باب نائون
”چڱا ماڻھو، مونکي ائي اکيون ڦاڙي ڇو ڏسي رهيو آهين؟“ ڏاڏيءَ ٿورو وڏي سڏ چيو. ”ڇا تو ۾ ايترو اخلاق بہ ڪونھي، جو کڻي مون کي کيڪارين! ايترو غرور تو ۾ ڪٿا آيو آهي؟ يا تہ تو مون کي سڃاتو ڪينهي؟ ٻوڙو تہ ڪونہ آهين، ٻڌين ڇو نٿو؟“ هن پنھنجي پوڙهي خانسامي ڏانھن منھن ورائي چيو، جنھن کي ڪڳيان کليل بٽڻن وارو ڪوٽ پھريل هو ۽ وار سخت ڀورا هئس، ”ڏٺئي ھاڻ تہ هي موکي سڃاڻن ئي ڪونہ ٿا. هي تہ مونکي دفنائي چڪا هئا! تار تي تار پئي ڪيائون تہ مان ميس يا نہ. مان تہ ڇاتيءَ تي ويھي منڱ ڏريندي سان. مئا ماريا ڪٿي جا. مان سڀ ڪجهہ سمجهان ٿي. ڏس چڱي طرح ڏس، مان جيئري آهيان!“
” خدا جي واسطي اھريون ڳالھيون نہ ڪر ڏاڏي! خدانخواستہ تون ڇو مرين! موت اچي تنھنجي دشمنن کي.“ مون پنھنجا وهوش و حواس ٺيڪ ڪندي، خوشمزاجي سان چيو. ”مان تہ توھان جي اوچتي اچڻ تي اچڻ ٿي حيرا ن ٿي رهيو آهيان، اھا هڪ قدرتي ڳالھہ آهي.....“
”ان ۾ حيراني جي ڪھڙي ڳالھہ آهي؟ مان ٽرين ۾ ويٺيس ۽ ھلي آيس.
ٽرين جون سيٽون ڏاڍيون آرام واريون هيون. لوڏا صفا ڪونہ ٿي لڳا.
تون ڀلا گهمڻ ڦرڻ نڪتو آهين ڇا؟
”جي ھا، آءٌ ٿورو ڪاسينو تائين ويو هوس.“
”هتي جي موسم تہ ٺيڪ آهي، ڏاڏي هيڏانھن هوڏانھن ڏسندي چيوتہ، ٿوري گرمي آهي. وڻ ساوا ٿا نظر اچن. مون کي اهڙي موسم ڏاڍي وڻندي آهي. ٻيا سڀ ڪيئن آهن؟ جنرل صاحب گهر آهي؟“
”ھا منھنجي خيال ۾ هينئر سڀ گهر ۾ هوندا.“
”ان جي معني تہ هو هتي مقرر وقتن تي ايندا ويندا آهن ۽ پنھنجو پراڻو طرقو نہ بدلايو اٿن! هنن ڏاڍو شان رکيو آهي. ٻڌو اٿم تہ هڪ شاندار گاڏي بہ ورتي اٿن. مزي سان پيا پئسا خرچين ۽ روز ٿا سير ڪندا وتن. ڇا، پراسڪويا گڏ آهين؟“
” جي ھا، پالينا اليگزينڊرونا بہ هنن سان گڏ آهي.“
”۽ هو فرنينچڙو؟ خير، چڱو مان خود اتي وڃي ڏسنديس. اليگزي ايوانو وچ! تون ٿورو مونسان ھلجانءِ. ڀلا تون تہ هن وٽ ٺيڪ آهين نہ؟“
”خدا جو فضل آهي، آئيٽو وئيسلونا!“
”پوٽا پچ! هن ڀيري کي چئي ڇڏ تہ مون کي عمدو ۽ آرام ورو ڪمرو ڏياري ۽ ڏسجان ۽ گهڻو ٿڌو نہ هجي، هي سڄو سامان هينئر کڻي وڃي اتي رکي اچ ۽ هي ماڻھو ڪرسي کي ڇڪڻ لاءِ ايترو منتظر ڇو آهن؟ هي اڳيا اڳيان ميڙ ڪندا پيا وڃن؟ خدا پناھہ ڏئي_ ڪيترا نہ ذليل ماڻھو آهن هي.“ هن مون کي ٻيھر مخاطب ڪندي پڇيو، ”توسان گڏ ڪير آهي؟“
”ائسٽلي صاحب آهي.“
”ائسٽلي ڪير ؟“
”منھنجو دوست، هي جنرل جو بہ واقفڪار آهي.“
”شايد انگريز آهي. هي ائين ماٺ ڪيو ڇو بيٺو آهي. شايد منھنجي متعلق ڪجهہ ڄاڻڻ ٿو گهري. خبر نہ آهي ڇا ڳالھہ آهي، مون کي انگريز ڏاڍا سٺا لڳندا آهن. چڱو، خير، ھاڻ مونکي هنن وٽ وٺي ھل. ڪٿي آهن هو؟“
نوڪر ڏاڏيءَ جي ڦيٿن واري ڪرسي ڇڪڻ لڳا. آءٌ تڪڙو تڪڙو ڏاڪا چڙهي رهيو هوس. اسان جو مختصر جلوس ڏاڍو دلچسپ هو. جيڪو بہ اسان کي مليو ٿي تنھن بيھي غور سان اسان کي ڏٺو ٿي. هيءَ هوٽل هن جڳھہ جي سڀ کان وڏي هوٽل سمجهي ويندي هئي. ان جو خرچ ڪي شاهوڪار ئي برداشت ڪري سگهندا هئا. ڏاڍيون خوبصورت جسمن واريون عورتون ۽ معزز انگريز اسان کي ورانڊن ۽ ڏاڪڻين تي ملندا رهيا. هيٺ گهڻائي ماڻھو وڏي بيري کان، جو پاڻ بہ چڱو خاصو متاثر ٿي ويو هو، پڇي رهيا هئا. هن ھر هڪڪ کي اهو ئي جواب ٿي ڏنو تہ ڏاڏي معزز خاتون آهي. هڪڙي ٻاھرئين ملڪ مان آئي آهي. هن ۾ ٿوري بہ ڪاوڙ ۽ تڪبر ڪونھي. ھاڻ هي انھن ڪمرن ۾ رهندي، جن ۾ هڪ هفتو پھرين هوءَ دولتمند ڊچيس (نوابياڻي) رهيل هئي. هن رعب تاب پيدا ڪرڻ ۾ ڏاڏي جي تحڪمانہ ۽ باوقار شخصيت جو ڏاڍو هٿ هو. جڏهن بہ هو ڪنھن شخص سان پھرين ملي ٿي تہ ان ڏانھن ڏاڍي حيرت سان ڏسي، مون کان ان بابت پڇيائين ٿي. ڏاڏيءَ جسم جي خاصي ويڪري هئي. حالانڪ هو معذور هئي ۽ ٽنگن جي بي جان هجڻ ڪري ڪرسي تان اٿي نٿي سگهي، پر ڏسڻ وارو يڪدم سمجهي سگهيو ٿي تہ قد جي ڊگهي آهي. چيلھہ هن جي تختي جيان سڌي رهندي هئي ۽ هو ڪڏهن بہ پٺيان جهڪي ڪرسي جو سھارو نہ وٺندي هئي. هن جو گول گول وڏو مٿو پنھنجي ويڪريءَ پيشاني سان هميشہ سڌو بيٺل هو. سندس منھن مان بزرگي، خودداري ۽ سرڪشي جا آثار ظاھر هئا. هن جي ڳالھائڻ جو نمونو ۽ ٻي ھر ڳالھہ ٻولھہ بلڪل قدرتي هيون. ٺاھہ ٺوھہ جو نالو نشان منجهس ڪونہ هو. پنجهتر سال عمر هجڻ جي باوجود، هن جي چھري تي هڪ خاص قسم جي سختي هئي ۽ ٻٽيھہ جا ٻٽيھہ ڏند سلامت هئس. هو ڪاري ريشم جو وڳو پھريل هئي ۽ مٿي ٿي اڇي ٽوپي هيس.
”ڏاڏي دلچسپ عورت آهي.“ ائسٽلي صاحب منھنجي ويجهو ايندي ڪن ۾ چيو.“
”ڏاڏي کي تارن جي خبر آهي.“ مان چوڻ سوچڻ لڳس. ”گريو جي بہ خبر اٿس. پر اڃا تائين شايد بلانشي جي خبر ڪانہ اٿس.“ مون پنھنجو خيال ائٽلي صاحب کي ٻڌايو.
آءٌ گنهگار بندو آهيان، سو جڏهن منھنجي پھرين حيراني ختم ٿي تہ اهو سوچي، دل ئي دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيس تہ جنرل جي مٿان ھاڻ چڱو بم گولو ڦاٽندو ۽ اهو آءٌ بہ ڏسندس. جيئن جيئن آءٌ ڏاڪڻ تي چڙهندو پئي ويس، مون ۾ جوش ۽ خوشي وڌندا پئي ويا.
اسان جا ڪمرا ٽينءَ منزل تي هئا. ڏاڏي جو اطلاع ڏيڻ يا در کڙڪائڻ بنان ئي مون در کوليو ۽ ڏاڏي وڏي شان سان اندر داخل ٿي. هو سڀئي جنرل جي پڙهڻ واري ڪمري ۾ ويٺا ڳالھائي رهيا هئا. ان وقت ٻارهن ٿيا هئا ۽ پل هو گهمڻ جو پروگرام ٺاهي رهيا هئا. ڪن کي گاڏي ۾ وڃڻو هو ۽ ڪن کي گهوڙن تي. چند ٻين دوستن کي بہ دعوت ڏني هوائون. جنرل، پالينا، ٻارن ۽ انھن جي نرس کانسواءِ، هن وقت گريو گهوڙيسواري جي لباس ۾ ملبوس، ماد موزيل بلانشي، ان جي ماءُ، بندرو شھزادو ۽ هڪ معزز جرمن جنھن کي مون اڳي ڪونہ ڏٺو هو، ويٺا هئا.
ڏاڏي جي ڪرسي کي ڪمري جي وچ ۾ جنرل کان ٻہ ٽي قلم پري رکيو ويو. ان وقت عجيب سنسني پيدا ٿي هئي، ان جو منظر مون کان ڪڏهن بہ نہ وسرندو. جڏهن اسين ڪمري ۾ داخل ٿياسين تہ جنرل صاحب ڪا ڳالھہ ڪري رهيو هو ۽ گريو هن جي ڳالھہ کي درست ڪري رهيو هو. آءٌ هيءَ ڳالھہ ضرور چوندس تہ ڪجهہ ڏينھن کان گريو ۽ بلانشي جو ڌيان ان بندري شھزادي ڏي گهڻو هو. ان وقت سڀئي ڏاڍا خوش ۽ بلڪل نقلي هئا. ڏاڏي کي ڏسندي ئي غريب جنرل جو وات ڦاٽي ويو ۽ هو جيڪي لفظ ڳالھائي رهيو هو، سي نڙي ۾ اٽڪي پيس. اکيون کلئي جون کليون رهجي ويس. ڏاڏي چپ چپات جنرل کي ڏسندي رهي. پر هو خاموش نگاهن ۾ هڪ للڪار، چئلينج ۽ طنز هو. ڪمري ۾ هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين چپ چپات لڳي ويئي، سڀئي گنگ ٿيا ويٺا هئا. اهڙي عالم ۾هو ڏهن منٽن تائين هڪ ٻئي کي تڪيندا رهيا. شروع ۾ تہ رڳو گريو حيرت کان ششدر ٿي ويو. اهڙو تہ چپ ٿي ويو جھڙي ٿت. پر جلد ئي منھن مان سخت پريشاني بکڻ لڳيس. مادموزيل بلانشي ٿرون مٿي کنيا. وات کوليائين ۽ ڏاڍي وحشت سان ڏاڏي کي تڪڻ لڳي. شھزادو ۽ فاضل جرمن بہ حيرت سان سڄو منظر ڏسي رهيا هئا. پالينا جي اکين ۾ حيرت ۽ الجهن بيدار ٿي ۽ ڏسندي ڏسندي هن جو رنگ اڇي رومال جھڙو ٿي ويو. پر هڪ ئي لمحي ۾ رت هن جي ڳلن کي ڳاڙهو ٽانڊي جھڙو بڻائيندي سڄي منھن تي ڊوڙڻ لڳو. بيشڪ ڏاڏي جي آمد هنن سڀني لاءِ هڪ اوچتي آفت ۽ هڪ آسماني قھر هو. مان پنھنجي نظرن کي ڏاڏيءَ ڏانھن ۽ پوءِ هيڏانھن هوڏانھن ڦيرائيندو رهيس. ائسٽلي صاحب هميشہ جيان ڏاڍيءَ خاموشي سان هڪ طرف بيٺو هو.
”اجهو حضور، تار جي بجاءِ مان خود اچي ويئي آهيان.“ ڏاڏي ٽھڪ ڏيندي، ڪمري جي خاموشي کي ٽوڙيو. ”ڇا توکي منھنجو انتظار ڪونہ هو؟“
”ائنٽويندا وئسيلونا.... چاچي.... ڇا خشڪيءَ جي رستي.....“
غمگين جنرل آهستي چيو. جي ڏاڏي ٿرو بہ خاموش رهي ھا گه جنرل صاحب ڪو نہ ڪو استادي جو هٿ ڏيکاري ڇڏي ھا.
”خشڪي جي رستي ڇو؟ مان ريل ۾ ويٺس ۽ ھلي آيس. آخر ريل ڪھڙي مرض جي دوا آهي! تون تہ اهو ئي سمجهي رهيو هئين تہ مان مري وئي هونديس ۽ تنھنجي لاءِ دولت ڇڏي وئي هونديس؟ تنھنجي تارن جو مطلب آءٌ خوب سمجهان ٿي. خبر اٿئي تارن تي تو گهڻا پئسا ضايع ڪيا آهن؟ تمام وڏي رقم ٿي ٿئي جناب! مان پاڻ ھلي آيس. هي فرينچ هتي ڇ پيو ڪري؟ هن جو نالو شايد گريو آهي؟“
”جي ھا مادام.“ گريو فينچ ٻولي ۾ جواب ڏنو.“ ”مون کي گريو چوندا آهن. اوھان ايتي قدر نڳڪ، بردبار، سنجيده ۽ جاذب نگاه آهيو، جو ديوي چوڻ ٿي دل پئي ٿئي، اوھان ۾ ايتري ڪشش آهي، جو ڪو بہ متاثر ٿيڻ کان سواءِ رهي نہ ٿو سگهي.“
”اھا ڳالھہ ڇڏ تہ مون ۾ ڪا ڪشش آهي يا نہ، پر تون ضرور ٻھروپيو آهين. چپ ڪر، مون کي اصل توتي اعتبار ڪينهي.“ اهو چوندي، ڏاڏي آڱر سان بلانشي ڏانھن اشارو ڪيو. ” هي ڪير آهي؟“ هوءَ سھڻي فرنيچ عورت هن وقت گهوڙيسواري جي لباس ۾ ملبوس هٿ ۾ چھبڪ کنيو ويٺي هئي. هن ڏاڏي کي ڏاڍو متاثر ڪيو. ” هتي ئي رهندي آهي شايد!“
”جي ھا هي مادموزيل بلانشي ڪامنگس آهي ۽ هي ان جي ماءُ مادام ڪامنگس آهي. هتي هن ئي هوٽل ۾ رهيل آهن.“ مون وضاحت ڪئي.
”ڇا شادي ٿي چڪي آهيس؟“ ڏاڏي بي تڪلف انداز ۾ پڇيو.
”ماد موزيل ڪامنگس جي شادي ڪانہ ٿي آهي.“ مون ڄاڻي ٻجهي نرم آواز ۾ احترام سان جواب ڏنو.
”واه“
”جي، مان سمجهيس ڪونہ.“
”تون تہ هن ۾ خاص دلچسپي وٺندو هوندين؟ ڇا هي روسي ڄاڻي ٿي؟ گريو تہ ماسڪو ۾ سکي هئي. ڪجهہ مڙيوئي ايندي هيس!“
”مادموزيل روس ۾ ڪڏهن بہ نہ رهي آهي.“ مون چيو.
”ٻچڙي خوش آهين“ ڏاڏي بلانشي کي مخاطب ٿيندي چيو.
”جي، دعا آهي مادام.“ بلانشي يڪدم منھن تي شرم و حيا ۽ انڪسار جا آثار پيدا ڪندي، جهڪي سلام ڪيو. هن جي سڄي منھن تي ان عجيب طرز تخاطب تي حيرانگي بکي رهي هئي.
”اجهو هي تہ ويچاري شرم کان ٻڏي رهي آهي. پنھنجو پاڻ کي نئين ويس ڏيئي رهي آهي. ڀلا اهڙيون عورتون بہ ڪڏهن لڪي سگهيون آهن؟ ائڪٽريس ڪٿي جي.“ پوءِ اوچتو جنرل کي مخاطب ڪيائين، ”مان هن ئي هوٽل ۾ هيٺينءَ منزل ۾ رهيل آهيان، تنھنجي پاڙي ۾ آهيان. ان مان توکي خوشي ٿي آهي يا افسوس؟“
”اوه چاچي، توکي منھنجي مسرت جو... پُرخلوص جذبات جو يقين ڪرڻ کپي.“ جنرل جواب ڏنو. هو پاڻ کي سنڀالي چڪو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍي مناسب طريقي سان پروقار انداز سان ڳالھايائين ٿي. ”اسين تہ اوھان جي بيماريءَ جي سبب ڏاڍو پريشان رهيا آهيون..... اسان اهڙيون مايوس ڪندڙ تارون وصول ڪيون ۽ ھاڻ اوھان اوچتو....“
”تون ڪوڙ ٿو ڳالھائين، سفيد ڪوڙ“ ڏاڏي يڪدم جنرل جي ڳالھہ ڪاٽي.
” پر توھان ڪيئن....“ جنرل صاحب هن جي ڳالھہ ڪاٽڻ ۾جلدي ڪئي ۽ پنھنجي آواز کي بلند ڪندي، لفظ ”ڪوڙ“ کي لڪائڻ جي ڪو شش ڪندي چيو، ”پر توھان ايڏو سفر ڇو اختيار ڪيو؟ ڀلا هن عمر ۾، هن ضعيفي ۾ جڏهن صحت بہ خراب آهيو..... بھرحال توھان جي هن اوچتي اچڻ سان اسان کي واقعي ڇرڪائي ڇڏيو آهي. پر مون کي ايتري خوشي ٿي آهي.... ۽ اسين سڀ (هو ڏاڏي جي دل ۾ گهر بنائڻ لاءِ مسڪرائڻ لڳو) اسان سڀني جي ڪوشش اھا ئي هوندي تہ هيءَ موسم توھان هتي آرام سان گذاريو.“
بس ميان بس، خومخواه جون ڳالھيون آهن. اهو سڀ ڏيکاءَ آهي. تون هميشہ وانگر نڪواس پيو ڪرين. مان خود پنھنجو وقت بھتر نموني سان گذاري سگهان ٿي. منھنجي توسان ڪابہ ڪاوڙ نہ آهي. ڪو بہ بغض نہ آهي. ڪو ڪينو نہ آهي. هيتہ معمولي ڳالھہ آهي. پراسڪويا تون ڪيئن آهين هتي، ڇا پئي ڪرين؟“
”ڏاڏي، اوھان جي طبيعيت ڪيئن آهي؟“ پالينا هن ڏي ايندي چيو. ”سفر ۾ تہ گهڻي دير رهڻو پيو هوندو!“
”ڏٺو! رڳ هن تميز سان ڳالھايو آهي. باقي سڀئي تہ رڳو آه واه پيا ڪن. ڌيءَ! منھنجي طبيعت واقعي خراب ٿي ويئي هئي. چوويھہ ئي ڪلاڪ کٽ تي پئي هوندي هيس. پنھنجو پاڻ تہ چري بہ ڪانہ ٿي سگهيس. ڊاڪٽر تي ڊاڪٽر گهرايم. پر مار پويس مرض جي خبر ئي ڪانہ ٿي پئي. آخرڪار سينٽ نڪولس جي هڪ پادري کي گهرايم. هن هڪ ڳوٺاڻي جو علاج رڳو گاھہ جي ٻجن سان ڪيو هو. ان عورت کي بہ اھا ئي بيماري هئي. پادريءَ علاج مون کي بہ چاڪ ڪري ڇڏيو. هن جي دوا مان هي ٿي، جو ٽئين ڏينھن سڄو ڏينھن پگهر ايندو رهيو. پگهر جو نڪرڻ ۽ آءٌ بلڪل ٺيڪ ٿي ويس ۽ جڏهن ٺيڪ ٿيس تہ ڳالھيون ٺاهڻ وارن جي بہ گهٽائي ڪانھي. منھنجا چند جرمن دوست ٻيھر اکين تي چشما چاڙهي اچي گڏ ٿيا ۽ نصيحت ڪرڻ لڳا. چون تہ ”اوھان آبهوا جي تبديلي لاءِ ڪيڏانھن ٻاھر ھليون وڃو تہ ڏاڍو سٺو ٿيندو. مرض جا سڀ نشان ختم ٿي ويندا.“ ۽ واقعي ان ۾ ھرج بہ ڪھڙو آهي _ مون سوچيو. هوڏانھن وري زازگنز جي بيوقوفن آهون ڀرڻ شروع ڪري ڏنيون، ”اوهين ڪيڏانھن پيون وڃو؟ ڇو ٿيون وڃو!“ هنن پڇيو ۽ مان هيڏانھن ھلي آيس... تياري ڪرڻ ۾ وڌ ۾ وڌ هڪڙو ڏينھن لڳو هوندو. گذريل جمعي دفتي مون نوڪرياڻي، پوٽا پچ ۽ هڪ چوڪيدار فياڊر کي گڏ کنيو. پر فياڊر کي برلن مان ئي واپس موڪلي ڇڏيم، ڇو جو مون ڏٺو تہ هن جي ضرورت ئي ڪانہ هئي. جي هي مون سان گڏ نہ اچن ھا تہ مان اڪيلي بہ اچي سگهان ھا. مون هڪ سڄو گاڏو رزرو ڪرايو هو. مزدور تہ ھر اسٽيشن تي هوندا آهن. هنن کي ڪجهہ ٽڪا ڏيو ۽ جيڏانھن کپيو اوڏانھن سامان کڻايو. اڙي ھا!، ڪھڙا ڪمرا ورتا آهن؟“ هن چئني پاسن نظرون ڊوڙئيندي ڳالھہ ختم ڪرڻ واري انداز ۾ چيو،” اڄڪلھہ پئسا ڪٿان ٿا اچن. ٻڌو اٿم تو پنھنجي سڄي ملڪيت گروي رکي ڇڏي آهي. رڳو اڪيلي فرينچ کي ئي وڏي رقم ڏيڻي اٿئي! ڇو ٺيڪ آهي نہ؟ مون کي سڀ خبر آهي. آءٌ سڀ ڪجهہ ڄاڻان ٿي.“
”اوه چاچي....“ جنرل گهٻراهٽ ۾ چيو، ”مان حيران آهيان چاچي.... مان سمجهندو هئس تہ مان پنھنجي اعمالن ۾ آزاد آهيان.... ان کانسواءِ منھنجو خرچ منھنجي آمدني کان گهڻو بہ تہ ڪونھي ۽ اسين هتي.....“
”خرچ گهڻو ڪونھي! تون اهو ٿو چئين نه! پوءِ تہ تو پڪ ٻارن کي پائيءَ پائيءَ کان سڪايو هوندو، هنن جوسنڀاليندڙ بنجيو پيو ھلين؟“
”وري ساڳيون ڳالھيون، وري اهي ئي.....“ جنرل صاحب ڪاوڙجي چيو ”مون کي واقعي خبر ڪانہ هئي.....“
”چڱو تہ توکي واقعي خبر ڪانہ هئي، هڪ چوري ٻي سينہ زوري ۽ هي چوويھہ ڪلاڪ رولٽ جي ميزن تي ڪير پيو ڦيريون پائيندو آهي؟“
جنرل صاحب ايترو تہ بي اختيار ٿي ويو، جو پنھنجي جذبات جي موش ۾ ئي ٿ ٿو ڪرڻ لڳو. ”رولٽ، مان.... پنھنجي هن پوزيشن ۾....! چاچي تون خود سوچ تہ ڇا چئي رهي آهين؟ ائين ٿو لڳي تہ اڃا تائين پريشان آهين؟“
”اوه تون ڪوڙ پيو ڳالھائين. بلڪل غلط، مون کي چڱي طرح خبر آهي تہ تون هنن کان جدا ٿي نٿو سگهين،هي سڀ لوڙ آهي. مان خود اکين سان ڏسنديس، هي رولٽ ڪھڙي بلا آهي، پر اسڪويا اهو ٻڌائجان ۽ اهو تنھنجي ذمي آهي تہ مون کي ڪيڏانھن وڃڻو آهي ۽ ڇا ڇا ڏسڻو آهي. اليگزي اوانووچ مون سان گڏ ھلندو ۽ پوٽا پچ تون مشھور جڳهين جي ڏسڻ جو پروگرام ٺاهي وٺ. هتي ڪھڙيون ڪھڙيون شيون ڏسڻ جھڙيون آهن؟“
هن ٻيھر پالينا کي خطاب ڪندي چيو.
”ويجهو ئي هڪ محل جا کنڊر آهن، تنھن جي ڀرسان شلنگبرگ آهي.“
”هي شلنبرگ ڇا آهي. ڪو جهنگل آهي ڇا؟“
”جي نہ، هڪ جبل آهي. ان جي هڪ اوچي چوٽي آهي ؟“
”چوٽي ڇا؟“
”جبل جو سڀ کان مٿانھون سرو. اتي جهنگلا لڳل آهن. خدا جو سنھن اتي ڏاڍو دلڪش منظر آهي.“
”پر جبل تي منھنجي ڪرسي ڪير گهليندو ؟ ڇو!“
”گهڻائي مزدور ملي ويندا آهن.“ مون جواب ڏنو.
ان موقعي تي نرس فدوسيا، جنرل صاحب جي ٻارن سميت اچي پھتي.
”نہ ڀائي، چمين ڀاڪرن جو ضرور ڪونھي. آءٌ ٻارن جون چميون برداشت نٿي ڪري سگهان. هنن جو نڪ تہ هميشہ وهندو پيو آهي. تنھنجو ڪھڙو حال آهي فدوسا؟“
”اوھان جي دعا آهي.“ فدوسا جواب ڏنو، ”ھاڻ ڪھڙو حال آهي مادادم! اسين تہ اوھان جي ڪري ڏاڍا پريشان هئاسين.“
”مون کي خبر آهي تہ تون واقعي مخلص ۽ سٺي آهين. ٻڌاءِ هت تہ ھر وقت مھمانن جو گوڙ متل هوندو!“ ڏاڏيءَ ٻيھر پالينا کان پڇيو، ”هي عينڪ وارو ٻڍو ڪير آهي؟“
”شھزادو نلسڪي“ پالينا آهستي چيو.
”هون تہ ڪو روسي آهي، مون سمجهيو تہ هو نہ سمجهندو. غالباً هن ٻڌو بہ ڪونہ. هي ائسٽلي صاحب آهي. هن سان تہ آءٌ ملي چڪي آهيان. اوهين اڃا هتي آهيو؟“ ڏاڏيءَ هن ڏي مڙندي چيو. ”اوھان جو ڪھڙو حال آهي؟“
ائسٽلي خاموشي سان جهڪيو ۽ چيائين، ”نوازش.“
”ڇا اوھان مون سان ڪونہ ڳالھائيندوء! ڪجهہ تہ چئو.“ پالينا هن کي ترجمو ڪري ٻڌاءِ.
پالينا ترجمو ڪيو.
”ھا، ھا، مونکي اوھان سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي آهي. خدا جو فضل آهي. اوھان صحت تہ ٺيڪ آهي نہ؟“ ائسٽلي صاحب ڏاڍي سنجيدگي پر حاضر دماغيءَ سان چيو، پالينا ترجمو ڪيو ۽ جيئن ٿيڻ کپي، ڏاڏي کي اهو ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي.
”هي انھريز هميشہ سٺو جواب ڏيندا آهن.“ هن چيو، ”ان ڪري تہ مون کي سٺا لڳندا آهن. انگريزن ۽ فرينچن ۾ تہ ڪو مقابلو ئي ڪونھي. چڱو ٻڌو.“ هن ائسٽلي صاحب کي ٻيھر مخاطب ڪيو، ”آءٌ هينئر اوھان کي پرشان ڪرڻ نٿي چاهيان. پالينا هن کي ٻڌاءِ تہ آءٌ هتي هيٺينءَ منزل ۾ رهيل آهيان. هي مان سان ڪنھن ٻئي وقت ضرور ملي، هتي هيٺ.“ هن پنھنجي ڳالھہ ورجائيندي چيو.
ائسٽلي صاحب ان دعوت تي ڏاڍو خوش ٿيو.
ڏاڏيءَ پالينا کي مٿان کان هيٺ ڪيئي ڀيرا ڏاڍي اطمينان سان ڏنو.
”پر اسڪويا، مون توکي ڏسڻ جو ڏاڍو اشتياق هو،“هن اوچتو چيو، ”تون ڏاڍي عهيب ڇوڪري آهين. سون هزار ن ۾ هڪ، وصيت نامي ۾ توکي ڪانہ وساريندس، فڪر نہ ڪر. اڙي هي تنھنجي ڳچيءَ ۾ نقلي ھار آهي ڇا؟“
”نہ ڏاڏي، منھنجو پنھنجو آهي
ھا ھا پر مون کينئون فيشن ڪونہ وڻندو آهي ۽ تون تہ واقعي سھڻي پئي لڳين جي مان جوان هجان ھا ۽ گڏوگڏ مرد بہ تہ تو تي عاشق ٿي پوان ھا پر ھا ترتون شادي ڇو نٿي ڪرين؟ چڱو وقت ٿي ويو آهي ھاڻ مون کي وڃڻ کپي چڱو اجازت ڏي سڄي ڏينھن جي سفر ٿڪائي وڌو آهي تنھنجي هن جنرل کي نڪ تي ڪاوڙ واري عادت ختم ٿي يا نه
خدا جي واسطي چاچي اوھان ڪھڙيون ڳالھيون پيا ڪرريو! جنرل صاحب خوش نظر اڍڻ جي ڪوشش ڪندي چيو آءٌ سمجهان ٿو هن عمر ۾....