ماڳ مڪان / شھر / ڳوٺ

سکر تاريخ جو گلدستو

هن ڪتاب ۾ سکر جا اهم تاريخي ماڳ: ”اروڙ“، ”ڪالڪا مندر“، ”مومل جي ماڙي“، ”بکر جو قلعو“، ”سَتِين جو آستان“، ”معصوم شاھ جو منارو“، ” آدم شاھ ڪلھوڙو“، ”ساڌ ٻيلو“ شامل آهن. ان کان علاوه سنڌو درياھ، سنڌوءَ جي پھرين تھذيب، سکر جي قديم تاريخ، روهڙيءَ جي تاريخ، سکر جي نئين تعمير ۽ سکر جي يادگيرين بابت پڻ ليک پڻ ڏنا ويا آهن.

Title Cover of book سکر تاريخ جو گلدستو

سنڌو درياهه

سنڌو درياهه جنهن تي سنڌ جي زندگيءَ جو دارو مدار آهي،
ڇو ته مٺو پاڻي زندگي آھي، جيڪو انسانن ۽ جانورن جي اڃ اجهائڻ سان گڏوگڏ زراعت لاءِ به بنيادي ضرورت آھي. سنڌو درياهه انساني آبادي کان هزارين سال اڳ کان سرزمين سنڌ مان وهندو رهيو آهي، جنهن جو پاڻي انسانن ۽ جانورن جي پيئڻ جي ڪم اچڻ سان گڏ زراعت لاءِ به بنيادي ضرورت آھي.
سنڌو درياھ جنهن جي ڪنارن تي انساني تاريخ جي پهرين اوائلي تھذيب پروان چڙھي ۽ هن ديس جو نالو به سنڌو درياھ جي نسبت سان ”سنڌ“ سڏجڻ لڳو. سنڌو درياھ جنهن جي قدامت انسان جي پيدائش کان گهڻو آڳاٽي آهي. سنڌو درياهه کي تاريخ ۾ ڪيترن ئي مختلف نالن سان سڏيو ويو آهي. ”اباسين“، ”سپت سنڌو“، ”مهراڻ“، ”انڊس“ وغيره سنڌو درياهه جا مختلف نالا آهن. سنڌوءَ جو ذڪر قديم ھندو ويدن ۽ پستڪن ۾ به ملي ٿو. دنيا جي انهن قديم ويدن کي سنڌوءَ جي ڪنارن تي تخليق ڪيو ويو. رگ ويد توڙي ٻين ويدن ۾ سنڌوءَ جي ساراهه ۾ ڀڄن چيل آهن. تاريخن ۾ اچي ٿو ته سنڌ توڙي هند تي اهي نالا سنڌو درياهه جي ڪري پيا.
سنڌوندي دنيا جي وڏين ندين مان سترهين نمبر تي آهي. مسلمانن جي روايتن موجب جنت مان چار درياهه نڪرن ٿا.1- نيل، 2- فرات، 3- جيحون،4- سيحون۔ جن مان سيحون ”سنڌو“ نديءَ کي چيو ويو آهي ۽ هنن درياهن جي ڪري مصر، عراق، ماروا، النهر ۽ سنڌ دنيا ۾”ارض معموره“ سڏجن ٿا، اهڙيءَ طرح ھندو ڌرم جي اوائلي ڪتاب رگ ويد جي ڏهين منڊل ۾”سنڌو نديءَ“ جي تعريف 75 سلوڪن ۾ بيان ڪيل آهي. سنڌو درياهه دنيا جي وڏين ندين مان سترهين نمبر تي آهي.(1)
** سنڌو ندي، 1800ميل/ 3000 ڪلوميٽر ڊگهي آهي، جيڪا هماليه جبل جي ”سنگي ڪباب“ جي برفاني ڌارا مان نڪري ٿي، سنگي ڪباب ”ٿٻيٽ“ ۾ آهي ۽ سنگي ڪباب مانسرور ڍنڍ کان 30 ميل پري آهي. سنڌو ندي والاريل ڪشمير مان ٿيندي آزاد ڪشمير، خيبر پختون خواهه، پنجاب لتاڙيندي، اتان جي ندين ۽ درياھن جو پاڻي پاڻ منجهه سمائيندي، سنڌ ۾ ڪشمور وٽان داخل ٿئي ٿي. پوءِ هاڻوڪي سنڌ کي سرسبز ۽ آباد ڪندي وڃي عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.
سنڌودرياھ جو اصلي نالو ”سنڌو“ آھي، سنڌو سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آھي، جنهن جي معنيٰ مھا ساگر (وڏوسمنڊ) جنهن جو ڪنارو نظر اچي نه سگهي، ۽ اها حقيقت آھي ڇو ته اڳ سنڌوءَ جي ٻوڏ کي روڪڻ لاءِ بند ڏنل ڪون هئا ۽ پاڻيءَ جي چاڙھ جي وقت ۾ سنڌو درياھ وڻن ٽڻن، ڳوٺن ۽ جهنگلن کي ٻوڙيندو تمام گهڻو پکڙجي ويندو هئو ۽ سمنڊ جھڙو نظر ايندو هئو. شروعاتي دور کان ڪابل ندي، گومتي وغيره سنڌونديءَ جون ڀرتي ڪندڙ شاخون هونديون هيون. سنڌو رواجي ندين کان تمام گهڻي وڏي رهي آهي. جنهنڪري آڳاٽن لوڪن نالو اهو نالو رکيس. ٻيو هي به چيو وڃي ٿو ته سنسڪرت ۾ ”سنڌو“ جو مطلب آهي سمنڊ يا وڏو درياءُ. ”سنڌو“ جو بنياد سنسڪرت لفظ ”سيند“ آهي جنهن جو مطلب آهي وهڻ، يا هميشه وهندڙ۔ ايرانين پاران ”سنڌو“ جو اچار ڦيرائڻ ڪري لفظ سنڌو لاءِ ڦري ٿيو ”هندو“ مطلب ته ”س“ کي ڦيرائي ”هه“ ڪيو ويو. قديم ايراني سنڌو ماٿري (سنڌ ۽ پنجاب) کان گهڻو پري ڪونه ويا. هنن اڪثر علائقن ۾ آرين کي رهندي ڏٺو انڪري چيو ويو هندو. آسٿان جيڪو اڳتي هلي ٿيو ”هندستان“. اهڙي طرح قديم ايرانين وٽان قديم يونانين کي هندستان بابت ڄاڻ پئي.
سڪندراعظم سان جيڪي تاريخ نويس آيا تن سنڌو ماٿري ۾ رهندڙ ماڻهن کي اُچار ڦيرائي سڏيو ”انڊو“ ۽ سنڌوندي کي سڏيائون ”انڊوس“، اهڙِي طرح سڄي ملڪ کي سڏيائون انڊيڪا. اڳتي هلي لئٽن ٻوليءَ ۾ اهي اُچار ڦري ٿيا ”انڊس“ ۽ ”انڊيا“. عرب فاتحن ”سنڌو درياهه“ کي مهراڻ نالي سان سڏيو ليڪن پوءِ به پنهنجي اوائلي سنسڪرتي نالي“سنڌو“ سان سڏجي ٿو.(2)
سنڌو (هندو) لفظ جو اصل مطلب هو ”سنڌونديءَ جي ڪناري رهندڙ“، هندستان لفظ جو اصل مطلب هو ”سنڌوندي وارو ملڪ“. اڳتي هلي جڏهن مسلمانن حڪومتون قائم ٿيون ته هندستان جو مطلب ڦري ٿيو. ”برهمڻي ڌرم کي مڃيندڙ“. اهڙي طرح لفظن جا اصلوڪا مطلب متروڪ يا گم ٿيندا ويا ۽ نوان مفهوم رائج ٿيندا ويا. آڳاٽن عربن کي به ”هند“ جي ڄاڻ قديم ايرانين وٽان پئي.(3)
** سنڌو درياھ ۾ ڇوڙ ڪندڙ نديون ۽ درياهه
کاٻي پاسي کان زنسڪار ندي، سرو ندي، سوئان درياهه، جھلم درياهه، چناب درياهه، راوي درياهه، بياس ندي، ستلج درياهه، پنجند ندي، گھگر، ھاڪڙو ندي، لوڻي ندي.
ساڄي پاسي کان شيوڪ ندي، ھنزہ ندي، گلگت ندي، سوات ندي، ڪونر ندي، ڪابل درياهه، ڪرم ندي، گومل ندي، زوب ندي.
سنڌو درياهه جي اترئين علائقن ۾ جڏهن برسات پوي ٿي يا جڏهن هماليا جي برف تيز گرمي سبب پگهرجي ٿي تڏهن مارچ ڌاري ان ۾ چاڙهه شروع ٿئي ٿو، جيڪو آگسٽ ۾ پنهنجي جوانيءَ کي پهچي ٿو ۽ نيٺ آڪٽوبر ڌاري لهڻ شروع ٿئي ٿو.
سنڌو ندي هماليا جبل جي ڪيلاش پربت واري مانسرور ڍنڍ مان نڪرڻ کان پوءِ ڪشمير ۽ گلگت واري جابلو حصي کي لتاڙيندي ٻارهنن هزار فوٽن جي بلنديءَ کان پهريان بنجيءَ تائين اتر اولهه وهندي اچي ٿي، تنهن کان پوءِ ڏکڻ اولهه جو رخ اختيار ڪري ٿي ۽ پنجاب کان پوءِ سنڌ ۾ به پهچي ٿي ته سندس رخ ڏکڻ اولهه آهي.
سنڌو درياھ جنهن جي وهڪري جو رخ اتر کان ڏکڻ طرف ۽ سنڌ ۾ (S) جيان آھي، ليڪن مختلف وقتن ۾ پاسن تي وهڪرا مٽائيندو به رهيو آھي، عربن جي ابتدائي دور تائين سکر کان مٿي ڇڄي سندس ٻه وھڪرا ٿيندا هئا، هڪ سکر وارو وهڪرو ٻيو وڏو وهڪرو اروڙ پاسي کان وهندو هو، جيڪو عمرڪوٽ ڀرسان گذري ٿر کان ٿيندو وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هئو، ھن کي مھراڻو سڏيو ويندو هو ۽ هن وهڪري جي ٻنهي پاسن تي به زمين آباد ٿيندي هئي (موجوده نارا ڪينال ان دريائي وهڪري تي ٺھيل آھي) اربن جي دور ۾ سنڌو درياھ پاسو ڦيرايو جنهن ڪري اروڙ پاسي واري وهڪري جو پاڻي به سکر واري پاسي ڏانهن وهڻ لڳو جنهن ڪري اروڙ شھر جو اوج ڦٽي ويو، واپار جي سامان لاء سکر ۽ روهڙي جو پتڻ استعمال ٿيڻ لڳو جنهن ڪري سکر ۽ روهڙي تيزي سان آباد ٿيڻ لڳا ۽ اروڙ آھستي آھستي برباد ٿيندو ويو.
ٻيو درياھ جو وڏو وهڪرو سنڌو نديءَ مان هاڪڙو درياهه به ”پنجند“ وٽان الڳ ٿي وهندو هئو، ھن کي به سنڌوءَ درياھ جي هڪ شاخ به چيو ويندو هو، ليڪن ھي الڳ درياهه ھئو جيڪو ھندستان ۽ پنجاب جي علائقن ۾ ٻين مختلف نالن سان سڏبو ھو ۽ سنڌ ۾ ھاڪڙو درياهه سڏيو ويندو هو.
هاڪڙي درياه جو وهڪرو به بلڪل سنڌوءَ جي وهڪري جيان هو. اهو گم ٿيل درياه جڏهن بهاولپور واري ”ديروار“ وٽ پهچندو هو، ته سنڌوءَ جيان اولهه ڏکڻ وارو عام وهڪرو اختيار ڪندو هو ۽ خيرپور وارين ٽڪرين تائين سندس رخ ساڳيو رهندو هو. ان کان پنجاهه ميل پوءِ ڏکڻ وهڻ شروع ڪندو هو. وري سندس رخ هڪ سو ميل تائين ڏکڻ اوڀر ٿي ويندو هو. اتان کان پوءِ ڏکڻ اولهه وهڻ شروع ڪندو هو ۽ ڪوري کاريءَ سان هڪ سو ويهه ميل سفرڪري، سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. ڏسڻ ۾ ايندو ته هاڪڙو درياه به سنڌ ۾ پهچڻ کان پوءِ انگريزي اکر ايس ”S“ جهڙي شڪل اختيار ڪري ويندو هو. ھي درياهه به ھندستاني علائقي ۾ زلزلي سبب سڪي ويو، ھن سڪي ويل درياهه جا نشان بھاولپور ۽ سنڌ ۾موجود آهن.
ھي درياهه بهاولپور کان ٿيندو ناري کان اوڀر وارو علائقو سيراب ڪندو ٿر کي لتاڙي وڃي ننگرپارڪر کان اوريان پارينگر بندر جي ويجهو ڪڇ واري سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هئو.
*سنڌ جي ڪلهوڙا دور ۾ به سنڌو درياهه جي وهڪري جي تبديلي اهم آهي. جيڪا 59 – 1758ع ۾ آئي.
نصرپور ڀرسان مراد آباد جو شهر هو، جيڪو 57- 1756ع واري ٻوڏ ۾ لڙهي ويو. مرادياب خان ۽ سندس ٻن پُٽن ٻيڙي ۾ چڙهي نڪري جان بچائي هئي. پوءِ اُتر ۾ سڪرنڊ جي پرڳڻي ۾ وڃي نئين راڄڌانيءَ جو بنياد رکيو هئائين. جنهن جو نالو هن احمد آباد رکيو هو. امڪان اُهو آهي ته هيءَ ٻوڏ هن علائقي ۾ وڏين درياهي تبديلين ڪري آئي، يا ٿي سگهي ٿو، ته هن وڏي ٻوڏ ڪري مٿيون درياهي تبديليون اچي ويون هيون.
سنڌو درياهه هماليا جبل کان نڪري سنڌو ماٿري جو ڊگهو سفر پورو ڪري وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو، سمنڊ ويجهو پهچي ٿو ته منجهائنس ڪئي ڇوڙ ٽٽي نڪرن ٿا جيڪي 70 ميلن ۾ پکڙيل آهن.(4)

بدر ابڙو صاحب سنڌو درياهه مان سفر ڪري ان تي ھڪ ڪتاب لکيو آهي، جنھن ۾ لکي ٿو ته: ”سنڌو نديءَ ۾، اوڀر طرف کان پنج نديون گڏجي پنجند وٽ اچي پون ٿيون ۽ اولهه کان ڪابل ندي، پاڻ سان سوات نديءَ جو پاڻي کڻي، اٽڪ وٽ سنڌوءَ سان ملي ٿي. درياهن جي پنهنجي ريت هوندي آهي. هر ننڍو درياهه ان مهل پنهنجو نالو وڃائي ڇڏيندو آهي جڏهن پاڻ کان وڏي درياهه ۾ شامل ٿي ويندو آهي. جهڙي طرح اوڀر جا چار درياهه گڏجي جهلم ۾ پوڻ کانپوءِ پنهنجي سڃاڻپ وڃائي جهلم ندي سڏجن ٿا ۽ جهلم ندي سنڌوءَ ۾ ملي پنهنجي نالي تان هٿ کڻي ٿي، اهڙي طرح سوات ندي پنهنجو وجود ڪابل نديءَ ۾ ۽ ڪابل ندي سنڌوءَ نديءَ ۾ ملي پنهنجي نالي تان هٿ کڻي ٿي. اهڙيءَ طرح سوات ندي پنهنجو وجود ڪابل نديءَ ۾، ڪابل ندي سنڌوءَ ۾ ملي ملائي پنهنجي سڃاڻپ ختم ڪن ٿيون. اهڙيءَ طرح سنڌو هڪ هڪڙي عظيم ندي بڻجي ٿي جو، سنڌو ماٿريءَ کان گهڻو پري نازل ٿيل الهامي ڪتابن ۾ به ان جو نالو شامل ٿيو ۽ دنيا جي چئن مقدس مکيه درياهن ۾ شامل ٿي. يعني، دجله، فرات، نيل ۽ سيحون (سيون، سين يا سنڌو) سنڌو نديءَ جي ٺاهيل ماٿريءَ پاڻ ۾ نيٺ ايتري ڪشش پيدا ڪئي جو آخرڪار شهنشاهيت پسندن ان جو ترو ۽ انت لهڻ لاءِ عظيم مهمون سر ڪرايون. انهن مهمن جا پڙاڏا اسان نيرڪس ۽ اسڪائي ليڪس جي صورتن ۾ ٻڌون ٿا.
ڪابل ندي اولهه کان اوڀر طرف سفر ڪري ٿي، اها افغانستان جي شهر ڪابل وٽان لنگهندي سنڌوءَ ڏانهن اچي ٿي. ان ڪري ان درياهه جي مهڙ واري اڌ، يعني اولهه واري حصي ۾ ٻنهي ڪنارن تي افغان رهن ٿا، جڏهن ته اوڀر واري اڌ تي پٺاڻ ۽ هندڪو ڳالهائيندڙ ماڻهو آباد آهن. ڪابل نديءَ جو اولهه وارو گهڻو ڀاڱو، ان لائق ناهي جو ان ۾ ٻيڙيون لاهي درياهي سفر ڪري سگهجي. ان ڪري قديم مهمون جيڪي اٽڪل 550- قبل مسيح کان شروع ٿيون پڪ سان ڪابل نديءَ جي ان حصي کان شروع ٿيون، جتان کان ٻيڙين ذريعي سنڌوءَ تائين رسائي ممڪن آهي، يعني لڳ ڀڳ نوشهري وٽان.“(5)
سنڌوءَ جا قديم بندرگاهه اروڙ، بلري، منصوره، منجابري، سکر، روهڙي، نيرون، ۽ ديبل وغيره هئا. هن وقت سنڌ صوبي ۾ سنڌوندي جي ڊيگھ 750ڪلوميٽر
سنڌ ۾ هن وقت به سکر، روهڙي، ڪوٽڙي ۽ ڪيٽي بندر سنڌوءَ جا اهم بندر آهن.(6)

سنڌو درياهه جي اڀياس مان صاف ظاهر آهي، ته اڳوڻي دور ۾ سنڌو درياهه جا ٻه وھڪرا ۽ ھاڪڙو درياهه سنڌ مان وھندڙ ھئا ته يقينن سنڌ پوري زرخيز ۽ خوشحال ھئي جنھن ڪري سدائين ٻاھرين حملن جي عتاب ۾ رھي آھي. انھن کان سواءِ ٻوڏ جي موسم ۾ گڊو ۽ سکر جي وچ کان درياھ جو ھڪ وھڪرو ڪشمور، ڪنڌڪوٽ ۽ شھدادڪوٽ کان ٿيندو، منڇر مان وھي سيوھڻ ڀرسان سنڌوءَ ۾ ڇوڙ ڪندو ھو. جنھن ڪري سنڌ جي تمام گھڻي زرعي زمين درياھي وڪرن سبب آباد ٿيندي ھئي.
انڊس ڊيلٽا جيڪا ڪنهن زماني ۾ جهازرانيءَ واري ڊيلٽا هئي. اڄ اها ان حوالي سان ختم ٿي چڪي آهي. سنڌو درياهه جي ڊيلٽا سنڌي جي تهذيب جي شروعات کان وٺي گذريل صدي تائين، سنڌ ۽ پري پري جي ملڪن مصر، حجاز، سمير، ايران، اوڀر آفريڪا، مها راشٽر، سريلنڪا ۽ چين سان گڏيل واپار جو مرڪز رهي آهي. سنڌو درياھ جو قديم دور وارو عروج مختلف بئراجن ۽ ڊيمن اڏجڻ سبب گهٽجي ويو آهي. جنهنڪري سنڌوءَ جي ٻنهي طرفن کان موجود ٻيلا پڻ پنهنجو جوڀن وڃائي ويٺا آهن. پاڻيءَ جي کوٽ ڊيلٽائي علائقن جي سونهن کي پڻ ڪاپاري ڌڪ رسايو آهي. اتان جي انساني آبادي پڻ بحران جي وَر چڙهي پڪي جي علائقن ڏانهن تيزيءَ سان لڏپلاڻ ڪري رهي آهي. سامونڊي ويرن جي چاڙهه سبب تقريبن سموري ڊيلٽائي علائقي ۾ کارو پاڻي ڪاهجي پيو آهي ۽ هزارين ايڪڙ زرعي زمين تباھ ٿي رهي آھي.



حوالا :

(1) ”جنت السنڌ“ صفحو 30، (رحيمداد خان مولائي شيدائي)
(2) ”جنت السنڌ“ صفحو 33، (رحيمداد خان مولائي شيدائي)
(3) ”سنڌوءَ جي ساڃاهه“ (ليکڪ سائين جي ايم سيد)
(4) ”جنت السنڌ“ صفحو- 31، رحيمداد خان مولائي شيدائي)
(5) ”سنڌوءَ جو سفر“، بدر ابڙو
(6) ”سير ريگستان“ (محمد اسماعيل عرساڻي)

روزاني ايڪتا 8 اپريل 2022ع