ناول

جوئاري

”جوئاري“ جڳ مشھور ليکڪ  فيوڊور دوستو وسڪيءَ جي لکيل ناول The Gambler جو سنڌي ترجمو آھي. ”جوئاري“ روسي سماج جي هڪ اهڙي فرد بابت لکيل ناول آهي، جنھن ۾ روس جي جڳ مشھور ناول نگار فيودور دوستووسڪي نھايت دل پذير ۽ سھڻي نموني سان انساني ڪيفيتن ۽ احساساتي ڪشمڪش جي تصوير ڪشي ڪئي آهي. لائق ليکڪ مختلف وارتائن ۽ حالتن جي حدت ۾ رهندي انساني خواهشن، ۽ خارجي حقيقتن جي ٽڪراءُ جو تفصيل عظيم فن سان پيش ڪيو آهي.


Title Cover of book جوئاري

نئين ڇاپي لاءِ ٻہ اکر

جوئاري جو ٻيو ڇاپو ڇپائڻ تي سنڌي ادبي بورڊ جي انتظاميہ جس لهڻي، ان ڪري جو روس جي هن عظيم ليکڪ کي سنڌي ٻولي ۾ روشناس ڪرائڻ ھر لحاظ سان سنڌي پڙهندڙن تي احساس ٿيندو.
فرانس جي مشھور ليکڪ آندري جيد (Andre Gide) جي چوڻ موجب دوستووسڪي ”سڀني ناول نگارن ۾ عظيم“ حيثيت رکي ٿو. جڏهن تہ فرائڊ جي چواڻي هن جو درجو ادب ۾ شيڪسپيئر کان پوءِ ٻئي نمبر تي آهي. هن جي چواڻي فڪشن ۾ هن جو مد مقابل ڪو بہ نہ آهي. جو اسان جي فطرت جي تضادن جو ۽ اندروني خلفشار جو جھڙي ريت نقشو چٽي ٿو اهو ڪنھن ٻئي ليکڪ وٽ ورلي ملندو.
دوستووسڪي 1821ع ۾ ڄائو ۽ 1881ع ۾ وفات ڪيائين. هن ابتدائي طور سينٽ پيٽرسبرگ ملٽري انجنيئرنگ ۾ سکيا ورتي. هو جيئن تہ وچولي ڪلاس جي خاندان منجهان هو، تنھنڪري هن جا تجربا بہ مختلف قسمن جا بہ هئا. اهوئي سبب آهي جو ”ڪرائيم اينڊ پنشمينٽ“، ”ايڊٽ“، ”برادرس ڪرامازوف“ ۽ ”گيمبلر“ توڙي سندس ھر ناول ۾ هڪ انوکو تجربو ملندو.
جنھن ۾ سندس فطري ذھانت جا نت نوان رنگ نظر ايندا.
حالانڪ هن انجنيئرنگ جي تعليم حاصل ڪئي هئي ليڪن غريب خاندان جو هوندي، هن ليکڪ ٿيڻ پسند ڪيو ۽ 1845ع ۾ هن پھرين ڪھاڻي ”غريب ماڻھو“ (Poor Folk) لکي جيڪا خوشقسمتيءَ سان هڪ سٺي ادبي رسالي ۾ شايع ٿي. ان ڪھاڻي کي پڙهي ان دور جي مشھور روسي نقاد بيلنسڪي (Blisnsky) پنھنجو رايو ڏنو تہ ”سچ توتي هڪ آرٽسٽ جيان ظاھر ٿيو آهي. اھا هڪ تحفو اٿئي. ان جو احترام ڪر ۽ ان سان وفادار رھہ تہ تون هڪ عظيم ليکڪ بڻجي ويندي.“
1849ع ۾ هن کي هڪ لبرل گروپ ۾ شريڪ ٿيڻ جي ڏوھہ ۾ گرفتار ڪري 4 سال سائبيريا ۾ سزا طور موڪليو ويو. جنھن ۾ هن سان هڪ عام ڏوھاري جھڙو ورتاءُ رکيو ويو ۽ ان جو سندس مستقبل جي سوچن تي وڏو اثر پيو ۽ ان دور جي ياد هميشہ کيس هڪ عجيب ڪيفيت ۾ جڪڙي رکيو.
ان قيد دوران هن جو جن چورن، رهزنن ۽ خونين سان واسطو پيو، تن جي نفسيات جو مطالعو ڪرڻ جو هن کي چڱو موقعو مليو. حالانڪ هو بہ کيس هڪ عام ڏوھاري سمجهندا هئا تہ هي ماڻھو کين صفا ڪريل انسان نہ ٿو سمجهي بلڪ سندن سڌرڻ لاءِ پر اميد ٿو نظر اچي. ان دور جي اثرات هيٺ هن ”دي ھائوس آف دي ڊيڊ“ لکيو. هن ان انسان جي ڏوھاري پڻي ۽ Self will جي حاوي هجڻ جو اهڙو تہ تجزيو ڪيو آهي، جو انساني فطرت جون گوناگونيون ظاھر ٿي ٿيون پون.
سائبيريا مان سزا ڪاٽڻ کان پوءِ هو سينٽ پيٽر سبرف واپس آيو ۽ پولينڊ جي بغاوت تي هڪ مضمون لکڻ جي ڪري وري بدقسمتي هن کي وڪوڙي وئي تڏهن بہ هڪ مضمون لکڻ جي ڪري وري بدقسمتي هن کي مٽائڻ لاءِ وائيزبيڊن Wiesbedan جي جوا خانن ۾ پنھنجي قسمت آزمائڻ لڳو. اتي هن جي ملاقات پولينا سلووا نالي هڪ عورت سان ٿي. دوستو وسڪي جي هن تعلقات ۾ پيار ۽ نفرت جو هڪ اهڙو امتزاج ٿيو، جو ان عورت جي نئين رخ کي پنھنجين لکڻين ۾ پيش ڪرڻ شروع ڪيو ۽ هن ڪرائيم ۽ پنشمينٽ لکڻ دوران ئي هڪ ناشر جي زور ڀرڻ تي 1866ع ۾ گيمبلر ناول لکيو. جنھن ۾ هن کي سندس جوا کيڏڻ واري دور جو مواد ڪم آيو. ان سان گڏ پولينا سسلووا سان ڪيل عشق جي ڏکدائڪ پـڄاڻي هن ناول کي وڌيڪ اثرائتو بنايو. حالانڪ هن اهو ناول ناشر جر اوڌر واپس ڪرڻ خاطر لکيو هو ليڪن تڏهن بہ ان جي ادبي حيثيت ۾ ڪا ڪمي نہ آئي، چاهي جو واٽ ۾ ڪيتريون ئي رنڊڪون ۽ رخنا ڇو نہ هجن ۽ ان جي پڄاڻي بہ ڪا سٺي نہ ٿي هجي.
دوستو وسڪي جو هي ناول 1976ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان ئي شايع ڪيو ويو هو ليڪن ٿورن ئي ڏينھن ۾ اهو مارڪيٽ مان غائب ٿي ويو هو.
ھاڻ هيتري عرصي کان پوءِ وري جو هي شايع ٿي رهيو آهي تہ يقينا اھا تمام سٺي ڳالھہ آهي، خاص طور ان ڪري جو بہ جو ھاڻي سنڌي ادب جي پڙهندڙن ۾ ڪافي اضافو اچي چڪو آهي ۽ دنيا جي بھترين ليکڪن ڪي ھر ڪو سڃاڻي ٿو. هت وري بہ انعام شيخ جو ٿورو ضرور مڃيندس جنھن منھنجي صلاح تي هڪدم هن ڪتاب کي شايع ڪرڻ جو تهيو ڪيو ۽ جيڪي چيائين اهو ڪري ڏيکاريائين. هتي آءٌ اهو بہ چوندس تہ اڃا بہ اسان کي وڌ بين الاقوامي ادب جي شھپارن جا ترجما سنڌيءَ ۾ ڪرائڻ جي ضرورت آهي. انھن ۾ (1) ڪلاسيڪل ليکڪ (2) وچولي دور جا ليکڪ (3) جديد دور جا ليکڪ. ٽنھي جا ڪتاب واري واري سان شايع ڪيا وڃن تہ جيئن گهٽ ۾ گهٽ سال ۾ افساني، ناول ۽ ڊرامن جا ڇھہ ڪتاب ڇپجي پڙهندڙن جي هٿن تائين پھچن.

قاضي خادم
2005-12-2