باب چوڏهون
”ڇا آهي، آخر ٿيو ڇا؟“ هن تعجب مان پڇيو. اداسيءَ کان هن جو رنگ هيڊو ٿي ويو هوس.
”تون مون کان ٿي پڇين، سو بہ منھنجي ڪمري ۾؟“
”منھنجو طريقو اهو ئي آهي. جي اچڻو هوندو اٿم تہ ھلي ايندي آهيان. توکي سڀ خبر پئي ويندي. ٿوري بتي ٻار.“
مون بتي ٻاري، هوءَ اٿي اچي ميز تي بيٺي ۽ هڪ کليل چٺي منھنجي هٿ ۾ ڏنائين.
”هن کي پڙهه“ هن حڪم ڪندي چيو.
”هيءَ تہ گريو جو لکيل آهي.“ مون ڇٺي وٺندي چيو. منھنجا هٿ ڪنبڻ لڳا ۽ سٽون منھنجي آڏو نچڻ لڳيون، مون کي هن چٺي جا صحيح اکر ياد ڪونھن، لکيل مڙيئي هيئن هو:
مادموزيل سلام!
جيئن اوھان کي خبر آهي، ڪن خاص حالتن ۽ مجبورين جي ڪري مان هتان وڃي رهيو آهيان. مڪمل صورتحال کي اوھان جي سامھون صاف صاف بيان ڪرڻ لاءِ مان اڄ تائين اوھان سان ملي نہ سگهيس. بلڪ هينئن ئي سمجهو تہ مون ڄاڻي واڻي هن جي ڪوشش نہ ڪئي. اوھان جي پوڙهي مائٽياڻيءَ جي اچڻ ۽ هن جي جاھلانہ رويي منھنجي سڀني شڪن کي ختم ڪري ڇڏيو. منھنجا ذاتي حالات ايترا خراب آهن، جو مان وڌيڪ خوش گوار حالات جي ڪا اميد رکي نٿو سگهان، جيڪي ڪجهہ وقت کان دل ۾ ساڍيندو ٿي آيس. مون کي ماضيءَ جو افسوس آهي. خير، جو گذريو سو ڇٽو. پر منھنجي متعلق ايتري خبر تہ اوھان کي پئجي هوندي تہ منھنجو رويو هميشہ هڪ شريف ۽ ايماندار ماڻھوءَ جھڙو رهيو آهي. مان پنھنجي سڄي دولت اوھان جي ويڳي پيءُ کي قرض ۾ ڏيئي چڪو آهيان ۽ ھاڻ وڌيڪ رقم برباد ڪرڻ نٿو گهران. بلڪ جيڪي ڪجهہ بچيو آهي، تنھن مان وڌ ۾ وڌ فائدي وٺڻ تي مجبور آهيان. مون پيٽرز برگ ۾ پنھنجي هڪ دوست کي خط لکيو آهي تہ هو مون وٽ جنرل جي گروي رکيل ملڪيت جي وڪري جو يڪدم ڪو انتظار ڪري. اهو ٻڌي تہ اوھان جي نادان ويڳي پيءُ اوھان جي پنھنجي ذاتي ملڪيت بہ برباد ڪري ڇڏي آهي، مون ارادو ڪيو آهي تہ هن کي پنجاھہ هزار فرانڪ ڇوٽ ڏيئي ڇڏيان. ان رقم جي ماليت جيتري ملڪيت آءٌ هن کي واپس ڪري رهيو آهيان. ان طرح اوھان جيڪا رقم قانوني طرح هن کان وٺڻ جو حق رکو ٿيون، اھا اوھان کي ملي ويندي. مادموزيل، اميد آهي تہ موجوده صورتحال ۾ منھنجي ڪارگذاري اوھان لاءِ نفع بخش ثابت ٿيندي. مون کي هيءَ بہ اميد آهي تہ مان ان ڪارگذاري سان هڪ انسان، هڪ شريف انسان واري فرض ادائيءَ جي تڪميل ڪري رهيو آهيان. يقين رکو اوھان جي ياد هميشہ هميشہ لاءِ نقش ٿيل آهي.
”هنه! اھا تہ بلڪل صاف ڳالھہ آهي.“ مون پالينا ڏانھن ڏسندي چيو. ”ان کان بہ وڌيڪ تہ توکي ٻي ڪا اميد نٿي ٿي سگهي.“ منھنجي لهجي مان ڪاوڙ ظاھر ٿي رهي هئي.
پالينا ڪنڀندڙ آواز ۾ چيو، ”مون کي وڌيڪ ڪا بہ اميد ڪانھي. مان هن کان ڪجهہ وٺڻ بہ نٿي گهريو. حالانڪ مان گهڻي عرصي کان سمجهي چڪي هيس تہ هو ضرور ائين ڪندو. مون هن کي چڱيءَ طرح سڃاڻي ورتو هو ۽ جيڪي ڪجهہ هو سوچي رهيو هو، تنھن جي بہ مون کي خبر هئي. هن جو خيال هو تہ مان خود هن جي پٺيان پوڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهيان. مان خود هن کي چوان ته.....“ (هو پنھنجو جملو پورو نہ ڪري سگهي ۽ چپن کي ڏندن سان ڪٽڻ لڳي. پوءِ صفا چپ ٿي وئي.) وري اوچتو پاڻ مرادو ڳالھائڻ شروع ڪيائين، ”مون ڄاڻي واڻي هن سان پنھنجي حقارت ۽ نفرت وڌائي هئي. مون رڳو هي ٿي ڄاڻڻ چاهيو تہ آخر هن جو ارادو ڇا آهي ۽ هو مون کان ڇا ٿو گهري. جي ورثي جي متعلق اھا تار آئي هجي ھا، جنھن جو اسان کي انتظار هو، تہ هن جا سڀ پئسا هن جي ٻوٿ تي ڦهڪائي ڪڍان ھا ۽ چوانس ھا تہ وڃ پنھنجو رستو وٺ. مان هميشہ هن سان نفرت ڪندي رهي آهيان پر پھرين هو اهڙو نہ هو. توکي ٻڌايان ٿي تہ هو مختلف هو. پر ھاڻي- ھاڻي جي مون وٽ پنجاھہ هزار فرانڪ هجن ھا، تہ پھرين هن جي منھن تي ٿڪ هڻان ھا ۽ پوءِ اهي سندس منحوس منھن تي کڻي ٺڪاءُ ڪريان ھا.“
”پر پنجاھہ هزار فرانڪ جو دستاويز تہ جنرل صاحب وٽ آهي. اهو وٺي هن کي واپس ڪر.“
”اھا ڳالھہ ڪانھي، اھا ڳالھہ ڪانھي، ايئن اھا ڳالھہ نہ ٿيندي!“
”ھا، بيشڪ اھا ڳالھہ نہ ٿيندي. برابر اھا ساڳي ڳالھہ نہ ٿيندي! ٻئي ڪندي جنرل صاحب وٽ ھاڻي بچيو بہ ڇا آهي؟ ۽ هوءَ ڏاڏي؟“ مون چيو.
پالينا عجيب انداز ۾ مون کي تڪڻ لڳي، ”ڇا چيئي؟ ڏاڏي! مان هن کان ڪڏهن بہ نہ گهرنديس. مان ڪنھن جي آڏو هٿ ٽنگڻ نٿي گهران.“ هن پريشاني وچان چيو.
”پوءِ آخر ڇا ڪجي؟ تو کي هن ذليل بدمعاش گريو سان آخر محبت ڪيئن ٿي؟ جي چوين تہ آءٌ وڃي هن جو خون ڪري اچان! هو ھاڻي ڪٿي آهي؟“
”هو فرئنڪفرٽ ۾ آهي ۽ اتي ٽي ڏينھن رهندو.“
”جي ٿورو بہ اشارو ڪرين تہ آءٌ صبح جو پھرين ئي گاڏيءَ ۾ هوڏانھن ھليو وڃان!“ مون ڏاڍي جذباتي انداز ۾ چيو.
”۽ جي هو چوي تہ ميان، پھرين منھنجا پنجاھہ هزار فرانڪ تہ ڏي! تہ پوءِ تون ڇا ڪندين؟ ٻيو هن سان ڇا لاءِ وڙهندين؟ نہ نه! اھا سراسر چرائپ ٿيندي.“
”پوءِ پنجاھہ هزار فرانڪ ڪٿان آڻيون؟“ آءٌ ڏند پيھڻ لڳس، ڄڻ هينئر زمين ڦاٽي پوندي ۽ ان ۾ پنجاھہ هزار پيا هوندا ۽ آءٌ رڳو اهي هٿ وجهي کڻي وٺندس. اوچتو هڪڙو خيال منهجي ذهن ۾ پيدا ٿيو، جو مون صلاح طور پالينا کي ٻڌايو، ”۽ جي ائسٽلي صاحب کان گهرون تہ ڪھڙو حرج آهي؟“
هن جون اکيون ڦاٽي ويون.
”يعني تون پاڻ ٿو چاهين تہ مان هن انگريز کان خيرات گهرڻ وڃان.“ هن منھنجي منھن ۾ معنيٰ خيز نگاهن سان ڏسندي، طنزيہ مرڪ سان چيو. هن زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو مون کي سڌو تون چئي مخاطب ڪيو هو.
هوءَ جوش کان چڪرائجي وئي هئي. يڪدم ڪوچ تي ائين ڪري پئي، ڄڻ ڏاڍي ٿڪجي پئي هجي.
مون کي ائين لڳو ڄڻ تہ منھنجي ڄڻ منھنجي رڳ رڳ ۾ بجلي ڊوڙي وئي. آءٌ هڪ هنڌ ڄمي ويس. مون کي پنھنجي اکين ۽ ڪنن تي اعتبار ئي نٿي آيو. تہ ڇا هوءَ واقعي مون سان محبت ٿي ڪري. هوءَ ائسٽلي صاحب وٽ وڃڻ جي بجاءِ مون ڪنگال وٽ ھلي آئي هئي.
هڪ جوان ۽ سھڻي ڇوڪري جو منھنجي ڪمري ۾ هيئن اڪيلو ھليو اچڻ، سو بہ اهڙي اعتماد سان! هن جي اچڻ خود سندس ڳالھہ صاف طرح ظاھر ڪئي هئي- پر آءٌ- آءٌ هن جي سامھون بيٺو هوس ۽ ڪابہ ڳالھہ اڃا تائين نہ سمجهي سگهيو هوس.
اوچتو هڪ جنوني خيال منهجي ذهن تي اڀري آيو. ”پالينا! مون کي صرف هڪ ڪلاڪ جي ھلت ڏي. رڳو هڪ ڪلاڪ..... مان اجهو هينئر ٿو واپس اچان. تون خود پنھنجين اکين سان ڏسندينءَ. تون هتي ئي ويھه. ڪيڏانھن وڃجان نہ.... آءٌ اجهو ٿو اچان. بس اجهو!“
آءٌ هن جي سواليا نگاهن جو جواب ڏيڻ بجاءِ تيزيءَ سان ڪمري مان نڪتس. هوءَ مون کي سڏ ڪندي رهي. پر آءٌ واپس ٿي وارن مان نہ هئس.
ڪڏهن ڪڏهن ڪو جنون ۽ ناممڪن خيال اسان کي اهڙيطرح اچي ورائيندو آهي، جو هو ان کي بلڪل اصلي ۽ حقيقت سمجهندو آهي ۽ جي اهو خيال ڪنھن زبردست خواهش جي ڪري پيدا ٿيو هجي، تہ پوءِ ان کي بلڪل اٽل سمجهندو آهي. ڄڻ روز اول کان ئي اهو ئي قسمت ۾ لکيل هو. بلڪ ان خيال ۾ ڪي ٻيون ڳالھيون بہ لڪل هونديون آهن. آئينده جي واقعن جي اڳواٽ خبر پوڻ. اردي جي غير معمولي قوت. پنھنجي ئي تصور رستي پاڻ تي ٻڌي رکڻ ۽ ٻيو الائي ڇا ڇا، جنھن کي خبر مون کي بہ ڪانھي، پر ان شام (جنھن کي آءٌ مرڻ گهڙي تائين نہ وسارائيندس) مون کان هڪ معجزو ٿي ويو. حالانڪ اهو رياضيات جي اصولن جي بلڪل مطابق آهي. پر منھنجي لاءِ اڄ تائين اهو آسماني معجزو آهي. سوال رڳو ايترو آهي تہ اهڙي پڪ اڳواٽ منھنجي ذهن ۾ پيدا ڪيئن ٿي؟ ڇو منھنجي ذهن ۾ انھيءَ ارادي ۽ انھيءَ حقيقت جي پاڙ ايتري مضبوط کپي وئي هئي؟ مون اول ئي يقين ڪري ورتو هو- اھا ڳالھہ مان وري ڪري رهيو آهيان- مون اول ئي يقين ڪري ورتو هو تہ ضرور ائين ٿيندو. ھر صورت ۾ ٿيندو ۽ ان جي نہ ٿيڻ جو ڪو سوال ئي ڪونہ ٿو ٿئي- هڪ اهڙي مقدر جي ڳالھہ وانگر جنھن جو ٿيڻ لازمي ۽ اٽل هو.
سوا ڏهين بجي دل ۾ ڏاڍيون اميدون ۽ تمنائون کڻي، ڏاڍي خود اعتماديءَ ۽ جوش سان آءٌ ڪاسينو ۾ ويس.
اڃا اُتي گهڻا ئي جوئا کيڏي رهيا هئا. البت صبح جي نسبت هن جو تعداد تمام گهٽ هو. جوئا خانن ۾ ڏهن ۽ يارهن جي وچ ۾ بہ ڏاڍا جهونا ۽ هوشيار جوئاري موجود هوندا آهن، جن جي لاءِ اهڙن گرم چشمن وارين جڳهين تي رولٽ کان سواءِ ڪا واندر ئي ڪانھي. هو هتي رڳو رولٽ جي جوئا لاءِ ايندا آهن. سڄي موسم ۾ هو جوئا کان سواءِ ڪنھن بہ ٻي شيءِ ۾ دلچسپي ڪونہ وٺندا آهن، بلڪ صبح کان شام تائين جوئا کيڏندا رهندا آهن ۽ جي ممڪن هجي، تہ جيڪر سڄي رات بازين ۽ چالن جي چڪر ۾ گذاري ڇڏين. جڏهن يارهين بجي جوئا خانو بند ڪندا آهن تہ هو ڏاڍيءَ بيزاريءَ سان ٻاھر نڪرندا آهن. ڄڻ دل نٿي گهرين، پر مجبور آهن ۽ جڏهن اڌ رات گذرئي وڏو خزانچي وڏي سڏ ’هيءَ آخري بازي آهي.‘ چوندو آهي تہ هو سڀ پنھنجي کيسن ۾ پيل سموري رقم هڪ ئي وقت ٽن نشانن تي هڻي ڇڏيندا آهن ۽ عام طرح هميشہ ھارائيندا آهن. آءٌ ان جڳھہ تي وڃي ويٺس، جتي ڏينھن جو ڏاڏي ويٺي هئي. ميڙ گهڻو ڪونہ هو. تنھنڪري مون کي جڳھہ حاصل ڪرڻ ۾ ڪا تڪليف ڪانہ ٿي. منھنجي سامھون ئي سائي رنگ جي ڪپڙن تي لکيل اڇو اکر ’ٻولي‘ موجود رکيو هو. ’ٻولي‘ اڻويھن کان ڇٽيھنتائين انگن جو هڪ سلسلو آهي. جنھن تي داءُ هنيو ويندو آهي.
هڪ کان ارڙهن تائين جي انگن جو سلسلو ’شدني‘ سڏايئندو آهي. پر هن وقت آءٌ شدني يا ٻوليءَ جي چڪر ۾ نہ هوس. ڳڻپ تہ ٺھيو، پر آءٌ هي بہ نہ ٻڌي سگهيس تہ کٽڻ جو آخري انگ ڪھڙو هو؟ ۽ ان جوئاري وانگر، جنھن ۾ ذرو بہ خو داريءَ جو مادو هوندو آهي، مون ڪنھن کان پڇيو ئي ڪونہ، مون کيسي مان پنھنجي ڪل ملڪيت، يعني ويھہ فيڊرڪ ڪڍيا ۽ يڪدم ’ٻولي‘ تي هنيا، جو ان وقت منھنجي بلڪل سامھون هو.
”بھترين بازي، سائين!“ خزانچيءَ چيو.
آءٌ کٽي ويس. مون ٻيھر سڄي رقم بازيءَ ۾ هنئي.
”واھہ واھہ!“ خزانچيءَ چيو.
هن ڀيري بہ مون کٽيو. ھاڻ مون وٽ اسي فيڊرڪ ٿي ويا. مون سڀ وچ وارن ٻارهن انگن تي هنيا. چڪرو ڦرڻ لڳو ۽ اوچتو چوويھن جي انگ تي بيھي رهيو. خزانچيءَ مون کي پنجاھہ پنجاھہ فيڊرڪ جي نوٽن جا ٽي بنڊل ۽ ڏھہ سونا سڪا ڏنا. ھاڻ مون وٽ ڪل ٻہ سؤ فيڊرڪ هئا.
آءٌ عجيب ويچار ۾ پئجي ويس تہ ھاڻ ڇا ڪريان. مون يڪدم سڄي رقم ڳاڙهي نشان تي هنئي ۽ سوچن لڳس تہ ٺيڪ ٿيندو، منھنجا هٿ پير ۽ سڄو جسم ڪنبي رهيو هو ۽ جسم ۾ اندر بہ ھلڪا ھلڪا جذبات رڦي رهيا هئا- آخرڪار جڏهن ڪجهہ پاڻ سنڀاليم. تہ احساس ٿيم تہ ھاڻ مون کي پئسن جي بازي ھارائڻ ۾ ڪھڙو ڊپ، جڏهن تہ مون جان جي بازي هڻي ڇڏي آهي.
”ڳارهو!“ خزانچيءَ چيو.
مون آهستي ٿڌو ساھہ ڀريو. منھنجي جسم ۾ اندر ۽ ٻاھر خوشيءَ جون ھلڪيون ھلڪيون سيون چڀي رهيون هيون. هو مون کي بيتاب ڪري رهيون هيون. خزانچيءَ چار هزار فلورن ۽ اسي فيڊرڪ بئنڪ جي نوٽن جي شڪل ۾ ڏنا. پر عادت مطابق مون ان جي بہ ڳڻب ڪانہ ڪئي.
ان کان پوءِ جيستائين مون کي ياد آهي، مون ٻہ هزار فلورن وچ وارن ٻارنھن انگن تي هنيا ۽ ھارايم. مون کي سخت ڪاوڙ لڳي. وري اسي فيڊرڪ بازي هنيم. اھا بہ ھارايم. باقي ٻہ هزار فلورن ڪاوڙ ۾ يڪا هنيم. ان وقت منھنجي دل ۾ اهڙو احساس ضرور موجود هو. جو شايد مادام بلانڪرڊ پيرس ۾ خودڪشيءَ خاطر مينار تان ٽپ ڏيندي وقت محسوس ڪيو هوندو.
”واھہ سائين!“ خزانچيءَ چيو.
هيءَ بازي کٽڻ تي مون وٽ ڇھہ هزار فلورن ٿي ويا. آءٌ پھرين ئي ڏاڍو خوش هوس. مون کي ڪنھن شيءِ جو ڊپ ڪونہ هو. ڊڄڻ جي ضرورت بہ ڪھڙي هئي؟ مون چئن هزارن جا چار هزار فلورن ڪار نشان تي هنيا. ڏسندي ڏسندي نون ٻين ماڻھن بہ ڪارن نشانن تي داءُ هنيو. خزانچي هڪ ٻئي کي معنيٰ خيز نگاهن سان گهورڻ لڳا ۽ سس ڦس ڪرڻ لڳا. سڀ تماشائي حيرت سان پاڻ ۾ ڀڻ ڀڻ ڪري رهيا هئا.
ڪارو نشان منھنجي حق ۾ نڪري آيو. ان کان پوءِ مون ڪيتريون بازيون کٽيون ۽ مون ھر بازيءَ ۾ ڪيترا پئسا لڳايا. اهو مون کي ياد ڪونھي. رڳو ايترو ياد اٿم تہ ان وقت خواب جھڙي حالت ۾ هوس. ان حالت ۾ مون غالباً سورنھن هزار کٽيا. اوچتو ئي منحوس بازيون انھن مان ٻارهن هزار فرانڪ واپس وٺي ويون. پوءِ مون ڪاوڙ ۾ اچي باقي چار هزار ’ٻولي‘ تي هنيا ۽ پاڻ هڪ بيجان مشين جيان بيٺو رهيس. هن ڀيري مون کٽيو. ان کان پوءِ مسلسل چار بازيون منھنجي حق ۾ نڪتيون. مون کي چٽيءَ طرح ياد آهي تہ آءٌ پئسن ۽ نوٽن سان مٺيون ۽ کيسا ڀري رهيو هوس. مون کي هي بہ ياد آهي تہ وچ وارا ٻارنھن انگ منھنجي حق ۾ ڏاڍا سٺا نڪتا ۽ ان لاءِ ھر ڀيري انھن تي ٿي داءَ هنيم. ڏاڍيءَ باقاعدگيءَ سان اهي انگ ٽي چار ڀيرا نڪتا. اهڙي حيران ڪندڙ باقاعدگي عام طرح رنگين نشانن تي ٿيندي آهي ۽ اھا عام طرح رنگين نشانن تي ٿيندي آهي ۽ اھا باقاعدگي ناتجربيڪار ۽ ڪچن جوارين جا ڍڍر ڍرا ڪري ڇڏيندي آهي، جيڪي هڪ هڪ ڳالھہ ڪاغذ تي لکڻ ۽ ھار جيت جو اندازو ڪرڻ ۾ رڌل هوندا آهن ۽ واقعي اهڙن موقعن تي قست جون لھواريون ۽ اوڀاريون اڪثر خطرناڪ صورت اختيار ڪنديون آهن.
جوئا خاني ۾ ائي اڃا مون کي اڌ ڪلاڪ بہ نہ ٿيو هو تہ اوچتو خزانچيءَ اطلاع ڏنو، تہ آءٌ ٽيھہ هزار فلورن کٽي چڪو آهيان ۽ ڇو جو بئنڪ ايترا پئسا هڪ ئي وقت ڏيئي نٿي سگهي، ان ڪري رولٽ جي جوئا صبح تائين بند رهندي. مون پنھنجي سامھون پيل نوٽ ۽ سڪا کنيا. ڳوٿري ٻڌم ۽ ٻئي ڪمري ۾ ھليو وس، جتي رولٽ جي جوئا جي ٻي ميز موجود هئي. سڀ ماڻھو منھنجي پٺيان پٺيان اچڻ لڳا. اتي ويندي ئي منھنجي لاءِ جاءِ خالي ڪئي ويئي. مون ڪرسيءَ تي ويھدني، اڳي جيان بنا سوچي سمجهي ڏاڍي لاپرواهيءَ سان بازي هنئي- خدا کي خبر، مون کي ڪھڙي شيءِ بچائي رهي هئي.
البت ڪڏهن ڪڏهن خودداريءَ جي هڪ جهلڪ، هوش منديءَ جو هڪ ڪرڻو مون کي نظر آيو ٿي. پھرين پھرين تہ مون خاص خاص انگن ۽ نشانن تي ٻئي داءَ هنيا، پر پوءِ ائين ئي توڪل تي ڪم ڪرڻ لڳيس. ان وقت آءٌ بلڪل خالي الذهن هوس. مون کي ياد آهي تہ گهڻائي ڀيرا خزانچيءَ منھنجون چڪون جهليون. منھنجون لوندڙيون پگهر سان ڀرجي ويون هيون ۽ هٿ ڏڪي رهي هئم. منھنجي اهڙي حالت ڏسي گهڻن ئي پولستانين پنھنجو مخلصانہ خدمتون پيش ڪيون. پر مون ڪنھن ڏانھن اک کڻي بہ نٿي ڏٺو. مون کي خبر هئي تہ منھنجي تقدير کي دنيا جي ڪابہ طاقت زير ڪري نٿي سگهي. اوچتو ماڻھو ٽھڪ ڏيڻ ۽ زور زور سان تاڙيون وڃائڻ لڳا. مون هتان پڻ ٽيھہ هزار فلورن ميڙي کنيا. هي بئنڪ بہ سڀاڻي صبح تائين بند ٿي چڪي هئي.
”ھاڻ ھليا وڃو، اوهين هتان ھليا وڃو!“ ڪنھن منھنجي ڪن ۾ آهستي چيو. هيءُ فرئينڪفرٽ جو يھودي هو. راند ھلندي منھنجي ڀرسان بيٺو هو ۽ گهڻا ئي ڀيرا منھنجي مدد ڪئي هئائين.
’خدارا ھليا وڃو.‘ ڪنھن وري آهستي منھنجي ساڄي ڪن ۾ چيو.
هيءَ ٽيھن ٻٽيھن سالن جي هڪ خاتون هئي، زرق برق لباس ۾ مبلوس. چھري تي حالانڪ هيڊاڻ ۽ اداسي ڇانيل هيس، پر کنڊر ٻڌائي رهيا هئا تہ عمارت عظيم هئي. پنھنجي جوانيءَ ۾ تہ ڏاڍي سھڻي هوندي. آءٌ نوٽ مروڙي سروڙي کيسي ۾ وجهي رهيو هوس ۽ سونا سڪا گڏ ڪري رهيو هوس. آخري ٿهي کڻي ان عورت کي ڏيئي ڇڏي. در اصل ان وقت منھنجي دل ۾ پسئن ڏيڻ جي زبردست خواهش هئي. مون کي ياد آهي تہ هن جي ڊگهين هيڊين آڱرين منھنجي هٿ کي شڪريي جي طور تي آهستي زور ڏنو. هي سڀ ڪجهہ هڪ ئي لمحي ۾ ٿي ويو.
پنھنجي کٽيل رقم کڻي مان ان ڪمري ۾ ھليو ويس، جتي شڙط هڻي کيڏن واري ميز رکي هئي ان جو نالو ’شرطيہ ميز‘ پئجي ويو هو.
شرطه ميز تي هميشہ رئيس جوئا کيڏندا آهن. رولٽ جي جوئا جي خلاف هن ۾ پتڻ تي تازي هنئي ويندي آهي. هتي بئنڪ هڪ ئي وقت ۾ هڪ لک فلورن تائين ادا ڪري سگهي ٿي. هونئن رولٽ وانگر هتي بہ هڪ بازيءَ ۾ وڌ ۾ وڌ چار هزار فلورن هڻي سگهبا آهن. مون کي هيءَ راند کيڏڻ جي خبر اصل ڪان هئي. ٻيو تہ ٺيھو، پر مون کي شرط هڻڻ بہ نٿي آئي. رڳو اھا خر هيم تہ هتي بہ ڳاڙهن ۽ ڪارن نشانن تي داءُ هڻبو آهي. ان ڪري مون هڪ ئي وقت ڪاري ۽ ڳاڙهي نشان تي بازي هنئي ۽ آخر تائين ائين ئي کيڏندو رهيس. هجوم ايڏو هو ڄڻ سڄو ڪاسينو هتي مڙي آيو هو. قسم وٺو جي هڪ ڀيرو بہ کيڏڻ جي وچ ۾ مون کي پالينا ياد آئي هجي. ڪرڇن سان نوٽن جون ٿهون ۽ سڪان ميڙيندي مون کي جا خوشي ٿي رهي هئي، سا بيان کان ٻاھر آهي. منھنجي پئسن جا ڍڳ جيئن پوءِ تيئن وڌندا ٿي رهيا.
مون کي ائين پئي لڳو ڄڻ قدرت خود مون کي کيڏڻ تي مجبور ڪري رهي هجي. قسمت جي ڳالھہ آهي تہ هن ڀيري بہ مون کي هڪ خوشگوار موقعو پيش آيو، جو عام طرح جوئا ۾ ٿيندو آهي. مثلا ڳاڙهو نشان ڏھہ ڏھہ بلڪ پنڌرنھن ڀيرا متواتر نڪرندو آهي. مون ٽيون ڏينھن ئي ٻڌو هو تہ هڪ ڏينھن ڳاڙھا نشان ٻاويھہ ٻاويھہ ڀيرا پئي نڪتو. اھا هڪ اهڙي ڳالھہ اهي، جا رولٽ جي جوئا ۾ اڻ ٿيڻي سمجهي ويندي آهي ۽ جي هتي ڪو نشان متواتر نڪرندو آهي تہ ماڻھو اڻ ٿيڻا خيال ڪندا آهن ۽ ان تي گرما گرم بحث ڪندا آهن. جي ڳاڙهو نشان ڏھہ ٻارنھن ڀيرا لاڳيتو نڪري، تہ ظاھر آهي ڪو بہ شخص ان نمبر تي بازي هڻڻ جي ھام نہ ڀريندو. پر اھا بہ ڳالھہ آهي تہ اهڙي حالت ۾ تجربيڪار جوئاري ڪاري نشان تي بہ بازي نہ هڻندو. پراڻو ۽ پڪو جوئاري اتفاق جي انھن ڳالھين کي چڱيءَ طرح سمجهي ٿو. جڏهن ڳارهو نشان متواتر سورنھن ڀيرا نڪري چڪو آهي. تہ ان جو مطلب اهو ئي هوندو تہ ھاڻ قسمت جو داءُ ڪاري نشان تي اڇلايو وڇي. ڪچا رانديگر عموماً اهو ئي اندازو ڪندا آهن. ان ڪري ڀيري ڀيري سان پنھنجين بازين کي ٻيڻو ٽيڻو ڪري هڻندا آهن ۽ ھارائيندا آهن.
جڏهن مون ٻڌو تہ ڳاڙهو نشان يڪو ست ڀيرا نڪتو آهي، تہ مان بلڪل ڪونہ گهٻرايس، بلڪ ڏاڍيءَ بي خوفيءَ سان ان ئي نشان تي داءُ هنيم. آءٌ يقين سان چئي سگهان ٿو تہ ان جو وڏو سبب منھنجو غرور ۽ خودداري هئي. پر شايد ان کان وڌيڪ سبب کٽڻ جي شديد خواهش هئي. در حقيقت مون چاهيو ٿي تہ ھارائڻ جو هي احمقاڻو خطرو مٿي تي کڻي بہ انھن سڀني تماشائين تي ڇانئجي وڃان. هنن کي پننهجي انفراديت سان متاثر ڪريان. دل ۾ اهڙا اهڙا خيال ۽ ذهن ۾ اهڙا اهڙا اضطراب هڪ ٻئي جذبي جي خواهش، هڪ ٻئي خيال جي تمنا. وري گهڻي بي چيني- گهڻو اضطراب- ايترو جو منھنجو روح ٿڪجي چور ٿي پيو. آءٌ سچ ٿو چوان تہ جي پنجاھہ هزار فلورن جي بازي هڻڻي هجي ھا، تہ آءٌ يڪي پنجاھہ هزارن جي بازي هڻان ھا. ماڻھو رڙيون ڪري چئي رهيا هئا، ”اھا چريائي آهي. سراسر حمقات آهي. ڳاڙهو نشان تہ پھرين ئي چوڏنھن ڀيرا نڪري چڪو آهي!“
”هي تہ ڪو جن ٿو لڳي!“ مون هڪ شخص جو آواز ٻڌو، جو ٻئي کي چئي رهيو هو. الائي ڇو، آءٌ پنھنجي لاءِ سوچڻ لڳس تہ ڇا واقعي هڪ لک فلورن کٽي چڪو آهيان! ۽ ھاڻ وڌي رقم کي ڇا ڪندس؟ مون نوٽن جون ٿهيون ۽ پئسا ڇڪي کيسن ۾ وڌا ۽ کوٿري ڌار ٻڌي کنيم. ٻاھر ايندي وقت مون ڏٺو تہ ھر ڪو منھنجي پسئن سان ڀريل کيسن کي لالچ ڀريل نگاهن سان ڏسي رهيو هو ۽ زر لب مسڪرائي رهيو هو. رستي ۾ آءٌ خود سڪن جي بار کان تڙيس پئي. منھنجي خيال ۾ اهو بار ڏهن سيرن کان گهڻو هو. گهڻا ئي هٿ مون ڏي وڌيا، جن کي مون خالي وڃن نہ ڏنو. بلڪ ھر هڪ کي مٺيو ڀري پئي ڏنم. ٻہ يھودي وڏي دروازي جي ٻاھران بيٺا هئا.
”اوهين ڏاڍا بھادر آهيو. وااقعي ڏاڍا همت وارا آهيو. پر اسان جي هڪ ڳالھہ يار دکو، سڀاڻي هتي بلڪل نہ اچجو، نہ تہ سڀ ھارائي ويندؤ.“
مون هنن جي ڳالھين تي اصل ڌيان نہ ڏنو. رستي ۾ ايتي تہ اوندھہ هئي، جو پنھنجو هٿ بہ ڏسي نہ ٿي سگهيس. هوٽل اڌ ميل کن پري هئي. چورن ۽ ڌاڙيلن کان تہ مون کي ڊپ ئي ڪونہ لڳندو هو. سو ھاڻي ڇا لڳندو. مون کي ياد ڪونھي تہ ان وقت آءٌ ڇا سوچي ريھو هوس. در حقيقت آءٌ ڪجهہ بہ ڪونہ سوچي رهيو هوس. آءٌ تہ رڳو مسرت، خوشي، ڪاميابي، طاقت مطابق تہ ڇا چوان، ڪھڙيءَ طرح بيان ڪريان! نہ معلوم ڪھڙيءَ شيءِ جي نشي ۾ مست هوس. رڳو پالينا جو تصور منھنجي ذهن ۾ ھلي رهيو هو. وسيل يادگيريون هڪ هڪ ٿي بياددر ٿي رهيون هيون. مون کي شعوري طور تي خت هئي تہ ڪيڏانھن پيو وڃان ۽ ٿورن لمحن ۾ هن وٽ هوندس. هن کي ٻڌائيندس. هن کي ڏيکاريندس ته............. پر اهي سڀ ڳالھيون وسري ويم، جي ٿوري دير پھرين هن مون سان ڪيون هيون. آخر آءٌ ڇو نڪتو هوس؟ اهي سڀ جذبات ۽ احساسات جي مون ڏيڍ ڪلاڪ پھرين محسوس ڪيا هئا، ائين ٿي لڳو ڄڻ ماضيءَ جي ڪا ڳالھہ هئا. ھاڻ انھن جي صورت بدلجي ويئي هئي. اُهي پرانا ٿي ويا هئا ۽ انھن جو ذڪر ئي ڪھڙو ڪجي، جڏهن ھاڻي ھر شيءِ نئين طرح شروع ٿيندي. رستو ختم ٿيڻ تي هو تو اوچتو هڪ عجيب و غريب خيال ستائڻ لڳم. جي ڪو مون کي ڦري وٺي يا قتل ڪري ڇڏي تہ ڇا ٿيندو؟ ھر قدم تي اهو خيال منھنجي ذهن ۾ پڪو ٿيندو ويو. آءٌ ڊڄي ڊوڙڻ لڳس. اوچتو ڏٺم تہ رستوختم ٿي چڪو آهي ۽ سامھون هوٽل جي درين مان روشني ڇڻي ٻاھر نڪري رهي آهي- مون خدا جو شڪر بجا آندو.
آءٌ ڊوڙندو ڊوڙندو پنھنجي منزل تي پھتس ۽ ڪمري جو دروازو کوليم. پالينا ساڄي هٿ جون آڱريون کاٻي هٿ جي آڱرين ۾ ڦاسايو ڪوچ تي ويٺي هئي. سامھون هڪ ميڻ بتي ٻري رهي هئي. هن مون کي حيرانيءَ سان ڏٺو ۽ واقعي اُن وقت منھنجي حالت اهڙي هوندي، جو مون کي ھر ڪو حيرانيءَ سان ئي ڏسي سگهيو ٿي. آءٌ هن وٽ بيھي سڪن ۽ نوتن جا ڍير ميز تي رکڻ لڳس.