باب ٻارهون
”آخر توهين منھنجي پٺيان ڇو اچي لڳا آهيو؟ وڃو، پنھنجو ڪم ڪريو! اسين هميشہ تہ اوھان کي پاڻ سان ڪونہ کنيو پيا ھلنداسين. اليگزي ۽ آءٌ ڪافي آهيون.“ هو ويچارا منجهي پيا ۽ يڪدم هوٽل ڏي موٽي ويا.
ڪاسينو ۾ پھرين ئي اسان جو انتظار پئي ٿيو. خدمتگارن اسان کي ڏسندي ئي هڪدم ڏاڏيءَ لاءِ خزانچيءَ وٽ هڪ جاءِ خالي ڪرائي. آءٌ ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان تہ هي خزانچي، جي ايتري قدر ٺھي ٺڪي ٿا اچن، پنھنجي پر ۾ پنھنجو پاڻ کي آفيسر ٿا سمجهن. هو ان ڳالھہ کان لاتعلق هوندا آهن تہ بئڪ کٽي ٿي يا ھارائي ٿي. هو رانديگرن کي جوئا ڏانھن راغب ڪرڻ لاءِ باقاعدي هدايتون حاصل ڪندا آهن ۽ ان ڪم کي چڱيءَ طرح نڀائيندا آهن. صاف ظاھر آهي تہ ان لاءِ کين انعام اڪرام بہ ملي ٿو. مطلب تہ هو ڏاڏيءَ کي اکيون ڦاڙي ائين ڏسڻ لڳا ڄڻ ڄار ۾ ڪو وڏو شڪار ڦاٿو هجين.
اهو ئي ٿيو جنھن جي اسان کي اميد هئي.
۽ اهو هيئن ٿيو.
ڏاڏيءَ ويندي ئي مون کي ٻارنھن فيڊرڪ ٻڙيءَ تي هڻڻ لاءِ چيا، سو ٻارنھن فيڊرڪ ٽي ڀيرا هنيا ويا، پر ٻڙي نہ آئي.
”ھل، ھل، داءُ هڻ!“ ڏاڏيءَ ھر ڀيري ائين ٿي چيو، ۽ مون تعميل ٿي ڪئي. ”ڪيتريون بازيون لڳائي چڪا آهيون؟“ هن بي چينيءَ سان ڏند ڪرٽيندي چيو.
”ٻارنھن، ڏاڏي! ۽ انھن بازين ۾ هڪ سؤ چوئيتاليھہ فيدرڪ ضايع ٿي ويا. مان چوان ٿو ڏاڏي، ممڪن آهي شام تائين........... “
”چپ ڪر، ڪھڙو ڪارزبانو آهين! ٻڙيءَ تي داءُ هڻ ۽ ڳاڙهي نشان تي بہ هڪ هزار گلڊن هڻ. ڏٺو ويندو هي وٺ نوٽ.“
ڳاڙهو نشان اسان جي حق ۾ نڪتو، پر ٻڙي وري رهجي وئي. ڏاڏيءَ هڪ هزار گلڊن کٽيا.
”ڏٺئي، مون ڇا ٿي چيو؟“ ڏاڏيءَ آهستي چيو، ”جيترو اسان ھارايو هو. هڪ ئي چال ۾ واپس اچي ويو. چڱو ٻيھر ٻڙي هڻ. بس ڏھہ بازيون کيڏنداسين ۽ پوءِ ختم ڪنداسين.
پر ڏاڏي پنجين بازيءَ ۾ ئي بيزار ٿي ويئي.
هي ڪمبخت ٻڙي تہ نڪرڻ جو نالو ئي نٿي وٺي. چڱو هي وٺ ۽ چارئي هزار گلڊن ڳاڙهي نشان تي لڳاءِ.“ هن مون کي حڪم ڏيندي چيو.
”ڏاڏي ايڏي وڏي رقم نہ هڻ، خدانخواستہ جي ڳاڙهو نہ نڪتو، تہ ڇا ٿيندو؟“ مون التجا ڪندي چيو، پر هوءَ ٻيڻو مون کي مارڻ لڳي (بي شڪ هوءَ اهڙي نموني ٺونٺ هڻندي هئي، جو ان کي مارڻ ئي چوڻ مناسب آهي). ھاڻ مجبوري هئي مان ڇا ٿي ڪريا سگهيس. چار هزار گلڊن ڳاڙهي نشان تي هنيم. گهيرو ڦرڻ لڳو گولي تيزيءَ سان نچڻ لڳي. ڏاڏي ڏاڍي اطمينان ۽ غرور سان آڪڙي ويٺي هئي. ڄڻ تہ هن کي پنھنجي کٽڻ جو يقين هو.
”ٻڙي“ خزانچي رڙ ڪندي چيو.
پھرين تہ ڏاڏي هن جو مطلب ئي نہ پئي سمجهي پر جڏهن اکين سان ڏٺائين تہ خزانچي هن جا چار هزار گلڊن ۽ ميز تي پيل سڀ پئسا ڪرڇا ڀري پاڻ ڏي ڪري رهيو آهي تہ خبر پيس تہ ٻڙي نڪتي آهي، جنھن تي خود هن ايترين بازين ۾ ٻہ سؤ فيڊرڪ لڳائي ڇڏيا هئا، پر ان وقت نڪرڻ جو نالو ئي نہ پئي ورتائين. ڏاڏيءَ گاريون ڏيڻ شروع ڪيون ۽ ڪنجهندي پنھنجي هٿن کي ائين مٿي کنيائين، جو موجود سڀ ماڻھو کلڻ لڳا.
”خدا جي مار پويس، هيءَ نڀاڳي ٻڙي نڪري ائي. توبھہ توبهه، هي سڀ تو ڪيو آهي. تو ئي مون کي ان لاءِ چيو هو.“ هن مون کي هٿ سان ڌڪو ڏيندي چيو.
”ڏاڏي مون تہ اوھان سان سچي ڳالھہ ڪئي هئي، هي تہ هڪڙو اتفاق آهي. ان ۾ آءٌ ڇا ڪريان.“
”مان ڇا ڪريان؟ تنھنجي تہ وٺي ڪري........ ھليو وڃ هتان، دفع ٿي وڃ.“
”چکو، خدا حافظ، ڏاڏي! آءٌ ٻاھر وڃن لاءِ اٿيس.“
”اليگزي، اليگزي اوانو وچ بيھہ تہ سھي، ميان ڪيڏانھن پيو وڃين؟ آخر ڳالھہ ڇا آهي. ٻڌ تہ سھي. ايتري ڪاوڙ جو ڪھڙو ڪم؟ بس اچ ھاڻ. ڪاوڙ ٿُڪي ڇڏ. ايتري ڳالھہ تي ڪاوڙجي وئين؟ مان خود چوري آهيان. ھاڻ ٻڌاءِ ڪھڙي چال ھلان؟“
”ڏاڏي آءٌ نہ ٻڌائيندس پوءِ وري اوهين الزام ٿيون رکو. اوهين پنھنجي مرضي سان کيڏو. جنھن انگ يا نشان تي چوندين، آءٌ اُن تي داءُ هڻندس.“
”چڱو، چڱو، ائين ئي سھي، هي وٺ چار هزار گلڊن ڳاڙهي نشان تي هڻ، الله مالڪ آهي. پاڪٽ بڪ پاڻ وٽ رک.“هن کيسي مان پاڪٽ بڪ ڪڍي، مون کي ڏيندي چيو، ”جلدي ڪر، جلدي. هن ۾ ويھہ هزار روبل جا نوٽ آهن.“
”ڏاڏي! ايڏي وڏي رقم جون بازيون؟“
”تون بازي لڳاءِ“ خدا جو قسم اسين کٽنداسين.“
مون داءَ لڳايو ۽ ھارايم.
”ڪا ڳالھہ نہ آهي، اٺن جا اٺ هزار هڻ.“
”ڏاڏي قانوني طرح اوهين چئن هزارن کان مٿي جو داءُ نٿيون هڻي سگهو.“
”چڱو چارئي سھي، پر جلدي هڻ.“
هن دفعي کٽيوسين. ڏاڏي خوشيءَ کان تاڙيون وڄائڻ لڳي. ”ڏٺئي، چار هزار وري هڻ.“
داءُ لڳايم، ھارايوسين. وري داءُ، وري ھارايوسين ۽ ان ريت ھارائيندا ئي رھاسين.
”هون، تہ سڀ پئسا پورا ٿي ويا!“ هن آهستيءَ سان ڪاوڙ واري لهجي ۾ چيو. ”خير، ڪا ڳالھہ ناهي.“ وري ڪجهہ سوچيندي چيائين، ”چار هزار گلڊن پيا هڻ.“
”پر پئسا ڪٿي آهن؟ ڪجهہ هُنڊيون آهن. ڪجهہ بل آهن، جن جي مٽائڻ تي پنج روبل في سيڪڙو ڏيڻو پوندو ۽ بس پئسا تہ ختم ٿي ويا؟“
”ٿورا پئسا پيا آهن.“
”هتي صراف ڪٿي آهن. هڪڙي ماڻھوءَ چيو پئي تہ هنن وٽان ھر قسم جا نوٽ ۽ هنڊيون مٽائي سگهجن ٿيون“ ڏاڏي غمگين ٿي پڇيو.
”جيترو اوهين چاهيو مٽائي سگهو ٿا، پر اوھان کي فائدو ڪجهہ بہ نہ ٿيندو. هو صرافو وڏا يھودي ٿنيدا آهن. ڦُري ويندوَ.“
”تون تہ ھر ڳالھہ ساڳي ٿو ڪرين چڱا مڙس. مان سڄي رقم واپس وٺنديس. اُهي ٻُڌو ڪٿي آهن؟“
مون کي دروازي تائين ڪرسي ڇڪڻي پئي ۽ ان کان پوءِ نوڪرن ڇڪي. ھاڻ اسين ڪاسينو کان ٻاھر اچي ويا هئاسين.
”جلدي ڪريو جلدي رستو ڪٿي آهي. اليگزي، ويجهي رستي تان ھلجانءِ. پري وڃڻو آهي ڇا؟“
”نہ بلڪل ويجهو آهي.“
پر شاه بلوط واري رستي وٽان مڙندي، هو سڀئي اچي اسان سان مليا. جنرل صاحب، گريو، گلانشي ۽ هن جي ماءُ، ٻيا سڀئي هئا، پر پالينا ڪونہ هئي ۽ ائسٽلي صاحب بہ غائب هو.
”آءٌ واندي ڪونہ آهيان، منھنجو وقت نہ وڃايو، آخر توھان جي مرضي ڇا آهي؟“
آءٌ پٺيان پٺيان ھلي رهيو هوس. گريو تيز تيز ھلندو منھنجي ويجهو اچي ويو.
مون هن جي ويجهو اچڻ جو مطلب سمجهندي چيو، ”اڄ صبح هن جيڪا رقم کٽي هئي، اھا سڄي ھارايائين. پاڻ وڌيڪ ٻارنھن هزار گلڊن بہ ھارايا اٿس. ھاڻ اسين صراف ڏانھن هنڊيون ڀڃائڻ پيا وڃون.“
گريو جت هو اُٺ ڄمي ۽ وري جنرل کي ٻڌائڻ لاءِ تيزي سان ڏانھس وڌيو. اسين ڏاڏيءَ جي ڪرسي ڇڪيندا رهياسين.
جنرل ڏاڍي پريشان انداز ۾ منھنجي ڪن ۾ چيو، ”هن کي روڪ.“
”اوهين ڪوشش ڪري ڏسو.“ مون بہ آهستي ڪن ۾ جواب ڏنومانس.
”چاچي... چاچي... ڏسو اسين سڀ ٻھراڙي ڏانھن گهمڻ پيا وڃون. گهوڙا بہ آهن. پاڻ کي هوءَ جبل جي چوٽي ڏسڻي آهي. اسين اوھان کي سڏڻ پئي آياسين.“ جنرل صاحب ڪنبندي چيو.
”ڌوڙ وڃي پاءِ، تون بہ ۽ اھا چوٽي به. خدا جي ڪا وٺ پوين- ھروڀرون پيا تنگ ڪن.“ ڏاڏيءَ هٿ جي اشارن سان هن کي پوري ٿيڻ لاءِ چيو.
”ڏاڏي هتي ڏاڍي ساوڪ آهي. گڏجي ويھي چانھه پيئنداسين!“ جنرل اميد جو سھارو وٺندي چيو.
”ڌوڙ وڃي پاءِ، تون بہ اھا چوٽي به، خدا جي ڪا وٺ پوين- ھروڀرون پيا تنگ ڪن.“ ڏاڏيءَ هٿ جي اشارن سان هن کي پري ٿيڻ لاءِ چيو.
”ڏاڏي هتي ڏاڍي ساوڪ آهي. گڏجي ويھي چانھه پيئنداسين!“ جنرل اميد جو سھارو وٺندي چيو.
”نہ نہ، اوھان خواه مخواه غلط ڳالھہ ڪري رهيا آهيو. بلڪل فرينچن جھڙي ڳالھہ ڪئي اٿو!“ گريو ڪاوڙجي چيو. ”اهو فرينچن جو خيال هوندو آهي تہ ڪنھن مثالي ڳوٺ جا دلڪش منظر ڏسجن. يعني هنن جي دماغ ۾ هميشہ اهو ئي تصور هوندو آهي تہ فطرت کير کان اڇي ۽ رات کان ڪاري، مطلب تہ ان جا رنگ ئي نرالا هوندا آهن!“
”تنھنجي ۽ تنھنجي کير جي تہ وٺي ڪري.... تون وڃي پيءُ- کير پيئڻ سان منھنجي پيٽ ۾ سور ٿيو پوي. چڱو ھاڻ وڃو مون کي تنگ نہ ڪريو. خدا جي واسطي منھنجو مغز نہ کائو. مان پھرين ئي چئي چڪي آهيان تہ مون وٽ فضول ڳالھين لاءِ وقت ڪونھي.
”ڏاڏي صراف هتي ويھندا آهن- هتي سامھون.“
اسين صرافن جي ڪوٺيءَ وٽ اچي چڪا هئاسين. آءٌ هنڊيون ۽ بل ٽوڙائڻ اندر ويس. ڏاڏي ٻاھرين دروازي تي انتظار ڪندي رهي. گريو، جنرل ۽ بلانشي، جدا جدا بيٺا سوچي رهيا هئا تہ ھاڻ ڇا ڪريون..... ڏاڏيءَ هنن ڏانھن اهڙيءَ حقارت جي نگاه سان ڏٺو، جو ويچارا واپس ڪاسينو ڏي ھليا ويا.
صراف جا شرط اهڙا تہ ڪريل هئا، جو آءٌ ڪنھن بہ طرح مڃي نٿي سگهيس. سو وري ڏاڏيءَ کان پڇڻ ٻاھر ھليو آيس.
”هي تہ ڪي ڌاڙيل آهن. خير ھاڻ مجبوري آهي. انھن ئي شرطن تي وٺ. چڱو ڏس صراف کي مون ڏانھن موڪل.“ ڏاڏيءَ حڪمرانن واري لهجي ۾ چيو.
”توھان جو مطلب آهي تہ انھن جي منشيءَ کي موڪليان؟“
”ھا ھا منشي ٻيو ڪير؟ هي سڀ ڌاڙيل آهن، ڌاڙيل.“
پھرين تہ منشي ٻاھر اچڻ کان انڪار ڪيو. پر جڏهن چيومانس تہ هوءَ هڪ معذور ۽ پوڙهي خاتون آهن، تہ ناسون ڦنڊائي ٻاھر نڪتو. ڏاڏي هن سان وڏي سڏ روسي، فرينچ ۽ جرمن زبانن جي مرڪب سان بحث ڪندي رهي. جنھن جو ترجمو مون گڏوگڏ پئي ڪيو. پوڙهو منشي خاموشيءَ سان ٻڌندو رهيو. هن ھر اکر تي ڪنڌ پئي ڌوڻيو ۽ ڏاڏيءَ ڏانھن اهڙين عجيب نگاهن سان پئي ڏٺائين، جن ۾ عزت ۽ احترام جو نالو نشان بہ نہ هو. آخرڪار هو مرڪڻ لڳو.
”چڱو جيئن وڻيوَ تيئن ڪريو. انڌيري نگري چرٻٽ راجا. دولت سان ڀلي توهين پنھنجو ئي پيٽ ڀريو. اليگزي! هن سان گڏ وڄ ۽ هنڊيون مٽائي اچ. ڏس ھاڻ وقت بلڪل ڪونھي. جي هي نہ مڃي تہ پوءِ ٻئي ڪنھن هنڌ.....“
”منشي چوي ٿو تہ ٻيا صراف ان کان بہ گهٽ ڏيندا.“
هن وقت مون کي رقم تہ ياد ڪانہ ٿي اچي. البتہ ايترو ياد اٿم تہ ڪميشن تمام گهڻي ورتي هئائون. مون حساب ڪتاب ڪري، ٻارنھن هزار فلورن وتا ۽ ٻاھر اچي ڳڻڻ لڳيس.
”اليگزري! ڳڻڻ جي ضرورت ڪانھي. بس جلدي ڪر. ھل.“
جوئا خاني ڏانھن ويندي پنھنجي منھن ڀٽڪڻ لڳي. ”ھان مان ڪڏهن بہ ٻڙيءَ يا ڳاڙهي نشان تي داءُ نہ هڻنديس.“
آءٌ ڏاڏيءَ کي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هوس تہ هميشہ ننڍين ننڍين بازين کان شروع ڪري، داءَ وڌائيندي وڃي ۽ جي کٽي نہ وڌائيندي ھلي. اھا ڳالھہ مڃيائين، پر ڀلو ٿئي سندس جوش ۽ بي چينيءَ جو، سو جڏهن راند شروع ٿي،تہ هوءَ پنھنجي جذبات کي وس ۾ رکي نہ سگهي ۽ جڏهن ڏهن فيڊرڪ جي بازي کٽائين تہ چوڻ لڳي، ”ڏٺئي مون ٿي چيو تہ اسين کٽينداسين. ھان اسين جي ڏهن فيڊرڪن جي بدران چار هزار لڳايون ھا تہ يقينا چار هزار کٽون ھا. پر سڄو ڏوھہ تنھنجو آهي. خير جيڪي ٿيو سو ٺيڪل ٿيو.“
هن جي راند ڏسي آءٌ ٿورو بيزار ٿي پيس. تنھنڪري مون سوچيو تہ اڳتي بلڪل خاموش رهندس ۽ صلاح لاءِ زبان مان اکر بہ نہ ڪڍندس.
اوچتو گريو ڪرسيءَ وٽ اچي بيٺو.
هو ٻيئي يعني مادموزيل بلانشي ۽ شھزادو بہ اتي بيڍا هئا. بلانشي پنھنجي ماءُ جي کاٻي پاسي هئي ۽ شھزادي سان کلي ڳالھيون ڪري رهي هئي. جنرل صاحب ٿورو پري اداس ۽ مفعوم ٿيو بيٺو هو. ائين ٿي لڳو، ڄڻ ذات برادريءَ مان ڪڍي ڇڏيو هجنسين، بلانشي هن ڏانھن اک کڻي بہ نٿي نھاريو. حالانڪ هن خوشامد ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نہ ڇڏي هئي. قابل رحم جنرل جي منھن تي ڪڏهن لالاڻ ٿي ائي، تہ ڪڏهن زرداڻ. هو ڏڪي رهيو هو ۽ ڏاڏيءَ جي راند سمجهڻ جي باوجود بہ ڪجهہ ڪونہ سمجهي رهيو هو. ٿوريءَ ير کان پوءِ بلانشي ۽ شھزادو نظرون بچائي ٻاھر ھليا ويا. پر جنرل صاحب وري اهڙو سولو پيڇو ڪٿي ٿو ڇڏين. هو بہ پڍيائن ٻاھر نڪتو.
”مادام! مادام! اهڙا داءُ هنيوَ تہ ڪڏهن بہ ڪونہ کٽيندؤ! ناممڪن- ناممڪن.“ گريو آواز کي مٺو بڻائيندي، ڀڳل ٽٽل روسي زبان ۾ ڏاڏيءَ کي چيو.
”پوءِ ٻڌاءِ، ڇا ڪريان؟ تون پاڻ هيڏانھن اچ!“ ڏاڏيءَ چيو.
گريو فرينچ زبان ۾ ڪجهہ ڀڻڪڻ لڳو ۽ نصيحت ڪندي چوڻ لڳو، ”اهڙي موقعي جي انتظار ڪرڻ کپي.“ پوءِ هو پاڻ آڱرين تي حساب هڻڻ لڳو. ڏاڏي هن جو هڪ لفظ بہ سمجهي نہ سگهي. گريو مون کي ترجمو ڪرڻ لاءِ چيو. هو ميز تي آڱرين سان ڪجهہ لکڻ لڳو. پوءِ هڪ ڪاغذ تي پينسل سان حساب ڪتاب ڪرڻ لڳو. ايتري ۾ ڏاڏيءَ کي ڪاوڙ اچي ويئي.
”چڱو ڇڏ، ڇڏ! پھرين پاڻ تہ سمجه!“
”ڏاڏي! ٻڌ تہ سھي.“ هڪ ڀيرو وري گريو پنھنجي ڳالھہ جي صفائي پيش ڪرڻ گهري.
”چڱو، جيئن هي چوي ٿو تيئن ڪر، ٿي سگهي ٿو تہ کٽي وجهون.“ ڏاڏيءَ مون کي چيو.
گريو جو مطلب رڳو هي هو تہ ڏاڏي وڏين رقمن جي بازي نہ هڻي. هن مشورو ڏنو تہ نشانن جي بجاءِ انگن تي بازي هڻڻ کپي. مون هن جي صلاح جي مطابق بازي هنئي. شروع ۾ ٻارنھن ٻڌيءَ وارن انگن تي هڪ هڪ فيڊرڪ ۽ ٻانھن کان ارڙهن تائين ۽ ارڙهن کان چوويھن تائين ٻڌيءَ وارن انگن تي پنج پنج فيڊرڪ هنيم. ان طرح ڪل سورنھن فيڊرڪ لڳائي ڇڏيم.
چڪرو پرڻ لڳو. گولي هيٺ مٿي نچڻ لڳي.
”ٻڙي“ خزانچيءَ رڙ ڪري چيو.
اسين سورنھن ئي فيڊرڪ ھارائي چڪا هئاسين.
”بيوقوف توهين فرينچ تہ اصل بيوقوف آهيو، اھائي صلاح ڏني هيئي نہ بيوقوف. ھليو وڃ هتان. خبر پوين ڪانھ، آيا آهن گوڙ ڪرڻ.“
گريو مورڳو ڊڄي ويو ۽ ڪلهن کي هيٺ مٿي ڪرڻ لڳو. هو ڏاڏيءَ کي نفرت جي نظرن سان ڏسي ٻاھر ھليو ويو. لڳو ٿي تہ هن معاملي ۾ خواه مخواه ٽنگ اڙائي، هو شرمندو ٿي ويو هو.
اسين سڀ ڪوشش ڪرڻ کان پوءِ بہ اڌ ڪلاڪ ۾ ئي سڀ ڪجهہ ھارائي چڪا هئاسين.
”ھل، ھاڻ گهر ھلون.“
شاه بلوط واري رستي تائين پھچندي، هن ڪنن سان هڪ لفط بہ نہ ڳالھايو. ڪوٺي وٽان لنگهي، جڏهن هوٽل ڏانھن ھلڻ لڳاسون، تہ پنھنجو پاڻ چوڻ لڳي. ”حماقت، سراسر حماقت، بيوقوف، تون بہ بلڪل بيوقوف آهين!“
پنھنجي ڪمري ۾ داخل ٿيندي ئي هن رڙ ڪري چيو، ”چانھن آڻيو ۽ هڪدم سامان ٻڌو. سڀ سامان. بس ھاڻ مان واپس ٿي وڃان.“
”ڪيڏانھن ٿا وڃو مادام؟“ ويچاري ملرفا ائين کڻي پڇيو.
”تنھن ۾ تنھنجو ڇا؟ پنھنجو ڪم ڪر. دفع ٿي هتان. پوٽا پچ! سامان ٻڌ- سڀ سامان، اسين واپس ماسڪو ٿا ھلون. هن نڀاڳي شھر ۾ ائين ئي ويٺي ويٺي 15 هزار روبل ضايع ٿي ويا.“
”پندرهن هزار روبل !! اف، منھنجا خدا.“ پوٽا پچ آه ڀريندي چيو. حالانڪ هن جو مقصد ڏاڏيءَ جي دلجوئي ڪرڻ هو.
”اڙي ڪمبخت، مان مان ڪرڻ بيھي رهئين.... وڃين ڇو نٿو. خبردار جو هڪ اکر بہ ڪڇيو آهين؟ ھلي سامان ٻڌ. بل آڻيو؟ بل موڪليو، يڪدم!“
”ريل هتان ساڍي نوين وڳي ويندي آحي، ڏاڏي.“ مون هن جي ڪاوڙ ٿڌي ڪرڻ جي خيال کانچيو.
”ھاڻ گهنو وقت ٿيو آهي؟“
”ساڍا ست.“
”اوه، تہ تمام ٿورو وقت اچي بچيو آهي. خير ڪا ڳالھہ نہ آهي. اليگزي! ھاڻ مون وٽ هڪ پئسو بہ نہ آهي. هي وٺ ٻہ نوٽ ۽ مٽائي اچ، مون وٽ تہ ھاڻ ڀاڙو بہ ڪونھي.“
اڌ ڪلاڪ کن ۾ نوٽ مٽائي آيس، ڏٺم تہ هڙئي ڏاڏيءَ جي ڪمري م آهن، اهو ٻڌي تہ ڏاڏي ماسڪو وڃي رهي آهي. سڀئي ايترا پريشان ٿيا هئا، جيتري رقم ضايع ٿيڻ تي بہ نہ ٿيا هئا. حالانڪ هن جي اتان وڃن ڪري گهٽ ۾ گهٽ باقي پسئن ۽ جائداد جي محفوظ رهڻ جو امڪان هو. آءٌ سوچي رهيو هوس تہ ھاڻ جنرل جو ڇا ٿيندو؟ گريو کي پئسا ڪيئن ملندا؟ بلانشِ ھاڻ پڪ ڏاڏي جي مرڻ جو وڌيڪ انتظار نہ ڪندي ۽ هن شھزادي يا ڪنھن ٻئي دولتمند سان ڀڄي ويندي. هو سڀئي ڏاڏيءَ کي تسلي ڏيئي رهيا هئا ۽ پنھنجي پر ۾ هن جي همت افزائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. هن ڀيري بہ پالينا اتي ڪانہ هئي. ڏاڏي هڪ هڪ کي چڱيءَ طرح دڙڪا ڏيئي رهي هئي.
”چڱو، ھاڻ توهين سڀ هتان ھليا وڃو. مان اڪيلائي ٿي چاهيان. تنھنجو مون ۾ ڇا، جو بيٺو آهين؟ رڍن وانگر ڌڻ ٿي بيھڻ مان ڪھڙو فائدو!“ ڏاڏيءَ گريو کي چيو ۽ وري بلانشي ڏانھن منھن ڪندي چيائين، ”تون سھڻا پکي، توکي ڇا کپي؟“
”احمق.“ بلانشي دل ئي دل ۾ چيو. هن جون اکيون ٻرندڙ ٽانڊي جيان لال ٿي ويون. پر يڪدم الائي ڇو هوءَ ٽھڪ ڏيئي کلڻ لڳي ۽ کلندي کلندي ٻاھر ھلي وئي.
”تون تہ ڪو ڀوڪ آهين.“ هن ٻاھر ويندي جنرل کي چيو.
”ھا تہ تون منھنجو مرڻ جو انتظار ڪري رهيو آهين؟ مون کي ائين گهريون ڇو پيو؟ پئسا منھنجا هئا. تنھنجا تہ ڪونہ هئا!“
جنرل ڪنڌ لوڏيو، سلام ڪيائين ۽ ٻاھر ھليو ويو. گريو بہ هن جي پٺيان ٻاھر نڪري ويو.
”پراسڪويا ڪٿي آهي؟ گهرايوس.“ ڏاڏيءَ ملرفا کي چيو.
پنجن منٽن ۾ ملرفا پالينا کي گڏ وٺي ائي. انھيءَ جي دوران پيلاني پنھنجي ننڍڙن ڀيڻ ۽ ڀاءُ سان گڏ ڪمري ۾ ويٺي هئي ۽ منھنجي خيال ۾ هن سڄو ڏينھن گهر کان ٻآھر نہ نڪرڻ جو قسم کنيو هو. هن وقت سنسد منھن مان سادگي ۽ سنجيدگي بکي رهي هئي.
”پراسڪويا، هڪ ڳالھہ ٿي پڇانءِ. سچ سچ ٻڌائجانءِ. اجهو هينئر مون کي خبر پيئي آهي تہ هو تنھنجو ويڳو پيءُ هن ڏائڻ فرينچ ائڪٽربس سان شادي ڪرڻ ٿو گهري. ٺيڪ آهي نہ؟“ ڏاڏيءَ پڇيو.
”پڪ سان تہ مان ڪجهہ چئي سگهان- ڏاڏي! پر ھا، مدموزيل بلانشي هڪ ڏينھن پاڻ مون سان اهڙي ڳالھہ ڪري رهي هئي. هوءَ مون کان ڪابہ ڳالھہ ڪانہ لڪائيندي آهي. ان جو مطلب.... “
”بس ڪافي آهي. مان سڀ سمجهي ويس. هو آهي ئي اھرو. مان هميشہ کان سڃاڻانس. هو بلڪل گڏھہ آهي. حد درجي جو نامعقول. هن کي سٺي ۽ خراب جي ڪڏهن بہ خبر ڪانہ پئي آهي. پنھنجو پاڻ کي جنرل ٿو سمجهي. جڏهن ڏس پنھنجي جنرلي جي ٽانءِ ۾ ڦوڪيو پيو ھلندو آهي. منھنجي ٻچي، مان هن کي چڱيءَ طرح سڃانان ٿي. تون مون کي ماسڪو تار تي تار موڪلي چڪي آهين تہ ڪڏهن ٿي قبر ۾ وڃان. ڪڏهن ٿو منھنجو جنازو نڪري ۽ هو پئسن جي منتظر هئا. پئسن کان سواءِ هوءَ ڪمبخت- ڇا اٿس نالو- بلانشي هن کي پنھنجو نوڪر ڪري بہ نہ رکندي. خاص ڪري انھيءَ لاءِ، جو هن جا ڏند بہ نقلي آهن. مون ٻڌو آهي تہ هن وٽ چڱي خاصي دولت آهي ۽ وياج تي ڏيندي آهي. وياج ئي هزارن جو ٿيو ٿو وڃيس. پراسڪويا مون کي توسان ڪابہ شڪايت نہ آهي. بي شڪ تارون تو نہ موڪليون هيون. خير، ڇڏ! گذريل ڳالهن جو ڪھڙو ڏک ڪجي. مون کي تہ خبر آهي تہ تون چيڙاڪ مزاج جي آهين، بس ڏينڀوءَ وانگر ڏنگ هڻڻ اچيئي. مون کي تہ خدا بخشيس، تنھنجي مرحوم ماءُ ڪيڙائن سان محبت هئي، تنھنڪري ئي ھر ھر تنھنج خيال ايندو اٿم. تون منھنجي مڃ تہ هينئن ڪر، هتي جي ھر شيءِ ڇڏي، مون وٽ ماسڪو ھلي آءٌ. توکي خود خبر آهي تہ تنھنجو ٻئي هنڌ ڪو ٺڪاڻو ڪونھي، نہ ماسي، نہ ماسات ۽ ھاڻ هنن وٽ رهڻ تنھنجي لاءِ مناسب بہ نہ آهي- ترس، ترس!“ ڏاڏي پالينا کي روڪيندي چيو، جا پنھنجي ڳالھہ شروع ڪرڻ واري هئي. ”منھنجي ڳالھہ اڃا ختم نہ ٿي آهي. مان توکان ڪو معاوضو ڪونہ وٺنديس. ماسڪو ۾ مون وٽ سڄو سارو محل آهي. تون هڪ سڄي ماڙي کڻجانءِ. جي تون ڏسين تہ منھنجو ۽ تنھنجو مزاج نٿو ملي، تہ بيشڪ جيترو وقت چاهين، مون وٽ نہ اچجانءِ. مان ٻيو ڇا ٿيڪري سگهان. ايندينءَ نہ؟“
”پھرين تہ مون کي هي ٻڌايو تہ ڇا واقعي اوهين هينئر وڃو پيون؟“
”واه ڇوڪري! تہ ڇا مان توسان مذاق ڪري رهي آهيان؟ ڪيترا ڀيرا چئي چڪي آهيان تہ مان وڃي رهي آهيان. لکي ڏيان ڇا؟ هتي مون رولٽ جي جوئا تي ويٺي ويٺي پندرهن هزار روبل برباد ڪري ڇڏيا. پنج سال ٿيا تہ مون عهد ڪيو هو تہ ماسڪو ۾ پنھنجي زمين تي ڪاٺ جي هڪ چرچ ٺھرائينديس ۽ منھنجي بدنصيبي ڏس تہ ان جي بجاءِ ايڏي وڏي رقم جوئا ۾ ھارائي ڇڏيم. منھنجي ڌيءَ ھاڻ مان گهر ويني ئي چرچ ٺھرائينديس.“
”۽ هو چسما نہ ڏسنديون؟ اوھان چيو هو تہ اتي جو پاڻي بہ پيئنديون؟“
”تون ۽ چشما ٻيئي وڃو جهنم جي تري ۾. مون کي خواه مخواه ڪاوڙ نہ ڏيار. پراسڪويا ڇا تون ڄاڻي ٻجهي ائين پئي چئين، صاف صاف ٻڌائيندينءَ يا نہ؟“
”ڏاڏي، ماسڪو اچڻ جي دعوت جي وڏي وڏي مھرباني، اوھان کي شايد منھنجي سڄي حالت جي خبر ڪانھي. اوھان دعوت ڏيئي مون کي مجبور ڪيو آهي تہ مان اتي ضرور اچان..... پر اڃا نه- اڃا نٿي اچي سگهان. ان جا ڪجهہ سبب آهن.... ايندس ضرور، ڪڏهن! تنھنجو فيصلو بہ هينئر ڪري نٿي سگهان. جي اوھان پندرهن ڏينھن وڌيڪ رهي پئو ھا، ته......“
”ان جو مطلب آهي تہ تون نہ ايندينءَ.“
”خير، ائين ئي سھي. في الحال تہ صفا نٿي اچي سگهان. ’ٻڌايو تہ پنھنجي ننڍن ڀيڻ ۽ ڀاءُ کي اڪيلو ڪنھن جي آسري تي ڇڏي اچان؟ ھا، جي اوھان ٻارن کي آڻڻ جي اجازت ڏيو، تہ مان ضرور اينديس ۽ توھان جي ان احسان جو بدلو بہ ڪڏهن نہ ڪڏهن ضرور لاهينديس. باقي ٻارن کي اڪيلو ڇڏي آءٌ اچي نٿي سگهان...“ پالينا ڏاڍي اثرائتي انداز سان چيو.
”چڱو ھاڻي رنگ رنگ نہ ڪر(حالانڪ پالينا جي چھري تي اهڙو ڪوبہ نشان ڪونہ هو: درحقيقت مون هن کي ڪڏهن بہ رنجهندي ڪنجهندي ڪونہ ڏٺو هو). بابا منھنجو مرغي خانو تمام وڏو آهي. انھن چوزن کي بہ ڪٿي نہ ڪٿي هڻي ڇڏينديس. گهٻراءِ نہ. ھاڻي تہ هنن کي اسڪول ۾ ُڃڻ کپي. تہ گويا تون هينئر اچي نٿي سگهين. باقي پراسڪويا! هڪ ڳالھہ ياد رک مان رڳو تنھنجي ڀلائي لاءِ چئي رهي هيس. مون کي خبر آهي تہ تون ڇو نٿي اچي سگهين. مون کي سڀ خبر آهي پراسڪويا! هو بدبخت فرينچ توکي تباھہ ڪري ڇڏيندو.“
پالينا جو رنگ اڇو ٿي ويو. آءٌ خود بہ ڪنبڻ لڳس. (انھيءَ جي معنيٰ تہ ھر شخص کي اھا خبر هئي. اڻڄاڻ هوس تہ رڳو آءٌ).
”چڱو، ھاڻ ڪاوڙج نه! مان ٻي ڪابہ ڳالھہ نہ چوندس. رڳو ٿورو ڌيان رک، سمجهي وئينءَ. احتياط وڏي شيءِ آهي. تون عقلمند ڇوڪري آهين. تنھنجي حالت تي مون کي هميشہ افسوس ٿيندو آهي. ھل، بس ڪافي آهي.خدا جو قسم مان توکي ٻين کان عليحده ٿي سمجهان. چڱو، خدا حافظ!“
”مان اوھان کي الوداع ڪرڻ ايندس.“ پالينا چيو.
”ڪابہ ضرورت نہ آهي. پنھنجو ڪم ڪريو. مان اوھان مان بيزار ٿي پيئي آهيان.“
پالينا ڏاڏيءَ جو هٿ چمڻ لاءِ جهڪي. پر هن هٿ ڇڪي خود هن کي ڳل تي چمي ڏني.
جڏهن پالينا مون وٽان لنگهي، تہ هن يڪدم اکيون هيٺ ڪري، منھن ڦيرائي ڇڏيو.
”چڱو، اليگزي اوانووچ! خدا حافظ! گاڏيءَ ڇٽڻ ۾ صرف هڪ ڪلاڪ وڃي بچيو آهي. تون بہ مون مان تنگ ٿي پيو هوندين! هي وٺ پنجاھہ سونا سڪا.“
”مھرباني مادام! مون کي افسوس آهي، جو اھا رقم وڍي نٿو سگهان!“
”اڙي وٽ کڻي، نخرا ٿو ڪرين؟“ ڏاڏيءَ ڪاوڙ ۾ اچي اهڙيءَ ريت چيو جو مون کي وٺڻا پيا.
”جڏهن ماسڪو ڪنھن ڪم سان اچين تہ مون وٽ ضرور اچجانءِ. توسان ڪجهہ ڳالھيون ڪرڻيون اٿم.“
آءٌ پنھنجي ڪمري ۾ سڌو سنئون ليٽيو پيو هوس. اڌ ڪلاڪ کن منھنجا بي ستا هٿ هيٺان پيا هئا. آخر اهو آسمان قھر نازل ٿي چڪو هو. آءٌ مسلس اهو سوچي رهيو هوس ۽ سوچيندي سوچيندي چريو ٿي پيو هوس. پالينا ۽ گريو! هيءَ ڪھڙي قسمت آهي! ڪھڙو جوڙو آهي! پر ان جي تھہ ۾ ڪھڙو راز آهي؟ ڇا هي واقعي سچ آهي؟ مون سنئون سڌو پالينا کان پڇڻ جو ارادو ڪيو.
منھنجي لاءِ اھا ڳالھہ بلڪل ويسھہ جھڙي نہ هئي. آءٌ يڪدم هنڌ تان اٿيس ۽ ائسٽلي صاحب کي ڳولڻ نڪتس. ائسٽلي صاهب سان ڳالھہ ڪرڻ ۾ واقعي ڪو ھرج ڪونہ هو. هن کي ان باري ۾ پڪ مون کان وڌيڪ خبر هئي. پر ائسٽلي صاحب، هي منھنجي لاءِ هڪ ٻيو معمو هو.
آءٌ اٿيس ٿي، تہ ڪنھن دروازو کڙڪايو. هي پوٽا پچ هو.
”اليگزي صاحب! اوھان کي مادام هينئر ئي ياد ڪيو آهي.“
”ڳالھہ ڇا آهي؟ وڃي ڪانہ ٿي ڇا؟ گاڏيءَ جو وقت تہ ٿي ويو آهي؟“
”هوءَ ڏاڍي پريشان آهي، بس ’جلدي ڪر! جلدي ڪر‘ ائين پيئي اوھان کي وٺي اچن لاءِ چوي. هن اوھان کي يڪدم گهرايو آهي. خدا جي واسطي جلدي ھلو!“
آءٌ يڪدم ڏاڪڻ تان لٿس. ڏاڏي هيٺ ئي پنھنجي معذور بردار ڪرسيءَ تي ويٺي هئي ۽ پاڪٽ بڪ هن جي هٿ ۾ هو.
”اليگزي! تون هُتي ھل، مان اچان ٿي.“
”ڪيڏانھن ڏاڏي؟“
”ڪاسينو ۽ ٻيو ڪٿي. مون کي يقين آهي تہ ھاڻ مان ضرور کٽنديس. حجت نہ ڪر. جلد وڃ. ڇا جوئا اڌ رات تائين ٿيندي آهي.؟“
مان اهو ٻڌي حيران ٿي ويس. پھرين تہ سوچ ۾ ٻڏي ويس، پوءِ دل جو فيصلو ڏاڏيءَ کي ٻڌايم.
”ائنٽوبنداوئسيلونا! اوھان جي دل جيئن چاهي تيئن ڪريو. باقي آءٌ نہ وينديس.“
”ڇو، آخر ڪھڙي ڳالھہ آهي؟ اوھان سڀني آفيم ڦڪي ڇڏيو آهي ڪيئن؟“
”جيئن اوھان جي دل گهري ڪريو، ائنٽويندا وئسيلونا! اوھان وري مون تي الزام رکنديون. ان لاءِ کيڏن مانفائدو؟ آءٌ نہ ويندس. بلڪل نہ ويندس. هي وٺو پنجاھہ فيڊرڪ. خدا حافظ.“ مون فيڊرڪ ميز تي رکيا ۽ سلام ڪري ھليو آيس.
”ڪھڙي بيھودگي آهي!“ ڏاڏيءَ پٺيان چيو. ”جي تون نٿو ھلڻ چاهين تہ نہ ھل. سڏيئي ڪير ٿو! تو جھڙا گهڻا ئي ملي ويندا، پوٽا پچ هيڏي اچ مون کي وٺي ھل!“
آءٌ ڪوشش جي باوجود ائسٽلي صاحب سان ملي نہ سگهيس ۽ واپس پنھنجي ڪمري ۾ آيس. اڌ رات وقت پوٽا پچ مون کي ٻڌايو تہ ڏاڏيءَ جو ڏاڍو خراب حشر ٿيو. يعني سام جو جيڪا رقم مون هن کي روسي زر مبادله ۾ مٽائي ڏني هئي اھا سڄي ھارائي ڇڏيائين. مطلب تہ وڌيڪ ڏھہ هزار روبل جوئا تي قربان ڪيائين. هو بندرو پولستاني، جنھن کي هڪ ڏينھن اڳ ٻہ فيڊرڪ انعام ۾ ڏنا هئائين، سو سڄو ڏينھن هن جي پاران کيڏندو رهيو هو. پولستانيءَ جي اچڻ کان پھرين هن پوٽا پچ کان بہ داءَ هڻايا هئا. اڃا هن ويچاري کي لوڌي ٻاھر ئي نہ ڪيائين تہ پولستاني اچي ڪڙڪيو. بدقسمتيءَ سان هن کي ٿوري گهڻي روسي بہ آئي ٿي. هو هڪ ئي وقت ۾ ٽي ٻوليون گڏي ڳالھائيندو رهيو. ايتري قدر جو هنن هڪ ٻئي جي ڳالھہ بہ ڏکي ٿي سمجهي. ڏاڏي سڄو وقت هن کي گاريون ڏيندي رهي. پوٽا پچ ئي چيو تہ هو ڏاڏيءَ جي ڏاڍي خوشامد ڪري رهيو هو، ڪنھن ڪنھن مھل تہ پيرن تي ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو ٿي ويو. ”پر تنھنجي ڀيٽ ۾ هو بلڪل نيچ هو.“ هن هي چيو تہ ”ڏاڏيءَ اوھان کي شريف ماڻھو ٿي سمجهي ۽ هو، مون خود پنھنجين اکين سان ڏٺو، (خدا آئنده نہ ڏيکاري) هن تہ لڪ چوريءَ ڏاڏيءَ جا پئسا بہ چورائي کيسي ۾ پئي وڌا! ڏاڏيءَ بہ ڀيرا جهلي اهڙيون ٻڌايس، جو ايمان سان وار ڪانڊارجي ٿي ويس. پر هو اهڙو ڍنڍ هو، جو وري کلندو رهيو. ٻيا ماڻھ بہ کلڻ لڳا هئا. هوءَ سڀ پئسا ھارائي چڪي آهي ۽ ھاڻ واپس هوٽل ۾ آئي آهي. ايندي ئي هن هڪ گلاس پاڻي پيتو ۽ هنڌ تي ڪري پيئي. هوءَ ايتري ٿڪجي پيئي هئي جو ليٽندي ئي ننڊ کڻي ويس ۽ اڃا تائين ستي پيئي آهي، خدا ڪري مڍي ننڊ اچيس!“ پوٽا پچ ڪاوڙ ۾ اچي دل جي باھہ ڪڍڻ ڳو. ”ھر ھر ٿي چويمانس، خدا جي واسطي ڪيڏانھن نہ وڃو! خواه مخواه مصيبت ۾ منھن وجهڻ مان ڪھڙو فائدو! پر هوءَ ڪٿي ٿي ڪنھن جي ٻڌي! تہ مان تہ ضرور وينديس.! ھر وقت اهو ئي پئي چيائين. ڪاش اسين جلد ماڪسو ھليا وڃون. اُتي آخر اسان لاءِ ڇا نہ آهي؟ باغ آهن، خوشبودار گل آهن، جن جو هتي نالو ئي ڪونھي. ڳاڙھا صوف آهن ۽ الائي ڇا ڇا آهي... پر، ’نہ، مان تہ ضرور ويندس....!‘ ھاڻ وڃي ڇا مليس؟ توبهه، توبهه!“