ناول

جوئاري

”جوئاري“ جڳ مشھور ليکڪ  فيوڊور دوستو وسڪيءَ جي لکيل ناول The Gambler جو سنڌي ترجمو آھي. ”جوئاري“ روسي سماج جي هڪ اهڙي فرد بابت لکيل ناول آهي، جنھن ۾ روس جي جڳ مشھور ناول نگار فيودور دوستووسڪي نھايت دل پذير ۽ سھڻي نموني سان انساني ڪيفيتن ۽ احساساتي ڪشمڪش جي تصوير ڪشي ڪئي آهي. لائق ليکڪ مختلف وارتائن ۽ حالتن جي حدت ۾ رهندي انساني خواهشن، ۽ خارجي حقيقتن جي ٽڪراءُ جو تفصيل عظيم فن سان پيش ڪيو آهي.


Title Cover of book جوئاري

باب ٻيو

آءٌ مڃان ٿو تہ اھا ڳالھہ منھنجي مڃڻ جھڙي نہ هئي. جيتوڻيڪ مون جوا ڪرڻ جو ارادو ڪيو هو_ پر وري بہ ماڻھن لاءِ جوا ڪرڻ جي خيال سبب پنھنجي پاڻ کان ڪجهہ بيزاري پئي محسوس ڪيم، ۽ نيٺ لٿل دل سان جوا خاني ۾ گهڙيس. پھرين ئي نظر ۾ مون کي هتان جي ھر شيءِ کان نفرت وٺي وئي. هونئن تہ سڄي دنيا جي، پر خاص طرح روس جي اخبارن جي خوشامد تہ اصل برداشت نٿو ڪري سگهان، جن ۾ صحافي موسم بھار ۾ گهڻو ڪري ٻن شين تي مضمون لکندا آهن؛ هڪ تہ رائين نديءَ جي ڪناري وارن جوا خانن جي غير معمولي شان و شوڪت تي ۽ ٻيو ان سون ۽ چانديءَ تي جي هنن جي چوڻ موجب جوا خانن جي ميزن تي ڍير ٿيا پيا هوندا آهن. هنن کي ان خوشامند جو معاوضو ڪونہ ملندو آهي. هي ڪم صرف خوشامد خاطر ڪن ٿا. انھن ردي ڪمرن ۾ شان و شوڪت ۽ سون چانديءَ جا ڍير تہ ٺھيو پر چند سڪا بہ مشڪل سان نظر ايندا آهن. اهو سچ آهي تہ موسم ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪو بي پرواھہ انگريز يا ڪنھن قسم جو ايشيائي يا، جيئن انھن گرمين ۾ ٿيو هو ترڪ اوچتو بي شمار پئسا کٽي يا ھارائي ويندو آهي. ٻيا ويچارا تہ ائين ئي بنھہ معمولي ’گلڊن‘ سان کيڏندا آهن. عام طرح هنن ميزن تي تہ ائين ئي ڪي ٿورڙيون پئسن جون ڍڳيون رکيون هونديون آهن.
جيئن ئي (زندگي ۾ پھريون ڀيرو) آءٌ جوا خاني ۾ داخل ٿيس تہ گهڻي دير تائين پاڻ کي کيڏڻ لاءِ تيار نہ ڪري سگهيس. هڪ تہ اتي ماڻھن جو هجوم ئي ايڏو وڏو هو، جو همت ئي نہ پيئي ٿئي. جي مان اڪيلو بہ هجان ھا تہ بہ مون کي يقين هو تہ يڪدم اتان ڀڄي وڃان ھا ۽ راند شروع نہ ڪريان ھا. مون کي اعتراف آهي تہ ان وقت منھنجي دل زور زور سان ڌڙڪي رهي هئي. مون کي سڪون نہ هو. مون کي پڪ هئي ۽ گهڻي وقت کان اهو ارادو بہ ڪري چڪو هوس تہ مون کي، رولٽن برگ کي ڪايا پلٽ ٿيڻ کان سواءِ نہ ڇڏڻ گهرجي. ڪانہ ڪا ترت ۽ بنيادي ڪايا پلٽ منھنجي مقدر ۾ لکيل هئي. ائين ضرور ٿيڻ کپي ۽ ائين ٿي رهندو. هونئن بہ ھر ڪو ماڻھو جوئا ۾ کٽڻ چاهيندو آهي پوءِ جي مون بہ اهو چاهيو تہ ان ۾ ڪھڙي اربع خطا ٿي پئي. ڪي عقل جا انڌا ڀلي چوندا هجن تہ اھا ڳالھہ ممڪن ناهي. پر مون کي پڪ هئي تہ هڪ ڏينھن آءٌ ضرور اتان وڌيڪ دولت حاصل ڪندس. آءٌ پڇان ٿو تہ آخر پئسن ڪمائڻ جي ٻين ذريعن، مثلا: واپار کان جوئا ڇو گهٽ آهي؟ اهو ٺيڪ تہ داءُ سؤ مان صرف هڪ کي راس ايندو آهي، پر تنھن ۾ منھنجو ڇا؟
شروع ۾ تہ جوئا مون کي ڏاڍي خراب لڳي، خاص ڪري انھن مڪروه ۽ لالچي شڪلين ڏسڻ کان پوءِ تہ هڪ قسم جي نفرت ٿي ويم، جيڪي سَون جي تعداد ۾ جوئا جي ميزن تي مڙيا بيٺا هوندا آهن. آءٌ ترت گهڻي کان گهڻن پئسن کٽڻ جي خواهشن ۾ ڪا بہ خرابي نٿو سمجهان. منھنجي آڏو تہ ان ٿلهي ۽ خوشحال ناصح جون ڳالھيون احمقاڻيون آهن، جنھن ڪنھن جي انھي عذر تي تہ ”مان تمام ٿوري بازي لڳائيندو آهيان.“ هي جواب ڏنو هو تہ ”هيءَ ٿوري ٿوري جي لالچ تہ اڃا بہ خراب آهي.“ ان جو مطلب تہ ٿوري يا گهڻي لالچ ساڳي ڳالھہ نہ آهي. هي رڳو تناسب جو معاملو آهي. بيرن رٿشيلڊ لاءِ جا رقم حقير آهي، اھا مون لاءِ بيش بھا خزانو آهي. جيستائين نفعي ۽ کٽڻ جو سوال آهي تہ ماڻھو رڳو رولت جي جوئا ۾ ئي نہ بلڪ ھر جڳھہ هڪ ٻئي کي ٺڳڻ جي ئي ڪوشش ٿا ڪن، ٻيو ڇا ٿا ڪن! اھا ٻي ڳالھہ آهي تہ نفعو هڪ نحس ۽ ناپاڪ شيءِ آهي يا نہ. هتي اهو مسئلو حل ڪو نہ ٿو ڪريان ۽ ڇاڪاڻ تہ کٽڻ جي شديد خواهش مون تي ڇانيل هئي، تنھنڪري جوا خاني ۾ گهڙندي ئي مون کي لالچ يا ائين سمجهو تہ حريصاڻي غلاظت هڪ لحاظ کان مناسب ۽ معقول نظر آئي. مون کي هيءَ ڳالھہ ڏاڍي سٺي لڳندي آهي تہ ماڻھو هڪ ٻئي ۾ تڪلف کان ڪم نہ وٺن، بلڪ ھر ڪم ظاھر ظهور ڪن ۽ سچ پچ تہ پاڻ کي فريب ڏيڻ جي ضرورت بہ ڪھڙي آهي؟ جوئا هڪ انتھائي بيوقوفيءَ جو ۽ هوڙھائي وارو ڪم آهي، پر جا شيءِ پھرين ئي نظر ۾ خاص طرح خراب لڳيم، سا ماڻھن جو ان ڪم لاءِ غير معمولي احترام ۽ ان لاءِ وڏي سنجيدگيءَ سان ميز جي چوڌاري سندن جمع ٿيڻ هو. ان ڪري ئي هتي کيڏڻ لاءِ خاص ۽ عام جو جدا جدا امتياز رکيل هو. ان طرح جوئا جا ٻہ قسم ٿي ويا آهن. هڪ شريف ماڻھن جي جوئا ۽ ٻي عام ماڻھن جي جوئا، جنھن ۾ لالچ رهي ٿي ۽ هي قسم ھر ايرو غيرو کيڏي سگهندو آهي. ان امتياز جي هتي سختيءَ سان پابندي ڪئي ويندي آهي. اصل ۾، هي امتياز ڪيترو نہ قابل نفرت آهي! مثلاً، هڪ شريف ماڻھو سؤ ڏيڍ سؤ فرانڪ جي بازي هڻندو يا جي هو وڌيڪ رئيس آهي تہ کڻي هڪ هزار فرانڪ هڻندو_ پر رڳو کيڏڻ جي لاءِ، رڳو دل بھلائڻ لاءِ، رڳو جيتڻ ۽ ھارڻ جو طريقو ڏسڻ خاطر، هن کي ھر صورت ۾ کٽڻ کان بي نياز ظاھر ڪرڻي آهي. ھاڻ فرض ڪريو تہ هو کٽي ٿو تہ پڪ هو زور سان ٽھڪ ڏيندو، پاڻ وٽ بيٺل ڪنھن تماشائي کي ٽوڪ هڻندو، ۽ ٻيھر بازي هڻندو، پر پھرينءَ کان ٻيڻي رقم کٽڻ جي ھلڪڙي خواهش جي ڪري نہ، بلڪ رڳو شوق جي ڪري ۽ امڪانات جي حساب ۽ مطالعي جي خاطر. يقيناً ھر طرح جي جوئا، خواه رولت جي جوئا هجي يا نشان چٽڻ جي جوئا، هن کي انھن ناهموار چالن ۽ نفعي ۽ لالچ جي سلسلي ۾ ٿورو بہ شڪ ڏيکارڻ نہ گهرجي، جن تي هن جي بئنڪ بچت جو دارومدار ٿي سگهندو هجي. سڀ کان سٺو طريقو تہ هيءَ آهي تہ هو سڀني جوارين ۽ ڄٽن کي، جن جو پئسي پئسي تي ساھہ نڪرندو آهي، پاڻ جھڙو شريف ۽ امير سمجهي ۽ خيال ڪري تہ هو بہ دل وندرائڻ ۽ منھن جو ذائقو بدلائڻ لاءِ جوئا کيڏي رهيا آهن. حقيقت کان هي لاپرواهي ۽ ماڻھن کي بنھہ ڀولو ڀالو سمجهڻ بہ تہ اميرپائي جو مظاھرو آهي. مون ڪيترين اهڙين مائن کي ڏٺو آهي، جي پنھنجين پندرهن سورهن ورهين جي معصوم ۽ خوبصورت ڌين کي سونا سڪا ڏيئي، جوئا ڪرڻ سيکارينديون آهن، پوءِ اھا دوشيزه کٽي يا ھارائي، هميشہ مشڪندي ۽ کلندي ٻاھر نڪري ويندي آهي. اسان جو جنرل صاحب وڏي وقار سان جوئا جي ميز تي ويندو هو. نوڪر ويچارو وڏي ڦڙتي سان ڪرسي کڻڻ ڊڪندو هو. پر هو ان کي نظر انداز ڪري، آهستي آهستي وڏي شان سان ميز وٽ اچي بيھندو هو، ۽ رعب سان ٻٽون ڪڍي ان مان آهستي آهستي ٽي سؤ فرانڪ ڪڍي، ڪاري نشاني تي بازي لڳائيندو هو ۽ داءَ کٽي ويندو هو. پر کٽيل پئسا کڻندو ڪونہ هو.اُهي ميز تي ئي ڇڏي ڏيڻا هئس. سندس ڪاري نشان وارو داءُ نڪرندو ۽ هينئر بہ کٽيل رقم اتي ئي پيئي هوندي ۽ ان کي هٿ ڪونہ لائيندو. ٽيون ڀيرو ڳاڙهو نشان نڪري ايندو ۽ هو هڪدم ٻارهن سون فرانڪن جي بازي ھارائي ويندو. پنھنجي وقار کي برقرار رکندي، پوءِ هو مرڪندو ٻاھر ويندو هو. مون کي پڪ آهي تہ هو اندر ئي اندر ڪاوڙ ۾ ڪڙهندو رهندو هوندو ۽ اتفاق سان جي بازي ٻيڻي يا ٽيڻي هجي تہ هن جو وقار قائم رهڻ ڏکيو ٿي پوي ھا، ۽ هن جا جذبا اصل لڪي نہ سگهن ھا. مون هڪڙي فرينچ کي ٽيھہ ٽيھہ هزار فرانڪ ھارائيندي ۽ کٽيندي ڏٺو آهي. هن جي منھن مان ڪنھن بہ قسم جي جذبي جو اظھار ڪو نہ ٿيندو هو. اصل نسل معزز ماڻھو کي تہ پنھنجي سڄي قسمت ھارائڻ تي بہ ڪاوڙجڻ نہ کپي. پئسا تہ هن جي شرافت آڏو هڪ حقير شيءِ آهن، جنھن جي لاءِ تہ هن کي ڪو خيال ئي ڪرڻ نہ کپي، بي شڪ ناپسند ماحول ۽ ڄٽن جي خسيسپڻي کي خاطر نہ آڻڻ انتھائي قسم جي وڏماڻھپي آهي. پر ڪڏهن ڪڏهن ٻي طرح جي روش بہ وڏ ماڻھپ جو گهٽ دليل نہ هوندي آهي، مثلاً، هيڏانھن هوڏانھن غور سان ڏسڻ ۽ سائي عينڪ مان ڄٽن کي گهورڻ ۽ انھن جي حرڪتن کي دل وندرائڻ لاءِ هڪ رونشو سمجهڻ، ڄڻ تہ هي سڄو تماشو شريفن کي پرڀائڻ لاءِ ئي ڪيو ويو آهي. ڀلي هو هن هجوم ۾ ڪيئن بہ ۽ ڪيترو بہ ڦاٿل هجي، پر هن کي يقين هئڻ کپي تہ هو صرف هڪ تماشائي آهي ۽ ڪنھن بہ طرح هن هجوم جو حصو نہ آهي. اهڙي حالت ۾ باقاعدي ڪنھن ڏانھن ڌيان ڌرڻ مناسب نہ آهي. اھا ڳالھہ بہ امير ماڻھوءَ جي شان وٽان نہ آهي. ڇو جو هي منظر ڪنھن بہ صورت ۾ ايترو ڌيان طلب نہ آهي ۽ اهڙا منظر واقعي توجھہ جو مستحق آهي _ خاص طرح ان ماڻھوءَ جي لاءِ جيڪو هتي رڳو تماشو ڏسڻ لاءِ ئي نہ آيو آهي بلڪ پنھنجو پاڻ کي ڏاڍي خلوص سان واقعي انھن ڄٽن ۾ شمار ڪري ٿو. جيتري قدر منھنجي پنھنجي اصل عقيدن جو واسطو آهي، تہ مان ايترو چوندس تہ انھن جو منھنجي هن دليلبازي ۾ ڪو دخل ڪونھي. بس ان لاءِ ايترو چوڻ ئي هتي ڪافي آهي تہ آءٌ هي ڳالھيون رڳو ضمير تان بار ھلڪي ڪرڻ لاءِ ڪري رهيو آهيان. البت هڪ ڳالھہ مون کي کٽڪي ٿي. ڪجهہ ڏينھن کان منھنجي لاءِ پنھنجي عملن ۽ خيالن کي ڪنھن اخلاقي ڪسوٽي تي پرکڻ ڌاڍو ڏکيو ٿي پيو آهي. منھنجي رهنمائي ڪن ٻين ڳالھين پئي ڪئي آهي....
هيءَ ڳالھہ بيشڪ صحيح آهي تہ ڄٽ ڏاڍي خراب نموني سان جوئا کيڏن ٿا ۽ انھن جي ميزن تي انتھائي معمولي قسم جون چوريون تہ عام هونديون آهن. خزانچي جي ميز جي ٻنهي ڪنڊن تي بيھي هو کٽيل پئسا ڳڻيندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن گهوٻيون بہ هڻندا آهن. هو بہ تہ صفا ڄٽ آهن. آءٌ باقاعدي ’رولت‘ جي جوئا کي ڏسي جانچي رهيو هوس_ انھيءَ لاءِ نہ تہ ڪٿي ان جو ڪو بيان ڪرڻو هوم. آءٌ تہ رڳو پنھنجي فائدي لاءِ ان کي غور سان ڏسي رهيو هوس، تہ جيئن پاڻ کيڏڻ وقت خبردار رهي سگهان. مون ڏٺو پئي تہ گهڻو ڪري ماڻھن هٿ وڌائي، هڪ ٻئي جا کٽيل پئسا ڦري ٿي ورتا ۽ جهڳڙو شروع ٿي ٿيو ۽ اهڙي وقت ڪنھن جي چال ثابت ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي لڳو.
شروع ۾ تہ منھنجي لاءِ اهو سمجهڻ ئي ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو هو جو منھنجي سمجهہ ۾ تہ رڳو ايترو ٿي آيو تہ ڇڪو طاق ۽ رنگين انگن تي اڇلايو ٿي ويو. مون پالينا اليگزينڊرونا جي پئسن مان هڪ سؤ گلڊن تي بازي هڻڻ جو فيصلو ڪيو. ان خيال تہ آءٌ پنھنجي لاءِ ڪونہ کيڏي رهيو آهيان، منھنجا هوش حواس بيڪاري ڪري ڇڏيا هئا. اهو خيال مون لاءِ دل ڏکوئيندڙ هو. ۽ ان کان مون جلد از جلد جيءُ آجو ڪرڻ ٿي چاهيو. پر منھنجو ذهن ھر ھر سوچي رهيو هو تہ مان پالينا لاءِ راند شروع ڪندي، ڄڻ پنھنجي محنت سان کيڏي رهيو هوس. ڇا، وهم جو شڪار ٿيڻ بنان، جوئا جي ميز تائين پھچڻ ممڪن نہ آهي؟ مون پنج فيڊرڪ (پنجاھہ گلڊن) ڪڍيا ۽ ٻڌيءَ واري انگ تي لڳايم. چڪر ڦريو ۽ تيرهن جو انگ نڪتو. آءٌ ھارائي چڪو هوس. ڏاڍي بي دليءَ سان مون پنج فيڊرڪ ڳاڙهي نشان تي هنيا. ان ڪري تہ جيئن جلد از جلد ڪم پورو ٿئي ۽ آءٌ هتان ڀڄي وڃان. ڳاڙهو نڪري آيو. مون ٻيھر ڏهن ڏهن جي بازي هنئي. ٻيھر ڳاڙهو نڪري آيو. مون وري سڄي رقم ان تي هنئي ۽ ھاڻ بہ ڳاڙهو نڪتو. چاليھہ فيڊرڪ ملڻ تہ مون يڪدم انھن مان وچين ٻارهن انگن تي هنيا. هن ڀيري مون کي منھنجي رقم مان ٽيڻا پئسا مليا. ان طرح ھاڻ مون وٽ ڏهن فيڊرڪن جي بجاءِ اسي فيڊرڪ ٿي ويا. ان ڪاميابي تي مون کي هڪ عجيب و غريب احساس اچي ورايو، جو منھنجي لاءِ ايترو تہ ناقابل برداشت هو، جو مون هتان ڀڄي وڃڻ جو ارادو ڪيو. مون کي ائين ٿي لڳو تہ جي مان پنھنجي ذات لاءِ کيڏي رهيو هجان ھا تہ ائين تہ کيڏي سگهان ھا. تڏهن بہ اسيءَ جا اسي فيڊرڪ ٻڌي واري رنگ تي هنيم. هن ڀيري مون کي اسي فيڊرڪ ٻيا ملي ويا ۽ مان هڪ سؤ سٺ فيڊرڪن جي ڍيري کڻي، پالينا کي ڳولڻ نڪتس.
هو سڀئي پارڪ ۾ چھل قدمي ڪرڻ ويا هئا. ان ڪري مان رات جي ماني کانپوءِ ئي هنن سان ملي سگهيس. هن گڏجاڻيءَ وقت فرنيچ موجود ڪو نہ هو. ان لاءِ، جنرل صاحب جي دل جي زبان تي ڳالھہ اچي وئي. ٻين شين سان گڏوگڏ هن مون کي چيو تہ هو آئينده مون کي جوئا جي ميز تي ڏسڻ پسند نہ ڪندو. هن جو خيال هي بہ هو تہ جي مان وڏي رقم ھارائي ويٺس تہ هو پاڻ نہ مصيبت ۾ ڦاسي وڃي. هن کليو کلايو چئي ڏنو ”چي تون ڪا وڏي رقم کٽي بہ ويٺين تہ بہ مان مصيبت ۾ ڦاسندس، يقيناً مان تنھنجي ڪمن تي چوڪس رکڻ جو حق نٿو رکان. پر ايتري ڳالھہ تون ضرور مڃيندين نہ........“ هن جاءِ تي حسب عادت هن ڳالھہ اڌ ۾ ڇڏي ڏني. مون ڏاڍي رکائي سان جواب ۾ چيو تہ ”سائين، مون وٽ پئسا تمام گهٽ آهن. تنھنڪري جي کيڏندس بہ تہ ڪا وڏي رقم ھارائي نٿو سگهان“ ائين چئي مان اٿيس ۽ پنھنجي ڪمري ڏانھن ويندي، ڏاڪڻ تي پالينا کي کٽيل رقم ڏٺم ۽ کيس صاف صاف چيم تہ آئينده مان هن لاءِ ڪڏهن بہ نہ کيڏندس.
”پر ڇو نہ؟“ هن ڪنھن جذبي کان ڏڪندي پڇيو.
”ان لاءِ جو مان پاڻ لاءِ کيڏڻ چاهيان ٿو، ۽ اهو ئي احساس مون کي تنھنجي لاءِ کيڏڻ کان روڪي ٿو.“ مون هن ڏي لاپرواهي سان ڏسندي چيو.
هن ٽوڪ ڪندي پڇيو ”معني تہ تو کي اڃا اهو ئي يقين آهي تہ ’رولٽ‘ تنھنجي لاءِ فرار ۽ نجات جو واحد ذريعو آهي؟“
مون ان سوال جو جواب يڪدم ڏنو تہ، ”ھا، هي سچ آهي، ٻيو تہ مون کي پنھنجي کٽڻ جو يقين آهي.“ اھا ڳالھہ بيوقوفي جي ئي سھي، ۽ مان خود بہ ان کي ائين مڃڻ لاءِ تيار هوس، ليڪن ھاڻ مون پنھنجي مٿي پاڻ ئي کيڏڻ ٿي گهريو.
پالينا الگزينڊرونا اصرار ڪرڻ شروع ڪيو تہ اڄ جي کٽيل رقم مان اڌ مان کڻان. هوءَ مون کي اسي فيڊرڪ ڏيئي رهي هئي ۽ اھا تجويز پيش ڪري رهي هئي تہ مان اڳتي بہ هن لاءِ انھي شرط تي کيڏندو رھان. مون رقم وٺن کان انڪار ڪيو ۽ هن کي ٻڌايم تہ ”آئون ٻين لاءِ کيڏي نٿو سگهان. ان لاءِ نہ تہ ڪو آءٌ ائين ڪرڻ نٿو چاهيان، بلڪ ان لاءِ تہ جي مون ائين ڪيو تہ پڪ ھارائيندس.“
هن سوچ ۾ ٻڏندي چيو، ”حالانڪ اھا بيوقوفيءَ جي ڳالھہ آهي ليڪن مون پنھنجون سڀئي اميدون رولٽ سان وابستہ ڪري ڇڏيون آهن. ان ڪري توکي ضرور کيڏندو رهڻ کپي_ منھنجي تنھنجي ڀائيواري _ ٻي ڪا ڳالھہ ئي ڪانھي، تون ضرور کيڏندين.“
اهو چئي، هوءَ منھنجا وڌيڪ اعتراض ٻڌڻ کانسواءِ تيزيءِ سان مٿي ھلي ويئي.