باب اٺون
”اچو اچو،“ مون کي ڏسندي ئي هو چوڻلڳو، ” مان پاڻ اوھان سان ملڻ اچي رهيو هوس ۽ اوھان مون ڏي ئي ھليا آيا تہ آخر اوھان هنن کان جدا ٿي ويا!“
” پھرين اهو ٻڌايو اوھان کي انھن ڳالھين جي خبر ڪيئن پئي.“ مون حيراني مان پڇيو،“ ڇا، ائين تہ نہ آهي تہ اھا ڳالھہ ھر ڪنھن تائين پھچي چڪي آهي!“
”نہ تہ، ڪنھن کي بہ خبر نہ آهي. ڪنھن کي ڪھڙي پئي آهي جو پڇندو وٿي! ٻيو تہ ڪوبہ ان جو ذڪر ڪونہ ٿو ڪري.“شش
” تہ پوءِ اوھان کي ڪنھن ٻڌايو؟“
”بس اتفاق سان سان معلوم ٿي ويو. مون کي ڇو جو اوھان سان انس آهي ان لاءِ اوھان ڏي پئي آيس. ڀلا ھاڻ ڪيڏانھن جو ارادو آهي؟“
” توھان جي مھرباني ائسٽلي صاحب“، مون چيو (حالانڪ آءٌ اڃا تائين اهو ٻڌڻ لاءِ بيقرار هوس تہ اھا خبر هن تائين ڪيئن پھتي.“ ”منھنجو خيال آهي تہ ڪاسينو جي رسدٽوران ۾ ھلي وهون، مون اڃا ڪافي بہ نہ پيتي آهي ۽ اوهين بہ شايد نيرانا نڪتا آهيو. ٿرو ويھنداسين، سگرٽ پيئنداسين ۽ آءٌ اوھان کي انھي باري ۾ سڀ ڪجهہ ٻڌائي ڇڏيندس.... ۽ اوھان مون کي....“
قھوه خانو هتان سؤ قدمن جي فاصلي تي هو. اسين هڪ ڪنڊ وٺي ويھي رهياسين. مون هڪ سگريٽ ڪڍي دکايو. ائسٽلي صاحب منھنجي ڳالھہ ٻڌڻ لاءِ ايترو تہ آتو هو، جو سگريٽ دکائڻ بہ وسري ويو هوس. بيرو يڪدم ڪافي کڻيو آيو.
”آءٌ ڪيڏانھن بہ ڪونہ ٿو وڃان. هتي ئي رهندس.“ مون شروعات ڪئي.
”مون کي پڪ هئي تہ اوهين ائين ئي ڪندا.“ ائسٽلي صاحب مون کي ساراهيندي چيو.
ائسٽلي صاحب ڏي ايندي، منھنجو اصل خيال ڪونہ هو تہ ڪو مان کيس پالينا سان پنھنجي محبت جي باري ۾ ڪجهہ ٻڌائيندس. هونئن بہ هو هڪ خاموش طبيعت ماڻھو هو. آءٌ پھرين ئي ڏسي چڪو هوس تہ پالينا هن تي ڪافي اثر وجهي چڪي هئي. پر هن ڪڏهن بہ سندس نالو زبان ٿي نہ آندو هو. پر عجيب ڳالھہ آهي جو هئي جيئن ئي هن ويھي پنھنجون تيز اکيون مون ڏي ڦيرايون تہ خبر نہ آهي ڇو هن جي سامھون سڀ ڪجهہ يعني پنھنجي محبت جي سڀني پھلوئن کي اوڳاري ڇڏڻ جي عجيب خواهش پيدا ٿيم. مان اڌ ڪلاڪ تائين ڳالھائيندو رهيس ۽ واقعي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي رهي هئي. اهو پھريون دفعو هو، جو ان باري ۾ ڪنھن سان ڳالھايو هئم. اهو ڏسي تہ هو منھنجي تيز تيز جملن کان پريشان ٿيو ٿي ويو، مون ڄاڻي ٻجهي پنھنجي لهجي ۾ زور ٿي پيدا ڪيو. مون کي رڳو هڪڙي ڳالھہ جي پريشاني آهي. شايد مان فرينچ متعلق ضرورت کان ڪجهہ وڌيڪ چئي ويٺو هوس. هونئن تہ ائسٽلي صاحب پنھنجي ڪرسيءَ ٿي بلڪل چپ چاپ ويٺو هو. رڳو سندس اکين جي ڦيرگهير مان خبر ٿي پئي تہ هو مون کي ڏسي رهيو هو پر فرينچ جو ذڪر ڪڍيم تہ هن هڪدم مون کي ٽوڪيو ۽ چپندڙ انداز ۾ چيائين تہ آخر آءٌ اھا ڳالھہ ڇو ڪريان، جيڪا ڪرڻ جي مون کي ڪوبہ حق ڪونہ هو! ائسٽلي صاحب هميشہ ڏاڍي عجيب طريقي سان سوال ڪندو هو.
” اوھان ٺيڪ ٿا چئو، آءٌ سمجهان ٿو تہ مون کي حق ڪونھي.“ مون جواب ڏنو.
”ڏسو اوھان گريو ۽ پالينا جي تعلقات جي باري ۾ ڪابہ ڳالھہ يقين سان نٿا چئي سگهو. ان باري ۾ رڳو ڌڪا ئي هڻي سگهجن ٿا ” آهي نہ ائين؟“
ائسٽلي صاحب جھڙي خاموش طبيعيت ماڻھوءَ جو اهڙو سڌو جواب ٻڌي، آءٌ حيران ٿي ويس. ”ٺيڪ آهي ڪابہ ڳالھہ پڪ سان چئي نٿي سگهجي.“ مون جواب م چيو، ”بلڪل نہ، يقيناً نہ.“
”تہ پوءِ اوھان رڳو مون کي ٻڌائي، بلڪ خود ائين سوچي بہ غلطي ڪئي آهي.“
”ٺيڪ، چڱو مان مڃان ٿو تہ، پپر ھاڻ تہ اهو مسئلو ئي ڪونھي.“ مون پنھنجو پاڻ تي حيران ٿيندي، وچ ۾ چوڻ شروع ڪيو. ان موقعي تي مون ڪالھوڪو سڄو واقعو تفصيل سان ٻڌايو مانس. پالينا جي دل لڳي، مذاق، جاگيردار سان جھڙپ، منھنجي سبڪدوشي، جنرل صاحب جي غير معمولي دهشت ۽ آخر ۾ صبح جو گريو جي اچڻ جي ڳالھہ بہ تفصيل سان ٻڌائي مانس ۽ چٺي بہ ڏيکاري مانس.
”ان سڄي ڪٿا جو نتيجو ڪھڙو ٿا ڪڍو؟“ مون پڇيو، ”مان اوھان جو خڳال معلوم ڪرڻ پئي آيس. منھنجي ڳالھہ ڇڏيو مان هن فرينچ کي هوند خون ڪري ڇڏيان ۽ شايد ائين ڪندس به! خير، پوءِ!“
”اهڙي طرح آءٌ به.“ ائسٽلي چيو. ”جيستائين پالينا جو تعلق آهي. اوھان کي خبر اهي،،،، جي ضرورت مجبور ڪري تہ ماڻھو انھن ماڻھن سان بہ تعلقات پيدا ڪري ٿو، جيڪي هن لاءِ قابل نفرت آهن. اهي تعلقات اهڙا ٿي سگهن ٿا، جن جي باري ۾ ڪنھن کي ڪابہ خبر نہ هفي ۽ اهي رڳو ظاھري حالتن تي منحصر هجن. منھنجي خيال ۾ اوھان کي.... پنھنجي دماغ کي ٿورو آرام ڏيڻ کپي. ڪالھہ اوھان جيڪي ڪجهہ ڪيو سا هڪ بيوقوفي واري ڳالھہ آهي. ان لاءِ نہ تہ هن اوھان مان جند ڇڏائڻ لاءِ اوھان کي جاگيردار کان مار کارائڻ ٿي گهري (حالانڪ مان اڃا تائين سمجهي نہ سگهيو آهيان تہ هن هٿ ۾ ڏنڊي هوندي بہ ڇو نہ استعمال ڪئي.) بلڪ ان لاءَ تہ اهڙو مذاق.... هڪ اهڙي.... مھذب جوان خاتون جي لاءِ نازيبا آهي. دراصل هن کي اھا توقع اصل ڪانہ هئي تہ اوھان ڪو هن چرچي کي ساڀيان ڪري وٺندا ۽ ان کي يڪدم عملي لباس بہ پھرائيندا!“
” اوھان کي خبر آهي تہ ڇا ٿيو هو؟“ مون ائسٽلي صاحب ڏانھن ڏسندي، جهٽ پٽ چيو، ”مون کي ائين ٿو لڳي، ڄڻ اوھان کي ان جي ۾ پھرين خبر آهي. اوھان کي ڪنھن ٻڌايو؟ مس پالينا!“
ائسدٽلي صاحب مون ڏانھن حيران نگاهن سان ڏٺو.
”اوھان جون اکيون ٻري رهيون آهن، انھن ۾ مان شڪ جا پاڇا پيو ڏسان.“ هن پنھنجو لهجو برقرار رکندي چيو. ”پر اوھان کي پنھنجي شڪ ظاھر ڪرڻ جو حق اصل ڪونھي. تنھنڪري آءٌ اوھان جي سوال جو جواب ڏيڻ کان بہ انڪار ٿو ڪريان.“
”بس بس ان جي ڪابہ ضرورت نہ آهي.“ مون گهٻرائجي چيو. نہ ڄاڻ اهو خيال مون ۾ ڪينئن پيدا ٿيو. ڀلا پالينا اهو راز ٻڌائڻ لاءِ ائسٽلي صاحب کي ڪٿي ملي هوندي؟ گهڻي وقت کان ائسٽلي صاحب هن جي ذهن ۾ ئي ڪونہ رهيو هو. هونئن بہ پالينا تہ منھنجي لاءِ هميشہ کان معمول بنيل هئي. هڪ اهڙو معمو، جو ھاڻ ائسٽلي صاحب جي اڳيان پنھنجي عسق جي اظھار کان پوءِ آءٌ اوچتو حيران ٿي ويس تہ اهڙي ڪا واضع ڳالھہ آهي به، جا مان پنھنجي ۽ پالينا جي تعلقات جي باري ۾ چئي سگهيس. ان جي ابتڙ ھر شيءِ عنيب ۽ حيران ڪندڙ پئي لڳي.
”ٺيڪ، بلڪل ٺيڪ. آءٌ هڪ عجيب مونجھاري ۾ پئجي ويو آهيان. ڪيتريون ڳالھيون اهڙيون آهن، جيڪي آءٌ في الحال سمجهي نٿو سگهان.“ مون سھڪندي، ڏڪندي چيو، ڄڻ تہ بيڊم ٿي ويو هوس. ”اوهين بي شڪ سٺا ماڻھو آهيو. هڪ ٻي ڳالھہ اوھان سان ڪرڻي آهي، ان ۾ مون کي اوھان جي نصيحت ۽ راءِ کپي.“
ٿوري وقت بعد مون چيو، ”اوھان جو ڪھڙو خيال آهي؟ آخر جنرل صاحب ايترو ڊڄي ڇو ٿو؟ منھنجي احمقاڻيءَ عملي مذاق ٿي هو ايترو گهٻرائجي ڇو ويو؟ اهڙي گهٻراهٽ، جو گريو بہ مداخلت ڪرڻ ضروري سمجهي (۽ هو نھايت اهم ڳالھين ۾ مداخلت ڪندو آهي) هو مون وٽ ھلي آيو. خيال تہ ڪريو، هو مون وٽ اچي ٿو، مون کي درخواست ٿو ڪري، خوشامد ٿو ڪري..... يعني گريو مون کي درخواست ٿو ڪري، خوشامد ٿو ڪري! ۽ سڀ کان وڏي ڳالھہ هي تہ هو نوين بجي آيو ۽ ان وقت اس پالينا جي چٺي هن وٽ آهي. حيرت آهي تہ اھا ڪھڙي وقت لکي ويئي. شايد هنن مس پالينا کي ننڊ مان اٿاري لکائي هوندي. مون کي تہ صاف نظر اچي رهيو آهي تہ پالينا هن جي ڦندي ۾ گرفتار آهي ( ڇو جو هو مون کان بہ معذرت پئي گهري) پر ان کان سواءِ هن جو آخر انھن ڳالھين سان ڪھڙو تعلق آهي. هوءَ بذات خود ڇو ھر ڳالھہ ۾ دلچسپي ٿو وٺي؟ هو ڇو ڪنھن جاگيردار کان ايترو ڊڄن ٿا؟ جي جنرل صاحب مادموزيل بلانشي سان شادي ڪري رهيو آهي تہ ان ۾ ڇا آهي؟ هو ھر ھر چوندا ٿا رهن تہ ڪا خاص ڳالھہ آهي. پر هيءَ تہ بنھہ خاص ڳالھہ ٿي ڏسجي. ان باري ۾ ڪھڙو خيال آهي؟ اوھان جون اکيون صاف ٻڌائي رهيون آهن تہ اوھان ان باري ۾ مون کان وڌيڪ ٿا ڄاڻو.“
”يقيناً مون کي اوھان کان وڌيڪ خبر آهي.“ هن چيو. ”منھنجي خيال ۾ تہ هن راز جو سڀ کان اهم ۽ وڏو مھرو مادموزيل بلانشي آهي ۽ مون کي يقين آهي تہ اهو سچ آهي.“
”هون، سو ڪيئن، مادموزيل بلانشي ڇو؟“ مون تڪڙ ۾ چيو (اوچتو هيءُ ڳالھہ منھنجي دل ۾ چھنڊڙيون پائڻ لڳي تہ پالينا جي متعلق ڪجهہ نہ ڪجهہ ظاھر ٿيندو.)
”منھنجي خيال ۾ مادموزيل بلانشي في الحال جاگيردار ۽ هن جي بيگم سان ملاقات کان پرهيز ڪرڻ چاهي ٿي، جنھن جا خاص سبب آهن، هن مان لڳي ٿو تہ اھا ملاقات توهين آميز بہ ٿي سگهي ٿي.“
”هون، هون.....“
” ٻہ سال ٿيا تہ مادموزيل بلانشي هتي رولٽن برگ ۾ آئي هئي. مان بہ هتي هوس. مادموزيل بلانشي ان وقت مادموزيل ڪامنگس نہ سڏائيندي هئي ۽ سندس ماءٌ مادام ڪامنگس جو تہ وجود ئي ڪونہ هو. بھرحال ان جو ڪڏهن ذڪر ڪو نہ نڪتو هو. گريو پڻ هتي ڪونہ هو. مان تہ يقين سان چوان ٿو تہ هنن ۾ ڪا مائٽي تہ ٺھيو، پر شناسائي بہ ڪا تازي ٿي آهي. هو گريو ـــ مارڪئس بہ ھاڻي ٿيو آهي. مان هڪ اهڙي ماڻھو کي سڃاڻان، جو هن جي ٻئي نالي کان بہ واقف آهي.“
”پر هن جو اٿڻ ويھڻ تہ وڏن ماڻھن سان آهي.“
”ٿي سگهي ٿو. ممڪن آهي تہ مادموزيل بلانشي جو بہ وڏن ماڻھن سان ڪو لڳ لاڳاپو هجي، پر ٻہ سال اڳ انھي جاگيردارياڻي جي چوڻ تي پوليس مادموزيل بلانشي کي شھر ڇڏي وڃڻ جو چيو هو ۽ هن کي نڪرڻو پيو هو.“
”اهو ڇو؟“
”هوءَ شروع ۾ هڪ شھزادي قسم جي اطالويءَ سان گڏ آئي هئي، جنھن جو نالو غالباً باربري يا ڪجهہ اهڙو ئي هو ــ هو ھر وقت منڊين ۽ هيرن ۾ جهنجهيو پيو هوندو هو ــ جي ڪوڙا نہ هئا! هو ٻيئي هڪ شاندار گاڏيءَ ۾ ويھي گهمڻ نڪرندا هئا. مون کي ياد ٿو اچي تہ مادموزيل بلانشي پھرين داءُ کٽڻ بعد وڏيون شرطون هڻي کيڏڻ لڳي. پر قسمت سندس ساٿ نہ ڏنو. مون کي ياد آهي، هڪ شام هوءَ وڏي رقم ھارائي ويٺي. ان کان بہ وڏي بدنصيبي اھا ٿي جو هو سندس شھزادو بہ رفوچڪر ٿي ويو. بس پوءِ ڇا گهوڙا ۽ ڇا گاڏيون. مطلب تہ ھر شيءِ گم ٿي وئي. هوٽل جي بل جي رقم وڌي هزارن کي لڳي. مادموزيل سليما ( هوءَ اوچتو بربري جي بجاءِ مادموزيل سليما ٿي ويئي هئي) ڏاڍي مايوسي ۽ اداسي جي حالت ۾ هئي. هوءَ سڄي هوٽل ۾ رڙين مٿان رڙيون لائي بيھي رهي. چڙ ۽ تيسي ۾ پنھنجا ڪپڙا چيري ڦاڙي ڇڏيائين. هڪ پولستاني ڪائونٽ هتي هوٽل ۾ رهيل هو (سڀ پولستاني مسافر ڪائونٽ ٿيندا آهن). مادموزيل سليما ڪپڙا ڦاڙيندي تہ پنھنجي خوبصورت آڱرين سان ٻليءَ وانگر منھن تي رانڀوٽا پائيندي، هن تي ڏاڍو اثر وڌو. هنن پاڻ ۾ ڳالھيون ٻوليون ڪيون. آخرڪار ٻنپھرن جي ماني مھل هن کي ڪجهہ آٿت مليو. هو وڃي ڪجهہ سامت ۾ آئي. شام جو هو ڪائونٽ جي ٻانھن تي ٻانھن رکيو، ڪاسينو ۾ آئي. هوءَ زور زور سان ٽھڪ ڏئي کلي رهي هئي. هن جو طور طريقو اهڙو ئي سلجهيل اطمينان وارو هو. هن پنھنجي روش مان ظاھر ڪري ڇڏيو تہ هوءَ اهڙين عورتن جي طبقي سان تعلق ٿي رکي، جيڪي جيڪڏهن رولٽ جي جوا خاني ۾ بہ وڃن ٿيون تہ ماڻھن کي ٺونٺيون هڻيو پري ڪيو ڇڏين. اهڙين عورتن ۾ هڪ خص قسم جي چالاڪي هوندي آهي.“
”توھان ٺيڪ ٿا چئو.“
”پر سائين، هيءَ ڏسڻ ڏيکارڻ جي ڳالھہ نہ آهي. شائستہ ماڻھن ۾ هنن جو گذر گهڻي ءَ دير تائين نٿو رهي سگهي. اهي عورتون، جي فوزانو رولٽ جي ميز تي هڪ هزار روبل جو نوٽ متائي سگهن، تن وٽ جڏهن پئسو ختم ٿي ويندو آهي، ۽ هو هزار جو نوٽ مٽائڻ بند ڪنديون آهن تہ هنن کي خاموشيءَ سان راند بند ڪري ٻاھر نڪرڻ لاءِ چيو ويندو آهي. بھرحال مادموزيل سليما ۾ بدقسمتيءَ سان وچاري جي راند ئي ڪجهہ اهڙي ابت سبت ٿي ويئي هئي، جھڙي اڳي ڪڏهن بہ نہ ٿي هيس. ياد رکو اهڙيون عورتون هميشہ کٽنديون آهن. ان لاءِ جو هنن ۾ قوت برداشت ٿيندي، هڪ ڏينھن ڪائونٽ نہ ان اطالوي شھزادي جيان اوچتو گم ٿي ويو. غريب مادموزيل بلانشي اڪيلي ئي رولٽ جي ميز تي آئي.هن ڀيري ائين ٿيو جو ڪابہ ٻانھن هن کي وٺڻ لاءِ اڳتي نہ وڌي. ٻن ئي ڏينھن ۾ هوءِ سڀ ڪجهہ ھارائي ويٺي. پنھنجو آخري گلڊن بہ بازيءَ ۾ لڳائڻ کان پوءِ، هن هيڏانھن هوڏانھن نظر ڦيرائي. ڏٺائين تہ جاگيرار برمرهيم سندس ويجهو بيٺو کيس عجيب قسم جي ڪاوڙ ۽ حيرت ڀريل نگاهن سان ڏسي. مادموزيل سليما هن جي ڪاوڙ جو خيال ڪرڻ بنان ئي پنھنجي دلربا مسڪراهٽ سان (جنھن کي پاڻ چڱي طرح سڃاڻون) پاڻ ڏي متوجھہ ڪري چيو. جاگيردار صاحب کي هن پنھنجي لاءِ ڏھہ لوئيس ڳاڙهي نشان تي رکڻ لاءِ چيو. جاگيردارياڻي کي خبر پئي ۽ هن جي هڪ ئي شڪايت تي مادموزيل سليما کي هڪ شام جو نوٽيس وصول ٿيو تہ هوءَ آئينده ڪاسينو نٿي وڃي سگهي. اوھان کي منھنجي ايڏي فضول معلومات تي حيرت تہ ٿي هوندي، پر اھا معلومات مون کي منھنجي هڪ مائٽ مسٽر فائيڊر کان ملي هئي. اهو سڀ ڪجهہ مونکي هن ٻڌايو هو. فائيڊر ان شام جو مادموزيل سليما کي پنھنجي گاڏي ۾ ويھاري رولٽن برگ کان ٻاھر وٺي ويو هو. ھاڻ مادموزيل بلانشي جنرل جي زال بنجڻ ٿي چاهي. شايد ان خڳال کان تہ اڳتي پوليس طرفان اهڙي نوٽيس جو خطرو نہ رهيس ـــ جھڙو ٻہ سال اڳ مليو هوس. اڄڪلھہ هو جوا بلڪل نٿي کيڏي. پر انھي مان ئي ڀائنجي ٿو تہ هن وٽ ذاتي سرمايو آهي، جنھن مان هو هتي جي جوارين کي هڪڙي خاص سيڪڙي نفعي جي حساب سان قرض ڏيندي آهي. ظاھر آهي تہ اھا جوئا آهي. مون کي شڪ آهي تہ بدنصيب جنرل تہ هن جو مقروض آهي ۽ شايد گريو به، يا شايد گريو هن سان انھي ڌنڌي ۾ شريڪ آهي. ھاڻ اوهين سمجهي ويا هوندا تہ شادي تائين هوءَ جاگيردار ۽ جاگيردارياڻي جو ڌيان پاڻ ڏي ڇڪائڻ نٿي گهري. مطلب تہ هن جي موجوده حيثيت ۾ اهڙي ڪنھن گڙٻڙ کان وڌيڪ ڪا شيءِ خطرناڪ ٿي نٿي سگهي. اوهين ڇو جو هن پارٽي سان تعلق ٿا رکو. ان ڪري ممڪن آهي تہ اوھان جي اهڙي ڪا غلط روش گڙٻڙ جو باعث بڻجي وڃي ــ خاص ڪري جڏهن هوءَ روز جنرل جي ٻانھن تي ٻانھن رکيو يا مس پالينا سان گڏ ائين عام جڳهين تي ايندي ويندي رهي ٿي. ھاڻ سمجهي ويئو نہ اوهين؟“
”آءٌ ڪجهہ بہ نہ سمجهيس !“ مون زور سان ميز تي ڌڪ هڻي چيو. بيرو دوڙي اچي پھتو تہ الاهي ڪھڙي ڳالھہ آهي.
”پر ائسٽلي صاحب، هي تہ ٻڌايو“، مون تيزيءَ ۾ اچي چيو، ” جڏهن اوھان سڄي ڪھاڻيءُ کان واقف هئا ۽ مادموزيل بلانشي جي اصليت کان بہ واقف هئا تہ پوءِ اوھان گهٽ ۾ گهٽ مون کي يا جنرل صاحب کي يا وري مس پالينا کي ڇو نہ ٻڌايو، جا مادموزيل بلانشي جي هٿ ۾ هٿ وجهي ظاھر ظهور ڪاسينو ۾ ايندي آهي؟ ڇا اهڙي ڳالھہ کي نظرانداز ڪري سگهجي ٿو؟“
”مونکي ضرورت ئي ڪھڙي هئي، مون کي خبر هئي تہ اوهين ڪجهہ بہ ڪري نٿا سگهو.“ ائسٽلي صاحب اطمينان سان جواب ڏنو.“ ”ٻئي ڪندي هنن کي ڇا ٻڌايان ھا؟ جنرل تہ بلانشي جي باري ۾ شايد مون کان بہ وڌيڪ ڄاڻي ٿو ۽ سڀ ڪجهہ ڄاڻيندي بہ هو مس پالينا سميت هن سان گڏ گهمندو رهندو آهي. جنرل ويچارو ڏاڍو بدنصيب ماڻھو آهي. مون ڪالھہ بلانشي کي ڏٺو تہ هو ءَ گريو ڻ هن روسي شھزادي سان گڏ، هڪ خوبصورت گهوڙي تي چڙهي وڃي رهي هئي ۽ جنرل صاحب هن جي پٺيان پٺيان پنھنجي ڪميت تي پئي ويو. جنرل صاحب صبح جو مونکي ٻڌايو هو تہ هن کي ٽنگن ۾ سور هو. پر هو گهوڙي تي سوار بھرحال ڏاڍي اعتماد سان ويٺو هو. ان وقت مونکي خيال آيو تہ هو واقعي برباد ٿي چڪو آهي. پر ميان، منھنجو ڪھڙو ڪم جو هڪ هڪ کي ٻڌائيندو وتان. منھنجي تہ پالينا سان شناسائي بہ ھاڻي ٿي آهي. بھرحال.... (ائسٽلي صاحب جلدي پنھنجو پاڻ کي سنڀالي ورتو.) ڏسؤ، آءٌ پھرين چئي چڪو آهيان تہ آءٌ اوھان کي ڪن سوالن ڪرڻ جو حقدار نہ ٿو سمجهان. هونئن مون کي اوھان سان انس آهي.....“
”بس سائين بس“ مون اٿندي چيو، ”ھاڻ مون کي هيءَ ڳالھہ ڀليءَ ڀت معلوم ٿي ويئي آهي تہ مس پالينا بلانشي کي چڱي طرح سڃاڻي ٿي، پر هوءَ پنھنجي فرينچ کان جدا ٿي نٿي سگهي ۽ يقيناً ان ڪري هوءَ هن سان گڏ ايترو گهمي ٿي. يقين ڪريو، ٻيو ڪوبہ اثر هن کي بلانشي سان گڏ گهمڻ ڦرڻ ۽ مون کي جاگيردار مي معاملي ۾ مداخلت نہ ڪرڻ جي التجا ڪرڻ ٿي مجبور ڪري نٿو سگهي. افسوس آءٌ ايتري ڳالھہ بہ سمجهي نہ سگهيس.“
”پر اوھان اهو وساري رهيا آهيو جناب تہ مادموزيل ڪامنگس جنرل جي مڱيندي آهي. ٻيو هي تہ پالينا جنرل جي اڳ ڄائي آهي. هن جا ٻ ڀائر ڀينر آهن، جي جنرل جا پنھنجا ٻار آهن. جن جي زندگي هن چرئي ماڻھو رڳو غفلت سان خراب ڪري ڇڏي آهي.“
”جي ھا، بلڪل ٺيڪ آهي. ٻارن کي ڇڏڻ، هنن کي بلڪل برباد ڪرڻ جي برابر ٿيندو ۽ اتي رهڻ معنيٰ تہ هنن لاءِ ڪجهہ ثمر محفوظ رهندو ۽ هنن جي زندگي خوشحال گذري سگهندي. بيشڪ، اهو بلڪل ٺيڪ آهي. اوھہ ھاڻ آءٌ سمجهيس تہ هو ڏاڏيءَ ۾ ايتري دلچسپي ڇو وٺي رهيا آهن!“
” ڪنھن ۾، ڪنھن ۾؟“ ائسٽلي صاحب پڇيو.
”اھائي مايڪو واري پوڙهي، جا ڪڏهن نہ مرندي، پر هي سڀ هن جي مرڻ جي تار جو انتظار پيا ڪن.“
”برابر ـــ مطلب تہ ھاڻي هوءَ ئي سڀ ڪجهہ آهي. سڀني ڳالھين جو دارومدار هن جي ملڪيت تي آهي. جيڪڏهن جنرل کي چڱو ڪجهہ ملي ويو تہ هو شادي بہ ڪندو ۽ مس پالينا کي بہ نجات ملندي ۽ گريو.“
”جي ۽ گريو؟“
” گريو کي بہ ادائيگي ٿيندي. هو ايتري لاءِ ترسيل آهي.“
اوھان جي خيال ۾ هو صرف انھيءَ لاءِ ئي ترسيل آهي؟“
”ان کان وڌيڪ مون کي خبر ڪانھي“ ائسٽلي صاحب ائين چئي، بلڪل چپ ٿي ويو.
”پر مون کي خبر آهي، مون کي خبر آهي.“ مون زور ڏيندي چيو، ” هو خود بہ ان ورثي جو انتظار ڪري رهيو آهي، ڇو جو پالينا کي سندس ڏاج ملندو ۽ پئسا ملندي ئي هو سندس گلي پئجي ويندي. سڀ عورتون اهڙيون ٿينديون آهن. خوددار کان خوددار عورت بہ اهڙن موقعن تي ذليل کان ذليل غلام بڻجي ويندي آهي. پالينا تہ رڳو محبت ڪرڻ جي شيءِ آهي ۽ ان کان سواءِ ڪجهہ بہ نہ. هن جي متعلق تہ منھنجي اھا راءِ آهي تہ هن کي ان وقت ڏٺو وڃي جڏهن اڪيلي ئي اڪيلي سوچ ۾ ٻڏل هجي.ڄڻ روز ازل کان اهو ئي هن جي مقدر ۾ لکيل آهي ۽ هوءَ ان لاءِ ئي خلقي وئي آهي. هو زندگيءَ جون تڪليفون کلي برداشت ڪري سگهي ٿي. هن جا جذبات هن جي پوري وس ۾ آهن. هوءَ..... پر هي ڪير مون کي سڏي رهيو آهي. مان اوچتو چوڻ لڳس. ”هي رڙيون ڪير پيو ڪري؟ مون خود ڪنھن کي.اليگزي اوا نووچ، چوندي ٻڌو! ڪنھن عورت جو آواز هو. ٻڌو، ٻڌو!“
ان وقت اسين هوٽل وڃي رهيا هئا سين. قھوه خاني مان نڪتي گهڻو وقت ٿي ويو هو. پر اسان کي ان جو خيال بہ ڪونہ هو.
”ڪنھن عورت جو آواز تہ مون بہ ٻڌو هو. پر خبر نہ آهي ڪنھن کي پئي سڏيائين. روسي ٻوليءَ ۾ سڏي رهي هئي هوءَ_ ھاڻ سمجهيس.“ ائسٽلي صاحب چيو، ”هوءَ ڏس هوءَ عورت جا هينئي معذورن واري ڪرسي تي ويٺي، هتان لنگهي، او! هوءَ ـــ جنھن کي ڪيترئي خادم مٿي ڏاڪڻ تان کنيو پيا وڃن، پٺيان هيتريون پيتيون بہ پيا مٿي نين. شايد گاڏي هينئي آئي آهي.“
”پر هوءَ مونکي ڇو سڏي پئي؟ هوءَ وري وردي سڏ ڪري. ڏسو پاڻ ڏانھن رومال لوڏي پئي.“
”ھا، ھا وقعي هوءَ اسان کي ئي پئي سڏي.“
اليگزي اونووچ_! اليگزي اونووچ! خدا رحم ڪر، عجيب ماڻھو آهين، ٻڌ تہ سھي!“ هوٽل جي ڏاڪڻن تان ڪو چئي رهيو هو.
اسين تيزي سان صدر دروازي ڏانھن وڌياسين. آءٌ جيئن تڪڙو تڪڙو ڏاڪڻ چڙهي پھتس تہ حيرت کان منھنجا پير زمين ۾ کپي ويا.