ماڳ مڪان / شھر / ڳوٺ

سکر تاريخ جو گلدستو

هن ڪتاب ۾ سکر جا اهم تاريخي ماڳ: ”اروڙ“، ”ڪالڪا مندر“، ”مومل جي ماڙي“، ”بکر جو قلعو“، ”سَتِين جو آستان“، ”معصوم شاھ جو منارو“، ” آدم شاھ ڪلھوڙو“، ”ساڌ ٻيلو“ شامل آهن. ان کان علاوه سنڌو درياھ، سنڌوءَ جي پھرين تھذيب، سکر جي قديم تاريخ، روهڙيءَ جي تاريخ، سکر جي نئين تعمير ۽ سکر جي يادگيرين بابت پڻ ليک پڻ ڏنا ويا آهن.

Title Cover of book سکر تاريخ جو گلدستو

مسجد منزل گاهه

سکر جي مسجد منزل گاهه پوري برصغير ۾ شھرت رکندڙ آهي، ھن مسجد جي تاريخي وجود بابت بنيادي وچور اوھان جي سامھون رکجن ٿا.
2018ع ۾ سکر جي تاريخي ماڳن جي دوري دوران اروڙ کان واپسي ٿيندي بکر جي قلعي اندر بزرگ صدرالدين شاهه جي مزار ڀرسان واري آباديءَ ۾ دوست سليم مهر جونيئر جي گهر تي مانجهاندو ڪيوسين ۽ هن دوست تي ئي ساڌ ٻيلو ۽ ستين جو آستان گهمائڻ جي ذميواري به رکيل هئي، ماني کائڻ کان پوءِ ساڻس آءٌ ۽ رفيق چاچڙ ساڌ ٻيلي لاءِ روانا ٿياسين، سليم مهر جونيئر دوست ساڌ ٻيلي جي انتظاميه وارن سان اڳ ۾ ئي ڳالهائي ڇڏيو، اسان بکر ٻيٽ کان لينسڊائونس پل جي ننڍي حصي ذريعي سنڌو درياهه جو ننڍو وهڪرو پار ڪري پراڻي سکر پھتاسين ۽ بندر روڊ تان سفر ڪري اچي ساڌ ٻيلي واري پتڻ جي مک دروازي تي پهتاسين، ته دروازي جي بلڪل سامهون سکر جي مشهور مسجد منزل گاهه آهي. ڪار مان لهي مون دوستن کي چيو ته هن مسجد جي به وڏي تاريخي حيثيت آهي، پھرين اها ڏسندا سين، مسجد سامھون ئي آهي، اسان مسجد ڏانهن مڙياسين ھن وقت قديمي مسجد جو فقط هڪ گنمبذ ئي باقي بچيو آھي، جنھن جي ڀرسان وڏي نئين مسجد تعمير ٿي وئي آھي. اسان نئي مسجد ۽ پراڻي تاريخي مسجد جي گمبذ جا فوٽو ڪڍيا.
مير معصوم شاهه جي مناري ۽ سندس ٻين تعميرات واري مضمون ۾ مسجد منزل گاهه ۽ ان جي ڀرسان هشت پهلو پڪسري ٻي عمارت جنهن مٿان به گنبذ ۽ چوٽي ٺهيل ھئي، جو مختصر ذڪر ڪيو آهي، ليڪن هتي ھنن عمارتن جو تفصيلي احوال لکبو ته جيئن، ھن اھم مسجد بابت تاريخي ڄاڻ حاصل ڪري ان بابت ماضيءَ ۾ ٿيل مسئلي کي به سمجهي سگهجي.
** مسجد منزل گاهه جي تعمير ۽ تاريخ
مير معصوم شاهه پنھنجي دؤر حڪومت ۾ سکر شھر کي سٺو سنواريو ۽ سينگاريو، ھن يادگار عمارتون، مسجدون، عيدگاهه، مسافر خانا، باغ باغيچا ۽ تفريح گاهه ٺھرائيا، جيڪي سندس تعميرات جو شوقين، باذوق ۽ باوقار شخصيت ھجڻ جا زندھ مثال آهن. سندس دور ۾ به سکر واپار جو وڏو مرڪز هو، ۽ سمنڊ کان ٺٽي جي لاھڙي بندر کان سنڌو درياهه رستي واپاري ٻيڙا سکر پھچندا ھئا ۽ ھتي منزل ڪري پوءِ وري ھتان لاھور ۽ پنجاب جي ٻين بندرن ڏانهن روانا ٿيندا هئا. ڪوئيٽا ۽ افغانستان لاءِ به سامان سکر جي بندر تي لھندو ھو، ۽ ھتان اٺن جي قافلن ذريعي اڳتي روانو ٿيندو هيو. واپاري ٻيڙن لاءِ سکر جو بندرگاهه پھرين وڏي منزل گاهه ھئي. انڪري مير معصوم شاهه سنڌوءَ جي ڪپ تي ٻه عمارتون ٺهرايون، پھريان ھڪ اٺ پاسائون وڏو گنبذ ۽ جنهن کي سراءِ يا مسافر خاني طور ڪم ايندو ھيو، ۽ ان کان ھڪ سال پوءِ گول گنبذ واري مسجد ٺهرايائين ھنن عمارتن تي لکيل ڪتبن مان سندن ٺھڻ جي تاريخ واضح ٿئي ٿي. انھن ئي ڏينهن ۾ مير معصوم شاهه منزل گاهه جي سامھون دين ٻيلي ۾ ھڪ خوبصورت گنبذ تعمير ڪرايون جنهن کي ”ستياسر“ سڏيو ويندو ۽ ھي عام ماڻهن جي سير تفريح لاءِ مخصوص ھو. منزل گاهه جي ٻن عمارتن ٺهرائڻ کان پوءِ مير معصوم جي پٽ ”مير بزرگ“ انھن جي ڀرسان واري زمين خريد ڪري مسافرن جي آرام لاءِ باغ ٺھرايو، جنھن جو دستاويزي ثبوت پڻ مير معصوم شاهه جي پوئينءَ وٽ موجود آهي.
ھي ٻئي عمارتون سوين سالن تائين ساڳئي مقصد لاءِ ڪم اينديون رهيون. اوڻهويهين صديءَ جي وچ ڌاري سنڌ تي انگريزن جي فتح وقت اهي ٻئي عمارتون انگريزن پنهنجي قبضي ۾ ڪيون. ۽ پوري برصغير تي انگريز جي قبضي کان پوءِ ٻين مقبرن ۽ عمارتن جيان ھنن عمارتن کي به پنهنجي سکر ۾ مقرر فوجي ۽ سياسي عملدارن جي رهائش لاءِ استعمال ڪيائون. ھنن عمارتن جي حقيقيت پروڙڻ لاءِ ڪافي تاريخي حوالا موجود آهن. جن مان ڪجهه ھيٺ ڏجن ٿا.
* سکر شھر جو تاريخدان رحيمداد خان مولائي شيدائي لکي ٿو ته: ”ھي ٻئي عمارتون مير معصوم شاهه پهرين 1006 هجري ۾ مسافرن جي آسائش ۽ آرام لاءِ پتڻ ڀرسان ٺهرائي ۽ ٻئي سال هن خوبصورت مسافر خاني جي اولهه ۾ 1007 هجري ۾ مسجد ٺهرائي هنن ٻنهي عمارتن تي لڳل ڪتبن مان اڏاوت جي تاريخ ۽ مقصد جو بيان ملي ٿو.“ ڪتبن جي اصل تحرير به رحيمداد خان جي ڪتاب ۾ موجود آهي.(1)
* ڪزنس صاحب به ان سلسلي ۾ هڪ نهايت اهم نڪتو بيان ڪيو آهي. هو لکي ٿو ته: ”اهي جايون هڪ باغ سان ملحق آهن، جن مان هڪ ۾ سير تفريح ڪندڙ عوام آرام وٺي سگهي ٿو ۽ ٻي عمارت عبادت گذاريءَ لاءِ آهي.(2)
* منزل گاهه بابت هڪ نهايت ئي قيمتي دوستاويز مان به ثابت ٿئي ٿو، جيڪو اصل حالت ۾ سردار ثابت علي شاهه صاحب معصومي وٽ موجوده آهي، ان دوستاويز مان هي حقيقيت معلوم ٿئي ٿي، ”تاريخ 9 جمادي الثاني 1005 هجري ۾ سيد محمد معصوم ۽ سندس فرزند مير بزرگ ”ڪوهه شاد ٻيلي“ جي سامهون سکر شهر ۾ قاضي فخر الدين جي پوين کان هڪ سئو ٽڪا جي عيوض، قيمت ڏئي ورتو حدود نروار ڪيل آهن ته اوڀر ۾ باغيچو ۽ سراءِ مشترين (يعني خريد ڪندڙ جي) اولهه ۾ زمين سعادت سلطان بيگم بنت مير يار حسين اتر ۾ عام رستو ۽ ڏکڻ ۾ درياهه، هي اصل دستاويز 1005 هجري جو لکيل آهي ۽ قاضي علي بن محمد اسماعيل جي مهر لڳل آهي، مغليه دور ۾ سرڪاري دفتري زبان ۾ سکر کي بکر لکيو ويندو هو ۽ گهرو زبان ۾ سکر سڏبو هو، ۽ جنهن ٻيٽ کي هينئر ساڌ ٻيلو سڏيو وڃي ٿو، ان کي ان دور ۾ شاد ٻيلو سڏيو ويندو هو.(3)
* انگريزن جي سکر تي قبضي ٿيڻ سان هنن جاين ۽ باغ تي به سندن قبضو ٿي ويو، انگريز ابتدائي دور ۾ ان جاءِ تي سفارت خانو کوليو هو ۽ هشتم پهلو جاءِ ۾ سفارتخاني جي آفيس هوندي هئي هيئنر اهو عظيم الشان باغ برباد ٿي ويو. عيسوي ويهين صدي جي شروعا ت ۾ هن ميدان ۾ انبن ۽ کجين جا وڻ هئا ۽ اڀرندي پاسي ۾ کوهه به هو، راقم هتان پاڻ انب خريد ڪيا هئا.(4)
* جنهن هنڌن تي نئون سکر آهي، اتي اڳ جهنگ، زمينون ۽ب کجين جا باغ هئا، اڪثر جلائر مغلن جون زمينون هيون، اليگزينڊر برنس کي وائسراءِ لارڊ آڪلينڊ بولان لڪ واري رستي کي صاف ڪرڻ لاءِ پهرين افغان جنگ وقت روانو ڪيو هو، ان وقت اليگزينڊر برنس جي اچڻ وقت نئين سکر ۾ م معصوم شاهه جي مينار ۽ مسجد منزل گاهه وارين عمارتن کان سواءِ ٻي ڪا به عمارت نه هئي.(5)
* رچرڊ برٽن، جنهن پنهنجي نوڪريءَ جا شروعاتي سال سنڌ ۾ گذاريا. سندس لکتن مطابق انگريزن انهن گنبذن ۾ دريون جوڙيون ۽ انهن جاين جي ٻاهران مٽي ۽ گاري سان ورانڊا جوڙي انهن کي فوجن جي رهڻ لاءِ بنگلن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. (6)
* ھنن عمارتن جي هڪ ابتدائي مڪينن مان هڪ اي بي ايسٽ وِڪ هو، جيڪو 1839 ع ۾ چوويهن سالن جي ڄمار ۾ انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان اڳ آيو هيو ۽ سکر ۾ متعين سياسي آفيسر بڻيو. هو اڍائي سال هت رهيو ۽ تڏهوڪي سنڌ بابت هڪ انتهائي دلچسپ ڪتاب ”پراڻي مصر جا نوان ورق Dry leaves of young egypt) لکيائين. (7)
* فارسي ڄاڻيندڙ ايسٽ وڪ چڱي موچاري تحقيق ڪئي ۽ ان علائقي ۾ موجود مزارن ۽ تاريخي عمارتن تي ٿيل تحريرون نوٽ ڪيائين. اهي عمارتون آفيسرن طرفان خالي ٿيڻ کان پوءِ سرڪاري ڪنٽرول ۾ رهيون. بهرحال عمارت جي تحفظ يا مرمت لاءِ ڪجهه به نه ڪيو ويو. (8)
سنڌو درياهه ۾ چاڙهه اچڻ سبب ھنن جاين تائين پاڻي اچي ويو، جنهن ڪري انگريز آفيسرن ھي جايون خالي ڪيون، ۽ پاڻي ورڻ بعد انگريزن ھنن جاين کي رھائش جي قابل نه سمجهيو، ساڌ ٻيلو جي انتظاميا وارن ياترين جي اچڻ لاءِ مستقل پتڻ مسجد منزل گاهه سامهون مقرر ڪري ڇڏيو ۽ اثر رسوخ هلائي انگريزن پاران منزل گاهه جون عمارتون خالي ڪرڻ تي انهن کي تالا هڻائي ڇڏيائون.
جنهن تي اڳتي هلي مسلمانن مسجد جي بحالي جي تحريڪ ھلائي جنھن ڪري ھنگاما آرائي خونريزي ٿيڻ بعد مسجد منزل گاهه 1940ع ۾ بحال ٿي. مسجد منزل گاهه جي تحريڪ جو ذڪر اڳتي ٻئي مضمون ۾ بيان ٿيندو.

روزاني ايڪتا 10جون 2022ع

حوالا
(1)- ”تاريخ سکر“، رحيمداد خان مولائي شيدائي، صفحو 112
(2)- ”ساڳيو“
(3)- ”ساڳيو“، صفحو113
(4)- ”ساڳيو“
(5)- ”ساڳيو“، صفحو 112
(6)- ”محمد ايوب کهڙو“، ڊاڪٽر حميده کهڙو، باب ڏهون
(7)- ”ساڳيو“
(8)- ”ساڳيو“