نئين سکر جي تعمير
جنهن کي ھاڻي پراڻو سکر سڏيو وڃي ٿو. ان کان پوءِ مغل شهنشاهي دور ۾ ئي نئي سکر واري پاسي تي تاريخي عمارتن جي اڏاوت شروع ٿي، پھرين مير ابوالقاسم نمڪين جڏهن بکر جو حاڪم مقرر ٿيو، ته هن تعيراتي ڪم ڪرايا، ھن مسجدون ۽ عيد گاهه ٺھرايا جيڪي هاڻي بلڪل مٽجي چڪا آهن، صرف سندس ھڪ اهم يادگار ”صفه صفا“ ستين جو آستان اڄ به روھڙيء پاسي درياھ جي ڪناري موجود آهي. ان کان پوءِ نئين سکر جي ھڪ اونچي پھاڙي تي مير معصوم شاهه پنھنجي حڪومت ۾ سکر جي سڀن کان نمايان ۽ اھم تاريخي ماڳ مير معصوم شاهه جي مينار تعمير ڪرايو ۽ ان جي ڀرسان خوبصورت گنبذ تعمير ڪرايو، نئي ۽ پراڻي سکر جي وچ تي ھڪ شاندار مسافر خانو به مير معصوم شاهه صاحب تعمير ڪرايو، جيڪو موجودہ ڊسٽرڪٽ جيل سکر ڀرسان ھيو. ان کان سواءِ مير معصوم شاهه ٻين تاريخي ماڳن سان گڏ سنڌو درياهه جي منزل گاهه واري پتڻ سامھون مسافر خانو ۽ مسجد جي به تعمير ڪرائي ۽ سندس پٽ ھنن عمارتن ڀرسان مسافرن جي آرام ۽ سھولت لاءِ باغ ٺھرايو. جنھن کان پوءِ غلام شاهه ڪلھوڙي پنھنجي دؤر ۾ آدم شاهه جو مقبرو تعمير ڪرايو ۽ ان کان سواءِ شاهه لطيف جو اوتارو پڻ تعمير ڪرايو، جنھن جو ھاڻي وجود نه رھيو آھي. ان کان پوءِ انگريزن جي اچڻ تائين سکر ۾ ڪائي به قابل ذڪر تعمير نه ٿي سگهي. چيو وڃي ٿو ته انگريزن جي اچڻ وقت به معصوم شاهه جي مناري ۽ منزل گاهه جي وچ تي صرف جھنگ ھيو.
* ٽالپرن جي دؤر ۾ سکر
سنڌ تي ٽالپرن جي حڪومت کان پھرين ڪلھوڙن جي دور ۾ ئي شڪارپور ۽ ان جي آسپاس اتر سنڌ جا علائقا افغانستان جي ماتحت ھئا، جنھن تي دوراني گورنر حڪومت ڪندا هئا ۽ ھن پوري علائقي کي مغولي سڏيو ويندو هو، بکر جو قلعو به انهن جي قبضي هيٺ هو.
ٽالپرن 1783ع ۾ ڪلھوڙن کي شڪست ڏئي سنڌ جون واڳون سنڀاليون، ليڪن ٽالپر به ڪلهوڙن وانگر ڪابل کي ڍل ڀريندڙ هئا، ڪجھه وقت کان پوءِ ٽالپرن سنڌ کي ٽن حصن ۾ ورهايو ته خيرپور رياست مير سهراب خان ٽالپر جي حصي ۾ آئي. بکر ۽ شڪارپور به سھراباڻين کي ويجھو ھئا. ”جڏهن 1793ع ۾ تيمور شاهه وفات ڪري ويو ۽ زمان شاهه تخت تي ويٺو ته ان وقت بکر قلعو سکر، شڪارپور ۽ آسپاس جي ٻين علائقن کي سري جو مغولي علائقو سڏيو ويندو هو، جنھن تي افغانستان جي ماتحت دراني حڪومت ڪندا هئا.
ان تي مير سهراب خان جي پٽن مير رستم خان ۽ مير مبارڪ خان سکر ڀرسان دورانين سان جنگ ڪري کين شڪست ڏئي، ھنن علائقن تي پنھنجو قبضو ڪيو، فقط شڪارپور مٿان ڪابل پاران نائب حڪومت ڪندو هو، پوءِ 1824ع ۾ شڪارپور تي به ٽالپرن قبضو ڪيو.“ (1)
ٽالپرن جي دور ۾ سکر جي علائقي ۾ خوشحالي هئي هتي جون زمينون ۽ باغات خوشحالي جو وڏو سبب هئا، ۽ ميرن هتي آبپاشي بھتر بنائڻ لاءِ واهه کوٽايا هئا، جيڪي اڄ به ميرواهه سنڌجن ٿا.
انگريزن ھندستان جي پوري ملڪ کي فتح ڪرڻ بعد ”وائسراءِ لارڊ آڪلنڊ ڪابل سان جنگ ڪرڻ لاءِ رنجيت سنگهه ۽ شاهه شجاع سان عهد نامو ڪري بمبئي ۽ بنگال جي لشڪر کي تيار ڪيو، جن کي سنڌ مان لنگهڻو هو ان لاءِ وائسراءِ پنھنجي پاران اليگزينڊر برنس کي 25 ڊسمبر 1838ع تي مير رستم خان ڏانهن موڪليو جنهن مير صاحب سان زبردستي معاهدو ڪيو ته بکر جو قلعو فوجي مقصدن لاءِ انگريزن وٽ رهندو، جنهن کي افغان جنگ کان پوءِ انگريز خالي ڪندا.“ (2)
بکر جو قلعو انگريزن جي هٿ اچڻ ڪري پراڻو سکر به سندن قبضي ۾ اچي ويو ۽ نئين سکر جي ٽڪرين تي به فوجي بيرڪون ۽ ڇاوڻيون اڏجي ويون.
انگريزن بکر قلعو هٿ ڪري ان ۾ هٿيار ٺاهڻ ۽ بارود ٺاهن جا ڪارخانا قائم ڪيا جن جو انچارج ليفٽيننٽ جان جيڪب هئو، جنهن بعد ۾ جيڪب آباد شهر ٺاهيو.
** ”نئين سکر“ جي نئين تعمير 1843ع کان شروع ٿي، جڏهن انگريزن پوري سنڌ تي قبضي بعد سکر کي فوجي لشڪر جو هيڊ ڪوارٽر بڻايو. انهيءَ کان اڳ رياست خيرپور جي ميرن جي اجازت سان هتي هڪ فوجي ڇانوڻيءَ جو قيام عمل ۾ آيو هو، انگريزن جي قبضي ۾ پراڻو سکر هو، نئين سکر جو وجود بعد ۾ ٿيو.
انگريزن سکر جي فريڪ هل تي فوجن لاءِ بريڪون تعمير ڪرايون، جتي 18000 فوجن کي سکر ڇاوڻيءَ ۾ آرام ڪرڻو هئو، جن جو ٺيڪو آغا خانين جي امام آغا خان حسن علي جي مريدن خواجن، ميمڻن، پارسين ۽ هندو سيٺين کي ٺيڪن جا ڪم مليا، جن پنهنجي رهائش لاءِ نئين سکر ۾ ڪچا گهر ٺاهي ويٺا ۽ سرڪاري پڪا دفتر اسپتالون ۽ رهائشي بنگلا تعمير ٿيا.بکر ۽ آسپاس علائقي جي هندن معصوم شاهه جي ميناري کان هيٺ جهوپڙن ۾ سيڌي سامان جا دوڪان کوليا، جنهن ڪري هنن دوڪانن کي ڇپري بندر سڏيو ويو، جنهن ۾ وقت سان گڏ واڌارو ۽ ترقي ٿيندي ويئي هيئنر اها مک ڪپڙي جي بازار آهي.
ان کان اڳ معصوم شاهه جي مناري کان ھيٺ گھاٽو جھنگ هو ۽ خوفناڪ جانور به اتي رهندا هئا. انگريزن انهيءَ جھنگ کي ڪٽرائي صاف ڪيو ۽ اتي هنن ملٽريءَ جو مرڪز قائم ڪيو، جنهن بعد آبادي وڌندي وئي ۽ هي شهر تعميري ترقيءَ تي گامزن ٿيو. عاليشان محلاتون، پهاڙين تي سرڪاري دفتر ۽ رهائشگاهون تعمير ٿيون. 1845ع ڌاري هڪ مهلڪ بيماريءَ منهن ڪڍيو، جنهنڪري 500 کان وڌيڪ فوجي مري ويا. اهو ڏسي چارلس نيپئر باقي فوج کي ٻئي هنڌ منتقل ڪيو.
1842ع ۾ سکر شهر شڪارپور ضلعي ۾ هو ۽ اڪثر چيو وڃي ٿو ته 1883ع ضلعي هيڊ ڪوارٽر بڻيو. ليڪن پير علي محمد راشدي سکر ضلعي ھيڊ ڪوارٽر ٿيڻ جو سال 1901ع لکيو آهي. جنھن لاء پير علي محمد راشدي صاحب لکي ٿو ته: ”سنڌ تي انگريزن جي قبضي بعد به سکر ضلعو پهريائين شڪارپور ضلعي جو هڪ حصو هو. 1901ع ڌاري، شڪارپور ضلعي کي ختم ڪري، منجهانئس ٻه ضلعا ٺاهيائون، يعني سکر ۽ لاڙڪاڻو. سکر جي ڪليڪٽرن جو ٻاٻو آدم ڪرنل ميهو هوندو هو، جنهن سڀ کان پهرين سکر کي ٺاهي ۽ سينگاري، موجوده صورت وٺرائي.“(3)
سکر ضلعو ٺهڻ کانپوءِ سکر جي وڌيڪ ترقي ٿي ۽ شڪارپور جي تجارت به گھڻي ڀاڱي سکر ۾ منتقل ٿي. ليڪن ان کان اڳ به انگريز حڪومت سکر جي ترقي لاءِ اھم تاريخي منصوبا عمل ۾ آندا، جن ۾ سب کان پهرين سنڌو درياهه رستي جديد جھاز راني قابل ذڪر آهي.
* انگريزن پوري برصغير تي قبضي کانپوءِ جديد جهاز رانيءَ جي شروعات سنڌ مان ڪئي. ھنن سنڌو درياھ ۾ پهريون وڏو ٻيڙو ”انڊس“ ته 1835ع ڌاري هلايو ويو، پر ان کان پوءِ انگريزن (Planet) ۽ (Satellite) نالي ٻه ٻيا ٻيڙا سنڌو درياھ ۾ هلايا. انهن ٽنهي ٻيڙن کي انگريزن سنڌ تي قبضي ڪرڻ وقت استعمال ڪيو هو. سنڌ تي قبضي ڪرڻ کانپوءِ انگريزن سنڌو درياھ ۾ هڪ ننڍو جهاز بيهاري ڇڏيو، جنهن لاءِ نيويءَ جو هڪ آفيسر به مقرر ڪيو ويو.
* سنڌو درياھ ۾ ٻيڙين وسيلي آمد رفت ۽ وڻج واپار اوائلي دور کان جاري رهيو آهي. پر سنڌوءَ ۾ جديد جهاز رانيءَ جي ابتدا انگريزن جي دور ۾ ٿي. 1852ع ڌاري انگريزن ڪراچيءَ کان ڪوٽڙيءَ تائين پاڻيءَ جو هڪ ننڍو جهاز هر پندرهين ڏينهن ٽپال لاءِ استعمال ڪيو ۽ اهڙيءَ ريت سرڪاري سطح تي برصغير ۾ ٽپال جي ابتدا به سنڌوءَ درياھ وسيلي سنڌ مان ڪئي وئي.
جڏهن انگريزن سنڌو درياھ کي واپاري مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته ان لاءِ سڀ کان پهريائين 1856ع ڌاري ”Oriental Inland Steam Company“ قائم ڪئي وئي ۽ ان ڪمپنيءَ کي برطانوي سرڪار ساليانو 50 هزار روپيا سبسڊي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ ان ڪمپنيءَ اڍائي لک پائونڊ جي سيڙپڪاريءَ سان برصغير ۾ ’اسٽيم ٽرين‘ هلائڻ جو برطانيا سرڪار سان ٺاهه ڪيو، ليڪن بد انتظامي جي ڪري ترت ئي ان ڪمپنيءَ جو ڏيوالو نڪري ويو ۽ ان 1869ع ڌاري پنهنجو ٻيڙو وڪرو ڪري ڇڏيو. 1859ع ڌاري انگريز سرڪار جي ڪوشش سان ”Indus Steam Flotilla“ جي نالي سان ڪمپني ٺاهي وئي ۽ ان ڪمپنيءَ کي انگريز سرڪار ڪراچيءَ کان ڪوٽڙيءَ جي وچ ۾ تعمير هيٺ ريلوي لائين وڇائڻ ۾ مدد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. سمنڊ وٽ انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻي جي سطح مٿي هئڻ جي ڪري انگريز سرڪار سنڌ جي قديم شهر جهرڪ ۾ ’انڊس اسٽيم فلوٽيلا‘ جو بندرگاھ ٺاهيو، جيڪو برطانيا سرڪار پاران سنڌ ۾ قائم ٿيل پهريون بندرگاھ آهي. ان دور ۾ جهرڪ ويجهو سنڌو درياھ انتهائي گهرو هو، تنهن ڪري اتان جهاز جي آمد رفت آسانيءَ سان ٿي پئي سگهي. بندر ٺهڻ ڪري ”جهرڪ“ شھر تمام گهڻي ترقي ڪئي. انڊس فلوٽيلا تي جهرڪ ۾ سامان چاڙهڻ کان اڳ ٻاهران ايندڙ سامان ڪراچي ڪياماڙيءَ تي لاٿو ويندو هو، جتان اهو سامان سنڌ، پنجاب ۽ سرحد ڏانهن درياھ وسيلي موڪليو ويندو هو. سنڌو درياھ ۾ هلندڙ وڏا جهاز ڪوئلي تي هلندا هئا ۽ اهي ملتان ۽ اٽڪ کان ٿي ڪالاباغ واري هنڌ تائين ويندا هئا. 1859ع ڌاري ڪراچي هاربر کان گذريءَ تائينءَ پٽڙي وڇائجي وئي. جنهن بعد ڪياماڙيءَ کان سامان ريل رستي گذري، ڪراچيءَ تائين ايندو هو، اتان ٻيڙين ۾ وجهي سمنڊ وسيلي انڊس ڊيلٽا وارو رستو وٺي جهرڪن تائين پهچايو ويندو هو.
* انڊس اسٽيم فلوٽيلا بابت نامور تاريخدان مولائي شيدائيءَ پنهنجي ڪتاب ’تاريخ سکر‘ ۾ لکيو آهي ته: ”انهن ڏينهن ۾ ’انڊس فلوٽيلا ڪمپنيءَ‘ جا جهاز مهراڻ جي ڊيلٽا مان ملتان مال ڍوئيندا هئا، جن سان فلاٽون ٻڌندا هئا. مال آڻيندا هئا، جيڪو ڪراچيءَ کان ولايت ويندو هو ۽ ولايتي مال سنڌ ۽ پنجاب جي شهرن کي پهچندو هو. آگبوٽن ۾ ڪاٺيون ٻرنديون هيون، جن جي کڻڻ لاءِ مهراڻ جي ڪپ تي اسٽيشنون قائم ڪيون ويون، وري جيڪي شهر بندر هئا، اتي ٽرئفڪ ايجنسيءَ جا دفتر کوليا ويا. سکر ۾ مسجد منزل گاهه واري هشت پهلو عمارت ۾ ٽرئفڪ جي آفيس کولي وئي هئي، ان کان اڳ ۾ ٻيڙين وسيلي جيڪو اناج سکر پهچندو هو، سو وڻن هيٺيان ڍڳ ڪري رکندا هئا. مگر انڊس فلوٽيلا ڪمپنيءَ جي باقاعدي سروس کلڻ کان پوءِ بندر تي ريلوي ڦاٽڪ لڳ هڪ وڏو گدام مال رکڻ لاءِ تعمير ڪيو ويو، جيڪو وقت گذرڻ کان پوءِ نواب فئڪٽري ۾ بدلجي ويو، سکر بندر تي هيءُ پهريون گدام هو. 1858ع ۾ ڪراچيءَ کان ڪوٽڙيءَ تائين انڊس فلوٽيلا ڪمپنيءَ جو هيڊ ڪوارٽر ڪوٽڙيءَ ۾ منتقل ڪيو ويو. سنڌ ۽ پنجاب کان ايندڙ مال ڪوٽڙيءَ ۾ لهندو هو ۽ هتان ريل گاڏين ۾ چاڙهي ٻين هنڌن ڏانهن موڪليو ويندو هو. هن بندر تي هزارين مزدور ڪم ڪندا هئا. جهازن جي گودي به ڪوٽڙيءَ ۾ منتقل ٿي آئي. انهيءَ سموري عرصي دوران ڪوٽڙي بندر کي وڏي اهميت ملي ۽ ڪوٽڙي سنڌ جو بمبئي بندر بڻجي ويو.“ (4)
انگريزن جي دور ۾ پھريون وڏو منصوبو سکر ۽ روھڙيءَ کي ريل رستي ملائڻ لاءِ لينسڊائونس پل، سکر بيراج جنھن کي لائڊ بيراج جو نالو ڏنو ويو سو به برٽش دور ۾ ٺھيو جيڪو دنيا جي سڀ کان وڏي آبپاشي سسٽم کي ڪنٽرول ڪري ٿو. ان کان سواءِ تعليمي ادارا، بجلي گهر، سکر ريلوي اسٽيشن، روھڙي ريلوي اسٽيشن، ڪارخانا ۽ فيڪٽريون جن سان سکر جي صنعت ۽ تجارت جي وڏي ترقي ملي. انگريز دور جي مک ترقياتي منصوبن جو تفصيلي احوال اڳتي هلي الڳ الڳ لکبو.
روزاني ايڪتا 2 جولاءِ 2022ع
حوالا
(1)- ”تاريخ سکر“، رحيمداد خان مولائي شيدائي، صفحو 140
(2)- “ساڳيو“ صفحو 143
(3)-”اھي ڏينھن اھي شينھن“، پير علي محمد راشدي، صفحو51- 52
(4)- ”تاريخ سکر“، رحيمداد خان مولائي شيدائي، صفحو 159