بکر جو قلعو
* بکر جو قلعو ھن وقت لينسڊائون برج جنهن کي عام طور تي روھڙي جي پل سڏيو وڃي ٿو، ۽ ايوب پل ھي ٻئي پليون سکر ۽ روهڙي ٻنھي شھرن کي ملائڻ ٿيون. لينسڊائون برج روهڙي ۽ سکر کي ملائيندڙ پهرين ريلوي پل آهي، هن جي اهميت انڪري به آهي، ته هن پل جي هنڌ تي سنڌو درياءُ ٻن شاخن ۾ ورهائجي ۽ وري ملي اڳتي وڌي ٿو ته وچ تي وڏو ٻيٽ ٺهي ٿو، جنهن جي ٽڪريءَ تي بکر جو قلعو ٺهيل آهي، هي ٽڪري به اروڙ وارين ٽڪرين جي سلسلي جو حصو آهي.
* موجوده وقت ۾ بکر جي ٻيٽ تي وڃڻ تمام سولو آهي، روھڙي کان يا سکر کان روڊ رستي بکر ٻيٽ تي آرام سان پھچي سگھجي ٿو، جيڪو پڻ ننڍو خوبصورت شھر بڻجي ويو آهي، اسين به اروڙ کان واپسي تي روھڙي کان ٿيندي لينسڊائون پل رستي بکر ٻيٽ تي پھتاسين.
14 نومبر تي 2018ع تي سکر جي تاريخي ماڳن جي دوري دوران اروڙ کان واپسي ٿيندي، لئنسڊائون پل رستي روھڙي کان بکر جي قلعي واري ٻيٽ تي پھتاسين، بکر جي قلعي جي موجوده صورتحال اها آهي، ته قلعي جون ڪجهه ديوارون زبون حال موجود آهن. بکر جي قلعي جو وڏو حصو جيڪو لئنسڊائون ۽ ايوب پل کان سکر بئراج واري پاسي تي آهي، اهو سڄو فوج جي حوالي آهي، جنهن ۾ ٻيو ڪو به عام طور تي وڃي نه ٿو سگهي. ٻئي پاسي واري ننڍي حصي ۾ هڪ وڏي درگاهه بزرگ صدرالدين شاھ جي آھي، جنهن جي اندر وڃي قلعي جا ٻه برج به ويجهي کان ڏسي سگهجن ٿا، ۽ قلعي جي ھن حصي ۾ ڪجهه شھري آبادي به آهي، جنهن ۾ پراڻيون ماڙيون ۽ ٻيون عمارتون به موجود آهن. بکر جي قلعي جي ايراضي اوڀر کان اولهه 800 گز ۽ ويڪر 300 گز آهي ۽ درياهه کان 25 فوٽ اونچي ٽڪري تي ٺهيل آهي. جنهن جا آثار به هاڻي پوين پساهن ۾ آھن.
اسان پل واري وڏي رستي تان بزرگ صدرالدين شاهه جي درگاھ واري پاسي ننڍي رستي سان ھيٺ بکر قلعي ۾ لٿاسين ته ھن رستي تي ئي سامنھون قلعي جي ھڪ ڊگھي ديوار نظر اچي ٿي جيڪا مزار ڀرسان ھڪ برج کان ڦيرو کائي ٿي، آبادي ۾ اندر وڃڻ کان پھرين ھتان ڪنڊ واري برج کان سواءِ سڌي ديوار سان گڏ بيٺل ٻيا ٻه برج به نظر اچن ٿا، جيڪي پڻ ضعيف حالت ۾ آھن، ليڪن اندران ويجھو کان ڪوٽ ۽ سندس برج ڏسي دل خوش ٿي، ڇو ته ھن قلعي جي اھميت ۽ تاريخي حيثيت تمام بھترين ۽ طاقتور رھي آھي. ھن وقت ھي ڪمزور آهي، ليڪن سنڌ جي تاريخ جو اھم نشان زندھ سلامت بيٺو آهي، ھن جي ديوار ۽ برجن کي ڏسي ھن قلعي جي عروج جو تصور ڪري سگھجي ٿو، اروڙ جو ته ڪو نشان ئي نه بچيو آهي.
** بکر قلعي جي تاريخ
تاريخ ۾ بکر جو ذڪر عربن جي اچڻ کان اڳ برھمڻ گھراڻي جي دور ۽ راءِ گھراڻي جي دور کان به اڳ ملي ٿو، انھن جي وقت ۾ بکر اروڙ جي ماتحت ھڪ دفاعي قلعو ھو ۽ سڪندر آعظم جي سنڌ تي ڪاھ وقت به بکر جو قلعو قائم ھيو، جنھن جو ذڪر يوناني سياحن ۽ تاريخدانن ڪيو آهي، ته ھتي بينا قوم رھندي ھئي جنھن ڪري ھن کي بينا ننگر سڏيو ويندو هئو، ۽ ريوٽي بينا قوم کي سوڍا ڏيکاري ٿو.(1) بکر جي قديمي هجڻ جو ذڪر چچ نامي ۾ به آهي، ۽ هن قلعي کي مختلفن نالن سان لکيو ويو آهي، جيئن بينا ننگر، بکر، بڪر، بيهڪر ۽ عربن جي عباسي حاڪمن هن کي نئين سر تعمير ڪرائي هن تي ”فرشته“ نالو رکيو پر اڳتي هلي وري پنهنجي اصل نالي بکر سان سڏجڻ لڳو.(2)
* سينئر آرڪيالاجسٽ، اشتياق انصاري صاحب پنهنجي تحقيقي ڪتاب سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا ڀاڱو-2 ۾ قديم ۽ اھم تاريخي ڪتابن جا حوالا ڏيندي بکر بابت لکيو آهي ته: ”سنڌ ۾ مسلمانن جي آمد کان اڳ ئي بکر ۽ سيوھڻ جا قلعا، دشمنن سان منهن مقابل ٿيڻ جا اھم مورچا ھئا، ”بکر جو قلعو ھندو دؤر ۾ موجود ھو، ھر دور جي حاڪمن ان جي مرمت ۽ توسيع ڪئي آهي، ڇا ڪاڻ ته انھي دؤر ۾ بکر ۽ سيوھڻ جا قلعا، سنڌ جي ٻن مکيه رستن جون ڪنجيون سڏبا ھئا.“ سيوھڻ جو قلعو افغانستان کان ٿيندڙ حملن کي روڪڻ جو اھم دروازو ھو. اھڙي طرح بکر جو قلعو اتر سنڌ جي علائقن جو محافظ ۽ پنجاب کان ٿيندڙ حملن کي روڪڻ جو اھم دروازو ھو.“
ساڳئي مضمون ۾ اڳتي انصاري صاحب لکي ٿو ته: ”ريورٽي جي لکت موجب عربن جي فتح کان اڳ به اتر سنڌ ۾ ٻه شھر اڪر ۽ بڪر موجود آهن، سکر کي اڪر ۽ بکر کي بڪر سڏيو ويندو هو، ۽ بڪر تي سوڍن جي حڪومت ھئي.“ محمد بن قاسم 711ع ۾ سنڌ فتح ڪئي ته ان وقت سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ اروڙ ھو. ان وقت جو علي ڪوفيءَ چچنامي ۾ بکر کي فتح ڪرڻ جو ذڪر ڪيو آهي ۽ لکي ٿو ته: ”بغرور (بکر) جي مقابل ٻڌيه طرف جي اھا اراضي، جا مھراڻ جي ڪناري تي واقع آھي.“ انصاري صاحب وڌيڪ حوالا ڏيندي لکيو آهي ته محمد بن قاسم جي فتوحات جي سلسلي ۾ غلام ابوالعباس احمد بن يحيا جابر بلازري ٻن شھرن ”الررور“ ۽ ”بغرور“ جن مان مراد اروڙ ۽ بکر سمجھڻ گھرجي.(3)
** سکر ۽ بکر تي نالو ڪيئن پيو ان بابت ڊاڪٽر ميمڻ عبدالحميد سنڌيءَ جو چوڻ آهي، ته سکر ۽ بکر ٻن ميدن جا نالا هئا، جن هي ٻئي وسنديون آباد ڪيون هيون، ميدن قديم زماني ۾ سکر ۽ ان جي پسگردائي ۾ پنهنجي رياست قائم ڪئي هئي، ميد سنڌ جي چند اوائلي قبلين مان هڪ آهن، جن جو ڪم مڇي مارڻ ٻيڙيون هلائڻ ۽ زراعت ڪرڻ هئو، جن مان اڳتي هلي ڪئي ذاتيون ٺهي ويون. مھاڻا ميدن جا پونئير آهن.(4) يوناني جاگرافي دان بطليموس بکر جو نالو ”بينا ننگر“ ڏنو آهي، ۽ لکي ٿو ته: ”بکر ۾ انهيءَ دور ۾ بينا قوم بکر ۾ رهندي هئي.“
* عرب دور ۾ اروڙ جي ويراني کان پوءِ اتي رھندڙ عرب عالمن به بکر ۾ رھائش اختيار ڪئي، جنهن ڪري بکر علمي ميدان ۾ ملتان، منصوره، ڪوفي، بغداد ۽ دمشق سان ھمسري ڪرڻ لڳو.(5)
عرب جڏهن پنھنجي اندروني ويڙھ ڪري ڪمزور ٿيا، ته مختلف پرڳڻن ۾ ڪجھ سنڌي قبيلا پنھنجي طور تي طاقتور ٿيڻ لڳا، ليڪن سنڌ تي ٻاهرين جون ڪئي سالن تائين ڪاهون ۽ ڦر لٽ جو دور رهيو، جيڪي اڪثر اولھ اتر کان ٿينديون رهيون، جن جو پھريون نشانو بکر ٿيندو رهيو آهي، جنهن جو مختصر احوال اوھان جي سامھون رکجي ٿو ته جيئن بکر قلعي جي تاريخ کي سمجهي سگهجي.
** بکر قلعي تي حملا ۽ حڪومتون
* عربن جي دور کان پوءِ سن 1025ع ۾ سلطان محمود غزنويء جي وزير عبدالرزاق سنڌ تي ڪاھ ڪئي. پهرين بکر تي قبضو ڪري، ٻه سال ھتي رھيو، انتظامي معاملا پورا ڪري پوءِ سيوهڻ ۽ ٺٽي ڏانهن ويو.(6)
* غلام سلاطين بادشاھن جي 1206ع کان 1290ع تائين حڪومت رهي ۽ بکر سکر سندن ماتحت رهيو. ناصر الدين قباچه ملتان، اچ ۽ سنڌ جو بادشاهه رهيو.(7)
* ان کان پوءِ وري 1226ع ۾ سلطان شمس الدين التمش جي وزير نظام الدين الملڪ اچي بکر جي قلعي تي قبضو ڪيو ۽ ناصر الدين قباچه کي قلعي مان ڀڄائي ڪڍيو، جيڪو سامان سان ڀريل ٻيڙين سميت درياھ پار ڪندي ٻڏي مري ويو.(8)
ان کان پوءِ وري 1251ع ۾، ناصر الدين محمود بن التمش وڏي لشڪر سان اچي بکر تي حملو ڪري قلعو حاصل ڪري ورتو.
* ترڪن جو خلجي قبيلو 1288ع کان 1320ع تائين دھليءَ تي بادشاهي ڪئي، ۽ سنڌ به سندن ماتحت رهي. (تاريخ سکر، ص 38). سلطان علاءُ الدين خلجي جي حڪم تي 1296ع ۾ نصرت خان ڏھن هزارن جو لشڪر ساڻ ڪري سنڌ تي ڪاھ ڪري آيو ته پھرين اچي بکر فتح ڪيائين، ۽ ھتي قبضو پڪو ڪري پوءِ سيوهڻ ۽ ٺٽي تائين به ويو. وري 1320ع کان پوءِ سگھو ئي دهليءَ جي بادشاھ سلطان غياث الدين تغلق، سنڌ ۾ سومرن جي طاقتور ٿيڻ جو ٻڌي، خواجه خطير کي بکر جو حاڪم ڪري موڪليو.
ان کان پوءِ وري جڏهن فيروز شاھ 1351ع ۾ دهليءَ جو بادشاھ ٿيو، ته ھن ٺٽي ۾ سومرن کي شڪست ڏيئي، موٽي اچي بکر جي قلعي ۾ ڪجهه ڏينهن رهيو، ۽ مَلڪ رڪن الدين کي پنهنجي پاران سنڌ جو نائب مقرر ڪري کيس ”اخلاص خان“ لقب ڏنائين. ڪيائين. فيروز شاھ بنگال فتح ڪرڻ کان پوءِ وري ٻيهر به ۾ بکر ۾ آيو.(9)
* سومرن جي زماني ۾ بکر جو شھر علم جو وڏو مرڪز رهيو. ھڪ وڏا وڏا جيد عالم ۽ فقيـه هن شهر ۾ رهندا هئا. شيخ محمد مڪي ۽ ان جا فرزند شيخ صحرائي ۽ سيد جلال سرخ بخاري هن شهر جا جيد ۽ بلند مقام بزرگ ۽ عالم ٿي گذريا آهن.(10)
* سنڌ جي سما دور جي بادشاهه ڄام انڙ سمي 1354ع ۾ اچي ترڪن کان بکر جو قلعو فتح ڪيو، ۽ وڏي عرصي سوين سالن کان پوءِ بکر جي قلعي تي سنڌين جي حڪومت قائم ٿي. سنڌ جي عظيم سلطان ڄام نظام الدين (ڄام نندو) به 1490ع ۾ ٺٽي کان بکر آيو، ۽ هڪ سال ھتي رهي فسادي ماڻهن کي سيکت ڏنائين ۽ امن امان قائم ڪرايو. سنڌ تي سما دور جي ڄام نظام الدين جي وقت ۾ بکر قلعو پوري اتر سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ھو، لاڙڪاڻي ۽ سيوي تائين پاسباني ڪندو ھو، ڄام سلطان ھتي قاضي قادن کي پنھنجو نائب مقرر ڪيو ھو.(11)
* شاھ بيگ ارغون 1520ع ۾ سنڌ جي گاديءَ جي شهر ٺٽي تي قبضو ڪيو، ليڪن ان کان پھرين ھن پنھنجي ٻن جرنيلن ھڪ فاضل ڪوڪلتاش کي بکر قلعي تي ۽ ٻيو مرزا عيسا خان ترخان کي سيوڻ تي ڪاھ ڪرڻ لاء موڪليو، ڄام فيروز عياشين ۽ غير ذميوار ھجڻ ڪري ھنن ٻنهي قلعن تي وقت سر فوجي امداد نه ڪري سگهيو، جنهن ڪري بکر قلعي تي قاضي قادن ھٿيارن ڦٽا ڪيا، ۽ سيوڻ تي به قبضو ٿي ويو. جنھن کان پوءِ بکر ڀرسان درياهه جي کاٻي پاسي کان رھندڙ مھر ۽ ڌاريجا مظبوط ۽ جنگجو سماٽ قبيلا ھئا، جن تي ڪوڪلتاش ھٿ رکي پنھنجو ڪيو، ان وقت دربيلو به بکر سرڪار جو حصو ھو. (12)
* جڏهن مرزا شاهه بيگ ارغون مير فاضل جي پٽ سلطان محمود خان کي بکر جو حاڪم ڪري موڪليو هو، تڏهن هو پندرهن ورهين جي عمر جو هو. ۽ ان وقت ڌاريجا به بکر . ڪجهه وقت کان پوءِ اهي سلطان محمود خان سان مخالفت ڪرڻ لڳا ۽ ان کي تڪليفون پهچائيندا رهيا. نه رڳو ايترو بلڪ سلطان محمود خان کي بکر مان تڙي ڪڍڻ جون ڪوششون ڪرڻ ۽ ماڻهن کي ڍلن ڏيڻ کان روڪڻ ۾ ڪمر ڪشي بيٺا. سلطان محمود خان جا جيڪي عملدار وٽن ويندا هئا، تن کي بي عزتو ڪريو روانو ڪندا هئا. آخر انهن ڌاريجن روهڙيءَ جي ميدان ۾ لشڪر گڏ ڪيو ۽ سلطان محمود خان کي گرفتار ڪرڻ جو ارادو ڪيائون. سلطان محمود خان به بکر جي قلعي مان نڪري انهن سان جنگ ڪرڻ لاءِ سنبريو، پر قلعي ۾ رهندڙن ڪوٽائي ساداتن جي صلاح موجب ترسي پيو. هوڏانهن وري ڌاريجن ٻه ڀيرا درياهه اڪري بکر جي قلعي تي حملي ڪرڻ جو ارادو ڪيو، پر ڪوٽائي ساداتن کي سلطان محمود خان جي طرفان جنگ ڪرڻ لاءِ تيار سيدن کي سامنھون نه ٿيا، ۽ مڙي ويا.(13)
* جيڪي ڪوٽائي سادات هينئر روهڙي ۽ سکر ۾ رهن ٿا، انھن جا وڏا گهڻي وقت کان بکر جي ڪوٽ اندر حويليون ٺاھيون ويٺا هئا. ۽ جڏهن مرزا شاهه بيگ ارغون سلطان محمود کي بکر موڪليو هو، ته بکر جي قلعي ۾ رهندڙن ڪوٽائي سيدن نهايت وفاداريءَ سان سلطان محمود خان جي پٺڀرائي ڪئي. ڌاريجن جي مخالفت ۽ بغاوت وقت به انهن سيدن جا هٿ سلطان محمود خان جو بچاءُ ڪندا آيا، ڌاريجن ھڪ ڀيري سلطان محمود کي قلعي مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ بکر قلعي تي ڀرپور طاقت سان وڏي ڪاھ ڪئي ھئي ته ھي سيد سلطان محمود جي حفاظت لاءِ ڌاريجن سان سامنھون ٿيا، ته ڌاريجن سيدن تي ھٿ کڻڻ مناسب نه سمجهيو ۽ واپس ٿي ويا.
* جڏهن مير فاضل بکر جي نزديڪ اچي منزل ڪئي، تڏهن لالي مهر جيڪو وڏو زميندار هو، سو پنهنجن ڀائرن سميت سندس خدمت ۾ اچي حاضر ٿيو ۽ ڌاريجا زميندار به جدا جدا ڳوٺن مان گڏ ٿي مير فاضل جي سلام تي آيا. مير فاضل ستيتاليهن ڌاريچن وڏيرن کي پاڻ سان بکر ۾ وٺي آيو. سلطان محمود خان پنهنجي پيءُ جي قدم بوسي اچي ڪئي ۽ دل جو سارو احوال ٻڌايو.
مرزا شاهه بيگ ارغون کي خبر پيئي، ته مير فاضل خير سان بکر پهچي ويو، تڏهن پاڻ به تڪڙيون تڪڙيون منزلون ڪري، اچي سکر جي ميدان ۾ منزل ڪيائين، ته سلطان محمود خان اتي وڃي مرزا شاهه بيگ جو سلام ڪيو، جنهن ان کي نهايت مهرباني ۽ نوازشن سان نوازيو. قاضي قاضن به پنهنجن ڀائرن سميت مرزا شاهه بيگ جي سلام تي آيو. سلطان محمود خان ڌاريجن جي ساري حقيقت مرزا شاهه بيگ جي اڳيان پيش ڪئي. مرزا شاهه بيگ وري قاضي قاضن ڏي منهن ڪري ان کان صلاح پڇي. قاضي قاضن عرض ڪيو، ته: ”هن ملڪ جي زمين پوسل واري آهي، جنهن ۾ ڪنڊا گهڻي قدر اڀرندا آهن. زمين کي ڪنڊن کان صاف ڪرڻ واسطي ڪوڏر هميشه ڪلهي تي رکڻ گهرجي.“ مرزا شاهه بيگ انهيءَ گفتي ٻڌڻ شرط سلطان محمود خان کي حڪم ڏنو، ته ”جيڪي ڌاريجا بکر ۾ موجود هجن، تن سڀني کي هڪدم وڃي قتل ڪريو.“ تنهن تي سلطان محمود خان بروقت بکر قلعي ۾ آيو ۽ جيڪي به ڌاريچا قلعي ۾ هئا، تن کي هڪڙو هڪڙو ڪري قتل ڪرائيندو قلعي جي برج تان درياهه ۾ ڦٽو ڪرائيندو ويو. ان کان پوءِ ان برج کي خوني برج سڏيندا هئا.(14)
* مرزا شاهه بيگ جي حڪم موجب بکر جي ڌاريجن کي جڏهن سلطان محمود خان قتل ڪرڻ خاطر جمع ڪيو، تنھن کان پوءِ ٻئي ڏينهن صبح جو ڪوٽائي ساداتن کي ساڻ ڪري مرزا شاهه بيگ جي سلام تي آيو ۽ ساداتن جي نيڪ خدمتن ۽ خير خواهيءَ جي گهڻي تعريف ڪيائين، جنهن ڪري مرزا شاهه بيگ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ساداتن کي انعام اڪرام ڏيئي نوازيائين. جڏهن مجلس برخاست ٿي ۽ سادات به موٽي بکر ۾ ويا، تڏهن مرزا شاهه بيگ سلطان محمود خان کان خلاصائيءَ ۾ ساداتن جو حال احوال ورتائين. سلطان محمود خان وري به سيدن جي تعريف ڪئي، مگر پڇاڙيءَ ۾ عرض ڪيائين ته: ”سيد حضور جن جي حڪومت جا بيشڪ خيرخواهه آهن، مگر سڀ هڪڙيئي ڪٽنب جا ۽ ڏاڍا بھادر جوان آهن. تنهن ڪري انهن جي جماعت جو قلعي جي اندر رهڻ خطري کان خالي نه آهي.“ اها ڳالهه ٻڌي مرزا شاهه بيگ مرڪيو ۽ چيائين ته ”ساداتن جي سفارش تو ڏاڍي چڱي ڪئي آهي.“ پوءِ مرزا ساداتن ڏي پيغام موڪليو ته: ”ڪي مغل آيا آهن، جيڪي قلعي ۾ ئي رهندا، تنهن ڪري جيڪي به سادات جدا جدا حويلين ۾ رهن ٿا، سي ٻن ٽن وڏين حويلين ۾ گڏجي وڃي رهن، ته باقي حويلين ۾ اهي مغل اچي رھندا. ساداتن انهيءَ طرح سان قلعي ۾ رهڻ کي سٺي ڳالهه نه سمجهي، ان ڪري مرزا شاهه بيگ کي چورائي موڪليائون ته: ”مغل قلعي ۾ اچي رهن، تنهن کان اڳ اسان کي اجازت ڏيو، ته ڪوٽ کان ٻاهر وڃي رهون، اھا ڳالھ ٻڌي مرزا شاهه بيگ انهن ساداتن کي روهڙيءَ ۾ رهڻ لاءِ زمينون ڏنيون، جتي هو پنهنجون حويليون اڏائي اچي رهيا ۽ اڄ تائين سندن اولاد روهڙيءَ ۽ سکر پراڻي ۾ رهندو اچي ٿو.
* سن 1542ع ۾ همايون بادشاھ ھندستان مان شڪست کائي سنڌ آيو ۽ بکر تي چڙھائي ڪري حاصل ڪرڻ چاھيائين، ليڪن ناڪام ٿي پوء اتان ٿر ڏانهن روانو ٿيو.
* 1555ع ۾ مرزا عيسا خان ترخان ۽ سلطان محمود خان جي بکر ۾ لڙائي لڳي، پر مرزا عيسا خان نااميد ٿي موٽي ٺٽي ويو. سگھو ئي پوءِ ٺٽي جا ارغون به مرزا عيسا کان رنج ٿي سلطان محمود خان وٽ آيا ۽ بکر ۾ رهي پيا.
* سن 1574ع ۾ سلطان محمود خان جي مرڻ تي، اڪبر بادشاھ ڪيسو خان کي بکر جو حاڪم مقرر ڪيو، ۽ پوءِ هڪٻئي پٺيان مير عدل ۽ اعتماد خان آيا، ۽ پوءِ مسند علي خان بهادر ۽ راجا پرمانند گڏ مقرر ٿي آيا، جن کان پوءِ نواب محمد صديق خان مقرر ٿي آيو. 1587ع ۾ بکر نواب اسماعيل قلي خان کي جاگير طور مليو، ۽ هن جو پٽ رحمان قلي بيگ بکر ۾ اچي رهيو. ان کان پوءِ اها جاگير شيرويه سلطان کي ملي، جو نشئي هو. تنهنڪري 1589ع ۾ بکر وري به نواب محمد صديق خان کي جاگير ٿي مليو. انهيءَ سال ۾ نواب خانخانان مرزا جاني بيگ سان وڙهڻ لاءِ بکر ۾ آيو، ۽ پوءِ هن کي وٺي بادشاھ ڏانهن ويو. ۽ سنڌ جي مال تي ڌارين جي ڦر لٽ ھلندي رھي. پوء اڪبر بادشاھ پاران ابوالقاسم نمڪين بکر جو حاڪم مقرر ٿيو، جنهن ستين جو آستان وارو ٿلھو ۽ ٻيا به يادگار ٺھرايا، ھن کان پوءِ اڪبر بادشاھ پاران 1598ع مير معصوم شاھ بکر جو گورنر مقرر ٿيو، جنھن جو تفصيلي احوال الڳ مضمون ۾ ڏنل آهي.
* سن 1736ع ۾ بکر ۽ سيوهڻ ۽ ٺٽي جي حڪومت ميان نور محمد ڪلهوڙي کي ملي. جنهن کي ”خدا يار خان“ لقب مليو. انهيءَ ڌاري شاهزادو محمد معزالدين به بکر ۾ آيو، ۽ انهيءَ سال ۾ ميان نور محمد کي بکر ۽ سيوهڻ ۽ ٺٽو، يعني ساري سنڌ ملي. ٻه ورهيه پوءِ، جڏهن نادر شاھ آيو، تڏهن انهيءَ به ميان کي قائم ڪيو ۽ ”شاھ قلي“ جو خطاب ڏنائينس.
** بکر جي قلعي جي مختلف وقتن ۾ تعمير، ترقي ۽ مرمت ٿيندي رهي آهي، جيڪي به قلعي جا حاڪم بڻيا، انهن پنهنجي طور تي مرمت ۽ سڌارا آڻڻ جو ڪم ڪرايو آهي. اوائلي قلعي کي ٻٽي ديوار ڏنل هئي، بکر جي قلعي جي پهرين مرمت چوٿين صدي هجري جي آخر ۾ بنو عباس جي حڪومت دوران ٿي، ٻيو ڀيرو مرمت 555 هجري ۾ غزني جي حاڪم ڪرائي، ٽيون ڀيرو سن 926 هجريءَ ۾ شاهه بيگ ارغون ڪرائي، جنهن اروڙ جي قلعي جون پڪيون سرون ڪڍرائي بکر جي قلعي جي ٻٽي ديوار تي لڳرايون، ديوارن جي اونچائي 30 کان 35 فوٽ ڪرايائين. قلعي جا دروازا ۽ برج به مضبوط ڪرايائين ۽ ڪجھ نوان برج به تعمير ڪرايائين، جنهن مان ھڪ وڏي برج تان ڏوهارين کي سزا طور هيٺ درياهه ۾ اڇلائي ماريو ويندو هئو. جنهن جي وفات کان پوءِ سندس پٽ سلطان محمود بکري گورنر مقرر ٿيو ۽ هن بکر جي قلعي جي چوٿون ڀيرو 948 هجري ۾ مرمت ڪرائي سلطان محمود بکريءَ قلعي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ٽين ديوار تعمير ڪرائي، جنهن جي اونچائي 40 فوٽ هئي، ست دروازا لڳرايا نئين ديوار سان نوان مستر برج ٺهرائي قلعي کي ناقابلي تسخير بڻايو ويو، پنجو ڀيرو مرمت 1152 هجري ۾ نادر شاهه افشار ڪرائي. ڇهون ڀيرو بکر جي قلعي جي مرمت 1192 هجري ۾ شڪارپور جي درائي گورنر غلام صديق خان ڪرائي، جنهن جي حڪومت 1773ع کان 1783ع تائين رهي ۽ افغان بادشاهه امير تيمور خان پاران گورنر مقرر ٿيل هئو.(15)
* رياست خيرپور جي ٽالپرن حوالي بکر ۽ سکر 1809ع ۽ 1824ع جي وچ واري دور ۾ ٿيو. 1833ع ۾ قنڌار (افغانستان) جي جنگجو شاهه شجاع ۽ ميرن جي سکر وٽ جنگ لڳي، ليڪن پوءِ معاهدو ڪري بکر ۽ سکر ٽالپرن واپس ورتو. مير نصير خان جي ڏينهن ۾ انگريزن بکر جو قلعو پنهنجي لشڪر لاءِ ٽالپرن کان اڌارو ورتو، ڇو ته سندن لشڪر شاھ شجاع پٺاڻ جي مدد لاءِ ٿي ويو. 1842ع ۾ وري انگريزن ميرن سان عهدنامو ڪري، بکر، سکر، روهڙي، ٺٽُو ۽ ڪراچي پنهنجي ڪم لاءِ ورتا. ۽ پوءِ جڏهن سنڌ انگريزن فتح ڪئي، تڏهن بکر ۾ توپخاني جي بارود ٺاھڻ ۽ رکڻ جو بندوبست ڪيائون. 1843 ۾ انگريزن (جنرل چارلس جيمس نئپيئر جي اڳواڻيءَ ۾) ٽالپرن کي حيدرآباد ويجھو مياڻي ۽ دٻي وٽ لڙائين ۾ شڪست ڏني ۽ هو سکر ۽ باقي سنڌ جا 1947 تائين حاڪم ٿي رهيا. اڄ وارو سکر ضلعو 1901ع ۾ ٺهيو جيڪو ڪجهه حصو شڪارپور ضلعي مان ته ڪجهه لاڙڪاڻي مان ڪڍي ٺاهيو ويو هو.
سنڌ ۾ انگريزن جي حڪومت ٿيڻ سان هنن اسڪولن، اسپتالن، ريلوي، امن امان ۽ انصاف تي زور ڏنو. ڪراچي کان سکر ريلوي پهچڻ تي هنن روهڙي ۽ سکر کي ڳنڍڻ لاءِ پل جو بندوبست ڪيو جيئن سامان ٻيڙين رستي ڍوئڻ بدران ريل کي ڪتب آندو وڃي.
بحرحال ھن خوبصورت جزيري جي حسن جي واکاڻ ڏيھن ۾ مشهور رھي آھي، بکر جي قلعي جي آسپاس جي زرعي زمينن جي پيداوار ۽ ھر موسم جي ڦلدار باغن باغيچن جي ڪري ھي علائقو ھميشه معيشت ۾ مضبوط رھيو آھي. جنهن ڪري سدائين ڌارين جي لٽ ڦر جو نشانو بڻايو ويو آهي، مٿي بيان ڪيل تاريخي حقيقتن مان ۽ سڄي سنڌ جي تاريخ مان، واضح اھا ڄاڻ ملي ٿي ته مال زر جي لالچ ۾ ھڪڙا لٽيرا وحشي ٻاھران لشڪر ڪاھي ايندا رهيا، ۽ ھتي انھن کان اڳ ۾ آيل پير ملان انھن جي لاء رستا ٺاھيندا صاف ڪندا رھيا آھن، ۽ سنڌين کي تعويذ ڌاڳي پيري مريدي جي ڄار ۾ ڦاسائي، حملا ڪندڙن جا وفادار رھيا آھن، ڌرتي ڌڻين جي ڦر لٽ ۾ ٻاھرين جا ڀاڱي ڀائيوار ٿيندا رهيا آهن. ڪجھ نيڪ مرد عالم ۽ فاضل به ھتي آيا آهن، ليڪن انھن جو تعداد تمام گھٽ آھي. بکر جي تاريخ ۾ به معلوم ٿئي ٿو ته ساڳيا لٽيرا ۽ ٺڳ اڪثر وقتن ۾ ھتي جي خوشحالي جو فائدو وٺندا رھيا آھن، ۽ سنڌ جي مال خزاني تي ھڪ ٻئي سان وڙھندا رھيا به رھيا آھن، ۽ جنھن وقت به ڌرتيءَ ڌڻي سجاڳ ٿيا آهن ته ھڪڙن دشمنن ھنن کي مذهبي گوري ڏئي سمھاريو آهي ته ٻين دشمنن ھنن کي غافل ڏسي راتاھو لڳايو آهي. تاريخ اھڙن واقعن سان ڀري پئي آهي، ۽ اسان جي وطن جي خوشحالي اسان جي ڪم نه آئي آھي. صديون گذرڻ باوجود اڄ به ساڳيو حال آهي.
هن اوائلي ۽ تاريخي قلعي کي انگريزن خيرپور رياست جي ٽالپر حڪمرانن کان معاهدو ڪري هٿ ڪيو ۽ هتي بارود خانو ۽ بارود ٺاهڻ جا ڪارخانا ٺاهيا ۽ هن شاندار قلعي کي برباد ڪري ڇڏيو ، بکر جي قلعي جي موجوده صورتحال اها آهي ته قلعي جون ڪجهه ديوارون زبون حال موجود آهن. بکر جي قلعي جو وڏو حصو جيڪو لئنسڊائون ۽ ايوب پل کان سکر بئراج واري پاسي آهي اهو سڄو فوج جي حوالي آهي جنهن ۾ ٻيو ڪو به وڃي نه ٿو سگهي ٻئي پاسي واري ننڍي حصي ۾ هڪ وڏي درگاهه بزرگ صدرالدين شاھ جي آھي، هن حصي ۾ اندر وڃي قلعي جا ٻه برج به ويجهي کان ڏسي سگهجن ٿا، ۽ ڪجهه آبادي آهي جنهن ۾ پراڻيون عمارتون به آهن. ماضيءَ ۾ ھي قلعو پوري اتر سنڌ ۽ سبي جنهن کي سيوي سڏيو ويندو هو، ان تائين پوري علائقي جي حفاظت ڪندو ھو. ھن وقت ھن جا آثار به هاڻي پوين پساهن ۾ آھن. حڪومت کي گهرجي ته هن تاريخي اوائلي قلعي کي اصلي شڪل ۾ بحال ڪري سياحت لاءِ کوليو وڃي. ۽ سنڌو درياھ جي ٻيٽ تي ھتي، تفريح گاھ ٺاھي وڃي ته ھي تاريخي جزيرو نه صرف سنڌ ليڪن پوري ملڪ جو ھڪ منفرد ۽ خوبصورت تفريح گاهه بڻجي دنيا جي سياحن ۽ تاريخ سان چاهه رکندڙڻ لاءِ پوري دنيا ۾ مشھوري ماڻي سگھي ٿو.
بکر جي قلعي جي حاڪمن، پِيرن ۽ بزرگن جي تعريف ۾ تاريخ ڀري پئي آھي، ۽ اڄ تائين به سندن پونئرن جي آشيرواد سان حاڪمن جون سخاوتون ۽ پِيرن جون ڪرامتون قلم بند ٿي رھيون آھن، پر مستند سمجھيا ويندڙ تاريخ جا ڪتاب سکر بکر جي علائقي ۽ ڀرپاسي رھندڙ اصل ڌرتي ڌڻين، پورھيتن، ھنر مندن، راڄن، برادرين، ذاتين، قبيلن ۽ زميندارن جي لاءِ بلڪل خاموش آھن. جنھن کي انتھائي بي حسي چئي سگھجي ٿو. ڇاڪاڻ ته جن جي محنت ۽ پورھيي سان ڪوٽ ٺھيا ۽ حڪومتون قائم ٿيون، اُنھن بابت ڪٿي به ڪو ھڪ جملو نظر نه ٿو اچي، جيڪا منھنجي نظر ۾ تاريخي نا انصافي آھي.
اسان قلعي اندر بزرگ صدرالدين شاهه جي مزار ڀرسان واري آباديءَ ۾ دوست سليم مهر جونيئر جي گهر تي مانجهاندو ڪيوسين، پوءِ بکر ٻيٽ جي پل واري مک رستي کي پار ڪري قلعي جي ٻئي پاسي ڀرسان سنڌوءَ جي ڪناري واري رستي سان ھن پاسي وارو بکر قلعي جو حصو ٻاھران کان ڏسندي ساڌ ٻيلو لاءِ روانا ٿياسين دوست سليم مهر جونيئر تي ئي ساڌ ٻيلو ۽ ستين جو آستان گهمائڻ جي ذميواري به رکيل هئي، جنهن ساڌ ٻيلي لاءِ اڳواٽ اجازت نامو به وٺي ڇڏيو ھئو، جنهن ڪري آئون ۽ رفيق چاچڙ ساڻس ساڌ ٻيلو ڏسڻ لاءِ روانا ٿياسين.
حوالا:
(1)- ”تاريخ سکر“، رحيمداد خان مولائي شيدائي، صفحو15
(2)- ”جنت السنڌ“، رحيمداد خان مولائي شيدائي.
(3)- ”سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا“ (ڀاڱو-2) اشتياق انصاري، صفحو 83
(4)- ”سکر تاريخ ۽ سماج“ ڊاڪٽر ڪليم لاشاري.
(5)- ”تاريخ سکر“، رحيمداد خان مولائي شيدائي، صفحو 29
(6)- ”سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا“ (ڀاڱو-2)، اشتياق انصاري، صفحو 90
(7) ”تاريخ سکر“، رحيمداد خان مولائي شيدائي، صفحو 31
(8)- ”جنت السنڌ“، رحيمداد خان مولائي شيدائي، صفحو 259
(9)- ”سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا“ (ڀاڱو-2) اشتياق انصاري، صفحو91
(10)- ”تاريخ سومره سنڌ“، وزير علي.
(11)- ”تاريخ سکر“، رحيمداد خان مولائي شيدائي، صفحو 58
(12) ”ساڳيو“، صفحو59.
(13)- ”سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا“ (ڀاڱو-2)، اشتياق انصاري، صفحو 92
(14)- ”ساڳيو“ صفحو 93
(15)- ”سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا“(ڀاڱو-2) اشتياق انصاري، صفحو 116