باب سترهون
ٿورن لفظن ۾ هي تہ آءٌ هيمبرگ ھليو ويس. اتان وري رولٽن برگ ويس ۽ اتان ’سپا‘ ھليو ويس. آءٌ بيڊن ۾ ويس جتي مون کي جنٽسي نالي هڪ ڪائونسل جي نوڪري بہ ڪرڻي پئي. آءٌ پنج مھينا اُن حرامزادي وٽ نوڪر رهيس. هيءَ نوڪري مون کي جيل مان نڪرندي ئي ملي ويئي هئي. (ياد رهي تہ آءٌ هڪ قرض نہ ڏيڻ جي سلسلي ۾ رولٽن برگ جي جيل ۾ بہ رهي چڪو آهيان.) خبر نہ آهي تہ منھنجو اهو قرض ڪنھن ادا ڪيو؟ پالينا؟ يا شايد ائسٽلي صاحب؟ خير ان ڳالھہ کي ڇڏيو. ڪنھن بہ منھنجو قرض، يعني ٻہ سؤ ٽالر ڀيو ۽ آءٌ آزاد ٿي ويس. ھاڻ مون وٽ ٽڪو بہ ڪونہ هو. ان ڪري هُن جنٽسيءَ جي نوڪري ڪرڻي پيم. هو ڏاڍو گهڻ ڳالھائو ۽ رول قسم جو نوجوان آهي. هو آرام طلب ۽ ٽن زبانن جو ماھر آهي. مون ٽيھہ گلڊن ماهياني پگهار تي هن جي سيڪريٽريءَ جي حيثيت سان نوڪري قبول ڪئي ۽ اُھا لهندي لهندي، هڪ انديٰ نوڪر جي حيثيت تي وڃي بيٺي ۽ ائين ئي ختم ٿي. ڳالھہ هينئن هئي هن وٽ پئسو ڪونہ هو. هو هڪ سيڪريٽريءَ جي پگهار برداشت ڪرڻ جي قابل ڪونہ هو. هو منھنجو پگهار ھر ڀري گهٽائيندو ويو. پر آءٌ ڇا ٿي ڪريس سگهيس! آخر ڪيترو وقت بيروزگار رھان ھا؟ سو اُتي ئي پيو هوندو هوس، ۽ ان طرح خود هن جو نوڪر بنجي ويس، ان نوڪريءَ جي دوران مون وٽ کائڻ پيئڻ لاءِ بہ ڪجهہ ڪونہ هوندو هو. پر ائين هو تہ انھن پنجن مھينن ۾ مون ڪنھن نہ ڪنھن طرح ستر گلڊن گڏ ڪري ورتا هئا. هڪ شام جو مون هن وٽان نڪرڻ جو ارادو ڪيو ۽ سڌو رولٽ جي جوا خاني ۾ ھليو ويس. منھنجي دل ڌڙڪي رهي هئي. وار وار ڪنبيو پئي. سچ ٿو چوان تہ مون کي پئسن جي ضرورت ڪانہ هئي. منھنجي تہ رڳو اھا خواهش هئي.... تہ سڀاڻي صبح جو ئي هي جنٽسي قسم جا ماڻھو، هي سڀ ننڍا وڏا بيرا، بيڊن جون سڀ حسين عورتون بس رڳو منھنجا گيت ڳائينديون رهن. سندن چپن تي منھنجي ڪارنامن جو ذڪر هجي. منھنجي ڪارنمان تي مون کي مباڪرون ڏين. اهي سڀ ٻاراڻيون خواهشون آهن. مجذوب جي بڪ- چرئي جو خواب- پر شايد- اهو بہ ٿي سگهي ٿو تہ پالينا مون سان ٻيھر ملي ۽ پنھنجي اکين سان ڏسي تہ آءٌ قسم جي هيٺانھين مٿانھين کان بلڪل بي نياز هوس.... ھا، هيءَ حقيقت آهي تہ مون کي پئسا عزيز ڪونہ آهن، مون کي خبر آهي تہ آءٌ هڪ ڀيرو وري پنھنجي سموري دولت ڪنھن مادموزيل بلانشي کي ڏيئي سگهان ٿو ۽ وري پئر ۾ ٽي هفتا، سورهن هزار فرانڪن جي ٻن شاندار گهوڙن واري گاڏين ۾ ويھي گذاري سگهان ٿو. مون کي خبر آهي تہ آءٌ ڪنجوس ڪونہ آهيان ۽ اھا بہ خبر اٿم تہ فضول خرچ بہ ڪونہ آهيان- پر پوءِ بہ جڏهن خزانچيءَ جو ’ڳاڙهو‘، ’ٻولي‘- ’هڻ داءُ‘ جا آواز ٻڌم ٿي تہ دل ڌڪ ڌڪ ڪرڻ ٿي لڳي ۽ جسم ڪنبڻ ٿي لڳو ۽ ٽالر جا سڪا پيا هئا. خزانچيءَ جي ڪرڇي يا گهير مان جي ڪو پئسو ڪريو ٿي، تہ ائين ٿي لڳو ڄڻ ڪا چڻنگ چمڪي ٿي وئي، جوئا خاني جي ڪمري وٽ پھچي جڏهن منھنجي ڪنن سڪن جي ڇڻ ڇڻ ٻڌي، منھنجي ذهن ۾ ھلچل مچي ويئي ۽ لوندڻيون ڦاٽڻ لڳيون.
اھا شام- آه اھا شام بہ ڪيتري نہ عجيب هئي. مون ويندي ئي ڏھہ گلڊن ’انگ‘ تي هنيا. داءُ اڇلائڻ وقت ’انگ‘ کان ڪجهہ بدظن هوس، تنھنڪري ھارايم.ھاڻ باقي سٺ گلڊن بچيا هئا. آءٌ سوچڻ لڳيس ۽ سوچيندي سوچيندي پنج گلڊن ٻرڙيءَ تي هنيم__ چڪر ڦرڻ لڳو ٽئي ئي چڪر ۾ ٻڙيءَ تي بيھي رهيو. جڏهن خزانچيءَ مون کي هڪ سئوپنجهتر گلڊن ڏنا تہ آءٌ خوشيءَ کان ڄڻ چريو ٿي پيس. حقيقت ۾ مون کي ايتري خوشي ان وقت بہ نہ ٿي هئي، جڏهن هڪ لک گلڊن کٽيا هئم. مون يڪدم هڪ سؤ گلڊن ڳاڙهي نشان تي هنيا ۽ کٽيم. ٻيھر بہ سؤ گلڊن ڳاڙهي تي هنيم ۽ کٽي ويس. يڪا چار سؤ گلڊن سائي تي هنيم- کٽِ ويس. وري اٺئي سؤ ”انگ“ تي هنيم ۽ کٽي ويس. ائين پنجن ئي منٽن ۾ ھاڻ مون وٽ ڪل هزار ست سؤ گلڊن ٿي ويا. ھا- زندگيءَ جي اهڙن لمھڻ ۾ مانحو پنھنجيون اڳيون هڙئي ناڪاميون وساري ڇڏيندو آهي- آخر ڇو نه! مون اهو سڀ ڪجهہ جان جي بازي لڳائي کٽيو هو. مون جان جي بازي هنئي ۽ نتيجو؟ هڪ ڀيرو وري آءٌ انسان ۾ شامل ٿي ويس.
مون هوٽل ۾ هڪڙو ڪمرو مسواڙ ۾ ورتو ۽ دروازا بند ڪري ٽين بجي تائين پئسا ڳڻيندو رهيس. صبح جو اک کليم تہ محسوس ڪيم تہ ھاڻ آءٌ ڪنھن جو بہ نوڪر ڪونہ آهيان. مون انھيءَ ڏينھن هيمبرگ وڃڻ جو فيصلو ڪيو. ان لاءِ، جو اتي نہ ڪنھن جو نوڪر رهيو آهيان ۽ نڪوئي جيل ۾ ويو آهيان. گاڏي ڇٽڻ کان اڌ ڪلاڪ اڳ آءٌ وري رولٽ ۾ ويس ۽ ڳاڙهي تي ٻہ داءُ هنيم ۽ پنڌرهن سڀ فلورن ھارائي ويٺس. آءٌ جلدي ٻاھر نڪري ويس ۽ هيمبر روانو ٿي ويس، جتي هڪڙو مھينو رهيس.
آءٌ زندگيءَ جا ڏينھن مونجھہ ۽ پريشانيءَ ۾ ڪاٽي رهيو آهيان. جوئا ڪرڻ وقت نڍين ننڍين رقمن جون بازيون هڻندو آهيان. سڄو سڄو ڏينھن جوئا جي ميز جو سھارو وٺيو بيٺو هوندو آهيان. ڪڏهن ڪڏهن تہ خواب ۾ بہ جوئا کيڏندو آهيان- پر مون کي ائين ٿو لڳي ڄڻ انھن سڀني شين جي وچ ۾ هڪ سخت ٺوس ڪاٺيءَ جيان بي حس ۽ بي جان چيز بنجي ويو آهيان ۽ ڄڻ ڪنھن گدلي دٻڻ ۾ ڦاسي ويو آهيان. انھن سڀني ڳالھين جو خيال مون کي تڏهن ٿيو، جڏهن ائسٽلي صاحب سان مليس. اسين ٻئي ڪافي وقت کان ڪونہ مليا هئاسين. دراصل هو مون کي اتفاق سان ملي ويو. ڳالھہ هيءَ هئي تہ جيئن مون باغ ۾ چھل قدمي پئي ڪئي ۽ سوچي رهيو هوس تہ ھاڻ وري پئسا ختم ٿي چڪا آهن- ھا بس باقي پنجاھہ گلڊن آهن- ۽ ٽيون ڏينھن جي ئي تہ ڳالھہ آهي جو مون هوٽل جو بل ڀريو آهي. آءٌ اڃا هڪ ڀيرو رولٽ جي جوئا خاني ۾ وڃي سگهان ٿو. جي ھارايم ۽ ڪنھن روسيءَ کي اتاليقي جي ضرورت نہ ٿي تہ پوءِ وري ڪنھن جنٽسي قسم جي شخص جي نوڪري ڪندس. انھن خيالن ۾ ٻڏو پيو هوس ۽ ھلندو ھلندو پارڪ ۽ جهنگ مان نڪري پاسي واريءَ ٻنيءَ ڏانھن رخ رکيم.
ڪڏهن ڪڏهن آءٌ خيالن ۾ ٻُڏو، چار چار ڪلاڪ گهمند هو هوس. جڏهن واپس هيمبرگ ايندو هوس تہ ڏاڍي بک محسوس ٿيندي هئيم ۽ ٿڪجي بہ ڏاڍو پوندو هوس. آءٌ باغ مان نڪري پارڪ ۾ ٿي گهڙيس تہ اوچتو ائسٽلي صاحب تي نظر پيم. هن بہ مون کي ڏٺو ۽ سڏڪيائي. آءٌ هن جي پاسي ۾ وڃي ويٺس. مون هن جي منھن تي دستوري وقار ۽ تڪلف جا نشان ڏسي، دل کي ڪجهہ ماٺو ڪيو ۽ مرڪندڙ منھن کڻي هيٺ ڪيم. هونئن، هن کي ڏسي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي هئي.
”تہ اوهين هت آهيو. مون پھرين ئي سمجهيو هو تہ اوھان سان ضرور ملاقات ٿيندي. فڪر نہ ڪريو اوھان کي پنھنجي ڪھاڻي ٻڌائڻ جي ضرورت نہ پوندي. مون کي سڀ خبر آهي. گذريل هڪ سال اٺن مھين ۾ اوھان تي جيڪي ڪجهہ وهيو واپريو آهي، تنھن جي سڄي خبر اٿم.“ هن چيو.
”ماشاءَ الله، اوھان کي پنھنجن پراڻن دوستن سان ڪيتري نہ الفت آهي. واقعي اوھان ۾ دوستن کي نہ وسارڻ جي خلصت آهي. ھا هڪڙي ڳالھہ ياد آئي، ڇا رولٽن برگ جي جيل مان اوھان مون کي ڇڏايو هو؟ هوءَ جيڪا ٻن سون گلڊن جي قرضن ۾ گرفتار ٿي هئي- خبر نہ آهي ڪنھن ڇڏايو هوم؟“
”نہ، نہ مون اوھان کي رولٽن برگ جي جيل مان ٻہ سؤ گلڊن ڏيئي ڪونہ ڇڏايو هو- ايتري خبر اٿم تہ اوھان کي ٻن سون گلڊن جو قرض نہ ادا ڪرڻ جي ڪري گرفتار ڪيو ويو هو.“
”اوھان کي خبر آهي تہ اهو قرض ڪنھن ڏنو هو؟“
”نہ مون کي خبر ڪانھي.“
”عجيب ڳالھہ آهي، منھنجو تہ اهڙو ڪو روسي دوست آهي ئي ڪونہ، جو قرض ڏيئي، مون کي ڇڏائي ۽ هونئن هتي جا روسي ائين ڪري بہ ڪونہ ٿا سگهن. روس ۾ ٿي سگهي ٿو تہ ڪو ڪٽر عيسائي ڪنھن ٻئي ڪٽر عيسائيءَ کي قيد مان ڇڏائي. مون تہ سمجهيو هو تہ ڪنھن انگريز موج ۾ اچي مون کي ڇڏايو هوندو.“
ائسٽلي صاحب ڏاڍي حيرت سان منھنجون ڳاليون ٻڌي رهيو هو. مون کي پڪ آهي تہ هن پھرين سمجيھو هوندو تہ آءٌ ڏاڍو مغموم ۽ اداس هوند.
”مون کي اهو ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي آهي تہ اوھان پنھنجي روح جي آزاديءَ تي ڪو اثر ڪونہ وڌو آهي ۽ پنھنجي زنده دلي ۽ خوش مزاجيءَ کي برقرار رکيو اهي،“ هن پيشانيءَ ۾ گهنج وجهندي چي.
”اوهين مون کي اداس نہ ڏسي اندر ۾ پوسري ڇو رهيا آهيو. آخر ايترو خيال ڇو اٿو؟“ آءٌ کلڻ لڳس.
پھرين تہ هو منھنجي ڳولھہ ڪونہ سمجهيو. پر جڏهن سمجهائين تہ مرڪي چوڻ لڳو، ”واهه، واهه- ڏاڍا سٺا خيالات اٿو. اوھان جي انھن اکرن ۾ منھنجو هڪرو خوشمند، پرجوش ۽ گڏوگڏ چرياڻ قسم جو ۽ عجيب و غريب دوست لڪل آهي. ان قسم جا تضاد هڪ ئي وقت ۾ رڳو روسين ۾ گڏي ٿي سگهن ٿا. ميان، اھا حقيقت آهي تہ هڪ شخص ڪڏهن ڪڏهن پنھنجي دوست کان بہ نفرت ڪندو آهي. سچي دوستيءَ جو هڪ زبردست پاسو نفرت بہ آهي. جيستائين اوھان جو تعلق آهي، آءٌ قسم کڻي چوان ٿو تہ اوھان کي مغموم نہ ڏسي مون کي واقعي ڏاڍي خوشي ٿي، خير ھاڻ ٻڌايو تہ تون جوئا ڇڏيندين يا نہ؟“
”توبهه، توبهه، اھا تہ آءٌ ان ئي مھل ڇڏي ڏيندس جڏهن....“
”جڏهن تون پنھنجا ھارايل سڀ پئسا وري کٽندين.... ھا نہ؟ ڇو، منھنجو خيال ٺيڪ آهي نہ؟ دل جي ڳالھہ ڪڏهن بہ ڪانہ لڪندي آهي. ڀلجي زبان تي اچيو وڃي. تنھنجي ڳالھہ واقعي صحيح آهي. اڄڪلھہ جوئا کان سواءِ ٻيو ڪھڙو شغل اٿو؟“
”ڪو بہ نہ،“
هو مون کان مختلف قسمن جا سوال ڪرڻ لڳو. حالانڪمون کي دنيا جي ڪابہ خبر ڪانہ هئي. ان وچ ۾ مون ڪڏهن اخبار بہ ڪانہ پڙهي هئي. حقيقت تہ هيءَ آهي تہ ڪڏهن قسم خاطر ڪتاب بہ ڪونہ کوليو هئم.
”اوھان ايترا چيڙاڪ ڇو ٿي پيا آهيو؟ آءٌ سمجهان ٿو تہ ان نامراد جوئا جي لاءِ اوھان نہ رڳو پنھنجي خانگي ۽ مجلسي زندگيءَ کي ختم ڪيو آهي، بلڪ پنھنجي ماضيءَ کي بہ وساري ڇڏيو اٿو. زندگي جي مڙين ئي دلچسپين کي ختم ڪري ڇڏيو اٿوَ. هڪ انسان ۽ هڪ شھريءَ جي سڀني حقن ۽ فرضن کي وساري ڇڏيو اٿو. پنھنجي سموري دوستن کي وساري ڇڏيو اٿئي- مون کي تنھنجي زنده دليءَ جا خوشگوار لمحا اڃا تائين ياد آهن. مون کي پڪ آهي تہ تو پنھنجن سٺن خيالن کي، حسين خوابن کي، نيڪ ۽ سچين خواهشن کي دفن ڪير ڇڏيو آهي- ۽ رڳو نيرن، پيلن، ڳاڙهن ۽ ڪارن نشانن ۽ وچوارن ٻارهن انگن جي خاطر، مون کي يقين آهي...“
”بس ائسٽلي صاحب، توھان حد ٽپندا پيا وڃو، خدا جي واسطي مون کي پراڻيون ڳالھيون ياد نہ ڏياريو.“ مون ٿورو ڪاوڙجي چيو، ”آءٌ اوھان کي صاف صاف ٿو ٻڌايان تہ مون ڪابہ ڳالھہ ڪانہ وساري آهي. مون کي ھر ڳالھہ هوبهو ياد آهي- پر جيستائين آءٌ پنھنجي حالتن ۾ ڪ خوشگوار ڦيرو نہ آڻيان تيستائين رڳو عارضي طور تي- وقتي طور تي مون تي انھن سمورين ڳالھين کي پنھنجي ذهن مان ڪڍي ڇڏيو آهي. ان کان پوءِ اوهين خود ڏسندؤ تہ آءٌ هڪ ڀيرو وري ان مئلن جھڙيءَ حياتيءَ مان اٿندس ۽ جيئرن وانگر جيئندس.“
”پر تون ڏهن سالن ۾ بہ پنھنجي حالتن ۾ ڦيرو ڪونہ آڻين سگهندين ۽ جتي آهين اُتي ئي هوندين ۽ جي آءٌ جيئرو رهيس تہ ڏهن سالن کان پوءِ هن ئي ساڳيءَ جڳھہ تي توکي اِھا ڳالھہ ياد ڏياريندس.“
مون هن جي ڳالھہ ڪاٽيندي، چڙ مان چيو، ”بس، بس، اهو ثابت ڪرڻ لاءِ تہ ماضيءَ کي وساريو ڪونہ اٿم، آءٌ پڇانوَ ٿو تہ پالينا ڪٿي آهي؟ جي اوھان مون کي قيد خاني مان ڪونہ ڇڏايو هو تہ پڪ پالينا ڇڏايو هوندو ـــ ان وقت کان اڄ تائين مون هن جي باري ۾ ڪابہ خبر ڪانہ ٻڌي آهي.“
”نہ، مون کي پڪ آهي تہ پالينا اوھان کي ڪونہ ڇڏايو آهي. اڄڪلھہ هوءَ سوئٽزرلئنڊ ۾ آهي. چڱو، اوھان جيڪڏهن پالينا جو ذڪر نہ ڪريو تہ مھرباني ٿيندي.“ ائسٽلي بيزاريءَ کان چيو.
”ان جو مطلب هي آهي تہ هُن اوھان جي جذبات کي مجروح ڪيو آهي.“ آءٌ ڏکارو ٿي کلڻ لڳس.
”مس پالينا هڪ احترام جي لائق هستي آهي. سڀئي هن جي عزت ڪندا آهن ۽ هوءَ آهي بہ مزارن ۾ هڪ. پر آءٌ وري ٿو چوان تہ مون کان پالينا جي باري ۾ ڪجهہ نہ پڇو. اھا اوھان جي مون تي مھرباني ٿيندي. اوهين هن کي ڪڏهن بہ سمجهي ڪونہ سگهيئو ۽ آءٌ جڏهن بہ هن جو نالو اوھان جي واتان ٻڌان ٿو تہ دل تي ڌڪ ٿو لڳيم.“
”خدا جي واسطي ائين نہ چئو، اوهين خود ٻڌايو تہ آءٌ اوھان سان پالينا کان سواءِ ٻي ڪھڙي ڳالھہ ٿو ڪري سگهان! ان ڪري، جو اسان جو ماضي، اسان جون سڀئي يادگيريون هن سان ڳنڍيل آهن. ائسٽلي صاحب! پريشان ٿيڻ جي ضرورت ڪانھي. آءٌ اوھان کان ذاتي ڳالھيون پڇڻ ڪونہ ٿو گهران ـــ منھنجو تعلق تہ مس پالينا جي خارجي معاملات سان آهي، جيڪي اوهين پڪ مون کي ٻڌائي سگهندؤ.“
”ٺيڪ آهي، پر ان شرط تي تہ ان کان پوءِ اوهين مون کان ڪجهہ نہ پڇندؤ. مس پالينا گهڻو وقت بيمار رهي ۽ اڃا تائين بيمار آهي. ڪجهہ وقت تائين هوءَ منھنجي ڀيڻ سان گڏ ڏکڻ انگلستان ۾ رهي. ڇھہ مھينا ٿيا تہ هن جي ڏاڏي ـــ اوھان کي تہ خبر آهي ـــ مري ويئي ۽ هن جي نالي ست هزار پائونڊ هن جي ورثي ۾ ڇڏي ويئي. هينئر مس پالينا منھنجي شادي شده ڀيڻ سان گڏ سفر ڪري رهي آهي. هن جي ٻنهي ننڍن ڀاءُ ڀيڻ کي بہ وصيت نامي ۾ ڪجهہ دولت ملي ويئي آهي. هو لنڊن ۾ پڙهن پيا. سندن ماٽيجو پيءُ جنرل مھينو کن ٿيو مري ويو. مادموزيل بلانشي هن سان ڏاڍو سٺو سلوڪ ڪيو. هونئن بہ هوءَ جنرل جي ورثي جي سموري دولت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويئي. بس مون کي ايتري خبر آهي.“
”۽ گريو ڪٿي آهي؟ ڇا هو بہ سوئٽزرلئنڊ ۾ سفر پيو ڪري؟“
”نہ، هو اُتي ڪونھي ۽ سچ پچ تہ مون کي خبر ڪانھي تہ ڪٿي آهي. پر ھاڻ ڏسو وري اهڙيون لڪل ٽوڪون نہ هڻو، نہ تہ ڏسو ان جو نتيجو بہ توھان کي ڀوڳڻو پوندو.“
”اسان جي پراڻن تعلقات جي هوندي به؟“
”ھا، پراڻن تعلقاتن هوندي به.“
”معاف ڪجو ائسلٽي صاحب! پر هڪڙي ڳالھہ ضرور پڇندس. آخر ان ۾ اهڙي ڪھڙي بي عزتيءَ واري ڳالھہ آهي؟ آءٌ مس پالينا کي تہ ڏوھہ ڪونہ پيو ڏيان ـــ ۽ هونئن سچي ڳالھہ هيءَ آهي تہ هڪ روسي عورت ۽ فرين مرد جو جوڙو، اھا ڳالھہ منھنجي ۽ اوھان جي بيان ڪرڻ تہ ڇا پر سمجهہ کان بہ ظاھر آهي.“
”هڪ فرينچ مرد ۽ روسي عورت ــ ڇا مطلب؟ آخر اوھان گريو جو نالو ڪنھن ٻئي سان ڇو ٿا ملايو؟ ۽ ’جوڙي‘ سان اوھان جو مقصد ڇا آهي؟ خاص طور تي فرينچ مرد ۽ روسي عورت ڇو؟“
”ائين ٿو لڳي ڄڻ اوهين ان ڳالھہ ۾ دلچسپي وٺي رهيا آهيو. پر ائسٽلي صاحب! هي هڪ ڊگهو داستان آهي. ان کي سمجهڻ لاءِ پھرين اوھان کي ٻيون گهڻي ئي ڳالھيون. سمجهڻيون پونديون. اھا ڳالھہ هونئن ڀلي اوھان کي خراب لڳي، پر اوهين ان جي اهميت کان انڪار نٿا ڪري سگهو. ائسٽلي صاحب! فرينچ خوبصورت ۽ نازڪ روايتن جو پليل هوندو آهي. ممڪن آهي تہ اوهين انگريز هجڻ جي صورت ۾ ان کان انڪار ڪريو ۽ آءٌ روسي هجڻ ڪري ان سان اتفاق نٿو ڪريان ـــ ٻئي طرف رقابت جا جذبات ڳالھہ مڃڻ کان مانع آهن.“
”پر اسان جون عورتون ان باري ۾ مختلف راءِ ٿيون رکن. اوهين هڪ فرينچ کي بناوتي ۽ تصنع سان ڀرپور ٿا سمجهو، حالانڪ اوهين هن کي سمجهي بہ ڪونہ ٿا سگهو. آءٌ بہ ائين ٿو سمجهان ـــ حالانڪ هڪ طرف سان اھا بڪواس ئي آهي تہ وري بہ ائسٽلي صاحب! هو ڏاڍو وڻندڙ هوندو آهي. شاعر هوندو آهي، اھا ٻي ڳالھہ آهي تہ اسين هن کي پسند نہ ڪريون. فرينچن بلڪ پئرس وارن جون خصلتون بہ ڏاڍيون سٺيون ٿينديون آهن ۽ اسين اڄ بہ گويا اڻ گهڙيل ڪاٺ آهيون. فرينچ انقلاب هنن کي اميراڻي شان واريون خوبيون ورثي ۾ ڏنيون ۽ ھاڻ اھا حالت آهي، جو ڄٽ کان ڄٽ فرينچ بہ ڏاڍو آب تاب وارو ۽ مان شان وارو ٿي اُٿي ويھي ٿو ۽ ھلي چلي ٿو. هن کي ڳالھائڻ جو ڍنگ ايندو آهي. سٺيون سٺيون ڳالھيون سوچيندو آهي ۽ ھر ڳالھہ ۾ پنھنجي منھن تي ڳالھہ مطابق اهڃاڻ بہ پيدا ڪندو آهي ـــ حالانڪ هن جي پنھنجي فطرت ـــ هن جي روح ۽ ضمير جو سندن اُن تهذيبي پوش ۾ ڪوبہ هٿ ڪونہ هوندو آهي. اهو سڀ ڪجهہ هن کي ورثي ۾ ملندو آهي. ائسٽلي صاحب! آءٌ اوھان يک اهو بہ ٻڌائي ڇڏيان تہ دنيا جي تختي تي هڪ روسي دوشيزه کان وڌيڪ رازدار، اندر جي صاف، سليقھ مند، سادي، بي داغ ۽ سھڻي دوشيزه ٻئي هنڌ ڪٿي بہ ڪانھي. گريو جھڙو فرينچ هڪ خاص قسم جي ڏيکاءَ سان هن جي دل مٺ ۾ ڪري سگهي ٿو ۽ هن جي سڄي حياتي کٽي سگهي ٿو. ائسٽلي صاحب! هو سٺين عادتن جو ڏيکاءُ ڪري ٿو ۽ روسي عورت ان کي هن جو اندر سمجهيو ويھي. هوءَ ڪڏهن بہ اهو نٿي سمجهي تہ اهو ظاھري ڏيکاءُ آهي، جو هن کي ورثي ۾ مليل آهي ۽ دراصل سندس پنھنجو ناهي. اوهين رنج نہ ٿيو، پر سچ هي آهي تہ انگريز ڏاڍا بدسليقھ، غير مھذب ۽ ناشائستہ ٿيندا آهن. روسي هميشہ حسن جي ڳولا ۾ پريشان ۽ بيتاب رهندا آهن. پر روح جي خوبصورتي ۽ ڪردار جي مضبوطيءَ لاءِ جنھن آزاديءَ، باطني وصفن ۽ جنھن بي نيازيءَ جي ضرورت آهي، اھا اسان جي عورتن ۾، خاص ڪري ـــ نوجوان ڇوڪرين ۾ تمام گهٽ آهي. مس پالينا کي ــ معاف ڪجو زبان تي آيل ڳالھہ روڪڻ نہ گهرجي ـــ ان بدمعاش گريو جي بجاءِ اوھان کي چونڊڻ لاءِ اڃا ڪافي وقت جي ضرورت آهي. بيشڪ هوءَ اوھان کي سٺو ماڻھو سمجهي ٿي. اوھان جي باري ۾ سٺا خيال رکي ٿي. اوھان کي پنھنجي دل جا هڙئي راز کولي ٻڌائي ٿي. پر انھن سڀني ڳالھين هوندي، هو شيطان زر پرست گريو هن جي دل تي حڪمراني ڪندو. رڳو هن جي خود پسندي ۽ خود آرائي هن جي برتري قائم رکڻ لاءِ ڪافي آهي ۽ ان جو سبب رڳو هي آهي تہ هو شروع کان ئي پالينا جي اڳيان هڪ آزاد خيال، فراخ دل ۽ باوقار نواب جي حيثيت سان ظاھر ٿيو هو، جنھن جي متعلق اهو خيال ڪيو ويندو آهي تہ هن پنھنجي سڄي نوابي رڳو هن جي گهراڻي ۽ بدنصيب ماٽيجي پيءُ لاءِ ختم ڪئي آهي ۽ جنھن هن لاءِ ائين پنھنجو پاڻ کي تباھہ ڪري ڇڏيو آهي. اهو درست آهي تہ پوءِ انھن سمورن ڪوڙن تان پردو کڄي ويو آهي ۽ اصلي ڳالھہ سامھون اچي ويئي آهي، پر ان مان ڪھڙو فرق ٿو پوي. پالينا اڃا تائين اصلي گريو سان پيار ٿي ڪري ـــ ۽ هن کي اُهوئي تہ گهرجي! جيئن جيئن هوءَ موجوده گريو سان نفرت ڪندي ٿي وڃي، تيئن تيئن اصلي گريو سان محبت وڌندي ٿي وڃيس، حالانڪ اصلي گريو رڳو سندس خيالن ۾ آهي ۽ اوهين تہ کنڊ جا واپاري آهيو.“
”ھا، آءٌ لاول ائنڊ ڪمپنيءَ جي مشھور فرم جو حصي دار آهيان.“
”تہ پوءِ ائسٽلي صاحب ڪٿي هو راجا ۽ ڪٿي اوهين! آءٌ تہ کنڊ ٺاهيندڙ بہ ڪونہ آهيان. ڪٿي اوھان ڪٿي هو عشق جو ديوتا. اھا تہ غير فري ڳالھہ آهي ـــ ۽ آءٌ تہ هڪ معمولي جواري آهيان ۽ سندن نوڪر بہ رهي چڪو آهيان. مون کي پڪ آهي تہ مس پالينا کي هن ڳالھہ جي خبر آهي. ڇو جو هن جا جاسوس ڏاڍا هوشيار آهن.“
”اوھان کي ھروڀرو ڪاوڙ پئي اچي. تڏهن ئي تہ اهڙيون بي وقوفيءَ جون ڳالھيون پيا ڪريو.“ ائسٽلي صاحب ٿوري دير رکي چيو تہ، ”۽ هونئن اوھان جيڪي ڪجهہ چيو آهي، تنھن ۾ ذرو بہ سچ ڪونھي.“
”آءٌ مڃان ٿو پر دوست! عجيب ڳالھہ تہ هيءَ آهي تہ منھنجيون ڳالھيون کڻي ڪيتريون بہ عجيب ڇو نہ لڳي رهيون هجن، پر انھن ۾ صداقت ضرور آهي. اصلي ڳالھہ هيءَ آهي تہ پاڻ سڀيئي ڪنھن شمار ۾ نہ آهيون.“
”اهو سڀ ڪوڙ آهي، بڪواس آهي ـــ ان ڪري منھنجا احسان فراموش نااھل، بدنصيب، نادان دوست! آءٌ هتي هيمبرگ ۾ رڳو پالينا جي چوڻ تي آيو آهيان تہ جيئن اوھان سان روبرو ملي، معلوم ڪريان تہ اوھان جا خيالات، جذبات ۽ نيون اميدون ڪھڙيون آهن ـــ پوءِ اهو سڀ ڪجهہ پالينا کي ٻڌايان ـــ سمجهيؤَ؟“
”واقعي ــــ واقعي؟ تہ ڇا ائين بہ ٿي سگهي ٿو؟“ مون بي اعتباريءَ وچان چيو. منھنجي اکين مان ٻٽا ٻٽا ڳوڙھا وهڻ لڳا. آءٌ انھن کي ضبط ڪري نہ سگهيس. زندگيءَ ۾ غالباً پھريون ڀيرو منھنجي اکين مان ڳوڙھا نڪتا هئا.
”بدنصيب انسان! هوءَ توسان محبت ڪندي هئي ـــ ۽ اهو سڀ ڪجهہ آءٌ توکي ان ڪري پيو ٻڌايان، جو تون هڪ شڪست کاڌل انسان آهين ـــ ۽ ـــ جي توکي اهو بہ ٻڌايان تہ هن کي اڄ ڏينھن تائين توسان پيار آهي تہ مون کي پڪ آهي تہ تون پنھنجي موجوده زندگيءَ کان هڪ قدم بہ اڳتي وڌي نہ سگهندين. تو پنھنجي پير تي پاڻ ڪھاڙو هنيو آهي. تو خود پنھنجو پاڻ کي برباد ڪيو آهي.... تو ۾ ڏاڍيون صلاحيتون هيون، خصوصيتون هيون. طبيعت بہ سُٺي هُيوَ. جي تنھنجي مرضي هجي ھا تہ جيڪر پنھنجي ملڪ جي بيش بھا خدمت ڪرين ھا، جنھن کي تو جھڙن ماڻھن جي سخت ضرورت آهي ـــ پر نہ، تون هتي ئي رهندين ۽ ان حد کان اڳتي وڌڻ تنھنجي لاءِ ناممڪن آهي ۽ نيٺ تون پنھنجي زندگي ائين ئي ختم ڪندين. قسم سان آءٌ طنز ڪونہ ٿو ڪريان، نڪو توکي ڏوھہ ٿو ڏيان. منھنجي خيال ۾ هڙئي روسي اهڙا ٿيندا آهن. انھن جي طبيعتن جا لاڙا بہ اهڙا ئي هوندا آهن. جي رولٽ جي جوا نہ سھي تہ ڪا ٻي لعنت ئي سھي. رڳو اوهين نہ، پر ڪوبہ روسي ڪم جي اهميت ڪونہ سمجهي (ڳوٺاڻن جي ڳالھہ ڪونہ پيو ڪريان). رولٽ جي جوئا اهڙي آهي، جا رڳو روسين لاءِ ئي ٺاهي وئي آهي. اوهين بيشڪ ايماندار آهيو. تڏهن تہ اوھان چوري ڪرڻ بجاءِ نوڪري ڪئي ـــ پر مون کي تہ آئينده جو ڊپ آهي. مستقبل ۾ ڇا ٿيندو ـــ چڱو خدا حافظ! توکي پئسي جي ضرورت آهي؟ هي وٺ، ڏھہ لوئيس. ان کان وڌيڪ ڪونہ ڏيندس ڇو جو تون جوئا ۾ اڏائي ڇڏيندين ــــ ھا، ھا، وٺ وٺ.“
”نہ، مسٽر ائسٽلي! پر اوھان جيڪي ڪجهہ چيو سو ٺيڪ آهي.“
”وٺ وٺ، مون کي خبر آهي تہ تون هڪ قابل احترام شخص آهين. هي تہ آءٌ توکي سچي دوست جي حيثيت سان ڏيئي رهيو آهيان. جي مون کي پڪ هجي ھا تہ تون جوئا ڇڏي هيمبرگ مان پنھنجي ملڪ ھليو ويندين تہ خدا جو قسم آءٌ توکي هڪ هزار پائونڊ ڏيئي ڇڏيان ھا تہ جيئن تون نئين سر پنھنجي زندگي سڌاري سگهين. پر نہ، آءٌ هڪ هزار پائونڊ ڪونہ ڏيندس. رڳو هي ڏھہ لوئيس ڏيندس، ڇو جو تنھنجي لاءِ ڏھہ لوئيس هڪ هزار پائونڊن جي برابر آهن. تون سڀ ھارائي ڇڏيندين. چڱو تہ ھاڻ وٺ.“
”چڱو وٺان ٿو، پر هڪڙي شرط تي تہ وڃڻ کان پھرين ڀاڪر پائي ملندؤ.“
”منظور آهي.“
اسين ڏاڍن پُرخلوص جذبن سان هڪٻئي کي ڀاڪر پائي ملياسين ۽ پوءِ هو ھليو ويو.
نہ، هو غلطيءَ تي آهي، جي مون کي پالينا ۽ گريو جي متعلق غلط فھمي آهي تہ هو وري روسين جي باري ۾ متعصب آهي. آءٌ پنھنجي باري ۾ ڪجهہ بہ نٿو چوان ـــ بھرحال ـــ بھرحال، هن وقت اهو نڪتو زير غور ڪونھي. اهي سڀ ڳالھيون آهن ــــ بي معنيٰ ڳالھيون ـــ ضرورت تہ ڪم جي آهي. جدوجهد جي ــــ ھاڻ تہ سڀ ڪجهہ سئٽزرلئنڊ ۾ آهي. سڀاڻي! ـــــ ڪاش اهو ممڪن هجي ھا تہ آءٌ نئين سر زندگي شروع ڪرڻ ۽ مستقبل کي چمڪائڻ لاءِ سڀاڻي اتي پھچي وڃان ھا. هنن سڀني کي خبر پوڻ گهرجي تہ آءٌ.... ۽ پالينا کي بہ خبر پوڻ گهرجي تہ آءٌ اڃا بہ هڪ انسان بنجي سگهان ٿو.... مون کي رڳو.... پر ھاڻي تہ گهڻي دير ٿي ويئي آهي ــــ پر سڀاڻي ـــ آه ــــ مون کي پھرين ئي خيال هو تہ ھاڻ ڪجهہ نہ ڪجهہ ٿي رهندو. ھاڻ مون وٽ پنڌرهن لوئيس آهن ۽ جوئا کيڏڻ لاءِ تہ پنڌرهن گلڊن ئي ڪافي آهي. جي ڪو احتياط سان کيڏي ته.... آءٌ ڪو ٻار ٿورو ئي آهيان. ڇا ايترو بہ ڪونہ ٿو سمجهان تہ آءٌ تباھہ ٿي چڪو آهيان ۽ ھاڻ مون کي ٻيھر زندگي سڌارڻي آهي. ھا مون کي هڪ ڀيرو وري صبر ۽ تحمل کان ڪم وٺڻو پوندو ــــ ۽ سڀاڻي ڪو ڏينھن منھنجي زندگيءَ جو بھترين ڏينھن هوندو. رڳو هڪ ڀيرو وري پنھنجي قوت ارادي کي ظاھر ڪرڻو پوندو. بس، هڪ ڪلاڪ ۾ قسمت بدلجي ويندي. گردش جا ڏينھن پورا ٿي ويندا. اصل ڳالھہ قوت ارادي جي آهي. منھنجي لاءِ زندگيءَ جو رڳو هڪڙو واقعو ئي ياد رکڻ ڪافي آهي. اڄ کان ست مھينا اڳ آخري ناڪاميءَ کان ٿورو اڳ ولٽن برگ ۾ مون تي ڇا وهيو واپريو هو؟ حقيقت ۾ مستقل مزاجيءَ جو ڪارنامو هو. آءٌ پائي پائي ھارائي چڪو هوس.... ۽ ڪاسينو جي جوئا خاني مان ٻاھر پئي آيس. مون واسڪوٽ جي کيسي ۾ ڏاڍي حسرت سان هٿ وڌو هو تہ ڏٺم تہ اڃا تائين هڪڙو گلڊن پيو هو. ان وقت يڪدم خيال ۾ آيم تہ رات جو ماني بہ کائڻي آهي. آءٌ اڳتي وڌيس اڃا سؤ قدم مشڪل سان ھليس، تہ ذهن ڦيرو کائي ويو ۽ آءٌ ٻيھر جوئا خاني ۾ ھليو ويس. ويندي ئي اهو گلڊن ’انگ‘ تي هنيم (ان وقت ”انگ“ جو ئي وارو هو.) جي اوهين پرديس ۾، هڪ اڻڄاڻ شھر ۾، جتي اوھان جو ڪو يار مددگار نہ هجي ۽ اوھان وٽ رڳو هڪڙو گلڊن هجي ۽ اھا بہ خبر نہ هجيوَ تہ شام جو کاڌو ملندوَ يا نہ ۽ اصل ان ئي وقت اوهين پنھنجو اهو آخري گلڊن بہ داءَ تي هڻي ڇڏيو تہ اوھان کي ان احساس ۾ ڪيتري نہ لذت ايندي؟ آءٌ کٽي ويس ۽ ويھن منٽن کان پوءِ کيسي ۾ هڪ سؤ ستر گلڊن وجهيو، ڪاسينو کان ٻاھر نڪتو ويس. اھا هڪ حقيقت آهي تہ واقعي ڪڏهن ڪڏهن هڪ بچيل گلڊن بہ گهڻو ڪجهہ ڪري سگهي ٿو. جي آءٌ ان وقت بي همت ٿي وڃان ھا تہ ڇا ٿئي ھا؟ جي مون ھارائڻ جو خطرو نہ کنيو هجي ھا تہ ڇا ٿئي ھا؟....
سڀاڻي ــــ سڀاڻي اهو سڄو قصو ٺھي پوندو.