليو ته اسان کي ڌمڪيون ڏيندا ٻاهر روانا ٿي ويا ۽ اسان به سمجهيون پيا ته هي دير نه ڪندا جلدي ٻين ساٿين سميت اسان تي حملو ڪرڻ ضرور ايندا، ڪلاس مان پيرڊ پورو ٿيو، اسان ٻاهر نڪتاسين، ته ٽي جساف جا ميمبر جن کي اسان سڃاڻو پيا، اسان ڏي وڌيا ۽ چيائون ته اوهان حبيب سان وڙهي سٺو نه ڪيو آهي، ۽ جساف جي آفيس تي گل محمد جکراڻي اوهان کي گهرايو آهي. اسين هنن سان گڏجي سچل سرمست هاسٽل تي پهتاسين جتي گل محمد سان 25 کن جساف جا دوست ويٺا هئا، گل محمد خان اسان کي کيڪاريو ۽ چيائين ويهو ۽ احوال ڏيو حبيب سان ڇو وڙهيا آهيو، پاڳاري جي ڳوٺ جا آهيو ان ڪري بدمعاشي ڪئي اٿوَ؟ مون چيو مانس ته بيشڪ اسين سڀ پير سائين پاڳاري جي ڳوٺ جا آهيون، ليڪن آهيون اسان به جيئمسٽ ۽ هاء اسڪول جي يونين ۾ ايڪٽو رهيا آهيون. حبيب هڪ شريف نوجوان کي تنگ ڪندو رهيو آهي، جنهن ڪري هو ڪاليج ڇڏڻ لاءِ مجبور ٿي ويو آهي. اهو شاگرد شڪارپور جو آهي، ان اسان کي جڏهن روئي دانهن ڏني ۽ اسان پاڻ به اکين سان ڏٺوسين ته حبيب هن سان هٿ چراند ڪئي ته اسان برداشت نه ڪري سگهياسين حقيقت اها آھي. هاڻي اوهان جي مرضي آهي ڀلي جيڪو به فيصلو ڪيو اسان اوهان جي چوڻ تي آيا آهيون، جنهن تي وراڻيائين اوهان صرف ٻه آيا آهيو ٻيا ڪاٿي آهن، مون چيو ته وڙهيا به اسان ٻه ئي آهيون باقي ٻاهر آهن، اسان اگر خيريت سان ٻاهر نه نڪتاسين ته هو اسان جي مائٽن کي اطلاع ڪندا، گل محمد چيو ته اسين سڀ سنڌي ڀائر آهيون، اڳتي ائين پاڻ ۾ جهيڙو نه ٿيڻ گهرجي ۽ حبيب کي چيائين: ”غلطي تنهنجي آهي اٿي دوستن کي پرچاءِ“ ائين اسان جي گل محمد خان ۽ جساف جي ٻين شاگردن سان دوستي ٿي وئي، جنهن کان هڪ مهينو پوءِ وري اسان دوستن جو جميعت وارن سان جيڪي ظاهر ۾ ست ڄڻا هوندا هئا ۽ پرنسيپال جي کلي سپورٽ ھوندي هئن جنهن ڪري سنڌي شاگردن سان اجايو گنڊاگردي ڪندا رهندا هئا، هن گروپ وارن سان به جهيڙو ٿيو ۽ گل محمد خان اسان جي مدد لاءِ فوري ساٿين سميت پهتو ليڪن اسان اڳيئي جميعت وارن کي رتورت ڪري ڇڏيو هيوسين. ان وقت ئي پرسنسيپال صاحب وٽ فيصلو ٿيو جنهن ۾ جساف اڳواڻ وهاب ڏهر ۽ گل محمد جکراڻي اسان جي سپورٽ ۾ ڳالهايو، ڳالهين ۾ جميعت واران جي اڳرائي ثابت ٿي جنھن ڪري مڙئي خير ٿي ويو. ھنن موقعي تي گل محمد جو فوري پھچڻ فيصلي ۾ اسان جو ڀرپور ساٿ ڏيڻ کان پوءِ سندس پاران باضابطا دعوت ڏيڻ تي اسان جساف ۾ شامل ٿي وياسين.

سکر شھر جون ڪجهه رولاڪيون
ڪاليج جي انهن ٻن سالن دوران به ڪاليج ٽائيم کان پوءِ سکر شھر جي رولاڪين ۾ آءٌ اڪثر معصوم شاھ جي مناري تي مٿي وڃي ويھندو ھئس، يا لب مهراڻ تي وڃي سنڌوءَ درياهه جا منظر پسندو ھئس، ھنن نظارن ڏسڻ سان ذھني سڪون محسوس ٿيندو ھو. اسان جو سکر شھر جي ڪجهه دوستن سان ھڪ گروپ جڙي ويو هو، جنھن مان ھڪ دوست جو ملٽري روڊ تي گھر ھئو، ان وقت ۾ ملٽري روڊ ويڪرو ليڪن سنگل روڊ ھوندو ھو، ۽ روڊ کان کيرٿر ڪئنال تائين زمين خالي ھوندي ھئي، جت ھاڻي وڏيون عمارتون ۽ پلازه ٺھي ويا آهن. دوست جو ھت گھر ھجڻ جي سھولت ڪري گرمين ۾ ملٽري روڊ ڀرسان وھندڙ کيرٿر ڪئنال تي پڪنڪ پروگرام ڪندا ھئاسين، ۽ ڪئنال کي تري پار ڪرڻ جا مقابلا به ڪندا هئاسين، ھڪ ڀيري ته لب مھراڻ تان دوستن سميت سنڌو درياهه ۾ ترڻ جو به تجربو ڪيوسين، پاڻي جو تيز وهڪرو محسوس ڪندي جلدي واپس ٻاھر نڪتاسين، ٻيھر ڪڏهن به درياهه ۾ ترڻ جو خيال ئي دل مان ڪڍي ڇڏيو.
نشان سئنيما ڀرسان ھڪ ھوٽل ھوندو ھئو، جنھن جو نالو شايد زميندار ھوٽل لکيل ھوندو ھو، ليڪن ڀٽو جي ھوٽل سان مشهور ھو، ھن ھوٽل تي به اڪثر ويندا ھئاسين ۽ ويٽر اسان کي ڏسندي ئي اسان جي پسند پاڪولا جون بوتلون بلڪل برف ٿيل کڻي ايندو هو، سکر جي گرميء ۾ برف ٿيل بوتل پيئڻ سان برف جي ذرن جو سواد سوايو ھوندو ھو. ان وقت ۾ سکر جي سينيمائن تي فلمون به جام ڏٺيون. ڪڏھن مھراڻ مرڪز تي وڃي هڪ ننڍي ھوٽل جا مشھور پاوا کائيندا هئاسين، يا مھراڻ مرڪز جي پرسڪون ايراني ٽائيپ ريسٽورنٽ جنھن ۾ ويھڻ لاءِ سيپريٽ سٽنگ پورشن ھوندا ھئا، ۽ ھتي سيپريٽ چانھ ملندي ھئي، جنھن جي پيئڻ جو مزو وٺندا هئاسين. ان وقت ۾ سکر پنھنجو شھر لڳندو هو، جنھن جون ساروڻيون تمام گھڻيون آهن، ليڪن اختصار کان ڪم وٺندي احوال اتي ئي ختم ڪجي ٿو. ڪجھ پنهنجون يادگيريون به ان ڪري لکيون آهن، ته هي به 45 سال پراڻي ان وقت جي سکر ڊگري ڪاليج ۽ شھر جي حالتن جي هڪ تاريخ آهي.

سکر جي تاريخي ماڳن جو دورو
سال 2018ع ۾ 11 نومبر تي ڪراچيءَ ۾ رھندڙ پياري دوست سليم مهر فون ڪري چيو ته آءٌ سکر ۾ رهيل آهيان، ڪجهه ڏينهن هتي ئي آهيان، سکر جي موسم به ڏاڍي ڀلي لڳي پئي آهي، ۽ سکر اوهان جو به پنهنجو شهر آهي، اچو ته گڏجي هتي جا تاريخي ماڳ به گهمون ۽ هتي جي سنگت سان ڪچهريون به ڪيون، سندس سڏ ۾ ايڏي ته سڪ هئي جو منهنجو من سکر لاءِ ايئن ڀرجي آيو، جيئن مارئي جو ملير لاءِ ڇو ته مون کي ٻه سال سکر ڊگري ڪاليج ۾ پڙهڻ سان گڏ شاگرد سياست، دوستن جون محبتون ۽ سکر شهر جي رولاڪين جو يادگيريون ذهن تي تري آيون، جنھن ڪري ان وقت ئي ساڻس سکر اچڻ جو واعدو ڪيو. 13 نومبر تي رات جو اٺين وڳي سندس جاءِ تي سکر پهتس چيائين ته فريش ٿيو ماني ٻي جاءِ تي آهي. ٿوري دير ۾ عبدالڪريم مهر جي جاءِ تي پهتاسين اتي 12 ويٺل دوستن سان ملاقات ٿي، جن سان سليم مھر منھنجو تعارف ڪرايو ته اتي ويٺلن مان ھڪ پنھنجائپ واري انداز ۾ رڙ ڪئي ته عنايت کٽياڻ پيرڳوٺ وارو آھين؟ سليم چيس ته بلڪل پير ڳوٺ وارو پوءِ ته وري ڀاڪرين پئجي ويا سين، ھي ٻه منهنجا ڪاليج فيلو دوارڪا داس ۽ ڊاڪٽر ياسين سميجو هئا، جن سان 40 سالن کان پوءِ ملاقات ٿي، ھڪ ٻئي کي سڃاڻڻ بعد ڏاڍي خوشي ٿي، ۽ يادگيريون تازيون ڪيون سين. ٻين دوستن سان به تعارف ۽ سٺي ڪچهري ٿي، ڪچھري ھلندي، ڊاڪٽر ياسين سميجو سريلي آواز ۾ گيت ڳائيندي محفل کي مچايو ته واهه واهه ٿي وئي هئي. سکر شھر ۾ پھچندي ھن شاندار آجيان دل کي بھار بھار ڪري ڇڏيو، مانوري سليم مهر پاران پراڻي سنگت سان ملائڻ جي سرپرائيز به ڏاڍي دل خوش ڪري ڇڏي.
14 نومبر جي صبح تي ايڊوڪيٽ رفيق احمد چاچڙ اچي پهتو، جنھن اسان ٻنهي کي اروڙ وٺي هليو، اروڙ ويندي سکر بئراج ۽ واپسيءَ تي روهڙيءَ جي لينس ڊائونس پل ۽ ايوب پل تي به ڪجهه دير ترسياسين. مانجھاندو بکر قلعي جي اندر صدر الدين شاهه جي مزار ڀرسان آباديءَ ۾ سليم مھر جونيئر جي گھر تي ڪيوسين.
شام جو مانواري سليم مھر منھنجي مان ۾ شاندار دعوت جو انتظام ڪيو ھو، راڳ رنگ جي محفل ڪرايائين جنهن ۾ منھنجي دوستن سميت 50 دوست کي شامل محفل ڪيائين، ۽ مون سميت ٻاهران آيل ٻين دوستن کي به اجرڪ به اوڍايائين جن ۾ لاڙڪاڻي کان آيل استاد خالد، شڪارپور کان ڊاڪٽر الطاف محبوب جوکيو، سيد نادر علي شاهه، شاعر لطف سيال، وزير انڙ، دعوت ۾ آغا غلام نبي پٺاڻ، سينئر ايڊوڪيٽ امان الله ملڪ، ايڊوڪيٽ رفيق احمد چاچڙ، سليم مھر جونيئر، ڊاڪٽر ياسين سميجو، دوارڪا داس ۽ سکر شھر جون معروف شخصيتون ۽ ٻيا دوست شامل ھئا، سڀن کان عزتون ۽ قرب مليا، سليم مھر مون فقير جي مان ۾ اميراڻا انتظام ڪرايا ھئائين، سندس وڏاوڙ ۽ مليل قرب وساري نٿا سگهجن.
** تاريخ 15 نومبر جي صبح تي مانوارو دوست آغا غلام نبي مون کي ”الفرقان ليبرري“ تي وٺي هليو، جيڪا محترم فقير امان الله ماڪا پنهنجي مدد پاڻ تحت قائم ڪئي آھي. هتي مختلف قسمن جا سوين قران شريف، تفصير ۽ ترجما موجود آھن ۽ ديني تعليم سائنسي انداز ۾ مفت ڏني وڃي ٿي. فقير امان الله ماڪا ۽ سندس ڀاءَ ڊاڪٽر محمد اسماعيل صاحب سان سٺي ڪچھري ٿي ۽ موڪلائيندي فقير سائين قران شريف جو ترجمي سان مڪمل آڊيو سيٽ مونکي تحفي طور ڏنو ۽ مون پنهنجو ڪتاب سنڌ سڀيتا امان الله ماڪا صاحب کي پيش ڪيو، هن فقيري شخصيت جي مالڪ هڪ جديد ۽ خوبصورت ليبرري قائم ڪئي آھي کيس لک شابسون.
* ماڪا ڀائرن کان موڪلائي مومل جي ماڙي (ماٿيلو) روانا ٿياسين، سکر کان نيشنل هاءِ وي رستي روهڙي کان گهوٽڪي پهتاسين، شھر کان پهريان ميڪڊونلڊ جي خوبصورت پارڪنگ تي آغا صاحب ڪار بيھاري چيائين ته سائين مانجهاندو ڪيون ته پوءِ ٿا اڳتي هلون. پوءِ اندر حال ۾ آياسين ته حال به تمام خوبصورت سينگاريل ۽ صاف سٺو هو بلڪل بر ۾ بھاري لڳي پئي هئي، هتي ڪجھ دير ۾ کائي پي اڳتي روانا ٿياسين ۽ گهوٽڪي شهر مان گذري ماٿيلو ويندڙ رستي سان تقريبن 12 ڪلوميٽر سفر ڪري ماٿيلو پهتاسين، ماٿيلو هڪ ڳوٺ يا ننڍڙو شهر چئي سگهجي ٿو.
نند ڪوٽ کان واپسي تي گهوٽڪي شھر ۾ اديب ۽ سماجي اڳواڻ رئوف پارس دايو سان سندس گهر ملاقات ڪئي سون، هن جاکوڙي دوست نند ڪوٽ بابت ڪافي معلومات ونڊ ڪئي هي هڪ همدرد ۽ پرخلوص انسان آھي. دايو صاحب کان موڪلايوسين ته رات ٿي وئي هئي جنهن ڪري واپس سکر روانا ٿياسين ۽ سڌو سينئر ايڊوڪيٽ امان الله ملڪ جي جاءِ تي پھتاسين جتي منھنجي مان ۾ امان الله صاحب پاران دعوت رٿيل هئي، جتي سکر شھر جي خاص طور تي رسول بخش پليجو صاحب جي ساٿي سينيئر ايڊوڪيٽ ۽ سينئر سياسي اڳواڻ، ۽ شاهه لطيف جي پارکو سائين ھادي ڀٽ سان شاندار قومي ڪچھري ٿي. ھن ڪچھري ۾ آغا غلام نبي پٺاڻ، ايڊوڪيٽ شيوڪ رام، ايڊوڪيٽ رفيق احمد چاچڙ، ڊاڪٽر ياسين سميجو، دوارڪا داس ۽ ٻيا معزز شھري پڻ مدعو هئا، جن سڀن سان پڻ ڀرپور ڪچھري ٿي.
16نومبر تي صبح جو آغا غلام نبي صاحب جي ساٿ ۾ ليوڪس پارڪ جو نظارو ڪرڻ کان پوءِ مير معصوم شاهه جي مناري تي پھتاسين متي وڃڻ جو دروازو مستقل بند ڪيو ويو آهي، جنھن ڪري افسوس ۽ اداسي جي ڪيفيت ۾ ڪجهه وقت مناري جي ٿلھي تي گذاريو، پوءِ گنبذ ۽ چبوترن جو جائزو وٺڻ بعد اتان واپس ٿياسين. ڪجهه دير گھنٽاگھر مھراڻ مرڪز ۽ ڀرسان وارن مارڪيٽن ۽ بازارن جو چڪر لڳايوسين مون ھڪ گرم جاڪيٽ به خريد ڪيو، مقصد مارڪيٽن ۽ بازارن جو ماحول ڏسڻ ھو جيڪو لڳ ڀڳ اڳ جھڙو ئي محسوس ٿيو. ان کان پوءِ آدم شاهه جي ٽڪريء تي وياسين، جتي ڪجهه وقت گذاري واپس ٿياسين، ٽڪريءَ جو صرف چوٽيءَ وارو حصو بچيو آهي، باقي قبضو ٿي ويو آهي، ۽ بي ڍنگي ڪچي آبادي ٽڪريءَ کي وڪوڙي وئي آهي، ٽڪريءَ جي خوبصورتي ختم ٿي چڪي آهي. آدم شاهه جي ٽڪريءَ تان واپس ٿي اچي پراڻي پيرڳوٺ بس اسٽاپ تي اچي ھڪ صاف سٺي ريسٽورنٽ تي ماني کاڌي سين، جنھن کان پوءِ پياري سليم مھر، آغا غلام نبي ۽ ٻين دوستن کان موڪلائي واپس ڪراچيءَ روانو ٿيس.
اھڙيءَ طرح ٽي ڏينھن ٽي راتيون سکر شھر ۽ ماڳن مڪانن جو دورو مڪمل ڪري واپس ٿيس. سنڌ جي ٻين شهرن ۽ ماڳن جو سير سفر ڪندي سنڌ جو ماضي نظر ايندو آهي. انھن سڀن کان سکر جو دؤرو بلڪل منفرد ھئو، جنھن دوران مون تاريخ جي ڳولائو مسافر کي پنھنجي ماضيءَ جي يادگيرين پنھنجي ڄار ۾ وڪوڙي ورتو ھو. 40 سال پهرين جنھن شھر جا نه صرف روڊ ۽ رستا پنھنجا ھئا، ليڪن ڏينهن ۽ راتيون به پنھنجا ھئا، ھن وقت ھتي ھيترن سارن پيارن ۽ محبتي دوستن ھوندي به ھي شھر منهنجو نه ھو، ھي انھن سڀن دوستن جو شھر ھو، مان شھر ۾ مھمان ھئس صرف مھمان، ھي شھر منھنجو نه ھو، واپسي جو سفر عجيب ڪيفيتن ۾ گذريو، عجيب احساس، يادگيريون، حسرتون، محروميون، محبتون، ۽ نفرتون ليڪن سب ماضي ھو. مون ھڪدم پاڻ کي ماضيءَ مان حال ۾ آندو ته آء 1978ع کان ڪراچيءَ ۾ آھيان، ۽ 40-42 سال وڏو عرصو آهي، جيڪي مون ڪراچيءَ کي پنهنجو ڪرڻ ۾ گذاريو آهي. ڪراچي روشنين جو خوبصورت شھر جڏهن وڳوڙن جي وڪڙ ۾ اچي ويو ته 1988ع ۾ ڪراچيءَ جي لساني جھيڙن دوران قومپرست دوستن سان گڏجي سنڌي ماڻهن کي ڪراچيءَ ۾ آباد ڪرڻ لاءِ سچل ڳوٺ وسايوسين، ان جي تحفظ، تعمير ۽ ترقيءَ لاءِ عملي جدوجهد ڪئي، ۽ قومي ٻڌي قائم ڪري سڀن جي ڳڏيل جدوجھد سان سچل ڳوٺ ۾ تعليمي اداران، راندين جي ميدان ۽ پارڪ سميت ھر سھولت سان سينگاريوسين. جنهن ڪري سچل جي ڪاميابي سان آباد ٿيڻ بعد ڪراچيءَ جي ھن پاسي تي وڏي تعداد ۾ سنڌي ڳوٺ ۽ سوسائٽيون آباد ٿيا آهن، جن جي تحفظ ۽ تعمير لاءِ پڻ پنھنجو قومي ڪردار ادا ڪيو آهي. ۽ ھن وقت پورو علائقو سنڌين جو علائقو سمجھيو وڃي ٿو، ۽ سچل جو علائقو سڏيو وڃي ٿو. اھڙيءَ طرح اسين ڪراچي ۾ خاص پنھنجو علائقو قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا آھيون. ھاڻ سکر منھنجو نه منھنجي سنگت جو ئي سھي، ليڪن ڪراچي منھنجو شھر آھي.